سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم

باب-

صفحو :18

سگهڙ حسين بخش جوڻيجي ويٺل فيض واهه تعلقي خيرپور ۾ سگهڙن جي وڏي ڪچهري ڪرائي، جتي سگهڙن هنر جا بيت ٻڌايا. هنر جي بيتن جو وڏو ذخيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن هٿ ڪيو، جيڪي بيت هنر جي ڪتاب ۾ آندا ويا آهن. ڊاڪٽر صاحب جن کي خبر پئي ته سيد عبدالله شاهه دُبر واري جون ڪافيون ۽ بيت سردار غلام نبي خان ناريجي کي ياد آهن. ڊاڪٽر صاحب جن مون کي چيو ته سردار صاحب سان ڪڏهن هلي ڪچهري ڪجي. پوءِ سردار صاحب جي ننڍي ڀاءُ مرحوم هدايت الله خان ناريجي جي اصرار تي ڊاڪٽر صاحب جن سندس دعوت قبول فرمائي، ۽ پوءِ سندن ڳوٺ سردار فيض محمد خان جي ٻنڊي ڪچي ۾ وڏي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ سگهڙن کان سواءِ سوين ٻيا ماڻهو ڊاڪٽر صاحب جن جي عشق ۾ اچي شريڪ ٿيا. ديڳيون چڙهي ويون، اکين اڳيان ڪاڄ وارو منظر ڦري رهيو هو، رات جو ڪچهري ٿي ۽ صبح جو خاص ٻي ڪچهري سردار غلام نبي خان سان ٿي، جنهن ۾ سيد عبدالله شاهه جو ڪلام، ڊاڪٽر صاحب جن کي گهڻو هٿ آيو.  سيد عبدالله شاهه جي هڪ ڪافيءَ جو ٿلهه ڊاڪٽر صاحب جن ڪنهن ڳائڻي کان ٻڌو هو ته:

نه پيسا هون نه پائي هون،

ڌوڙ مٽي ٻُڪ ڇائي هون.

انهيءَ ڪلام لاءِ ڪچي جا پنڌ ڪرڻا پيا.

هڪ ڀيري مرحوم جيوڻ خان پتافيءَ جي ڳوٺ لڳ ميرپور ماٿيلي ۾ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ مٺي فقير شيخ، راضي فقر خاصخيليءَ جي سرائيڪي ڪافي مٺي آواز ۽ يڪتاري تي ڳائي ٻڌائي، جيڪا ڪافي ڊاڪٽر صاحب جن کي وڏيءَ اونهائيءَ ۾ وٺي وئي، جنهن ڪافيءَ جو ٿلهه هو ته:

تُسي آدم آدم ڪهندي او، آدم تو ويچارا ڪل بڻيا،

اي ڪُن تون پهلي دا قصا سي،ڏوجها ڪلُ پسارا ڪلُ بڻيا.

ڊاڪٽر صاحب راضي فقير جي ملڻ لاءِ وڏيون پڇائون ڪيون، آخرڪار ڪجهه سالن کان پوءِ چهنگ جي ڀرسان ضلعي لاهور ۾ وڃي ڳولي لڌائون. جڏهن ڊاڪٽر صاحب جن اتي پهتا ته راضي فقير جي ڀاءُ رحمدل فقير خاصخيليءَ، (اصل ويٺل ڳوٺ پيرون مل ضلعي سانگهڙ)  کان معلوم ٿيو ته راضي فقير 6 مهينا اڳ ۾ فوت ٿي ويو آهي. تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن جي رفاقت ۾ راضي فقير جي مقبري تي ٻه ڀيرا منهنجو به وڃڻ ٿيو آهي ۽ راضي فقير جي ڪلام جو مسودو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پنهنجي مطالعي هيٺ آندو ۽ هڪ ڇپيل ڪتاب به ڏٺو، جنهن ۾ راضي  فقير جون سنڌي، پنجابي، اردو ۽ سرائيڪي ڪافيون شامل هيون. اهو ڊاڪٽر صاحب جن جو علم ۽ ادب سان عشق آهي، جيڪو ڪنهن به تڪليف کي ڪونه ٿو ڏسي.

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪچهرين جو پروگرام 1988ع ۾ رکيو ويو، جيڪو تعلقي ميري خان جي ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مهيسر ۾ حاجي سڪندر علي مهيسر جي ميزبانيءَ سان شروع ٿيو. ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ سگهڙ مرحوم محمد ملوڪ عباسيءَ وڏيون ڪچهريون ڪرايون ۽ ڊاڪٽر صاحب گهڻو خوش ٿيو. نصير آباد ۽ وارهه ۾ به وڏيون ڪچهريون ٿيون.

رئيس علي نواز انڙ وٽ قاضي احمد ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن هر سال ڪچهريءَ لاءِ هلندا آهن، جتي رئيس طرفان ڪچهرين جا وڏا انتظام ٿيندا رهن ٿا. ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي فرزند، ڊاڪٽر محمد شريف خان هر تعلقي ۾ ڪچهرين جا وڏا انتظام  ڪيا ۽ اتي ٿر جي سگهڙن سان ڪچهريون ٿيون. سگهڙ امير بخش چانڊيي جو چيل بيت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ٻڌو، انهيءَ بيت لاءِ خاص 1983ع ۾ تعلقي ننگر پارڪر ۾ ڪچهريءَ جو پروگرام رکيائون. بيت ته وڏو آهي، پر انهيءَ جون ڪي سٽون هن طرح هيون ته:

پڙهيلن ڪتاب کولي، ڳالهه ڪتاب جي ڪئي،

اڻ پڙهيلن اميرو چوي، وڌي سمونڊ تي صحيح.

 انهيءَ وقت ڊاڪٽر محمد شريف خان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ضلعو ٿرپارڪر هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن اسلام آباد کان آيا هئا. اتي سگهڙ امير بخش چانڊيي ۽ ساهڙ فقير ٿيٻي سان وڏي ڪچهري ٿي، تنهن کان پوءِ ننگر شهر ۾ ڏارهون شيديءَ سان دودي چنيسر جي ڳالهه بابت ڪچهري ٿي. ٻئي ڏينهن ڪاسٻي، آڌيگام ۽ ڀوڏيسر ۾ ڪچهريون ٿيون. ڊاڪٽر صاحب جن کي خبر پئي ته تڳوسر ۾ مائي سلميت هاليپوٽي مال جو علاج ڪري ٿي، جتي ڪيترا ماڻهو مال ڪاهي علاج لاءِ اچن ٿا، اتي هلجي، مائي سليمت ٻڌايو ته مون پنهنجن وڏن کان مال جو علاج ڪرڻ سکيو، جيڪو اڄ تائين هلندو پيو اچي، اسلام ڪوٽ جي ڀرسان ڳوٺ کاکڻهار ۾ مرحوم حاصل فقير وسائيپوٽي سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون سالن کان ڪچهريون هلندڙ هيون. انهيءَ جي پُٽ سان ملڻ ٿيو، جنهن ڪجهه ڪچهري ٻڌائي.

1986ع ۾ جڏهن ٿر سيمينار عمرڪوٽ ۾ رکيو ويو ته ڊاڪٽر صاحب جن کي خاص ٿر تي تقرير ڪرڻ لاءِ اسلام آباد کان دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. انهيءَ سيمينار جي صدارت سيد غوث علي شاهه وزيراعلى سنڌ ڪئي هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ سيد غوث علي شاهه جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ٿر ۾ جيڪي فن وارا ماڻهو رهن ٿا، انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي، ڊاڪٽر صاحب انهن ۾ شاعر حاصل فقير وسائي پوٽي، سگهڙ امير بخش چانڊيي، سگهڙ ساهڙ ٿيٻي ۽ مائي سليمت هاليپوٽي جا نالا ورتا هئا، ڇاڪاڻ ته پاڻ انهن فن وارن ماڻهن جو قدر ڪري سندن همٿ افزائي ڪندا رهندا آهن. سيد غوث علي شاهه صاحب پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ تقرير ۾ سڄي ٿر جو سير ڪرائي ڇڏيو، جيڪو اسان سالن ۾ ڪونه ڪري سگهون ها. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ماڻهن جي مالي مدد لاءِ چيو اهي، انهن لاءِ ماهوار وظيفو پنج سؤ روپيه سنڌ گورنمينٽ طرفان منظور ڪجي ٿو. جيڪي اڄ تائين کين ملندا رهن ٿا.ڇڇ جهان خان ضلعي ٺٽي م شاهه صاحب جي رسالي بابت تحقيق لاءِ وڃڻ ٿيو، ڀٽائي صاحب ’جهڳا جهول ڇڇ‘ کي بيت ۾ آندو آهي، انهيءَ ڏسڻ لاءِ وڏا پنڌ ڪرڻا پيا. اتي جي سڄاڻ ميربحرن سان ڪچهريون ٿيون، جن ٻڌايو ته جهڳو ڄار جو قسم آهي، جيڪو اٺ فوٽ ٿئي ٿو، تنهن کان پوءِ بيت جي معنى سمجهه ۾ اچي وئي. اتي’سونهن گاهه‘ جي ڳالهه نڪتي ته چيائون شاهه بندر وڃو، جتي گاهه جي اوهان کي خبر پوندي. جڏهن شاهه بندر وياسون ته مقامي ماڻهن ٻڌايو ته سونهڻ کاري (سمنڊ) ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي مٿان کارو پاڻي بيٺو آهي، پر گاهه پنهنجو ميٺاڄ نٿو بدلائي. اسان ڏٺو ته برابر سونهڻ گاهه کي مينهيون کائن پيون ۽ گاهه جي مٿان ڏيڍ فوٽ پاڻي بيٺل هو، پوءِ سونهڻ گاهه جي خبر پئي، جنهن لاءِ کاري جي سگهڙ بيت ۾ چيو آهي ته:

کاري منجهه کرن، ونگ مڙيئي واسيا،

پر سونهڻ جيئن سيڻن، مٺو ساءُ نه مٽيو.

ڊاڪٽر صاحب جن کي پتو پيو ته ڪاڇي (دادو) ۾ علي حسن فقير چانڊيي کي مرحوم مولوي عبدالرحمان چانڊيي جا بيت ياد آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب  جن ٻڌايو ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ وڏيري رسول بخش ڏيري جي اوطاق تي فريد آباد شهر (ڪاڇي) ۾ وڏيون ڪچهريون ٿيون آهن، پر مرحوم مولوي صاحب جو چيل ڪلام هٿ ڪونه اچي سگهيو آهي، ان ڪري هاڻي ڪاڇي جا پنڌ ڪرڻا پيا. ٻه ٽي ڀيرا ڪاڇي وڃڻ ٿيو، پهرين ڪچهري 1999ع ۾ ماڏي شهر  ۾ حڪيم عبدالحميد خان چانڊيي جي مهربانيءَ  ۽ ميزبانيءَ سان ٿي، جنهن ۾ علي حسن فقير مليو ۽ مولوي عبدالرحمان چانڊيي جا چيل بيت ۽ ڪافيون ٻڌايائين. انهيءَ سان گڏ مولويءَ جا چيل هنر بيت به ڊاڪٽر صاحب کي هٿ آيا.

هن لوڪ ادب جو تمام وڏو ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي سر ۽ ڪلهن تي کنيو، جيڪو بار کڻڻ کان مٿي هو، پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن عشق ۽ وڏيءَ محبت سان سنڌيءَ ٻوليءَ خاطر نڀايو. ڊاڪٽر صاحب جن جي اخلاق ۽ وسيع دوستيءَ جي ڪري سنڌي لوڪ ادب جو ڪم ٿي ويو، جيڪو ڪروڙين روپين ۾ به ٿيڻ مشڪل هو، پر ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به هڪ پائي سرڪار کان ڪانه ورتي. سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي ميدان ملهايائين، جنهن ڪري لوڪ ادب جا چاليهن کان مٿي ڪتاب ڇپيا. ڊاڪٽر صاحب جن سان سوين دوست انهيءَ سفر ۾ گڏ هئا، سندس تن سچن عاشقن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، جن پنهنجي ذاتي ڪمن کي ڦٽو ڪري، ڊاڪٽر صاحب جن جي دل خوش ڪرڻ خاطر ڪڏهن به ڪٿي هلڻ کان انڪار نه ڪيو، ۽ ڪچهرين جا انتظام رکيا، جن کي اڄ به ڊاڪٽر صاحب جن ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀريندا آهن: پهريون مير شاهنواز خان شهلياڻي (بلوچستان)، ٻيو مرحوم محمد سماعيل خان نُون (ٿرپارڪر) ۽ ٽيون مرحوم حاجي محمد سوڍو بگهياڙ (ميرپور ساڪري وارو)،  جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي عشق ۾ هر وقت لبيڪ چوندا هئا.  ڊاڪٽر صاحب جن کي رب ڪريم صحتيابيءَ سان گڏ خضري عمر بخشي، جنهن لوڪ ادب جي ٻيڙي ساحل جي قريب پهچائي ۽ اڃا به سندن لوچ ۽ سوچ جو سفر جاري آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جنهن به موضوع تي قلم کنيو ته ان کي پار پهچايو. آخر م هي بيت چئي پنهنجي مضمون کي پورو ڪريان ٿو:

پيدا هتي پرور ڪيو، ڊاڪٽر نبي بخش خانُ،

سر زمين سنڌ ۾ اعلى سو انسان،

مطالعي ۽ مشاهدي ۾ وڏو سرت سجانُ،

تقرير ۽ تحرير ۾، ڏسو مرد جو ميدانُ،

علم ادب ۾ علمي حلقا، آهن هزارين حيرانُ،

ته مطالعي ۾ مڙن مٿاهون، آهي جُنگ ڀليرو جوانُ،

اسلامي فڪر اصولن تي، پر مٿي پهلوانُ،

شاهه جو رسالو شوق سان لکي، پيو جَڳ ۾ مرڪي جوانُ،

سو محقق مهربانُ،آهي اهلِ دل عبدالرحمٰن چئي.

پروانو ڀٽي

سنڌ جي چپي چپي تي ڊاڪٽر بلوچ

جي پيرن جا نشان آهن

سنڌ جي نالي واري دانشور، محقق سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تي ادبي ۽ علمي طرح سان ڪنهن به مضمون لکڻ جي نه اڳ ۾ سگهه ساري سگهيو آهيان ۽ نه هاڻي به همت ڪري سگهان ٿو. مون جهڙو گهٽ علم ۽ ڄاڻ رکندڙ فقير، هيڏي وڏي اسڪالر تي ڪيئن ويهي تحقيقي طرح سان ڪو مقالو يا مضمون لکڻ جي جسارت ڪري. ڪڏهن ڪڏهن اڻ ڄاڻائي به مشڪل گهڙين ۾ مددگار ٿي وڃي ٿي:

مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا. (شاهه)

ڊاڪٽر نبي بخش همه گير شخصيت آهي. سنڌ جي زمين وڏي زرخيز آهي، جتي هر دور ۽ هر وقت ۾ ناميارا انسان پيدا ٿيندا رهيا آه. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي مون فقير ڏٺا، تن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي، علامه دائودپوٽو، علامه غلام محمد گرامي، مولانا احمد ملاح، علامه غلام مصطفى قاسمي، مخدوم طالب المولى، رئيس ضياءُ الدين بلبل، پير حسام الدين راشدي ۽ منهنجي ڄمڻ کان اڳ علامه مرزا قليچ بيگ، رئيس شمس الدين بلبل، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ ٻيا بزرگ. اهي اهڙا نالا آهن؛ جيڪي سنڌي ادب جا سرواڻ آهن، جن سنڌي زبان جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ هميشه ڪوششون ڪيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهن ناميارن انسانن ۾ جيڪڏهن شمار ڪجي ته اها هڪ تاريخي حقيقت جو اعتراف آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي سڄي ڄمار علم ۽ ادب جي اشاعت ۾ گذي آهي. هيڏو وڏو عالم پر نهٺائي ۽ نوڙت، ڇا ڳالهه ڪجي! نوجوان نسل، جنهن کي پنهنجي اديبن ۽ عالمن جي ساڃاهه نه آهي، سو شايد ائين پيو سمجهندو ته هن سفيد پوش انسان کي ڪجهه به نٿو اچي، پر جڏهن سندس گفتگو ٻڌن ٿا، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ علم جا درياهه پلٽائي ٿو ڇڏي، تڏهن اهو نوجوان نسل يقيناً ڊاڪٽر صاحب جي عظمت جو قائل ٿي وڃي ٿو.

منهنجون ڊاڪٽر صاحب سان جيڪي به ملاقاتون ٿيون آهن، تن ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ بنيادي ڳالهه هوندي آهي. اها حقيقت آهي ته ڊاڪٽر صاحب موجوده صديءَ جي هڪ اهڙي انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن جو هر هڪ صفحو علم جو ڀنڊار آهي. ڊاڪٽر صاحب کي اسان ڪجهه به نه ڏنو آهي، تڏهن به ڊاڪٽر صاحب يقيناً سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. اڃا وقت نه ويو آهي. سنڌي ادب جي گذريل صديءَ جي تاريخ اڃا تائين لکي نه وئي آهي. 70 سالن کان وڌيڪ ادبي خدمت ڪندڙ کي اسان پنهنجي تنگ ذهنيءَ ۽ تنگ دامنيءَ سبب ڪجهه به نه ڏئي سگهيا آهيون.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تذڪري ۾ سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي جيڪڏهن اسان نظر انداز ڪري ڇڏيو، ته پوءِ سنڌ جي ادبي تاريخ اڻ پوري ئي سمجهي ويندي.

ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي چپي چپي تي پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏيا آهن. اسان انهن پيرن جي نشانن کي ئي سمجهي ۽ ڏسي اڳتي وڌياسين ته پوءِ اسان کي اها ئي منزل هٿ اچي ويندي، جنهن جا اسين ڳولائو آهيون.

پروفيسر سحر امداد

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:

هڪ تاريخ ساز شخصيت

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو عالم ۽ دانشور آهي، جنهن تي سنڌي قوم بجا طور تي فخر ڪري سگهي ٿي. جيئن ڪنهن به شاعر جي وڏائي ۽ فضيلت بيان ڪرڻ لاءِ چئبو آهي ته: ’هو پيدائشي شاعر آهي‘، بلڪل اهڙيءَ ريت مان جيڪر ائين چوان ته غلط نه ٿيندو ته ‘ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پيدائشي اسڪالر آهي‘، بلڪ اڌ صديءَ تي محيط ڊاڪٽر صاحب  جي اڻٿڪ محنت ۽ مسلسل ڪم کي ڏسي، ان ۾ مزيد واڌارو ڪري ائين چئجي ته بجا ٿيندو ته: ’ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ٻولي  ۽ ادب جو فُل ٽائيم اسڪالر آهي‘ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا گهڻي ڀاڱي سمورا موضوع، ڊاڪٽر صاحب جي علمي دسترس ۾ رهيا آهن. ان حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ هڪ گهڻ پاسائون محقق آهي.

سنڌ جو عظيم الشان لوڪ ادب وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي وڃي ها، جيڪڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي اورچ عالم جا هٿ ان تائين نه پهچن ها. لوڪ ادب اسڪيم سنڌي ادب کي سهيڙڻ جي هڪ جامع اسڪيم هئي، جنهن هيٺ چاليهن کان مٿي ڪتاب مرتب ڪري ڇپايا ويا. اها اسڪيم جنهن ۾ امداد حسيني پنهنجي شاگرديءَ واري دؤر ۾ هڪ ڪارڪن طور ڪم ڪيو ۽ منهنجو ڏير شبير هاتف پڻ ان دؤر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي هٿ ونڊائڻ  وارن مان هو. ان رٿا هيٺ سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون، آکاڻيون، ڳالهيون، قصا ۽ داستان ڪتابي  صورت ۾ اسان آڏو آيا. انهن ڪتابن ۾ اهي ٻاراڻيون آکاڻيون، ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون به هيون، جيڪي اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ پنهنجي نانيءَ شهروَ (شهربانوءَ) پنهنجي ماءُ ”مهرو“ (مهر النساءِ) پنهنجي ماميءَ ۽ ماسين کان ۽ خود پنهنجي گهر جي بزرگ نوڪرن کان پڻ ٻڌيون هيون ۽ جيڪي خود مون وري پنهنجن ٻارن کي ٻڌايون، سي ڪهاڻيون اڄ به مون کي ازبر آهن.

سنڌ، جتي اڄ نه اهي نانيون رهيون آهن ۽ نه ئي اهي مائرون رهيون آهن ۽ نه ئي هاڻ اهي ٻار رهيا آهن، جن کي ڪهاڻين ٻڌڻ کان سواءِ ننڊ نه ايندي هئي. هاڻ جڏهن ٻار ”ڪارٽون مئگزين“ ڏسي سمهن ٿا، تڏهن ڊاڪٽر بلوچ جا سهيڙيل ڪتاب ئي انهن سدا ملوڪ ڪهاڻين کي محفوظ رکي سگهيا آهن. جيتوڻيڪ ڪتاب ۾ ڪهاڻي پڙهڻ ۽ نانيءَ/ ڏاڏيءَ يا ماءُ جي مٺڙي سريلي آواز ۾ ڏنل اهي ’ڳاهون‘ اڄ به منهنجن ڪنن ۾ ماکي اوتينديون آهن. اهي آکاڻيون ۽ اهي ڳاهون، جيڪي اڄ به منهنجي دل تي اڪريل آهن، تن مان هڪڙي آکاڻي ”ادي سونل“ به آهي جنهن ۾ ٽيپ جون ٻه لائنون، سڄيءَ آکاڻي ۾ سُر سان دهرائبيون هيون:

ادي سونل، ادي سونل

هن وڻ تان لهي آءُ، لهي آءُ!

يا وري ”ڪانءَ ۽ ڪٻر“ جي منهنجي فيوريٽ ڪهاڻي، جنهن جي هر منظر ۾ ’ڪٻر‘ جون چيل ٻه سريليون تُڪون، سڄيءَ ڪهاڻيءَ ۾ دهرائجن ٿيون:

”ڪنڀر ڙي ڪنڀر، ڪٿي ڪانگڙو ڏٺئي،

چَپ چوريندو ڏٺئي، مُڇ موڙيندو ڏٺئي،

منهنجو ڀاءُ نيرانو!“

يا وري ڪانءَ جي واتان چوايل اهي دلپذير ڳالهيون، ’درياءَ ڙي درياءَ مون کي پاڻي ڏي‘ ڪُنو جوڙي پاڻي ڪنڀر کي ڏيان، ڪُنو اديءَ کي ڏيان، ادي ڀت رڌي، آءُ کاوان‘ جيڪي هر ڀيري سِٽ سِٽ ڪري وڌنديون ٿين وڃن ۽ انهن ۾ منظر مان منظر ڦُٽندو آهي، ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي آهي ۽ پوريءَ وستار سان توڙ تائين سُر ۾ چيل اهي سٽون نه رڳو دهرائبيون آهن، پراهي سٽ سٽ ڪري وڌنديون پڻ وينديون آهن.

ان ساڳي اسٽائيل جون انگلش ۾ پڻ ٻاراڻيون آکاڻيون آهن ۽ انهن ٻنهي جي انداز بيان ۾ حيرت انگيز مماثلت آهي. ان ڏس ۾ منهنجو نظريو اهو آهي ته ننڍي ٻار جي يادداشت تيز ڪرڻ لاءِ ان کان وڌيڪ حيرت انگيز ٻيو ڪو به طريقو ناهي.

سنڌي لوڪ آکاڻين ۾ ”ڪُڪڙ ۽ گدڙ“ ڪهاڻين جا مشهور ۽ دلچسپ ڪردار آهن. ”گدڙ ۽ ڪڪڙ“ جي آکاڻي اسان جي ڌيءَ ڊاڪٽر سنڌيا  سيد پنهنجي ننڍپڻ ۾ جڏهن ”ٻاتي ٻوليءَ“ ۾ ٻڌائيندي هئي، تڏهن اها اسان کي دنيا جي خوبصورت ترين آکاڻي لڳندي هئي.

ان آکاڻيءَ جون سوريليون ڳاهون ٻن اڍائن سالن جي ان ٻارڙيءَ کي برزبان ياد هيون ۽ هوءَ اهڙيءَ سهڻيءَ ڍارَ سان اهي سٽون چوندي هئي، جو من موهي وٺندي هئي:

”ڪُڪڙ پنهنجو ڀاءُ کاڌم،

ڀاءُ جي کنڀڙاٽي کاڌم،

ڪچي پڪي ٻيرن جي پاٽي کاڌم،

توکي ڪيئن ڇڏيندس!“

”پوءِ ابا، کاڌئين ان کي به! ”ائين چئي هوءَ اڳتي وڌندي هئي ته دل ٿيندي هئي ڪهاڻي ڪڏهن نه کُٽي. اهي ۽ اهڙيون انيڪ ٻيون ٻاراڻيون آکاڻيون نه رڳو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت، بلڪ اسان جي ٻارن جي خوابن ۽ تصورن کي نکارن ٿيون. ٻار ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ بابت محبت پيدا ڪن ٿيون، ٻار ۾ تخليق جو جذبو اڀارين ٿيون ۽ هن کي ذهني پختگيءَ جي راهه رمائن ٿيون. اهي سموريون ڪهاڻيون مختلف راوين جي روايت وسيلي ڊاڪٽر بلوچ  جهڙي وينجهار جي هٿن مان گذري ڪتابي صورت ۾ ڇپجي نه وڃن ها، ته انهن جي محفوظ رهڻ جو ٻيو ڪو به ذريعو نه هو. اهي ساڳيون ڪهاڻيون مون ايم. اي سنڌيءَ جي شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان پڙهيون، ته وري سنڌي شعبي جي استاد جي حيثيت سان خود پنهنجن شاگردن کي تشريحي، علمي، تنقيدي ۽ تحقيقي نقطئه نظر سان پڙهايون.

ان ريت ”لوڪ ادب اسڪيم“ جي ڊاڪٽر بلوچ جي سهيڙيل انيڪ ڪتابن مان هڪ بنهه مختلف ڪتاب ”واقعاتي بيت“ مون تڏهن پڙهيو هو، جڏهن اسان جي شعبي جي لوڪ ادب جي ماهر استاد محرم خان جي رٽائرمنٽ کان پوءِ مون کي لوڪ ادب پڙهائڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي. ائين مان ٻين انيڪ واقعاتي نظمن سان گڏ حافظ حامد جو اهو نظم پڙهي سگهيس، جنهن جو پڙلاءُ اڪثر و بيشتر سيداڻي حويليءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو.ائين مان پنهنجي ساهراڻي ڳوڍ ٽکڙ جي تباهيءَ جي ٻين انيڪ ڪارڻن مان هڪ مکيه ڪارڻ کان آگاهه ٿيس. اهو واقعاتي نظم پڙهي مون کي پنهنجي سانول جي چيل اهاڳالهه سورنهن آنا سچ لڳي ته: ”ٽکڙ کي حافظ حامد پاراتو نه ڏنو هو، پر هو هتان ڏکوئجي ويو هو.“

ڊاڪٽر بلوچ جا لوڪ ادب سلسلي جا سهيڙيل ٻيا به ڪيترائي قيمتي ڪتاب آهن، جيڪي هاڻ اڻلڀ پڻ آهن، هن لوڪ گيتن، ڳيچن ۽ ڪافين کان ويندي، ڳجهارتن، پرولين، معجزن، مناقبن ۽ مولودن جا ڪتاب سهيڙي، اسان تائين پهچايا آهن، ان ريت لوڪ شاعريءَ جي گوناگون صنفن کي محفوظ رکڻ جو سبب بڻيو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ڪمال اهو آهي ته هن نه رڳو لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن کي سهيڙي، محفوظ ڪيو ۽ اسان تائين رسايو، پر ساڳي وقت ڪلاسيڪل شاعرن توڙي روايتي دؤر جي اهم ۽ وڏن شاعرن سان اسان جي شناسائيءَ جو سهرو پڻ ڊاڪٽر بلوچ جي سر سونهي ٿو.

لطيف شناسيءَ م ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سواءِ ڪن جزوي اختلافن جي، ڊاڪٽر بلوچ ان ڏس ۾ تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي. ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب، ميين شاهه عنايت، لطف الله قادريءَ، قاضي قادن ۽ نواب ولي محمد لغاريءَ جهڙن اهم ڪلاسيڪي شاعرن جي حياتيءَ توڙي ڪلام بابت مستنند تحقيق ڪئي آهي ۽ پنهجن مهاڳن ۾ انهن شاعرن جي شاعراڻي اهميت بيان ڪئي آهي.

تاريخ لکڻ هڪ مشڪل فن آهي، تاريخ نويسي مورخ جي بي زبانيءَ ۽ ايمان جو امتحان هوندي آهي، ڊاڪٽر صاحب نه رڳو سنڌي بوليءَ ادب جي تاريخ لکي، پر ڊاڪٽر صاحب سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ پڻ لڳي آهي. سندن ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ سنڌي موسيقيءَ جي روشن ماضي، ۽ قديم دؤر ۾ سنڌي موسيقيءَ کي اهڃاڻن کان وٺي شاهه جي راڳ تائين جنهن محنت ۽ عرق ريزيءَ سان پاڻ قلمبند ڪيو اٿن، سو پڙهڻ ۽ هِنئين سان هنڊائڻ وٽان آهي.

سنڌي موسيقي ۽ راڳ اڄ جڏهن پوين پساهن ۾ آهي، تڏهن سنڌي موسيقيءَ کي اجارڻ ۽ اوج تي رسائڻ سان گڏوگڏ سنڌي راڳ جي روشن تاريخ تحرير ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جون ڪيل ڪوششون يادگار رهنديون. ان ڏس م اسين دعاڳو رهنداسين ته شال سنڌي موسيقي هڪ ڀيرو وري به وڌڻ ۽ ويجهڻ جي واٽ وٺي ۽ هڪ ڀيرو وري به اهو اوج ماڻي، جنهن جي ڪري هڪ پاسي ان جي رسائي ايران جي ساساني حڪمران بهرام گوَر (1)جي درٻار تائين ٿي ته ٻئي پاسي ان جو اولڙو اسان کي اسپين/ اندلس جي ’ڪانتو خوندو‘ (Cante Jondo) ۾ ملي ٿو.

هتي مان ڊاڪٽر صاحب جي مذڪور ڪتاب مان هڪ ٽڪرو ڏئي سنڌ جي ان نامور فرزند عزيز بلوچ کي ضرور ياد ڪرڻ چاهينديس، جيڪو انگلنڊ ۾ ’سنڌي صوفي سوسائٽيءَ‘ جو باني ۽ نگران هو، ۽ جو گٽار وڄائڻ ۽ اسپيني نغمن ڳائڻ جو ماهر هو.

سنڌي موسيقي ۽ اندلس جي لوڪ سنگيت جو سٻنڌ:

موجوده دؤر جي هڪ ممتاز سنڌي موسيقار، سائين عزيز بلوچ (2) سندس نوجوانيءَ واري دؤر ۾ سنڌي ڪافين کي سنڌي لئي ۾ ڳائڻ ۾ نالو ڪڍيو ۽ پوءِ 1930-1940ع واري عرصي ۾ هن اسپين ۾ رهي، اسپيني نغمن ڳائڻ، گيتار وڄائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. اسپين ۾ رهندي اتان جي راڳ جو هڪ مطالعو ڪيائين، ۽ خاص طرح ڏکڻ اسپين يعني اڳئين اندلس جي نغمن کي ٻڌندي ڳائيندي، کيس انهن نغمن ۾ خالص سنڌي ڳائڻ ۽ سنڌي لئي جو چتو عڪس نظر آيو. هو موسيقيءَ جي پنهنجي علمي ڄاڻ توڙي پنهنجي عملي مشاهدي ۽ تجربي جي بنياد تي هن نتيجي تي پهتو ته ”سنڌي موسيقيءَ ۽ اندلس جي لوڪ سنگيت ۾ بلڪل گهاٽو سٻنڌ آهي،“ انهيءَ نظريي کي هن اسپيني زبان ۾ پنهنجي لکيل هڪ ڪتابڙي ۾ پيش ڪيو، جيڪو 1955ع ۾ مئڊرڊ مان شايع ٿيو.“ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘- ص: 32)


(1)  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تارخ- ص: 5، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد

(2)  عزيز بليدي بلوچ 1912-1915 ڌاري بلوچتان ۾ ڄائو، سندس ابتدائي تعليم ۽ تربيت جناب پير صاحب پاڳاري جن جي ڳوٺ ۾ ٿي ۽ هاءِ اسڪول تائين حيدراباد ۾ پڙهيو. (ص 32 – ”سنڌي موسيقي“)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org