حميد سنڌي يادگيرين جو
سفر
ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ
سان ڪي گهاريل گهڙيون
مان جڏهن به يادگيرين جي سفر مان گذريو آهيان ته
هميشه انهن شخصيتن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي
اٿم، جن نه رڳو پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ سٺو ۽ سهڻو
ساٿ نڀايو آهي، پر ان سان گڏ ذهن تي اڻمٽ نقش پڻ
ڇڏيا آهن، جيڪي ڪڏهن به وسرڻ جا نه آهن. يادگيريون
لکڻ ويٺو آهيان ته ڊاڪٽر صاحب لاءِ لکڻ ڳرو پيو
ڀانيان.
ڊاڪٽر صاحب جهڙي شخصيت تي لکڻ ڪو سولو نه آهي، سو
به وري ڪجهه ڏينهن ۾، ناممڪن پئي لڳم. هفتو ته
گذري ويو، سوچي سوچي بيٺس، پر ڪجهه لکي نه پيو
سگهان. نيٺ مهلت ختم ٿيڻ واري ڏينهن تي سوچيم ته
ڊاڪٽر صاحب جي شفقت ۽ محبت جي رخ کي ته ظاهر ڪري
سگهجي ٿو؛ بحيثيت منهنجي استاد ۽ شفيق بزرگ جي
سندس ساٿ کي ته ساراهي سگهجي ٿو. توڙي کڻي هن دور
۾ دوست ساٿي گهاريل گهڙين کي ائين وساري ويٺا آهن،
ڄڻ سڃاڻپ ئي نه هئي. ساراهه ته پري رهي، پر ڊاڪٽر
صاحب جي ساراهه ته هاڻ دوست ۽ دشمن پيا ڪن، جو
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي محبت ۽ پورهيي وسيلي سڀني کي
مڃايو اهي. هونئن به تاريخ ۾ اهڙن ماڻهن جي سرسي
ٿئي ٿي، جيڪي پنهنجي قلم ۽ ڪردار وسيلي وقت جا
وهڪرا اُڪري، حق ۽ سچ جي ڳالهه کي اڳڀرو ۽ مٿانهون
رکڻ لاءِ جاکوڙ ۾ رڌل رهن ٿا.
مون ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي اڄ تائين اهڙي عمل ۾ رڌل
ڏٺو آهي. هن ڪٿي به ساهي نه کنئي آهي. هو اڄ به
سنڌ جو وڏو محقق، ڄاڻو، ڏاهو ۽ قلمڪار اهي، جيڪو
قلم جي مس ئي سُڪڻ نه ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ ته سندس گهڻ
پاسائين شخصيت ۾ ڪئين راز، رمزون ۽ هنر لڪل آهن.
سندس شخصيت کي ڪهڙي نموني پرکي سگهجي ٿو، جڏهن
ڊاڪٽر صاحب ڪنهن هڪ ڪم کي کنيو هجي يا موضوع محدود
هجن: لاتعداد ڪتاب ۽ مقالا آهن، جيڪي تحقيقي ضرور
آهن، پر هر هڪ جو موضوع ۽ پهچ مختلف آهي. جامع سڌي
لغات ۽ ٻين ڊڪشنرين جو ڪم هجي يا سنڌي لوڪ ادب جي
رٿا؛ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جو سلسلو هجي يا
سنڌ جي تاريخ تي تحقيق؛ ثقافت، ميوزيم، راڳ ۽
موسيقيءَ واري ڄاڻ هجي يا شاهه سائينءَ جي ڪلام
متعلق ٿيل تحقيق؛ سندس عربي، فارسي ۽ انگريزي ۾
علمي ۽ سائنسي مقالن جي ڳالهه ڪجي يا سندس جديد
مقدمن ۽ سنڌي نثر جي نئين دور جي حوالي سان
ڳالهائجي يا سندس تدوين ڪيل مشهور ڪتابن چچنامي،
تاريخ معصومي، ڪليات حمل ۽ بين ڪيترن ڪتابن جو ذڪر
ڪجي. نه مون ۾ ايڏي همت آهي، جو رڳو سندس ڪيل ڪم
جو جائزو وٺي سگهان يا سنڌ جي عظيم ورثي جي سانڍڻ
۽ سنڀالڻ واري ڪم جو تفصيل وارو ذڪر ڪري سگهان.
ڊاڪٽر صاحب، جن به ادارن جو سربراهه رهيو آهي، ۽
جنهن ڏاهپ ۽ تدبر سان هن ادارن کي سنواريو،
سينگاريو ۽ سهيڙيو آهي، اهو ئي ايڏو ڪم آهي، جو ان
کي بيان نه ٿو ڪري سگهجي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل ڪم ۽
شخصيت تي ڪئين ٿيسز لکي سگهجن ٿيون. تازو اسان جي
پراڻي ساٿي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي
”ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“
جي عنوان سان ڇپرايل ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل
تحقيق ۽ تصنيف جو مختصر جائزو ورتو آهي. جيتوڻيڪ
جوڻيجي صاحب تمام محنت سان هن ڪتاب ۾ ڪئين وچور ۽
تفصيل ڏنا آهن، جيڪي ڊاڪٽر صاحب تي تحقيق ڪرڻ مهل
ڪارآمد ٿي سگهن ٿا؛ پر سندس شخصيت جي انهن رخن تي
روشني نه پئجي سگهي آهي (ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر
جوڻيجو صاحب انهيءَ پهلو تي الڳ ڪتاب لکي)، جيڪي
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا بحيثيت هڪ شفيق استاد، هڪ
ٻاجهاري انسان، هڪ منتظم ۽ هڪ رهبر وارن ڳڻن کي
پڌرو ڪري سگهن.
منهنجي يادگيرين اندر سندس ڪيترا ڳڻ ڳايل محفوظ
آهن. مان ساڻس گهاريل گهڙين مان ڪن ڳڻن کي ته ڳائي
سگهان ٿو، ڇو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان گڏ جيڪو وقت
ٿورو پري، ٿورو ويجهو گذريو، سو منهنجيءَ حياتيءَ
جو وڏو سرمايو آهي.
هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪچهريون
قائم هيون، اوطاقون اُجاريل هيون، ماڻهن منجهه
شناس هئي، جڏهن ڳڻ ڳائبا هئا ۽ اوڳڻ ڍڪبا هئا.
هيءُ اهو ئي دور هو، جڏهن وڏڙا هر ڳالهه ۾ چڱائي
ڳوليندا هئا ۽ هر ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جا
قائل هئا. مان ننڍو هوس، جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو
ذڪر انهن محفلن ۾ ٿيندو ٻڌم. منهنجو چاچو مرحوم
الله بخش (رٽائرڊ سيشن جج) جيڪو علي ڳڙهه جو بي.
اي، ايل. ايل. بي هو، تنهن ڊاڪٽر صاحب جي شروعات
ڪتاب
”گڏهه“ (1946ع ۾ ڇپيل) جو ذڪر ڪيو ۽ ساڻس ٿيل ڪچهرين جو ذڪر ڪندي ڪتاب
جي تعريف ڪئي. اتي ويٺل اسان جهڙن ڇوڪرن کي کل پئي
آئي، جنهن تي منهنجي چاچي حاجي دوست محمد سڀني کي
ڇينڀيو. ڪجهه وقت کان پوءِ 1954ع ڌاري ”شمع
دهليءَ“ ۾ مون ڪرشن چندر جي ناول ”گدهـﻶکي سرگزشت“
جون ڪجهه قسطون پڙهيون. مون کي ان ويل ڊاڪٽر صاحب
جو ڪتاب ياد آيو. چاچي وٽان اهو ڪتاب کڻي آيس. هڪ
ننڍرو ڪتاب، پر دلچسپ ۽ معلومات سان ڀريل. عجب ۾
وجهندڙ ڳالهيون هيون. جيستائين يونيورسٽي پهتس،
تيستائين ڊاڪٽر صاحب کي ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾
پڙهندو رهيس. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي آنرز دوران
سنڌي لازمي هجڻ ڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيو.
ڊاڪٽر صاحب هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئا. ڊاڪٽر الانا
صاحب ۽ پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب سنڌي
پڙهائيندا هئا. جيئن ته ڊاڪٽر صاحب ايم. اي وارن
جا ڪلاس وٺندا هئا، اسان پري کان کين ڏسندا
هئاسين. پوءِ جڏهن سمجهه آئي ۽ بي. اي فائنل ۾
آياسين ته آهستگيءَ سان ڪڏهن ڪڏهن چُپڙي ڪري سندس
ڪلاس ۾ پونين بينچن تي ويهي سندن ليڪچر ٻڌندا
آياسين. ڊاڪٽر صاحب اهڙو چاهه ڏسي ڪڏهن ڪڏهن اسان
جا ڪلاس وٺڻ شروع ڪيا. سندن سمجهائڻ جو انداز
ايترو ته دلپذير هو، جو مون کان اهو انداز ڪڏهن نه
وسريو. پوءِ جلد ڊاڪٽر الانا صاحب سان گڏجي
هفتيوار گڏجاڻين جو سلسلو جاري ڪرايوسين، جنهن ۾
ڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ ڪنهن موضوع تي ليڪچر
ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنهن موضوع تي شاگرد مقالا لکي
کڻي ايندا هئا. ڊاڪٽر صاحب اهڙين گڏجاڻين جي صدارت
ڪندو هو. گڏجاڻيءَ کان پوءِ شاگرد ۽ شاگردياڻيون
ڪو طعام يا شيءَ گهران کڻي ايندا هئا، جيڪي اتي
انهيءَ هال ۾ ٽيبل سجائي هڪ گهر جي ڀاتين وانگر
ونڊي ورهائي گڏجي کائيندا هئاسين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي مشفق شخصيت جا ڪئين رنگ مون اتي ڏٺا. هڪ
گڏجاڻيءَ ۾ مون کي استاد محترم الانا صاحب سچل
سائينءَ تي مقالو لکڻ لاءِ چيو. مان اڃا پورو ليکڪ
ئي نه بڻيو هئس، مٿان تحقيقي مقالو لکڻ جو حڪم ٻڌي
پريشان ٿي پيس. ان زماني ۾ حافظ محمد، يونيورسٽي
لائبريريءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ مان وٽانئس ڪتاب وٺندو
هئس. هن سچل سائينءَ جي فڪر ۽ شاعريءَ تي مون کي
ڪي ڪتاب ڏنا. مون هفتي اندر چڱو ڊگهو مقالو لکي
ورتو. ان گڏجاڻيءَ ۾ مون سان گڏ ڪافي شاگردن ۽
شاگرديانين پنهنجيون لکڻيون پڙهيون، پر ڊاڪٽر بلوچ
صاحب ڪافي وقت منهنجي مقالي تي ڳالهائيندو رهيو.
تعريف ته ڪيائين، پر حيرت جو به اظهار ڪيائين ته
ههڙو تحقيقي مقالو بي. اي جو شاگرد ڪيئن ٿو لکي
سگهي؟ چانهن پاڻيءَ تي بيٺاسين ته وڌي اچي ڀاڪر
پاتائين ۽ همت ڏياريائين ته لکندو رهان. مون لکيو
گهڻو، پر تحقيقي مقالا گهٽ. ڪئين سال پوءِ خيرپور
آيو ته سچل سائينءَ تي لکيل مضمونن جو مجموعو پيش
ڪيومانس ۽ يونيورسٽيءَ وارو دور ياد ڏياريومانس ته
مرڪي ڏنائين. عرض ڪيومانس ته توهان هن تي رايو
ضرور ڏيندا. مون کي سندن ٻول ياد آهن: ”توهان کي
ڪنهن به سند جي ضرورت ناهي“
ڊاڪٽر صاحب مجلس ۽ محفلن ۾ توڙي تقريرن دوران جيڪي
منهنجي لاءِ مانَ ڀريا لفط چوندو رهيو آهي، اهي
مون لاءِ وڏي سند آهن. سند تي ياد آيو اٿم ته
1975ع ۾ يونيورسٽيءَ جي نوڪريءَ دوران ڊاڪٽر صاحب
جي مهربانيءَ سان مانچسٽر يونيورسٽيءَ ۾ اعلى
تربيت لاءِ وڃي نڪتس. ڊاڪٽر صاحب تنهن زماني ۾
وائيس چانسلر هو. کين تصويري رڪارڊ موڪليم ته يڪدم
محبت ڀريو جواب موڪليائون. جيتوڻيڪ مان سندس
زيردست هڪ ننڍو آفيسر هئس. انگلئنڊ مان واپس اچڻ
تي ساڻس انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن واري آفيس ۾ ملڻ
ويس، جو کين ٻئي چارجون هيون. ڏاڍو آڌر ڀاءُ
ڪيائين. کين جڏهن مانچسٽر يونيورسٽي ۽ ڪورس
ڊائريڪٽر پروفيسر ڪلارڪ طرفان مليل سندون ڏيکاريم
ته ڪجهه وقت ته انهن سندن ۽ تعريفي خطن کي غور سان
پڙهندو رهيو، پوءِ چيائين ”ڪيڏا نه سٺن لفظن ۾
لکيل تعريفي خط آهن.“
مان حيران ٿي کيس ڏسندو رهيس ته ڊاڪٽر صاحب منهنجي
تعريف نه ڪئي، نه وري شاباس ڏني. هو ڪرسيءَ تان
اٿي ويجهو آيو ۽ موڪلائڻ جي ڪيائين. مان خاموش
پوئتي وريس.
”بابا حميد، اهو پرکڻ ۽ لکڻ جو ڏانءُ آهي، جيڪو
ٻنهي جي لياقت ۽ اهليت کي ظاهر ڪري ٿو. توهان جي
خوبين کي صحيح پرکي، توهان جي پروفيسر تمام سٺي ۽
سهڻي نموني بيان ڪيو آهي.“ مون کي ان ويلي ڳالهه
سمجهه ۾ نه آئي، پر اڳي هلي خبر پئي ته ڀلو ڪردار
نه هجي ته ڪهاڻيڪار ڀلي ڪهاڻي ڪيئن لکي سگهندو.
مون سڄي حياتي هر ماڻهوءَ ۾ سندس خوبيون ڳوليون،
انهن سان پيار ڪيو، قرب ونڊيو ۽ جڏهن ان ماڻهوءَ
کي چڱي طرح پرکي بيٺس ته اهو ماڻهو منهنجي من تي
چهٽيل رهيو. پوءِ وڻيم ته مٿس ڪهاڻي لکيم، وڻيم ته
سيني اندر سانڍي ڇڏيومانس. ڊاڪٽر صاحب سان ورهين
جا ورهيه ساٿ رهيو. اڄ پٺتي نهاريان ٿو ته ائين
لڳيم ٿو ته ڀلي ڊاڪٽر بلوچ صاحب منهنجي ڪهاڻين جو
ڪردار نه بڻجي سگهيو آهي، پر اهڙي شخصيت ضرور آهي،
جيڪا من اندر چهٽيل ۽ سيني اندر سانڍيل ضرور رهي
آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هميشه محنت ۽ اهليت جو قائل
رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوڪريءَ دوران مون
محسوس ڪيو ته سندس اعتماد جو بنياد به اهو آهي.
خاص ڪري امتحانن جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ ڪو سولو نه هو،
پر ڊاڪٽر صاحب جو مڪمل اعتماد رهيو. ترقيءَ جو
سوال آيو ته سليڪشن بورڊ کي معاملو سپرد ڪيو ويو ۽
ايديشنل ڪنٽرولر جي حيثيت سان ترقي ملي. انهيءَ
زماني ۾ ادب ۾ ٻن خيالن جا ماڻهو هئا؛ هڪ حلقو
جديديت جو حامي هو، ٻيا قديم خيالن ۽ ڪلاسيڪي ادب
جا مڃيندڙ هئا. 1960ع کان ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ ٻين
ادبي سلسلن ۾ رڌل رهياسين. ڊاڪٽر صاحب جو فڪر و
نظر پنهنجو هو. جديد ادب جي نوجوانن جي ڪيترن ادبي
رخن، لاڙن ۽ تحريڪي عمل لاءِ وٽس محدود رايا ۽ پهچ
هئي، پر ڊاڪٽر صاحب هر هنڌ اختلاف يا ڪنهن به اهڙي
سرگرميءَ کان پاسو ڪيو، جنهن سان سندس ڌر هجڻ جو
شڪ پوي: ايستائين جو جديد ۽ تحريڪي ادب واري
نوجوانن جي ڪئمپ کي فعال رکڻ واري هڪ ڄڻي جي حيثيت
سان کين مون کي ڇينڀڻ، پاسيرو ڪرڻ يا ڪا هدايت
جاري ڪرڻ جو مڪمل اختيارن هو. نه سنڌ يونيورسٽيءَ
۾، نه وري سڄي حياتيءَ جي هن سفر ۾ ڪٿي به اختلاف
جو اظهار ڪيائين، جيتوڻيڪ خانداني لاڳاپن جي پس
منظر ۾ به کين هر حق حاصل هو. منهنجي سهري محترم
عبدالرحيم ميمڻ (مرحوم) سان ڀائرن وارو رستو هئس.
خاڪسار تحريڪ ۾ به ٻئي ساٿي هئا. منهنجي والد
محترم سيٺ محمد اسماعيل سان به پنهنجائپ وارو رستو
رهيو هئس. ڊاڪٽر صاحب نوشهري مدرسي ۾ پڙهيا ته ٻين
وڏڙن سان همعصريءَ ۽ قرب وارو رستو رهيو. مون کي
ياد آهي ته ’روح رهاڻ‘ رسالي جي نڪرڻ دوران هڪ
دوست ڪنهن ٻئيءَ نيت سان ڊاڪٽر صاحب جو شيخ اياز
ڏانهن لکيل خط مون کي ڇاپڻ لاءِ ڏنو. اسان نيڪ
نيتيءَ سان خط ڇاپي ڇڏيو. جيئن ته انهيءَ خط ۾ شيخ
اياز جي شاعريءَ جي تعريف لکيل هئي ۽ ڊاڪٽر صاحب
انهيءَ سان گڏ کيس پنهنجي شاعري به هڪ نظم جي صورت
۾ موڪلي هئي. تبصري ۽ تصحيح لاءِ. ڊاڪٽر صاحب
ڳالهه کي سمجهي ويو، پر ڪڏهن اشاري يا ڪنايي سان
ذڪر به نه ڪيائين
29 ڊسمبر 1997ع ۾ ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻيءَ ۾ نه رڳو
انهيءَ خط جو ذڪر ڪيائين، پر اياز جي شخصيت ۽ پهچ
تي کُلي ڳالهايائين ۽ کيس محبت ۽ مان سان ياد
ڪيائين. انهيءَ خط جو به ذڪر ڪيائين، جيڪو
پهريائين شيخ اياز کيس لکيو هو ۽ جواب ۾ ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي شاعريءَ جي شوق جو ذڪر ڪيو ۽ کيس اهو
نظم ڏياري موڪليو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي فراخدلي
ڏيکاري، انهيءَ خط کي ساده دليءَ سان بيان ڪيو.
اها ڊاڪٽر صاحب جي وڏائي هئي، ڇاڪاڻ ته مان انهيءَ
پسمنظر کان واقف هئس.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي مون ڀٽائي گهوٽ جي ادبي
ڪانفرنس ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو. مان محروم عبدالله چنا صاحب
سان 1960ع کان پوءِ هڪ ڪم ڪار واري ورڪر جي حيثيت
سان ملڻ ويندو هئس. جلسي ۾ پاڻي پياريندو هئس ۽
مهمانن کي ماني کارائيندو هئس. ڊاڪٽر صاحب ڀاڪر
پائي ملندو هئو يا پٺيءَ تي هٿ ڦيريندو هو ته دل
وڏي ٿي ويندي هئي. ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ لطيف جي
ڏهاڙن ۾ سندس صدارت ۾ ڪجهه پڙهيم، ڪجهه ٻڌم. وقت
آيو جڏهن 1981ع کان ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جو
موقعو مليو ۽ پوءِ گهڻو تڻئو ادبي ڪانفرنس جي
صدارت يا مک مهمانن لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي ذاتي عرض
ڪري وٺي ايندو هئس.
منهنجي لاءِ اهو اعزاز هو ته ڪنهن زماني ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه سائينءَ جي
ميڙي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو مهندار هو ۽ سُر
مطابق پڙهيل مقالا گڏي، ڪئين سُر ڇپائي پڌرا
ڪيائون. مون سندن پٺ وٺندي شاهه سائينءَ جي سُرن
تي پڙهيل مقالن جا ٻارهن کن ڪتاب ترتيب ڏنا، جيڪي
ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڇپرائي پڌرا ڪيا. پيارن حميد
آخوند ۽ ممتاز مرزا جو انهن ڪتابن ڇپرائڻ ۾ وڏو
ساٿ رهيو. ڊاڪٽر صاحب ڀٽائي سائينءَ جي ڪلام تي
تحقيق ڪري ڪيترا رسالا ڀيٽي هڪ مستند رسالي کي
ڀاڱن ۾ مقدمي سان پڌرو ڪيو. جڏهن مون ميڙي جي
موقعي تي پڙهيل مختلف سُرن جا ڪتاب ترتيب ڏنا ته
هڪ خيال آيو ۽ ڪتاب ’سر بروو‘ ۽ ’سر ڪارايل‘ جي
مهڙ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي مان ڀٽائي
سائينءَ جو ڪلام ۽ انهيءَ سُر تي لکيل سندن راءِ ۽
معنى سان گڏ ڇاپيو. مرحوم ممتاز مرزا هن خيال کي
عملي جامو پارايو. هڪ ڏينهن مرحوم ممتاز مرزا مون
کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر بلوچ هن ترتيب تي تمام گهڻو خوش
ٿيو. مون کي شاباس ڏنائين ۽ جڏهن ممتاز سائينءَ
کين ٻڌايو ته اهو ڪارنامو مرتب جو آهي ته کيس
چيائين ته اها شاباس حميد تائين پهچائج. اهڙيون
شاباسون ڪيئي ملنديون رهيون. شاهه لطيف يونيورسٽي
خيرپور ۾ ڪيترا دفعا آيو. سگهڙن جي ڪچهرين ۾ وٺي
ويندو هو. ڳوٺ ڳوٺ منزلون هڻڻ سندن رڳو پراڻو شوق
نه رهيو اهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترين صنفن تي
گهرائيءَ ۽ گيرائيءَ واري تحقيق جو سبب بڻيو آهي.
سندن هڪ معتقد سگهڙ فقير عبدالرحمان مهيسر آهي.
سندن ڳوٺ گهرائي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ڪيائين. ساڻن جڏهن
به سگهڙن جي ڪچهرين ۾ ويس ته ڪپاٽ کلي ويا. هيءُ
ته علم ۽ دانش جا گهر هئا. منهنجي دلچسپيءَ ۽ شوق
کي ڏسي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب خواهش ظاهر ڪئي ته سچل
سائينءَ جي ميڙي جي موقعي تي کين گهرائڻ بدران
حميد سنڌيءَ کي مکيه مهمان طور گهرايو وڃي. اهي
سگهڙن واريون ڪچهريون منهنجي لاءِ اڄ به يادگار
آهن.
خاص طرح اها شام ته وسري نه ٿي، جڏهن ڊاڪٽر صاحب
جي حڪم موجب فقير عبدالرحمان مهيسر مون کي پنهنجي
ڳوٺ وٺي هليو. ڊاڪٽر صاحب جن پاڻ موجود هئا.
عبدالرحمان مهيسر نه رڳو گفتار جو سگهڙ آهي، پر ان
سان گڏ مهمان نوازيءَ جي انداز مان به سندس
سگهڙائپ پئي بکي. اڱڻ ۾ کٽون وڇايل، ٽُڪ وارين
رلين جو رنگين باغ بهار. بجلي وئي ته گولا پيا
ٻرن. انهن جي اڇي اُجري روشني ڄڻ چانڊوڪي. مانيون
ٽڪيون خوب، پر اصل هئي سگهڙن جي محفل ۽ ڊاڪٽر صاحب
جا ٻول. اهي به وقت هئا، ميٺ محبت ۽ قرب جا.
مون کي اهو زمانو به ياد آهي، جڏهن ڊاڪٽر صاحب
مرحوم ٻيڙي فقير وٽ هڪ دعوت ۾ وٺي هليا هئا.
ڦليلي جي ڪناري، (تڏهن ڦليلي سهڻي ۽ سيبتي هئي.
سندس ڪناري ئي باغ بستان، تعليمي ادار ۽ ڪچهرين جي
ڪولڏين جا ميڙا ۽ ملاکڙا هئا) گورنمينٽ ڪاليج جي
ڀرسان ڪچا پڪا ڇنن وانگر گهرڙا اڏيل هئا ۽ اتي
حيدرآباد جي خوشبوءِ دار هوائن ۾ شام کان هليل
ڪچهري ايڏو من پرڀرائي وئي، جو اڄ تائين نظارو
سامهون آهي. ڊاڪٽر صاحب مون کي پهريون ڀيرو سگهڙن
سان سگهڙ وانگيان ويٺل نظر آيو. ڊاڪٽر صاحب انهن
ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ نينهن نظارن جو عاشق هو. پاڻ
شڪل شباهت جو سهڻو، ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺڪيل ٺاهوڪو
ڏيا وارو مڙس ۽ هميشه ڪچهرين جو مور؛ ان ڪي هر
سٺي، سهڻي ۽ سيبتي وکر يا گفتي، گام يا شهر ۽ من
موهيندڙ مڻيادار ماڻهن جو عاشق رهيو آهي.
سندن حيدرآباد شهر جي گهٽي ۽ گام سان عشق رهيو
آهي. انهن محفلن ۽ وڻندڙ شامن تان سندس هڪ خوبصورت
مضمون ياد آيو اٿم:
”حيدرآباد جو شهر.“
هيءُ مضمون سنڌي ناٽڪ صديءَ جي 1980-1880 ۾ شامل
ڪيو هيوسين. هن ناٽڪ صديءَ جي فيسٽيول سان گهڻيون
يادگيريون لاڳاپيل اهن. هيءُ مضمون به اڄ تائين
مون کان نه وسريو آهي. سندس هيءُ مضمون ايڏو ته
ڀرپور ۽ سندس شخصيت وانگر طاقت ورو آهي، جو سندس
لکڻيءَ جي هن خوبصورت انداز کي وساري نه ٿو سگهجي:
”شهر حيدرآباد، جنهن جي ولادت سنڌ جي قديم تاريخ
تي شاهد آهي؛ جنهن جو ٻاروتڻ سنڌ جي اسلامي تاريخ
جي اوائلي دور ۾ درويشن جي دعائن ۽ ڇانون هيٺ
گذريو؛ جنهن جي بخت کي درياشاهه بادشاهه پنهنجي
وهڪري جي هندورن ۾ لوڏيو؛ جنهن جي بلوغت ۽ نئين
جوانيءَ جي سنڌ جي آزاد حڪمرانن پرورش ڪئي؛ جنهن
جي اخلاق ۽ اطوار هتي جي نيڪ فضيلت سردارن ۽ راڄن
جي چڱن مڙسن تربيت ڪئي، ۽ جنهن جي شعور ۽ هُنر کي
هتي جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ هنرمند ڪاريگرن فروغ
ڏنو، اهڙو ميزبان، جنهن جي شخصيت خود معزز مهمانن
جي تاريخ، تمدن ۽ تهذيب جو نشان هجي، ان جي سوانح
جا ڪي باب بيان ڪرڻ هن موقعي لاءِ مناسب ٿيندا ۽
اميد ته بار خاطر نه بنبا.“
1198هه (1783ع) ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن
جو تختگاهه به خداآباد رهيو. ميان غلام شاهه
حيدرآباد جي بخت کي بيدار ڪري ويو هو، پر ان جي
بلند اقبال جو ستارو حقيقي معنى ۾ تڏهن روشن ٿيو،
جڏهن فاتح سنڌ مير فتح علي خان، سن 1789ع ۾ خدا
آباد کي هميشه لاءِ ڇڏي، هڪ باقاعده تجويز ۽
تياريءَ سان اچي حيدرآباد کي تخت ۽ طاقت جو مرڪز
بنايو. پهريائين شهر جي سٽاءَ ۽ آباديءَ طرف توجهه
ڏنائين. خدا آباد ۾ جيئن وچان سڌي بازار هئي، تيئن
قلعي جي دروازي جي سامهون سڌي بازار قائم ڪيائين.
جيئن ته اڳين آبادي انهيءَ شاهي بازار جي منڍ کان
اوڀر-اتر طرف هئي ۽ اها سڄي مسلم آبادي هئي،
انهيءَ ڪري شاهي بازار جي اوڀر طرف مسلمانن کي آبا
ڪيائين. شاهي بازار جي اولهه طرف، قلعي جي سامهون
غالباً اڳ به ڪجهه مسلمان آبادي هئي، جا هاڻي اڳتي
جمن شاهه جي پڙ تائين وڌي. انهيءَ ٽڪر ۾ ديوان
گدومل ۽ سندس ڪٽنب کي، جي گدو بندر مان لڏي آيا،
”مير محمد خان جي پڙ“ جي ڀرسان، اڀرندي طرف جاءِ
ڏني وئي. ”گدواڻي گهٽي“ انهيءَ ڪٽنب جي اصلي جاين
جو يادگار آهي. وڏو توجهه ڪاريگرن ۽ ڪاسبين جي
آباديءَ تي ڏنو ويو، ته جيئن هنر جي ترقي ٿئي ۽
ڪارخانن ذريعي شهر شاهوڪار ٿئي. واڍا ۽ رازا خدا
آباد مان آندا ويا ۽ انهن خدا آبادي واڍن کي ”واڍن
جو پڙ“ واري ايراضيءَ ۾، ۽ رازن کي کاهي روڊ واري
زمين تي آباد ڪيو ويو. فوجي ضرورت لاءِ ”تيورا“
قوم جا ماڻهو، جي تراريون صاف ڪندا هئا.”رتناڻي“،
جي خيمه دوز يا تنبو ٺاهيندڙ هئا، ”نال بند“ ۽
نوبتون نغارا مڙهيندڙ ”بزگر“ آڻي وهاريا ويا.
”گوله انداز“ “ جي ڪلهوڙن جا ماڻهو هئا، تن کي
پهريائين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو، جنهن ڪري شهباز
خان روپوش رهيو (۽ چون ٿا ته وفات به اتر سنڌ ۾
ڪيائين ۽ کيس آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي دفنايو ويو)،
پر پوءِ گوله اندازن جي دلجوئي ڪري کين آباد ڪيو
ويو. بندوق ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مستري ۽ لوهار، توڙي
”خاطوبند“ ڪاريگر هٿيارن جي ڳنن توڙي عاج ۽ ڪاٺ جي
سامان تي جڙاوت جو ڪم ڪندا هئا، تن کي وسايو ويو
ڀائيخان ، جنهن جي نالي چاڙهي
سڏجي ٿي، سو ترارين ٺاهڻ جو ڪاريگر هو. بهرحال،
مير فتح علي خان جي عهد ۾، ۽ کانئس پوءِ حيدرآباد
ڪاسبين، ڪاريگرن ۽ ڪارخانن جو مرڪز بنجي ويو.
ڪوري، کٽي، کهنباٽي، رنگريز، زري دوز، پاٽولي،
زرگر (سونارا)، وينجهر، چوڙيگر، ڦٽي گر، سراز،
ڪمانگر يا نقاش، لوهار، ٺاٺارا ۽ ڪاسائي، شهر جي
آباديءَ جو اهم حصو بنجي ويا. انهيءَ عام آباديءَ
کان سواءِ ٽالپر حڪمرانن پنهنجن نوابن، خدمتگارن،
آخوندن ۽ طبيبن کي به موزون جايون سندن حويلين،
سرائن ۽ اوطاقن لاءِ ڏنيون. شهر جي آباديءَ جا خاص
حصا شاهي بازار جي ٻنهي گهٽين، پاڙن يا پِرن جي
نالن پويان مشهور ٿيا. قلعي کان اتر- اوڀر ”ڪانگن
کاڌي“ کاهيءَ لڳ سنڌ جي سردارن جون اوطاقون
هونديون هيون.
ٽالپري عهد کان پوءِ هن شهر به وڏا انقلاب ڏٺا
آهن. 1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي غاصبانه قبضو، ۽
ان بعد، سؤ کن سالن کان پوءِ، 1947ع ۾ پاڪستان جو
قيام، انگريزن جي قبضي، هتان جي نيڪنامي، اخلاق،
تمدن ۽ روايتن ۾ جيتري قدر ڦيرو آندو، اوترو ئي
حيدرآباد جي شهر جي در و ديوار کي تبديل ڪيو.
حيدرآباد حڪومت جو تختگاهه نه رهيو. هتان جا حاڪم
قيد ٿي وڃي ڪلڪتي ۾ ڏينهن ڪاٽڻ لڳا ۽ اندر قلعي
واريون جايون ڦٽي ويون. حاڪمن جي وئي کان پوءِ
نواب ۽ خدمتگار پڻ ڌڪاڻجي پيا، ۽ سندن آباد ڪيل
ٽنڊن ۾ طراوت ۽ تازگي نه رهي. هتان جا عالم، اديب،
آخوند ۽ طبيب ڏتڙجي ويا. نئين دور ۾ نوان قانون ۽
نوان رجحان پيدا ٿيا. پراڻي آباديءَ مان فقط هندو
عامل ۽ ڀائيبند اوج کي پهتا ۽ سندن دولت سببان
نيون جايون ۽ نوان پاڙا وڌيا. اتر طرف هيرآباد
وڌيو. سندن ڪوشش سان، قلعي جهڙي تاريخي يادگار کي
پڻ هڪڙي پاسي کان ڊاهي، نيون جايون جوڙيون ويون.
الهندو ڪچو ۽ صدر، ٻئي نئين طور آباد ٿيا.
گورنمينٽ جون آفيسون، اسڪول، اسپتالون ۽ ڪاليج
نئين دور جي ترقيءَ جا نشان بنيا. حيدرآباد جو شهر
ريلوي ذريعي ڪراچيءَ ۽ سکر، بلڪ بمبئيءَ ۽ لاهور
سان ڳنڍجي ويو. ان بعد 1947ع ۾ قومي آزاديءَ جو
انقلاب آيو. هندو عامل ۽ ڀائيبند، جن کي انگريزي
دور حڪومت وارن هڪ سؤ سالن ۾ سڀ نعمتون نصيب ٿيون
۽ حيدرآباد شهر جا وارث ۽ سنڀاليندڙ هئا، تن هي
شهر خالي ڪيو ۽ سندن جاءِ اچي مهاجر آباديءَ
والاري.
1947ع کان پوءِ حيدرآباد شهر جي آدمشماري ايترو ته
وڌي آهي، جو ان جو گذريل تاريخ ۾ مثال ڪونهي. شهر
جي گوشي گوشي ۾ نئين آباديءَ وڌڻ سان گڏ ”شاهه
لطيف آباد“ جهڙو حيدرآباد جو نئون ڀاڱو آباد ٿيو
آهي. ڪوٽڙي بيراج جو ٺهڻ، وڏن ڪارخانن جو قائم
ٿيڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو حيدرآباد- ڄامشوري منتقل
ٿيڻ، ريڊيو اسٽيشن لڳڻ، ڪمشنري پوڻ، هن نئين دور
جا نمايان نشان آهن. حيدرآباد جو شهر وري هڪ نئين
مرڪزي حيثيت جو مالڪ بنجي رهيو آهي، جنهن جو
تاريخي جائزو وٺڻ قبل از وقت آهي.“
ڊاڪٽر صاحب جي لکڻين جا سوين نمونا آهن. مون سندن
ڪي پراڻا مضمون تازو سه ماهي مهراڻ ۾ پڙهيا ۽
پڙهان پيو. اصل وقت پڙهڻ جو هاڻ مليو آهي. پراڻا
پستڪ ڇنڊي ٻاهر ڪڍيا اٿم ته منهنجي من جا ڪپاٽ کلي
پيا آهن، هيءَ تحقيق جي دنيا ئي ٻي آهي.
”تذڪره مشائخ سيوستان“ جو هيءُ مضمون سه ماهي
مهراڻ جي جنوري، فيبروري ۽ مارچ 1972ع واري پرچي ۾
ڇپيو. مهڙ ۾ ئي ڊاڪٽر صاحب ان وقت ڄڻ ته اسان جهڙن
لاءِ لکيو آهي:
”ڪنهن دؤر جي معاشرتي ۽ ثقافتي تاريخ کي ڄاڻڻ لاءِ
خاص طرح سان ان دؤر جي ماڻهن جي مذهبي زندگيءَ ۽
روحاني قدرن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾، اولياء ڪرام ۽
صوفياءِ عظام جي سوانح عمرين، خاص ڪري انهن جي
ملفوظات ۽ تذڪرن کي مطالعو ڪرڻ وڏي اهميت رکي ٿو.
انهن بزرگن جي سوانح حيات ۾ عام ماڻهن جي زندگيءَ
۽ انهن جي بود و باش جا اهي پهلو ملي سگهن ٿا، جن
جي نقاب ڪشائي ڪرڻ کان اڪثر ڪري تاريخ قاصر رهجي
وڃي ٿي. ڪن وقتن تي ته ان قسم جا تذڪرا ان دؤر جي
سياسي ۽ اقتصادي حالتن تي پڻ روشني وجهن ٿا“
”اسان وٽ تاريخ جي محققن کي ان مواد جي اهميت جو
اڃا هاڻي احساس ٿيڻ شروع ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو
مواد تاريخ جي اهم ماخذات مان آهي ۽ اهو مواد
مطبوعہ ۽ غير مطبوعہ شڪل ۾ پاڪستان جي سڀني علائقن
۾ ڪثرت سان ملي ٿو.“
”سنڌ ۾ اولياءِ ڪرام ۽ صوفياءِ عظام جي تذڪرن ۽
سوانح حيات لکڻ جي شروعات ڏهين صدي هجري مطابق
سورهين صدي عيسويءَ ۾ پيدا ٿي. ان زماني کان وٺي
اڄ تائين، جيترن به تذڪرن متعلق اسان کي معلومات
حاصل ٿي سگهي آهي، انهن کي جيڪڏهن تصنيف جي سن جي
لحاظ کان مرتب ڪيو وڃي ته پوءِ ”تذڪره مشائخ
سيوستان“ جو پنجون نمبر آهي: تنهنڪري هن تذڪري
کان اڳ، جيڪي چار ڪتاب هن ئي موضوع سان تعلق رکن
ٿا، انهن جو تفصيل هن ريت آهي:
1-
”تذڪرة الاولياءُ“
– مولف: قاضي محمود ٺٽوي، سن تاليف 980 هه مطابق 1572ع، هي
ڪتاب هن وقت ناياب آهي.)
2-
”حديقة الاولياءُ“- مولف: عبدالقادر ٺٽوي، سن تاليف 1016 هه مطابق 1607ع (هي ڪتاب
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران 1662ع ۾ شايع ٿي
چڪو آهي.)
3-
”تاريخ سنڌ“- مولف: مير محمد معصوم، سن تاليف1017 هه مطابق 1608ع (هي ڪتاب هڪ تاريخي
ڪتاب آهي، پر ان ۾ مولف پاڻ کان اڳ گذريل هر
تاريخي دؤر جي مشهور اولياءَ ڪرام جي مختصر سوانح
حيات پڻ شامل ڪئي آهي.)
4-
”تاريخ مشائخ سنڌ“- جنهن جي حوالي سان ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي مولف، مخدوم
عثمان شهباز قلندر جي سيوهڻ ۾ قيام جو احوال لکيو
آهي. ائين معلوم ٿو ٿئي ته هيءُ ڪتاب ٻارهين صدي
هجريءَ ۾ به سيوهڻ ۾ موجود هو، ڇاڪاڻ ته مير غلام
علي ”آزاد“ بلگراميءَ پنهنجي تصنيف ”تذڪره
ماثرالڪرام“ ۾، ”تاريخ مشائخ سنڌ“ جو حوالو ڏنو
آهي. مير غلام علي ”آزاد“ بلگرامي 1142هه مطابق
1730ع ۾ سيوهڻ ۾ سرڪاري مورخ جي عهدي تي فائز رهيو
آهي.
5-
”تذڪره مشائخ سيوستان“- ان متعلق جا معلومات اسان تائين پهتي آهي، ان جي مطابق ”تذڪره
مشائخ سيوستان“ ان سلسلي جي گويا پنجين ڪڙي آهي،
ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ مٿي ذڪر ڪيل چار ڪتاب تيار ٿيل
ملن ٿا.
”ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته اڄ کان تقريباً ستر
سال اڳ،
”تذڪره مشائخ سيوستان“
(جنهن کي هن کان پوءِ صرف ”تذڪره“ لکڻ تي اڪتفا
ڪنداسون) منشي خداداد خان ” صاحب لب تاريخ سنڌ“ وٽ
موجود هو. ڇالاءِ ته خداداد خان مرحوم، ان تذڪري
مان سيوهڻ شريف جي مشهور صوفي بزرگ حضرت قلندر
شهباز جي روضي جي تعمير متعلق ڪجهه ڪتبا ۽ ٻيو
تفصيل اخذ ڪيو آهي. اهي ڪتبا ۽ تفصيل ان تذڪري کان
اڳ ٻئي ڪنهن به پيش نه ڪيا آهن. ان کان پوءِ،
ذوالقعد 1323هه مطابق 1906ع ۾ هڪ ڪاتب عبيدالله
گاؤ، جو ”لب تاريخ سنڌ“ جي هڪ قلمي نسخي جي ڪتابت
ڪري رهيو هو، تنهن ان تذڪري جي حوالي سان هڪ طويل
اقتباس، قلندر شهباز جي روضي جي تعمير جي سلسلي ۾
نقل ڪيو اهي، ۽ اهو اقتباس ”لب تاريخ سنڌ“ جي
پنهنجي ذاتي نسخي ۾ ضميمي طور شامل ڪيو اٿس.“
انهن صاحبن کان علاوه حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ
مرحوم پڻ قلندر شهباز جي سوانح تي هڪ رسالو لکيو
هو، جنهن ۾ روضي جي تعمير جي سلسلي ۾، اکر به اکر
اهو ئي احوال ”تذڪره مشائخ سيوستان“ جي حوالي سان
نقل ڪيو اٿس.
ڊاڪٽر صاحب اهڙن نسخن ۽ دستاويزن جو نه صرف ماهر
آهي، پر گڏ ڪندڙ به آهي. اسان جي شيخ محمد اسماعيل
صاحب، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جو همسفر ۽ ساٿي رهيو آهي،
پنهنجي مضمون ”سگهڙن جو سرواڻ“ جيڪو ’نئين
زندگي‘ جي ’ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر‘ ۾ ڇپيو
آهي، لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر صاحب سٺ پنجهٺ سالن کان سنڌ
جو ڳوٺ ڳوٺ ڪري ڏٺو ۽ اتي جي هزارين ڄاڻون شخصيتن
سان ڪچهريون ڪندي، سنڌ جي تاريخي، جاگرافيائي ۽
ثقافتي روايتن کي قلمبند ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر
صاحب وٽ ايترو ته عليم ذخيرو موجود آهي، جو سنڌ جي
هر موضوع، هر پهلوءَ، هر ماڳ مڪان تي سوين ضخيم
ڪتاب شايع ٿي سگهن ٿا.“
محترم شيخ محمد اسماعيل انهيءَ موضوع تي ٻئي هنڌ
لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر صاحب جي انشا ۽ اسوب جي هڪ خاص
ڳالهه اها آهي جو هُن، هِن وقت تائين هڪ سؤ کان
وڌيڪ موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن، پر جنهن به موضوع
تي لکيائين، اصطلاح ۽ ٻولي، ان موضوع مطابق
استعمال ڪيائين. انشا جو اهو انداز هن کان اڳ ڪنهن
به ليکڪ نه اختيار ڪيو آهي.“
سندن اها ڳالهه سورنهن آنا پڪي ۽ پختي آهي. ان
لاءِ مون سندن ٻن مضمونن جا حوالا مٿي ڏنا آهن.
عجب عبارتون آهن.
ڊاڪٽر صاحب بوليءَ جي ماهر جي حيثيت سان، هڪ هنڌ لکي ٿو:
”............ سنڌ جي عالمن ۽ استادن اِهو آڳاٽو
محسوس ڪيو ته ٻارن کي شروع ۾ ئي عربي يا فارسي
پڙهائڻ بدران جيڪڏهن پهريائين کين پنهنجي زبان
سنڌي پڙهائي، پوءِ فارسي ۽ پوءِ عربي پڙهائجي ٿي
ته هو سولائيءَ سان ۽ سگهو ٿا انهن ٻولين کي پڙهي
۽ سمجهي سگهن. اهو يقيني طور معلوم ناهي ته هنن
سڄاڻ استادن ڪڏهن کان وٺي تدريسي طريقو اختيار
ڪيو، پر يارهين صديءَ جي شروع ۾ اهو طريقو عام ٿي
چڪو هو. انهيءَ دور ۾ سنڌي درسي ڪتاب لکيا ويا ۽
پڻ سنڌيءَ ذريعي فارسي پڙهائڻ لاءِ خاص تدريسي
مواد تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ دو- وايا، ٽه – وايا،
لغت ناما ۽ گرامر جا ڪتاب شامل هي
|