عمرو بن بحر، جيڪو جا حاظ جي نالي سان مشهور ٿيو، عربي ادب ۾
نالي وارو ٿيو. علم ڪلام جو ماهر هو. سندس
’ڪتاب الحيوان‘
مشهور آهي. ٽي صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي. پنهنجي
وقت ۾ بغداد ۾ رهندڙ سنڌين جي ذهانت کي ساراهيندو
هو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”هڪ طرف جا حافظ جيڪڏهن
علم جا درياءَ وهائي ڇڏيا ته ٻئي طرف سندس وقت ۾
احمقن به پنهنجي علم ۽ عقل جي ڏيوالي جا پڙها پئي
ڏنا.“ انهن بابت هڪ رسالو ”چورس ۽ گولائي“
لکيائين، جنهن ۾ اهڙن جا وکا پڌرا ڪيائين. ڊااڪٽر
صاحب هي انشائيو طنزيه انداز ۾
”گول لاٽون ۽ چورس چگهه“
جي عنوان سان لکيو آهي. بقول سندس اهڙن عقل جي
اڪاربرن کي سندن چهرو آرسيءَ ۾ ڏيکارجي. اسلوب جي
لحاظ کان هي مضمون پُرڪشش آهي.
آخري مضمون
”ڪچهري ناڙي“ آهي. هي به ڊاڪٽر صاحب اڳ ۾ لکيل
”ڪچهري بدين“
جي طرز تي لکيو آهي. ناڙي علائقي جي شاعرن ۽ سگهڙن
جو بيان ڪندي، اهم شخصيتن ۽ ڪن ذاتين جو بيان ڪيو
ويو اهي.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب مختلف موقعن لاءِ بيت يا ڪي مصراعون ڏنيون
آهن، جيئن ڳالهه چٽي ٿي سگهي. بهرحال هي ڪتاب
ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ڪاوشن کان جدا نوعيت جو آهي.
تنهن سان گڏ سندن مخصوص ۽ منفرد نثري اسلوب جو به
اعلى نمونو آهي.
محمد حسين ”ڪاشف“
سامي سج وڙاءُ...
علمي ادبي طور سنڌ ڌرتيءَ جيڪي ماڻهو پيدا ڪيا آهن، انهن ۾
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت سڀني کان منفرد مقام
واري آهي. تحرير ۽ تقرير ۾ سندن پنهنجو هڪ اسلوب ۽
انداز آهي، جيڪو ڪيترن ئي زاوين جو مرقع ۽ روين
سان مرصع هوندو آهي. پنهنجي تعليمي حاصلات جي
سلسلي سان ڊاڪٽر صاحب جيڪو احوال اوريو آهي، اهو
نهايت معنى خيز ۽ سندن شخصيت جي تعمير ۾ وڏو ڪردار
ادا ڪندڙ رويو رهيو آهي. ننڍي هوندي کان مختلف
هنڌن تي رهڻ ۽ استادن ۽ ماحول سان لهه وچڙ ۾ اچڻ،
پنهنجي علمي استعداد وڌائڻ لاءِ هڪ قسم جو ذوق رکڻ
وغيره انهن ڳالهين سندن ذهن تي ڪئين نقش پئي ڇڏيا.
علم جي حاصلات لاءِ جيڪي تڪليفون ڏٺائون، ملڪ اندر
۽ ملڪ کان ٻاهر جي علمي روين ۽ سماجي روين ۽ مختلف
ملڪن جي تهذيبي ترقيءَ ۾ ڊوڙ، انهن سڀني عوامل کي
ڊاڪٽر صاحب ڏسندا ۽ انهيءَ مان گذرندا رهيا آهن.
ذهني طور تي انهن ڳالهين ڊاڪٽر صاحب جي تحت الشعور
۾ ڪي نه ڪي رنگ آميزيءَ جا عنصر ڇڏيا هوندا. ڊاڪٽر
صاحب پنهنجي علمي ۽ تحقيقي شخصيت جي جيڪا اڏاوت
ڪئي آهي يا رکي آهي، اها مثالي حيثيت رکي ٿي.
ننڍپڻ کان وٺي عمر جي پختگيءَ تائين زندگيءَ جي مختلف تجربن،
علم جي روين، شخصيتن جي لاڳو هئڻ سان سماجي
زندگيءَ ۽ فڪري اوسر جي سلسلي سان ڊاڪٽر صاحب جي
ذهن بالغ نظريءَ سان پنهنجي شعور ۽ تحت الشعور ۾
انهن سڀني ارتسامات، مهيجات ۽ تلازمات کي پنهنجي
دماغ اندر رکيو، جن جي ذريعي ڊاڪٽر صاحب جن جي
علمي ۽ محققانه زندگي رفته رفته ويجهندي ۽ نکرندي
رهي ۽ علم جي مختلف ڌارائن کي وجود ڏيندي رهي.
جيڪا آخر هڪ اهڙي مقام تي پهتي، جنهن ڊاڪٽر صاحب
جي شخصيت کي هڪ سڄاڻ عالم ۽ بصيرت رکندڙ محقق جي
حيثيت سان متعارف ڪرايو ۽ سندن معيار ۽ تفاخر کي
چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندن وجود تحقيقي تاريخ ۽
علمي ڌارائن جو هڪ اهو روشن مصباح تصور ٿيڻ لڳو،
جنهن جي علمي فضيلت جي ذڪر کان سواءِ سنڌي ادب ۽
شخصيات جي تاريخ اڌوري نظر ايندي.
پاڻ (ڊاڪٽر صاحب) به يڪ وقت هڪ اديب،
عالم، محقق، تعليمي ماهر ۽ قابل استاد جي حيثيت
رکندڙ آهن. جيئن علم جي بساط تي علم جي اظهاري
صورت سان سندن مختلف رخ آهن، تيئن سندن شخصيت به
پهلودار آهي. عالمن سان عالم، سگهڙن سان سگهڙ،
تعليم دانن سان ماهر تعليم، لسانيت جي ڄاڻن سان
ماهر لسانيات، تاريخدانن سان تاريخدان، آثار قديمه
وارن سان انهي راه جو جاکوڙي، سفارت ڪارن سان
سفارتڪار، هارين سان هڪ هاريءَ جيان، لطيف جي
طالبن سان، لطيف جي پارکن جي حيثيت سان، سندن
شخصيت نظر ايندي.
ڊاڪٽر بلوچ زندگيءَ جي مختلف علمي ۽ تحقيقي رخن ۾ اها حيثيت
ڪيئن حاصل ڪئي، ان لاءِ هن کي ذهني طور تي پاڻ کي
ڪيئن رکڻو پيو، اها ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي، ۽ اسان
لاءِ سبق جي لائق آهي. ڊاڪٽر صاحب جن وٽ انهي جو
تجزيو يقيناً پنهنجو هوندو، ليڪن اڄ تائين جي
سندن ڪيل علمي ۽ نظري ڪم کي نظر ۾ رکندي، اهو چئي
سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب زندگي گذارڻ جي ڍنگ ۾
نرالي حيثيت رکندڙ شخص آهن، جن وٽ هر شيءَ توريل
تڪيل ۽ پنهنجي مخصوص فارم ۾ نظر اچي ٿي. جنهن مان
اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته زندگيءَ کي هڪ رخ
تي هلائڻ جي بجاءِ صاحب زندگي پنهنجي ذهني ۽ شعوري
قوت تي قدرت يعني گرفت حاصل ڪئي. ان جي روشنيءَ ۾
هن پنهنجي زندگيءَ کي تقسيم ڪيو ۽ سڄو وقت هڪ فارم
۾ رهڻ واري خيال کي ذهني ۽ عملي طور تي رد ڪيو.
پنهجي زندگيءَ جي شعوري ۽ فڪري حاصلات ۽ ان جي
تابع منقولات، معقولات ۽ معمولات کي انهيءَ نهج تي
هلايو، جيڪو هڪ غير معمولي انسان جو شيوو هوندو
آهي. انهيءَ ذهني اڏام، تجريد ۽ تجديد ۾ ڊاڪٽر
صاحب جا علمي ۽ فڪري طور تي پنهنجا ماڻ رهيا آهن،
جن جي بنياد تي سندن سڄي تحقيقي ۽ تخليقي زندگيءَ
جو مدار آهي، پوءِ انهن ماڻن ۽ ماپن، زاوين ۽ راين
تحت چيل ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي، ڪو اتفاق
راءِ رکي يا ڪو اختلاف راءِ ظاهر ڪري، ڊاڪٽر صاحب
جي شعوري سطح تي ان جو ڪڏهين به ڪو اثر نه ٿيو
آهي، ۽ نه وري ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پيش ڪيل نقطه نظر
کي حرف آخر ڪوٺيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جن جي ذات گرامي
ان کي تسليم ڪري يا نه ڪري، ليڪن سندن هيڏي وڏي
طويل زندگي ان جي لاهي چاڙهي ۽ سندن ڪيل علمي ۽
تحقيي ڪم جي بنياد تي اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو
ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگيءَ جي معمولات ۽
مشغولات کي هڪ ٺوس ۽ منقسم حيثيت سان هلايو آهي ۽
هلائي رهيو آهي. سندن شخصيت غير لچڪيدار ۽ اڏول
رهي آهي. سندن منفرد شخصيت هئڻ جو اهو وڏو ڪارڻ
آهي. سندن عمل اسان لاءِ، ايندڙ نسل لاءِ هڪ سبق ۽
هڪ روشن مشعل جي حيثيت رکي ٿو ته پنهنجي زندگي کي
گذارڻ جو بهتر طريقو ڪهڙو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪم جو طريقه ڪار گهڻن عالمن
۽ اسڪالرن کان نرالو آهي. آءٌ هت هڪ اڌ مثال پيش
ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. ان لاءِ لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت
جي پيشڪش جا مثال ڪافي آهن، جن ۾ ڊاڪٽر صاحب
انفرادي ڪم سان گڏ ٽيم ورڪ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.
انهيءَ ڪم کي تڪميل تي پهچائڻ ۽ مواد جي حاصلات
لاءِ جتي سنڌ اندر علمي ورڪرن جو سلسلو رکيو ويو،
اتي انهيءَ ڪم کي تڪميل تي پهچائڻ ۽ مواد جي
حاصلات لاءِ سنڌ اندر سندن ڪچهرين جو دؤر رهيو،
جنهن ۾ خانصاحب محمد اسماعيل نون ايڊيشنل ڪمشنر،
حاجي محمد سوڍو ڪلمتي بلوچ ساڪري وارو، ٻيڙو فقير
ڪنڀر، مير شاهنواز خان شهلياڻي، وڏيرو حاجي مريد
خاصخيلي سامارو وارو، رئيس عبدالله خان ڪپري، رئيس
مير راجا خان ڪشمور وارو، فقير قائم ڀنڀرو ناري
وارو، حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو ماڏي وارو ۽ سنڌ
جي بين ڪيترن ئي ماڻهن وٽ ڪچهريون ٿيون، انهن هنڌن
تي ٽيهن چاليهن ميلن جي چوڏسي جا سگهڙ ۽ راڳائي،
شاهه جا شيدائي اچي شريڪ ٿيندا هئا. انهن ڪچهرين
جي ڪوڏين وٽان سينگار، نڙ بيت، ڏور، ڳجهارت وغيره
يا ان تر جي اهم واقعات جو جيڪو مواد مليو، اهو
قلمبند ڪندا هئا. ازان سواءِ ٻي وڏي ڳالهه ته ان
تر جي جاگرافيائي حقيقتن، اتان جي چڱن ماڻهن،
پهلوانن ۽ ٽاڻن ٽڪاڻن، مثال طور ڪٿي ويا ته ان هنڌ
جي آس پاس ڪهڙا هنڌ، ڪهڙن نالن سان سڏجن ٿا،
جهڙوڪ: اٺ، ڊهو، ڀوڀر، ڌانڌاري، ڪوري واري ڇن، سڀ
ڳالهيون لکندا ويندا هئا، انهن لکيتن جو وٽن وڏو
ذخيرو آهي، جنهن کي سنڌ جي ڳوٺاڻي تاريخ جو ڀنڊار
چئجي ته بجاءِ آهي.
شاهه جي رسالي جي بيتن جي پڙهڻين ۾ جتي پاڻ قلمي نسخن کان ڪم
ورتو اٿن، اتي شاهه جي ڪلام جي حافظن، راڳاين ۽
شائقن سان به سندن مٿئينءَ طرح سان ڪچهريون رهيون.
شاهه جي ڪلام جي ڄاڻن مان فقير مالڪ ڏنو جَتُ سالن
جا سال وٽن رهيو، جيڪو شاهه جي ڪلام جو وڏو ڄاڻو،
حافظ ۽ پارکو هو، جنهن آخري پساهه وٽن پورا ڪيا.
ڊاڪٽر صاحب جي تعليمي، علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، فيلوشپ،
بنيادي رڪنيت، اعزازات ۽ اوارڊ جو رڪارڊ ايترو ته
طويل آهي، جو انهن جو جيڪڏهين هت ذڪر ڪبو ته انهن
لاءِ هي مضمون ناڪافي ثابت ٿيندو. انهن اعزازن،
ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي وقتاً
فوقتاً شموليت ۽ انهن ملڪن توڙي ادارن ۾ مختلف
موضوعن تي ڏنل ليڪچرن جي سلسلي سان اتان جي علمي
حلقن ۽ پريس ڊاڪٽر صاحب جي علمي قابليت ۽ تحقيقي
روين کي جيڪو مانُ ڏنو ۽ سندن علمي فضيلت جو جن
لفظن ۾ اعتراف ڪيو آهي، اهو هڪ الڳ داستان گهري
ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي انهن علمي ۽ تحقيقي ڪاوشن جي
بنياد تي انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته
ٻاهرين دنيا جي علمي ادارن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي
مقبوليت ۽ نالو مثالي حيثيت رکي ٿو. جڏهين به سنڌ
جو ذڪر اچي ٿو ته ان سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ جو نالو
ورتو وڃي ٿو. سنڌ جي سڃاڻپ جتي مُهن جي دڙي،
سنڌوءَ ۽ شاهه لطيف جي حوالي سان هئي، اتي انهيءَ
سڃاڻپ واري سَند ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي نالي جو واڌارو
اسان لاءِ فخر جو باعث آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ مهانتا جو بنيادي
ڪارڻ دنيا جي اندر انهن علمي ادارن ۾ تاريخ جي
حوالي سان سنڌ جي تهذيبي قدامت، سنڌي ڪلچر، سنڌي
ٻوليءَ ۽ هتان جي علم ۽ علمي وَٿن جي ڳالهه ڪرڻ
آهي. سندن انهي عمل نه صرف سنڌ جي نالي کي روشن
ڪيو، پر ان سان گڏ ڊاڪٽر صاحب جي علمي فضيلت ۽
تحقيق جو مداح بنائي ڇڏيو. اهو ڪو معمولي اعزاز نه
آهي، نهايت وڏي ڳالهه آهي، جنهن مان اسان کي سبق
سکڻ گهرجي ته ماڻهوءَ جو نالو تڏهين اهميت وٺي
سگهي ٿو، جڏهن هو ڌرتيءَ جي، ڌرتيءَ جي ماڻهوءَ
جي، ان ڌرتي جي تهذيب ۽ ڪلچر جي روين جي ڳالهه ڪري
ٿو، ۽ ان کي انساني ارتقائي سلسلي سان بين
الاقوامي فوڪس ۾ مخصوص ۽ برتر جاءِ ڏياري ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ جي ذات ۾ اها وڏي خوبي رهي آهي، جو
ٻاهرينءَ دنيا ۾ پنهنجي ڌرتي، ان جي عوام، علائقي،
وٿن ۽ تهذيبي روين جي ڳالهه ڪئي آهي، ۽ ان کي دليل
دلائل سان ثابت ڪيو آهي ته وادي سنڌ جي تهذيب ۽
قوم ۽ ان جي ٻولي، پنهنجي حيثيت ۽ قدامت رکي ٿي،
هن جو وجود آرين کان به آڳاٽو آهي. منهنجي خيال م
سنڌ جي فڪر کي نمايان ڪرڻ جو اهو به هڪ طريقو آهي،
جنهن کي ڊاڪٽر صاحب اختيار ڪيو. ذهني طور تي ڊاڪٽر
صاحب جو سنڌ جي تهذيبي روين کي ٻين تائين پهچائڻ ۽
ان جي انفراديت کي مضبوط دليلن سان تحقيقي تاڃي
پيٽي جي اڻت ڪرڻ، سندن بيمثال ڪارنامو آهي، جنهن
تي تحسين ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
ڊاڪٽر بلوچ عام سياستدانن وانگيان سنڌي فڪر ۽ سنڌين جي ڳالهه
کي منبر تي بيهي نعري بازيءَ سان بيان ڪرڻ جي
بجاءِ ان کي علمي رخ ڏنو ۽ سنڌيت لاءِ ڏيهه توڙي
پرڏيهه اندر علمي طور تحريري مواد ڏنو، جيڪو فڪري
اوسر لاءِ ان جي تربيت ۽ تحريڪ لاءِ، تاريخ جي هر
دؤر ۾ سونهي جو ڪم ڏئي سگهي ٿو. غور ڪبو ته سنڌي
فڪر جا اسان وٽ ٻه ڌارا نمايان ٿين ٿا: هڪ سياسي
ڌارو ۽ ٻيو علمي ڌارو. هاڻي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته
سياسي ڌارو بين الاقوامي طور ڪيترو اڳتي وڌيو آهي
۽ علمي ڌاري پنهنجي ڪيتري اثر پذيري ڏيکاري آهي.
تحريڪي ۽ تجريدي بنياد تي علمي ڌارو سياسي ڌاري
لاءِ خام مٽيريل مهيا ڪري ٿو، جنهن کي سياسي قوتون
علمي ۽ فڪري دنيا ۾ بنياد بنائي، پنهنجي ڪاز کي
اڳتي وڌائي سگهن ٿيون، ۽ اهو به ويچارڻ جوڳو عمل
آهي، ته علمي ۽ فڪري طور تي سنڌ ڌرتيءَ جي تهذيب،
ڪلچر ۽ سماجي روين جي دنيا جي سطح تي ڪيتري
پذيرائي ٿي آهي، ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي حوالي سان هڪ
فرد جي حيثيت ۾ جيڪو تحقيقي ڪم ڪيو آهي، ان اسان
کي داخلي توڙي خارجي طور اهو ڪجهه ڏنو آهي، جنهن
جو اندازو اهل علم ئي ڪري گهن ٿا. اسان کين ڇا ڏنو
آهي، سواءِ بيجا تنقيد ۽ غير استدلالي حقايت بيان
ڪرڻ جي؟ هن شخص انهن ميارن ۽ ڳالهين کي به جهوليءَ
پائي جهليو ۽ ’جو وڙ جُڙي جن سان‘ تعبير ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جو علمي ۽ تحقيقي معيار نهايت
مٿانهون آهي. پاڻ متبحر عالم، محقق ۽ اسڪالر آهن.
سندن لکيت ۽ علمي راءِ کي سند جي حيثيت حاصل رهي
آهي. سنڌي ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ لوڪ ادب،
تاريخ، تحقيق، موسيقي، ٻولي ۽ ادب، آثار قديمه ۽
فن جي ٻين رخن جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ۽
پيشڪش جو انداز هميشه منفرد رهيو آهي، جنهن جو مون
اڳ ۾ به ذڪر ڪيو آهي.
علم و ادب جي سلسلي سان، تاريخي تحقيق جي سلسلي سان، ٻوليءَ ۽
ان جي بڻ بڻياد جي سلسلي سان جڏهين به ڪا راءِ ڏني
اٿن ته ان راءِ جي اسباب جي پيش بندي ڪري، ان جو
پس منظر ۽ تاريخي تپرج ڏئي، نهايت مدلل نموني سان
راءِ ڏيڻ جا قائل رهيا آهن. ٻوليءَ جي تاريخ، ان
جي لساني حيثيت ۽ خصوصيت ۽ اصليت تي ڊاڪٽر بلوچ جي
راءِ ٻين اسڪالرن کان منفرد ۽ وقيع رهي آهي. پاڻ
سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي ڄائي يا ان جي پراڪرتي
خاندان مان تسليم نٿا ڪن ۽ نه وري ان کي غير
آريائي ٻولين: آرامي، سرياني، عبراني، ڪلداني،
جيڪي سامي زبانن جي سٿ مان آهن، ان جي خاندان مان
تصور ٿا ڪن. سندن آڏو سنڌي ٻولي وادئ سنڌ جي
پيداوار ۽ هتان جي قديم سنڌي قوم جي زبان آهي. ان
سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جا دليل نهايت مضبوط ۽ عالمانه
آهن. اهڙيءَ ريت تاريخ ۽ سنڌ جي آثار قديمه ۽ ڪلچر
جي روين جي سلسلي سان پاڻ جو ڪجهه پيش ڪيو اٿن،
اهو جامع تحقيق وارو آهي. جيڪي موضوع اختراعي يا
تخليقي طور پيش ڪيا اٿن، اهي پنهنجي نوعيت جا آهن،
جن تي ڪڏهن ڪنهن عالم قلم کڻڻ جي بمشڪل ڪوشش ڪئي
آهي.
ڊاڪٽر بلوچ بين الاقوامي علمي شهرت جا مالڪ آهن. کين دنيا جي
وڏن اسڪالرن مان ڪري تصور ڪيو وڃي ٿو. علمي فضيلت
۽ شخصي تدبر ڪري ملڪي توڙي غير ملڪي علمي حلقن ۾
کين نهايت تحسين سان ڏٺو وڃي ٿو. سندن سياسي ۽
نظرياتي وابستگيون ڪهڙيون به هجن، قطع نظر ان جي
پاڻ سڀني حلقن لاءِ لائق عزت رهيا آهن.
ڊاڪٽر صاحب ڪڏهين به پنهنجي عهدي ۽ عملي حيثيت کي استعمال نه
ڪيو. ڪنهن وقت ۾ ٻاهرين ملڪن جي دورن ۾ سفارت ڪاري
آداب کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي حيثيت سان، ڊاڪٽر صاحب
لاءِ وڏو ميدان کُلي پيو هو، ليڪن ڊاڪٽر صاحب
انهيءَ وهڪ ۾ وهڻ بجاءِ علمي ڪم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
خدمت کي ترجيح ڏني. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب انهن روين
کي قبول ڪري ها ته اڄ هو انهيءَ مقام تي هجي ها،
جنهن لاءِ آءٌ ڪجهه چئي نٿو سگهان. ليڪن هن داناءَ
ماڻهوءَ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب جي خدمت کي
ترجيح ڏني ۽ حڪومت معاملات ۽ مشاورت کان پاڻ کي
آجو رکيو.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندو آهي ته ڊاڪٽر صاحب هيڏو وڏو عالم
آهي، پر ڪنهن اهل دل عارف جي ويجهو وڃي ڇو نه
سگهيو آهي؟ آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته هي هر فرد جو
ذاتي مسئلو آهي، ليڪن هڪ عالم جي حيثيت ۾ طبيعت
اهو ضرور چوندي آهي، هي عالم عارف به هجي ها ته
سون تي سهاڳي جيان ڪم ڏئي ها. آءٌ تسليم ٿو ڪريان
ته هي ڳالهه انسان جي وس ۾ نه آهي، طلب جي تات جي
تار تي محبت جي مضراب جي ضرب ضروري آهي، ڳجهه
ڳجهاندر ڳالهڙيءَ جي رموز ۽ اسرار کي ڪتابي طور ته
پڙهيو ويو، پر مشاهدي ۾ جا ڪيفيت آهي، ان سان قلب
ڪيترو سنواريل آهي، عالم وٽ علم سان گڏ عرفان جو
ڏيئو روشن هئڻ به ضروري آهي. ڪاش! ڊاڪٽر صاحب کي
ڪنهن صاحب دل جو ڪو پاسو لڳي وڃي ها ته شايد اهي
سڀ ورق وسري وڃنن ها! تمنا ته کين به هوندي، ليڪن
ڇا ڪجي قلم وس ڪريم جي آهي، اهو اظهار انهيءَ ڪري
ڪيو اٿم ته رومي، جامي، ابن العربي، جُنيد، شهاب
الدين سروردي وغيره سڀ عالم هئا، ليڪن هنن علم سان
گڏ لطيف چواڻي ته ”ٻري جن ٻاري“ واري روايت قائم
ڪئي، ان ڪيفيت جو خوشبوءِ ۽ خوءِ، باليدگي ۽
رميدگي، وارفتگي ۽ شيفتگي، رموز آفريني ۽ رمز
شناسي پنهنجي انداز واري هوندي آهي، جنهن جو جلوو
۽ جمال، تاثير ۽ تجلو ٻيو هوندو آهي.
منهنجو قلم ٻئي پاسي هليو ويو، ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ايڏي وڏي
آهي، جنهن تي جيترو لکجي اهو ٿورو آهي.
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي،
تن تنين سين ڪَٿِ وڏا اڏي پکڙا.
(شاهه رح)
ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري
نهايت اورچ اسڪالر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌي ادب، تاريخ، تمدن، ثقافت ۽ سماج م جيتري وسعت، اونهائي ۽
گهرائي يا اوچائي ۽ عظمت سمايل آهي، اوتري ان جي
سهيڙڻ ۽ سموهڻ جي ڪوشش نه ٿي هئي. جيتري انهن چشمن
جي وهڪ هئي ۽ وهڪرو هو، جيترا انهن ۾ ماڻڪ، موتي ۽
لعل ڀريل هئا، اوترو انهن کي چونڊڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي ڪا
قابل قدر اورچائي عمل ۾ نه آئي هئي. جيڏا انهن جا
اونها ۽ تراکڙا سمنڊ هئا، اوڏا غواص، سُوجهي ۽
غوطا لڳائڻ وارا ڪونه هئا، قدرت شايد اهو ڪم سنڌ
جي انهيءَ عظيم فرزند، محقق، مرتب، مؤلف، مصنف،
مفڪر، اديب ۽ دانشور کان وٺڻ ٿي گهريو، جنهن جي
ولادت سانگهڙ جهڙي پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته
ضلعي ۽ علائقي ۾ ٿي.
ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ علي محمد خان جي گهر ۾ 16 ڊسمبر 1917ع
تي هڪ ذهين ٻار نبي بخش ڄائو، جنهن کي ڄمندي ئي
ڄام ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن کي ڄمڻ سان ئي
اکيون مِرڪائڻ، هڪ هڪ شيءَ کي گهوري ڏسڻ، اوڏڪين
ڀتين جي ڦوڙن ۽ چيرن کي جاچڻ ۽ هر ننڍي وڏي شيءِ
تي سوچيندي محسوس ڪيو ويو. هي ٻار اڃا ڇهن مهينن
جو مس هو، جو يتيم ٿي ويو، پر ڇهن سالن جو ٿيو ته
سندس چاچي ولي محمد خان پنهنجي مرحوم ڀاءُ جي وصيت
تي عمل ڪندي، کيس پڙهڻ ويهاريو هي ٻار هڪ جيڏن
ساٿين ۾ هڪ ئي وقت پڙهڻ توڙي راندين ۾ گهڻو اڳرو،
ڀڙ ۽ سرواڻ هو. سندس پرائمري تعليم بيحد ڪٺن،
تڪليفده ۽ مشڪل حالتن مان نڪري مڪمل ٿي، جنهن بعد
کيس مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ داخل ڪرايو
ويو. (1929). جناب عثمان علي انصاريءَ، مخدوم امير
احمد، جناب هنڱوراڻيءَ، آخوند عبدالڪريم ۽ استاد
گل محمد پٺاڻ جهڙن بهترين استادن جي نگرانيءَ ۾
پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي نکيرڻ جو سونهري موقعو
مليو. نتيجي ۾ نبي بخش پنهنجي محنت، جفاڪشيءَ،
ذهانت ۽ سهڻي رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هيٺ پنهنجون
منزلون نهايت هوشياريءَ سان طئي ڪندو، قابل فخر
انداز ۾ ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان اڳتي وڌندو رهيو.
1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪري ڊي. جي سنڌ ڪاليج
ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، پوءِ بهاءُ الدين ڪاليج جهونا
ڳڙهه، بمبئي يونيورسٽي مان بي. اي(آنرز) فرسٽ ڪلاس
۾ پاس ڪيائين.
پُرعزم نوجوان نبي بخش سخت جذباتي ۽ تحريڪي ذهن جو مالڪ پڻ هو،
نتيجي ۾ هن ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان ئي تحريڪي
زندگيءَ جو آغاز به ڪيو ۽ جناب عبدالرحيم ميمڻ جي
دوستيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ کان متاثر ٿي، ان ۾ شامل
ٿي ويو. پاڻ جڏهن جهوناڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ٿيو هو
ته اتي خاڪسار تحريڪ جي روح روان طور پڻ سڃاتو
ويو. اهائي ڳالهه رياست جي اختياريءَ وارن کي بنهه
پسند ڪانه هئي، نتيجي ۾ کيس هڪ سؤ روپيا ملندڙ
فيلوشپ بند ڪئي وئي ۽ ايم. اي ۾ داخلا ڏيڻ کان پڻ
انڪار ڪيو ويو.
اهڙن موقعن تي نه اهڙا پرعزم ۽ باهمت نوجوان پٺتي پوندا آهن ۽
نه حوصلو هاريندا آهن، پر الله جل شانہ انهن لاءِ
نيون راهون پڻ کوليندو آهي. اهڙا ڌچڪا ۽ لوڏالما
ته انهن کي اڃا ڪُندن بڻائيندا آهن. کيس جلد ئي
علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي وئي. هن اتي به
خاڪسار تحريڪ ۾ ساڳي سرگرمي، جذبو جوش ۽ ولولو
ڏيکاريو، نتيجي ۾ کيس تحريڪ جو سالار بڻايو ويو.
هي اهوئي دور هو، جڏهن هندوستان ۾ آزاديءَ جي هلچل عروج تي هئي
۽ مسلمانن جي رهبري ۽ اڳواڻي آل انڊيا مسلم ليگ ۽
ان جو روح روان قائداعظم محمد علي جناح ڪري رهيو
هو، قائداعظم جڏهن علي ڳڙهه آيو هو ته کيس نبي بخش
خان بلوچ جي اڳواڻيءَ م سلامي ڏني وئي هئي. خاڪسار
تحريڪ سان سندس ايتري ته دلي چاهت ۽ دلچسپي هئي،
جو پاڻ جڏهن به موڪلن ۾ سنڌ ايندو هو ته هتي وري
مولانا شفيع محمد نظاماڻيءَ سان، جيڪو پڻ هن تحريڪ
جو وڏو مداح، جذباتي ڪارڪن ۽ رهنما هو، گڏجي سنڌ
جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪري، تحريڪ جي تبليغ ڪندو ۽
مقرره ٽريننگ ڏيندو هو.
نواب شاهه ۾ سندس اهم مرڪز حڪيم محمد معاذ جو دواخانو هوندو هو،
جنهن جو تحريڪ آزاديءَ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.
علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم. اي پاس ڪري، هن نوجوان ڪجهه وقت
ته تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، پر سُتت ئي ايم.
ايڊ ۽ پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪولمبيا يونيورسٽي، نيويارڪ (آمريڪا) روانو ٿيو.
جيئن ته پاڻ ذهني طور تي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي توڙي
ٻوليءَ جي کوجنا وارن موضوعن سان دلچسپي رکندڙ هو
۽ انهي سلسلي ۾ سنڌ جي لسٻيلي علائقي جو معلوماتي
دورو پڻ ڪيو هئائين، ان ڪري سفر دوران ”ٻيلاين جا
ٻول، ڪتاب لکي، پنهنجين تصنيفن جو آغاز ڪري چڪو
هو.
آمريڪا ۾ اعلى تعليم حاصل ڪندي، هي باهمت ۽ حوصلي وارو نوجوان
وطن جي آزادي لاءِ ڏيساور ۾ به بهترين وڪيل ۽ سفير
هو. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ جيترا به ننڍي کنڊ جي
آزاديءَ جي هلچل تي سيمينار ٿيندا هئا ته پاڻ انهن
۾ ضرور شريڪ ٿيندو هو، يا گهڻو ڪري کيس هڪ مقرر
طور گهرايو ويندو هو. نتيجي ۾ هن هڪ سچي محب وطن
جي حيثيت ۾ آزاديءَ جي لهر دل ۾ سمائي پاڪستان جي
نظرئي، ضرورت توڙي اهميت جي بهترين وڪالت ڪئي.
انهن سيمينارن ۾ اتان جي هڪ هندو دانشور مسٽر تارڪ ناٿ داس کي
پڻ خاص طور تي گهرايو ويندو هو ۽ هو صرف ئي صرف
ڪانگريس جماعت جو نقطه نظر پيش ڪندو هو. پنهنجي
تقريرن ۾ هو اهو واضح ڪندو هو ته ننڍي کنڊ ۾ عوامي
جماعت فقط آل انڊيا ڪانگريس ئي آهي ۽ آزاديءِ جي
تحريڪ جي علمبردار به فقط اها ئي نمائنده جماعت
آهي.
نبي بخش خان بلوچ اهو واحد اسڪالر هو، جيڪو ان دور ۾ به آمريڪا
جهڙي اهم ملڪ ۾ مسٽر تارڪ ناٿ داس جي غلط بيانن جو
علمي توڙي سياسي طور تي مقابلو ڪندو هو ۽ هر موقعي
تي هن مجاهد علمي توڙي سياسي طور تي مقابلو ڪيو.
اهڙي ئي هڪ سيمينار ۾ مسٽر تارڪ ناٿ داس جڏهن تمام
گهڻي غلط بياني ڪئي ۽ حالتن توڙي واقعن کي ٽوڙي
مروڙي پيش ڪيو، تڏهن نوجوان نبي بخش خان بلوچ اٿي
بيٺو ۽ ماسٽر تارڪ کان ايترا ته سوال ڪيائين، جو
هو اسٽيج تان لهي هليو ويو، پر سڀ حاضرين ويٺا
رهيا ۽ نوجوان بلوچ اسڪالر کي پنهنجي اصولي موقف
پيش ڪرڻ جي درخواست ڪندي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏنائون،
نتيجي ۾ سيمينار جي اصلي ۽ حقيقي ڪارروائي ڄڻ ته
پوءِ شروع ٿي. بلوچ صاحب موقعو غنيمت ڄاڻي ننڍي
کنڊ جي تاريخ، سماج، سياسي نظام، اڳوڻين حڪومتن،
اتان جي رسم و رواج، سياسي ۽ سماجي تنظيمن ۽
جماعتن مطلب ته ڪيترن ئي موضوعن تي مشتمل هڪ ڀرپور
ليڪچر ڏنو، جنهن ڪري حاضرين مجلس تي ڏاڍو سٺو اثر
پيو ۽ هو هن نوجوان اسڪالر کان ڏاڍا متاثر ٿيا.
نوجوان نبي بخش بلوچ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس
ايسوسيئيشن جو پايو رکيو، کيس ان جي پهرئين
سيڪريٽري جنرل جو اعزاز پڻ حاصل آهي. ننڍي کنڊ جي
آزاديءَ لاءِ هن ايسوسيئيشن جون ڪيتريون ئي قابل
قدر خدمتون آهن. هن ئي ايسوسيئيشن طرفان پاڪستان
جي آزاديءَ جي پهرين تقريب 14 آگسٽ 1947ع تي
ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا ۾ ٿي، جنهن جي صدارت خود
نبي بخش خان بلوچ پاڻ ڪئي. پاڪستان ۾ ان ڏينهن 15
تاريخ هئي، پر دنيا ۾ پاڪستان کان علاوه ٻاهرين
ملڪن ۾ اها پهرين تقريب هئي، جنهن جو محرڪ ۽
آزاديءَ جو علمبردار نبي بخش خان هو، انهيءَ تقريب
جو تقريخ فوٽو پهريون ڀيرو مون پنهنجي ڪتاب ”تحريڪ
آزاديءَ ۾ سنڌ جا ڪردار“ (ارود- حصي ٻئين)۾ ڪيو
آهي، جنهن جو ٻيو ايڊيشن (اردو) ۽ پهريون ايڊيشن
سنڌيءَ ۾ اداره معارف اسلامي ڪراچيءَ طرفان جلد
شايع ٿي رهيو آهي.
نبي بخش خان نه صرف آزاديءَ جي پهرين تقريب کي شاندار نموني
ملهايو، پر بورڊ تي پاڪستان جي سرحدن جو نقشو
ٺاهي، هن پهرين اسلامي نظرياتي مملڪت جي حدن ۽ان
جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. کيس مهاجرن جي آمد،
انهن جي مسئلن ۽ پريشانين جو اندازو هو، ان ڪري
آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ پري پري تائين سفر ڪري، هڪ
آزاد سفير طور انهن جي امداد لاءِ ڪپڙا ۽ ٻيو
گهربل گهريلو سامان امداد طور حاصل ڪري، جهازن
ذريعي پاڪستان موڪليندو رهيو. اها ڳالهه پنهنجي
طور تمام وڏي ۽ تحسين جي قابل آهي.
1949ع ۾ نبي بخش خان ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري
حاصل ڪئي ته سڀ کان پهرين کيس اقوام متحده ۾
ملازمت جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا پاڻ قبول نه ڪيائين،
بلڪ وطن جي خدمت جي اهميت ۽ ترجيح ڏنائين.
ڊاڪٽر صاحب جيئن ته تعليم دوران ئي پنهنجي خداداد صلاحيتن هيٺ
متعارف ٿي چڪو هو، ان ڪري پاڪستان جي مرڪزي حڪومت
وٽ کيس مختلف شعبن ۾ بهتر ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو،
پر جيئن ئي سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ کان متنقل ٿي
حيدرآباد آئي ۽ علامه آءِ. آءِ قاضيءَ کي ان جو
وائيس چانسلر بڻايو ويو ته علامه صاحب جهڙي دور رس
نظرن واري عالم ۽ دانشور توڙي مفڪر جي نگاهن کان
ڊاڪٽر بلوچ ڪيئن ٿي لڪل رهي سگهيو، نتيجي ۾ علامه
صاحب وڏي اتساهه سان کيس سنڌي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ
جي آڇ ڪئي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب قبول ڪيو، تعليمي
شعبي جو ان وقت بنياد پيو ۽ کيس ان جو سربراهه
بڻايو ويو.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مختلف عهدن تي فائز رهندي، 1973ع ۾ کيس وائيس
چانسلر بڻايو ويو. سنس دور ۾ يونيورسٽيءَ وڏي ترقي
ڪئي. ان کان اڳ کيس نيشنل پروفيسر ٿيڻ جو شرف پڻ
حاصل ٿيو، جيڪو پاڪستان جي تمام ٿورن پروفيسرن کي
حاصل آهي.
1980ع جي ڏهاڪي ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽيءَ جو اسلام آباد ۾
قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو پهريون وائيس چانسلر
ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ ان عهدي تي 1980ع کان 1982ع
تائين فائز رهيو. ان کان علاوه وفاقي وزارت تعليم،
ثقافت، آثار قديمه ۽ سياحت جهڙن کاتن ۾ پاڻ
چيئرمئن جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏنائين. قومي
ڪميشن برائي تحقيق جو چيئرمئن پڻ رهيو. قومي هجره
ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آيو ته
ڊاڪٽر صاحب کي
ان جي اهم عهدن تي فائز ڪيو ويو. پاڻ مجموعي طور
تي 1983ع کان 1989ع تائين هن اهم اداري سان وابسته
رهيو. نتيجي ۾ ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ٿيا. جيڪڏهن
اهو ادارو ٽوڙيو نه وڃي ها ته دنيا جا بهترين ۽
اهم هڪ سؤ ڪتاب ترجمو ٿي، قومي زبان ۽ علاقائي
زبانن ۾ شايع ٿي وڃن ها، جن جو اسان جي علم ادب تي
وڏو اثر پوي ها.
ڊاڪٽر صاحب جي انهن لاجواب علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان
حڪومت کيس تمغهء پاڪستان ۽ صدارتي تمغه حسن
ڪارڪردگي ڏنا ۽ ٻين ڪيترن ادارن طرفان پڻ کين
ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. تازو کين حڪومت
پاڪستان طرفان تمغه امتياز (2001) سان پڻ نوازيو
ويو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جهڙي اهم اداري جو قيام عمل ۾ آيو ته کين
ٽن سالن لاءِ پهريون چيئرمئن بڻايو ويو. هن عهدي
تي فائز رهندي، پاڻ ڪيترائي بنيادي ڪتاب شايع
ڪرايائين، جن ۾ سنڌ جي مختلف حصن جي لهجن تي
ڪيترائي ڪتاب شامل آهن.
پاڻ هڪ طرف پروفيسر ايمريٽس آهي ته ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽيءَ
طرفان قائم شده علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر جو
چيئرمئن پڻ آهي.
هي سڄو وچور ته ڊاڪٽر صاحب جي ملازمتن ۽ سرڪاري ادارن م سروسز
جو آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه پڻ شامل آهي ته سنڌ ۾
نگران حڪومت دوران کين وزير تعليم بڻايو ويو ۽ اهو
ئي چند هفتن جو دور هو، جنهن ۾ خالي پيل آسامين تي
جيڪي استاد ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي بنا ڪنهن سفارش
۽ رشوت وغيره جي گهر ويٺي آرڊر مليا ۽ اهڙا اعلان
اخبارن ۾ عام شايع ٿيا ته ڪو به شخص ڪنهن کان نه
سفارش ڪرائي ۽ نه پئسا خرچ ڪري.
هاڻي اچون ٿا سندن علمي ادبي خدمتن تي، جيڪي ڊاڪٽر صاحب
هيستائين ڪيون آهن. ويهين صديءَ جي اوائل ۾ مرزا
قليچ بيگ جو نالو سنڌ ۾ هر زبان تي عام هو، جنهن
19 صديءَ جي آخري چوٿائيءَ کان ويهين صديءَ جي
پهرين چوٿائيءَ يعني پنجاهه سالن جي عرصي ۾ سنڌي
ادب کي ساڍا چار سؤ اصلي ۽ ترجمي ڪيل ڪتابن سان
مالا مال ڪيو. هي سنڌي ادب جو اهو اوائلي زمانو
هو، جڏهن سنڌي ذريعهء تعليم لاءِ ڪتابن جي ضرورت
هئي. اخبارن ۽ رسالن جي اشاعت شروع ٿي هئي ۽ ادب
جي هر صنف کي مختلف ڪتابن جي ضرورت هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو زمانو 1950ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ گذريل
پنجاهه سالن ۾ جنهن قسم جي ادب جي ضرورت هئي،
انهيءَ جي ميڙي چونڊيءَ سان گڏ تحقيق جي اشد ضرورت
هئي ۽ ڊاڪٽر صاحب هڪ ذات ۾ انجمن ۽ ادارو بڻجي
ڪجهه هن طرح نڀايو آهي. |