بي.
اي ڪرڻ کان پوءِ مون کي مشرقي پاڪستان جي ڍاڪا
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ته الائي ڇو
منهنجيءَ دل ۾ آيو ته آءٌ حيدرآباد وڃي ڊاڪٽر بلوچ
صاحب کي ڍاڪا وڃڻ جي اها خبر ڏيان. پاڻ مون سان
مليا. اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا. مون کي
همٿايائون ۽ مون کان ڍاڪا يونيورسٽيءَ جو پتو
پڇيائون. جڏهن آءٌ ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ پهچي چڪس ته
ڪجهه هفتن يا مهينن کان پوءِ مون کي ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن وٽان خط مليو، جنهن ۾ لکيائون ته امتحان
يا ٻيءَ ڪنهن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ جي سلسلي ۾ پاڻ
ڍاڪا اچڻ وارا آهن. ڍاڪا ۾ هڪرو تمام مٺو ماڻهو
هو، ڪي. آر. جان صاحب. هڪڙي مل ۾ ليبر آفيسر جي
حيثيت سان ڪم ڪندو هو ۽ اصل ۾ اسان جي ريڊئي
پاڪستان واري سرور بلوچ صاحب جو پراڻو دوست هو.
جڏهن جان صاحب کي خبر پوندي هئي ته سنڌ مان ڪو
ماڻهو ٿو اچي يا اچي ويو آهي ته پاڻ ٻيا سڀ ڪم
ڇڏي، اُڀئين کُڙئين اچي اُن ماڻهوءَ جي خدمت ۾
حاضر ٿيندو هو ۽ پوءِ جيڪا کانئس پڄندي هئي، سا
خاطر تواضع ڪندو هو. يادش بخير، منهنجي ٻن سالن جي
زماني ۾ اتي مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب جن
آيا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب آيا، پناهه علي شاهه ۽
ورياماڻي صاحب جن آيا ته جان صاحب ڪپڙن م نه پيو
ماپندو هو، ۽ اسين ٻئي ڄڻا گڏجي وڃي سندن خدمت ۾
پهچندا هئاسون. بهرحال، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جڏهن
ڍاڪا ايندا هئا ته جان صاحب آسمان مان تارا سو
ڪونه لاهي آڻيندو هو، باقي ٻين ڳالهين ۾ وسئون
ڪونه گهٽائيندو هو. ٻئي پاسي مون کي ڊاڪٽر صاحب جن
سان گڏجي، جڏهن بنگالي عالمن ۽ ڄاڻو ماڻهن سان اٿڻ
ويهڻ جو موقعو ملندو هو ته مون کي خبر پوندي هئي
ته اتي جي لکيل پڙهيل طبقي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن
جو ڪيڏو نالو هو ۽ مشرقي پاڪستان وارا کين ڪيترو
مان ڏيندا هئا. اسان سنڌ وارن جي نظرن م ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ”گهر جو پير، چلهه جو مارنگ“ هو، پر
بنگال ۾ کين وڏي عزت هئي. هڪڙي دفعي آيا ته خبر
پئي ته سندن سنڌي موسيقيءَ تي جيڪو ڪتاب انگريزيءَ
۾ لکيل هو، سو بنگالي اڪيڊميءَ وارن بنگالي ٻوليءَ
۾ ترجمو ڪيو هو. آءٌ اڪيڊميءَ مان وڃي پنجاهه کن
ڪاپيون کڻي آيس. جنهن پاٻوهه ۽ محبت سان ان ڪتاب
کي ڇپيو هئائون، ان مان خبر پئي ته هيري جو قدر ڪي
جوهري ئي سڃاڻن، ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي!
ڊاڪٽر صاحب جن جڏهن ڍاڪا ايندا هئا ته آفيس جي ڪم
ڪار کان پوءِ يا موڪل وارن ڏينهن اتي اسين گڏجي
ٻاهر نڪرندا هئاسون. پئسا مون کي ڏئي ڇڏيندا هئا ۽
آءٌ سندن خزانچيءَ جا فرائض سرانجام ڏينود هئس.
چوندا هئا ته توکي ”ڪِي“ (ڇا) ۽ ”ڪوتو“ (ڪيترو)
ڳالهائڻ اچي ٿو، هاڻي خريداري ۽ ڏيتي ليتي منهنجي
پاران تون ڪر“. مثلاً: هڪ ڀيري هڪڙي حجام جي دڪان
تان جڏهن وارا ٺهرائي پورا ڪيائون ته وقت آيو اُن
کي پئسن ڏيڻ جو. ڀلا جي خزانچي آءٌ هوندس ته حجام
کي ضرور اوترا پئسا ڏيندس، جيترا خزانچيءَ جي دل
تان لهندا يا جيترا هو پاڻ اتي حجامن کي ڏيندو
هوندو يا جيڪو سندن اگهه هوندو ”ڪي“ ۽ ”ڪوتو“ به
ته آخر خزانچي ئي ڄاڻندو هو. خزانچيءَ رپيو اڌ،
جيڪو عام اگهه هو، سو ڪڍي حجام کي ڏنو، پر ڊاڪٽر
صاحب وري ٻيا به پئسا ڪڍي مٿان رُونگ ڏئي ڇڏيس،
اهي منهنجي رٿ ۽ ڄاڻ کان چئوڻا پنجوڻا هئا.اهو ئي
ساڳيو ڪم پيو ٿئي، جڏهن ڪنهن رڪشا ۾ ويهون يا ٻيو
ڪو خرچ ڪريون، بس، منهنجي ”ڪي“ ۽”ڪوتو“ جو علم سڄو
بيڪار ٿيو وڃي! انهن واقعن کان گهڻو وقت پوءِ مون
انهيءَ ڳالهه مان اهو نقطو سمجهيو ته ڊاڪٽر صاحب
جن اهو انهيءَ ڪري ٿي ڪيو، جو ’پورهئي وارو الله
جو حبيب‘ آهي ۽ ان جي پگهر جو مانُ ڪرڻو آهي، جنهن
جو پورو ملهه پئسان سان نٿو چُڪائي سگهجي.
هڪڙي
ڀيري ڊاڪٽر صاحب مون کي چيو ته فلاڻي ڏينهن ڪوميلا
شهرڏانهن هلنداسون، توهان سڄو بندوبست ڪري ڇڏجو.
ڀلا اسان ڪڏهن ڪا دال چاڙهي هجي يا ڪو مهمان
کارايو هجي ته اسان کي خبر پوي ته بندوبست ڪيئن
ڪبا آهن! مون پاڻ کي دل ئي دل ۾ چيو ته جنهن ڏينهن
هلڻو هوندو ته هليا هلنداسون، انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي
ڳالهه آهي. مون پنهنجي عقل آهر سوچيو ته بس ۾
ويهبو، وڃي ڪوميلا پڄبو. انهيءَ ۾ اڳواٽ ڪهڙو
بندوبست ڪبو!
ان
ڏينهن جان صاحب ۽ هڪڙي ٻئي بلوچ، جيڪو اتي ميرين
انجنيئر هو، تن ڊاڪٽر صاحب لاءِ ٻيڙيءَ جي سير جو
بندوبست ڪيو هو، سو اسين صبح جو وياسين ٻيڙيءَ تي
چڙهي درياءَ جي سير تي. پنجين بجي ڌاري ڍاڪا موٽڻ
لاءِ نارائڻ گنج جي ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين ته
ريل ڏٺيسون ته اها پئي اسان جي اڳيان وڃي. چيوسين
ته وارو ڪيو ته ريل کي پڄون. چڙهياسون رڪشا تي ته
اڳيان ڦاٽڪ هجي بند. ڏسون ته پريان اها ساڳي ريل
پئي اچي. هڪڙو ڦاٽڪ ٽپيو وريو جو اڳتي هلون ته وري
ٻيو ڦاٽڪ ۽ اها ساڳي گاڏي اسان جي اڳيان ۽ اسين ان
جي پويان. ڊاڪٽر صاحب چوي ته ”محمد عمر، هيءُ گاڏي
پنهنجو پاسو ئي نٿي ڇڏي، پر جي پڄي نه سگهون ته
هلي ڪنهن بس تي چڙهون!“جڏهن ڍاڪا جي بس جي اڏي تي
پهتاسون ته خبر پئي ته ڪوميلا لاءِ جيڪا آخري بس
هئي، سا اڌ منو ڪلاڪ اڳي نڪري چڪي هئي. چيائون ته
ٻي بس هاڻي سڀاڻي ملندي. اسان چيو ته ٻيلي ائين نه
ڪيو، اسان کي رات جي پيٽ ۾ اتي پهچڻو آهي، جو صبح
جو ڊاڪٽر صاحب جي اتي ميٽنگ رکيل آهي. چيائون اهڙا
تڪڙا آهيو ته پوءِ ريل گاڏي اٿوَ. اها هتان رواني
ٿيندي يارهين ڪين ٻارهين بجي رات جو. جيڪڏهن
انهيءَ ۾ اوهين ويندؤ ته صبح جو ٽين بجي اوهان کي
ڪوميلا پهچائيندي. اچون جو ڍاڪا جي ريلوي اسٽيشن
تي ته اها ساڳي گاڏي، جيڪا نارائڻ گنج کان اسان کي
هر هر ٿي اڳ ڦري آئي، سا اڳتي ڪوميلا وڃڻ لاءِ
بيٺي آهي. ڊاڪٽر صاحب چيو ”محمد عمر، ڏٺئي، مون
چيو ٿي ته هيءَ گاڏي پنهنجي پچر ئي نٿي ڇڏي، ڪا
مڙئي ڳالهه آهي.“ گاڏيءَ ۾ جيئن وياسين ته سڄي
واٽ، سڄي رات سڀني اسٽيشنن تي حڪومت پاڪستان جي
خلاف نعرا ٻڌندا وياسين.
مطلب
ته منهنجي بي انتظاميءَ جي ڪري هيترو پريشان ٿيڻو
پيو. اها ڳالهه مون کي ته کُکي آئي ۽ دل ئي دل ۾
لڄي به گهڻو ئي ٿيس، پر ڊاڪٽر صاحب کل خوشيءَ ۾ ان
ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. انهيءَ ڳالهه کي ڪيترا سال ٿي
ويا آهن، پر ڏهن به ڍاڪا جو ذڪر ايندو آهي ته ريل
گاڏيءَ سان اسان واري رڪشا جي مقابلي جو ذڪر ضرور
ٿيندو آهي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڏوراپو ڏيندو آهيان
ته هيترا ڏينهن اڳواٽ توکي بندوبست ڪرڻ لاءِ چيو
ويو، توکان ايترو ڪونه پڳو، جو کڻي بسن جا ۽ گاڏين
جا ٽائيم معلوم ڪري رکيئي! پر ڊاڪٽر صاحب جن
انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به انهيءَ نظر سان نه ڏٺو،
سندن اهو وڙ ئي نه آهي. بقول شاهه سائينءُ جي
”ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏئي.“
انهيءَ تان وري ڊاڪٽر صاحب جن جي پنهنجي انتظامي
صلاحيت ڏانهن توجهه ٿو ڇڪجي. ’مهراڻ‘ رسالي ۾ يا
’ٻيلاين جا ٻول‘ ڪتاب ۾ مون پڙهيو ته 1946ع ۾ ڪيئن
ڪراچيءَ مان بس ۾ چڙهي ڊاڪٽر صاحب جن اڌ رات جو لس
ٻيلي جي شهر اُٿَل ۾ پهتا؛ ڪيئن اهي گهربل ماڻهو
هٿ ڪيائون، جن سان کين ڪچهري ڪرڻي هئي؛ ڪيئن انهن
سان سوال جواب ڪري، جيڪي ڳالهيون پڇڻيون هيون، سي
پڇي نوٽ ڪري لکي ورتائون، ۽ ڪيئن ورندڙ بس ۾ ويهي
وري اچي وسنديءَ ڀيڙا ٿيا. انهيءَ کي چئبو آهي
خوش انتظامي، جيڪا هيانءَ (هانوَ) جي سوجهري ۽ ذهن
جي ڦڙتائيءَ کان سواءِ حاصل نٿي ٿي سگهي. ڊاڪٽر
صاحب جي خوش انتظاميءَ جو ٻيو مثال ٻڌو. ايران مان
ڪو وفد آيل هو، جنهن کي مُهن جو دڙو ٿي ڏيکارڻ
چاهيائون. مون کي چيائون ته ساڻ گڏجي وڃان. مون کي
ڪا خبر ڪانه هئي ته مون کي ڇا ڪرڻو هو. پر ڊاڪٽر
صاحب طرفان انهن جي ٽڪيٽن جو بندوبست اڳواٽ ٿيل
هو، ڏوڪري اسٽيشن تي ٽانگو آيل هو، سو اسان کي
مُهن جي دڙي کڻي ويو، جتي رهائش، رات جي ماني ۽
صبح جي ناشتي جو اڳواٽ بندوبست ٿيل هو. واپسيءَ
واريءَ گاڏيءَ جي اچڻ کان اڳ اسان کي وري ٽانگي
کڻي اچي ڏوڪريءَ پهچايو. واپسيءَ جون ٽڪيٽون اڳئي
ورتل هيون. الائي ڪير فرشتا هئا، جن سڄو ڪم پاڻ
ڪيو، مون کي رڳو مترجم جا فرائض ادا ڪرڻا پيا.
ڊاڪٽر صاحب جن ڪنهن نه ڪنهن ڳولا ۾ اڪثر سنڌ جي
مختلف علائقن ۾ نڪري پوندا آهن. اهڙن ٻن ٽن موقعن
تي مون کي به صلاح ڪيائون ۽ آءٌ ساڻن گڏجي ويس.
منهنجي حيرت جي ڪا حد نه رهندي هئي، جو هر هنڌ
اڳواٽ وقت تي ماڻهو پهتل هوندا هئا، سوارين جا
بندوبست ٿيل هوندا هئا، منزل تي ڪهڙن ماڻهن سان
ملي ڪهڙيون ڪچهريون ڪرڻيون هونديون هيون، انهن جو
اڳواٽ بندوبست ٿيل هوندو هو، پر پري پري کان اتي
ماڻهو پهتل هوندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جن وٽ هميشہ
هڪڙي ڪاپي هوندي هئي، جنهن تي هر ڳالهه لکندا
ويندا هئا: ڪهڙي تاريخ، ڪٿي، ڪنهن ڪهڙي ڳالهه ڪئي،
سي سڀ تفصيل لکندا ويندا هئا. انهن طوفاني دورن جي
روزنامن کان سواءِ، سندن هر روز جي ٻي جدا ڊائري
هوندي آهي، جيڪا ڏينهن پوري ٿيڻ کان پوءِ ضرور
لکندا آهن، جنهن ۾ هر روز جي خاص ڳالهين، واقعن،
ماڻهن بابت اشاري يا تفصيل سان ڪجهه نه ڪجهه ضرور
لکيل هوندو.
ڍاڪا
يونيورسٽيءَ۾ هڪڙي دفعي مون شيڪسپيئر جي ’ٽيمپيسٽ‘
(The
Tempest)
تي هڪڙو مضمون لکيو. ڊاڪٽر صاحب جن آيا ته شام جو
کين پڙهڻ لاءِ ڏنم.رمضان جو مهينو هو، پاڻ سحري
ڪري ان مضمون کي پڙهڻ ويٺا. صبح جو آءٌ جڏهن وٽن
ويس ته معلوم ٿيو ته تمام وڏي توجهه سان پڙهيائون
۽ وڏي تفصيل سان اتي نوٽ ۽ رمارڪ لکيا هئائون،
جيڪي تمام مفيد ۽ ڪارائتا هئا ۽ انگريزي ادب جي
ڳوڙهي ڄاڻ کان سواءِ هوند لکي نه سگهجن ها.
ڍاڪا
مان آءٌ ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪري موٽيس ته مخدوم
محمد زمان طالب المولى صاحب جن مون کي سڏائي،
سروري ڪاليج هالا ۾ پڙهائڻ لاءِ مامور ڪيو. پوءِ
جڏهن ڪاليج سرڪار جي تحويل ۾ ويو هليو ته ڊاڪٽر
بلوچ صاحب مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف
ايجوڪيشن ۾ ليڪچرر طور مقرر ڪيو. آءٌ جڏهن ڊاڪٽر
صاحب جن وٽ جوائننگ رپورٽ ڏيڻ ويس ته مون کي
پهرئين ڏينهن ئي چيائون ته ”محمد عمر! اسان جو
جيڪو ذاتي تعلق آهي، اهو پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ هتي
جيڪو ڪم توکي ڪرڻو آهي، سو پنهنجيءَ جاءِ تي؛ ٻنهي
ڳالهين کي الڳ الڳ رکبو.“
انهيءَ زماني ۾ آءٌ اولڊ ڪئمپس جي هاسٽل ۾ رهندو
هئس. ڊاڪٽر صاحب جن شام جو ڊڪشنري آفيس ۾ ويهندا
هئا، جيئن اڃا تائين سندن دستور آهي، ڊڪشنري آفيس
۾ وڃڻ کان اڳ يا پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن شام جو هميشہ
پنڌ ڪرڻ لاءِ نڪرندا آهن. ان زماني ۾ جيڪڏهن آءٌ
ڪٿي هڪيو تڪيو هوندو هئس ته ساڻن گڏجي ويندو هئس.
پوءِ پاڻ ڳالهيون ڪندا هلندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا
ته ڪيئن پاڻ قابل استادن کان نوشهري فيروز ۾،
جهونا ڳڙهه ۾، يا عليڳڙهه ۾ سکيا ورتائون. استادن
جو ذڪر عزت ۽ احترام سان ڪندا هئا ۽ ٻڌائيندا هئا
ته سندن زندگيءَ تي ڪيئن انهن جو اثر رهيو. پاڻ
اڪثر سندن عليڳڙهه جي وڏي استاد پروفيسر عبدالعزيز
ميمڻ جو ذڪر ڪندا هئا، جن کي هر ڳالهه آڱرين تي
ياد هوندي هئي ته عرب، ترڪي، مصر يا هندوستان جي
ڪهڙي لائبريريءَ ۾ ڪهڙو قلمي ڪتاب موجود آهي ۽ اهو
ڪيتري قدر مستند آهي يا منجهس ڪهڙيون غلطيون آهن.
عليڳڙهه جي زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب جن عربي ۽ فارسيءَ
جو ڪو به اهڙو ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيو،
جنهن ۾ سنڌ متعلق ڪا ڳالهه لکيل هئي.
هڪڙي
ڳالهه جيڪا مون کانئن ٻڌي ۽ ٻڌڻ کان سواءِ سندن هٿ
سان لکيل به پڙهيم، سا اها ته پاڻ تمام گهڻو آڳاٽو
اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هئائون ته سندن خلاف لکڻ وارن
کي ڪڏهن به نڪي زباني گهٽ وڌ ڳالهائيندا، نڪي سندن
خلاف ڪجهه لکندا.سندن چوڻ آهي ته پنهنجي ڪم سان ڪم
رکبو، جيڪڏهن ڳالهه ۾ وڇڙي پئبو ته وقت ۽ عزت ٻنهي
جو زيان ٿيندو، ۽ بالاخر ورندو سرندو ڪجهه به
ڪونه.
مون
کي ياد آهي ته پنجاهه واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ۽
سٺ واري ڏهاڪي جي اوائلي سالن ۾ سنڌي اديبن جا ٻه
وڏا گروهه بنجي ويا، جيڪي هڪ ٻئي تي اخبارن ۽
رسالن ذريعي خوب حملا ڪندا رهندا هئا. اسان پڙهندا
هئاسون ۽ لڄي ٿيندا هئاسون ته هي ماڻهو ڏوس جن کي
اسين هيتري عزت ڏيون ٿا، سي هڪ ٻئي سان ڪهڙيون ٿا
تعديون ڪن. پر ڌٺوسين ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪنهن به
مباحثي ۾ حصو ڪونه ورتو. ڪن ماڻهن خود ڊاڪٽر صاحب
تي ڇوهه ڇنڊيا؛ سندن ڪتابن تي الله ڪارڻ تنقيدون
ڪيائون؛ سندن لوڪ ادب جي ڪتابن خلاف پروپيگنڊا
هلايائون؛سندن ڊڪشنريءَ کي ويهه سال روڪي ڇڏيائون،
۽ مٿانئس پنهنجا نالا شد ۽ مد سان لکرائي ڇپرائي
ڇڏيائون ته هنن ماڻهن انهيءَ لغات تي نظرثاني ڪئي
آهي؛ حالانڪه ڪا به نظرثاني ڪانه ڪئي هئائون، پر
ڊاڪٽر صاحب جن نڪي ٻين جي خلاف، نڪي پنهنجي بچاءَ
۾ ڪڏهن ڪجهه لکيو، بقول شاهه صاحب جي ”جو وڙ جن
کي، سو وڙ سي ئي ڪن.“ انهيءَ ڪري ٻيا عالم جڏهن
اسان پڙهندڙن جي نظرن ۾ اخلاق ۽ بردباريءَ جي
اوچائيءَ تان ڪري ناپاس ٿي ويا، تڏهن ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جن جي عظمت جو ڳاٽ اوچو رهيو. گهٽ ۾ گهٽ اسان
کي ائين نظر آيو. سندن انڪساريءَ جو اهو عالم جو،
مون کي چيائون ته ”محمد عمر؛ آءٌ تو وانگي هوشيار
ڪو نه هئس، پر مون محنت ڪئي.“ مون کي منهنجي
هوشياريءَ جي ته خبر آهي، پر سندن هوشياريءَ ۽
دانائيءَ جي ثبوت جي ڪا ضرورت ڪانهي. البت ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جن جي مسلسل محنت جو سليقو ڪنهن ورلي
ماڻهوءَ کي هٿ ايندو!
هڪ
ڀيري مون کي چيائون ته جيڪو ماڻهو پنهنجو ڪم منظم
نه ڪندو، ”آرگنائيز“ نه ڪندو، تنهن کي هميشه وقت
نه هئڻ جي شڪايت رهندي، وٽس ڪنهن به ڪم ڪرڻ جو وقت
ڪونه هوندو. پر جيڪڏهن هو پنهنجو وقت منظم ڪندو ته
گهڻي ڪم ڪار کان پوءِ به وٽس فراغت جو وقت هوندو،
جنهن ۾ هو تفريح ڪري سگهي ۽ پنهنجا ذاتي ڪم پڄائي
۽ نباهي سگهي. جيڪڏهن ماڻهو منظم آهي ته هر ڪم
لاءِ وقت ملي ٿو، پر جيڪڏهن منظم ناهي ته کيس ننڍي
نڪي وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ ملي سگهندو.،
ڳالهين ڳالهين ۾ هڪ دفعي چيائون ته ڪي ماڻهو چوڻ
لڳا ته ڊاڪٽر بلوچ ڪنهن کي به پي. ايڇ. ڊي نٿو
ڏئي، پر پاڻ سڀ کان اڳ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ايم. اي
جي ڊگري ۽ پي. ايڇ. ڊي لاءِ انتظام ڪيائون ۽ داخلا
ڏنائون. ڪن سان محنت ڪيائون ۽ ڏنل موضوعن جا باب
سمجهايائون ۽ حوالن وارن ڪتابن جو ڏس ڏنائون، پر
نه ڪجهه لکي کڻي آڻي ڏيکارينِ ۽ نه ڪو صلاح مشورو
ڪن، پر ميار ڊاڪٽر بلوچ تي! ڪن ويچارن کي ڪن
مخالفن برغلايو ته اوهان ڇو ٿا ڪم ڪريو، اوهان کي
ڊگري ڪانه ملندي، افسوس جو ويچارا رهجي ويا! ڊاڪٽر
صاحب اهي ڳالهيون ديڳ ورهائجڻ جي زماني کان اڳ جون
ڪيون، پر هاڻي آءٌ پنهنجي طرفان ٿو اها ڳالهه چوان
ته پوءِ اسان ۽ اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته جڏهن
ديڳ ورهائجڻ لڳي ته شاگردن جي پاران استادن پاڻ
ويهي ٿيسز لکيون؛ اصل ڪتابي ذريعن کي ڇڏي، هڪ ٻئي
جي ڪتابن جا حوالا ڏئي تحقيقون ڪيون ويون، ۽
اهڙيءَ طرح ڳاڻاٽي کان وڌيڪ پي. ايڇ. ڊي پيدا ٿيا.
ايمانداريءَ سان ڏسجي ته انهن مان ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ئي
انهيءَ معيار جي هوندي، جو چئي سگهجي ته برابر هن
ٿيسز تي پي. ايڇ. ڊي ملڻ کپي.
ڊاڪٽر صاحب جن جي علم جي ڪٿَ اسان جهڙو ڪو نا بلد
۽ ناوارد ڇا ڪندو! علم جي هر شاخ ۾ جهڙيءَ طرح پاڻ
پتوڙيو اٿن، تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته تعليم کان
سواءِ تاريخ، جاگرافيءَ، علم لسان، آثار قديمہ،
لوڪ ادب، موسيقيءَ ۾ لکيو اٿن ۽ ڪنهن به ڳالهه کي
ڇڏيو نه اٿن. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جي منتظمين
طرفان کين آڇ ٿي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان بابت مقالا
لکيائون. اهڙيءَ طرح انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام
طرفان کين آڇ ٿي ۽ مقالا لکيائون. ايترو ڪجهه
پڙهيو ۽ ڏٺو اٿن، جو ڀانئجي ٿو ته ڄڻ هر ڳالهه هن
جي کين خبر آهي. مثلاً ٺٽو هجي يا مڪلي، اُچ هجي
يا ملتان، ڊاڪٽر صاحب کي اتي جي پراڻن آثارن جي
سِر سِر جو پتو آهي. ٿلهي ليکي چئجي ته جيڪڏهن
ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙي هنڌان سِر کڻي ٻئي هنڌ رکي
هوندي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان ڳجهي نه هوندي.
سير، شڪار، لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت سهيڙڻ جي سلسلي
واريون مسافريون، ڊاڪٽر صاحب کي اهڙن اهڙن هنڌن تي
وٺي ويون آهن، جو اهڙو ڪو ورلي ماڻهو هوندو، جنهن
اهي سڀ جايون ڏٺيون هونديون. پاڻ گذريل پنجاهه
سالن کان سنڌ جي لوڪ ادب توڙي ٻي ثقافت سهيڙڻ ۾
مشغول رهيا آهن. لوڪ ادب جي هر صنف تي پاڻ جيڪي
مهاڳ لکيا اٿن، انهن ۾ انهيءَ صنف جي تاريخ ۽ ان
جي گهاڙيٽي ۽ ان جي افاديت تي تمام تفصيل سان علمي
بحث ڪيا اٿن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ کانئن اڳ ڪنهن نه
ڪيا، نڪي ڪنهن جي وس جي ڳالهه آهي، نه کانئن پوءِ
ڪو ٻيو ڪري سگهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب آڳاٽي دور کان وٺي هن وقت تائين
سنڌ جي وڏن شاعرن ۽ عالمن جي ڪتابن کي غير معروفيت
جي اونداهين مان ڪڍي، شهرت جي روشنين ۾ آندو آهي.
لطف الله قادريءَ جو ڪلام، شاهه عنايت رضويءَ جو
ڪلام، خليفي نبي بخش جو ڪلام، فقير محمد صديق جو
راڳنامو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، غلام محمد
خانزئيءَ جو رسالو، حمل فقير جو ڪلام، عبدالحسين
سانگيءَ جو ڪلام، فقير نواب ولي محمد لغاريءَ جو
ڪلام، دائري وارن جي سنڌي. انهن سڀني ڪتابن کي
ڳولي هٿ ڪري ڇاپڻ به هڪ وڏو ڪارنامو آهي، پر ڪمال
اهو آهي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهن ڪتابن جي مهاڳن ۽
مقدمن ذريعي اسان کي سيکاريو ته انهن جي وقت جون
حالتون ڪهڙيون هيون، جن ۾ انهن ڪلامن جي خالقن
پرورش پاتي. انهن ماڻهن جون ذاتي زندگيون ڪهڙيون
هيون، جن مان اهڙو ڪلام اُسريو ۽ اڀريو. انهن
ڪلامن کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ جا پيمانا اسان کي
ٻڌايائين ۽ سيکاريائين، جو اسين سنڌ جي انهن وڏين
هستين ۽ سندن ڪلام کي هن زماني جي حالتن پٽاندڙ
پرکڻ جا عادي ٿياسون ۽ انهن جي ڪلام ۾ سمايل
ڪائناتي ۽ آفاقي موضوع اسان جي نظر ۾ آيا. سنڌ ۾
ٻيو ڪو به ماڻهو مون کي ڪونه ٿو سجهي، جنهن ايترن
سارن وڏن شاعرن کي متعارف ڪرايو هجي.ڳالهه ڪرڻ
سولي آهي، پر ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي!
شاهه عبداللطيف عليہ الرحمة جي ڪلام کي جهڙي نموني سالن کان
وٺي ڊاڪٽر نلوچ صاحب سهيڙي سموهي سنڌ جي پڙهندڙن
جي آڏو پيش ڪيو آهي، ان کي سمجهڻ ۽ ويڃاهڻ علم
وارن لاءِ هوندو وڏي وٿ ٿئي، پر اسان سنڌ جي ماڻهن
مان هر ڪنهن کي اهو شوق ۽ لڳاءُ ڪونهي.
پنجاهه جي ڏهاڪي کان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جيڪو ڪم شاهه
جي ثقافتي ميڙن تي ادبي محفلن رچائڻ ۽ شاهه جي
رسالن تي ڪم شروع ڪيو هئائون، سو ٻين هزار ڪمن
هوندي، نيٺ ڌڻيءَ جي مدد سان، توڪل جي ترهي تي
ويهي، رات ڏينهن هڪ ڪري، آرام ۽ ننڊ کي تياڳي، سک
۽ آرام جي خيال کي پاسيرو رکي، نيٺ وڃي گذريل
صديءَ جي آخري سال (1999ع) ۾ پورو ڪيائون، ۽ سک جو
ساهه کنيائون. فضلاً من ربڪ ذالڪ هو الفوز العظيم.
’اهو ڪم تنهنجي رب جي ڀلاين ۽ فضل سان ٿيو. اها
وڏي ڪاميابي آهي.‘ (الدخان-44:آية57)
جيڪڏهن غور سان ڏسجي ۽ توجهه ڪجي ته جيئن هڪڙو
معمار (تعميرات ٺاهڻ وارو) پهريائين فڪر ڪندو ته
ڪٿي عمارت ٺاهجي، زمين ڪهڙي هجي، ڪهڙو سامان
کپندو، ڪهڙا اوزار کپندا، ڪٿي ۽ ڪيئن بنياد رکبو،
ڀتيون ۽ ڇت، دريون ۽ دروازا ڪٿي، ڪيئن ۽ ڪهڙي قسم
جا لڳندا، پوءِ ڪهڙا معمار ۽ ڪهڙا ڪاريگر کپندا.
ڪيئن ڪم شروع ٿيندو ۽ ڪيئن خير سان پڄاڻيءَ تي
آڻبو. اهي سڀ منزلون معمار کي پاڻ طئي ڪرڻيون ۽
پوريون ڪرڻيون پونديون. ڏسڻ وارا عمارت کي فقط ان
وقت ڏسندا، جڏهن ڪم پورو ٿي چڪو هوندو. ڏسڻ وارن
کي رڳو ايتري دلچسپي آهي ته جڙي، تيار ٿيل عمارت
کي ڏسن. جي عمارت دل کي وڻينِ ته واه واه چوندا،
نه ته عمارت مان وِڏون ڪڍي روانا ٿي ويندا، پر
عمارت جو ٺهڻ ڪهڙين منزلن مان گذريو ۽ معمار کي
ڪهڙيون تڪليفون پيش آيون، انهن کان ڏسندڙ گهڻو ڪري
نه رڳو بيخبر هوندو آهي، پر ان بابت وڌيڪ ڄاڻڻ جي
پرواهه به نه ڪندا آهن ته ڪيئن اها ٺهي. هند ۾ تاج
محل جهڙي عظيم عمارت جي معمار کي ڏسجي ۽ سنڌ ۾
ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه جي رسالي کي سموهڻ جي هُنر کي
ڏسجي ته ٻنهي جي ڪمن جي طريقن ۾ هڪڙو وڏو فرق ڏسڻ
۾ ايندو. تاج محل جي معمار، تاج محل جي تعمير مڪمل
ڪرڻ کان اڳ پنهنجا سامان، اوزار ۽ نقشا (بلو
پرنٽس) عوام جي سامهون ڪونه رکيا. عوام جي آڏو رڳو
ٺاهيل عمارت سامهون آئي. هاڻي هن زماني جا معمار
ويچار ويٺا ڪن ته اها عمارت ڪيئن ٺهي. گهڻا چوندڙ
چون ٿا ته معمار ته پنهنجي راز پاڻ سان کڻي ويو.
تاج محل جي ان معمار جي برعڪس (ابتڙ) ڊاڪٽر بلوچ
پنهنجي شاهه جي رسالي کي مڪمل متن جي حيثيت ۾ ٺاهڻ
کان اڳ اُن ۾ جيڪو مواد استعمال ٿيڻ وارو هو، ۽ ان
کي سهيڙڻ جا اصول، پڙهندڙن ۽ محققن جي آڏو پنجاهه
سالن کان سامهون رکندو آيو. ڄڻ ته معمار چوندو
هجي، ”هي مواد، هي ٺاهڻ جو طريقو اٿو. همت ڪريو،
وارو ڪريو، هجيوَ همت ته عمارت اڏيو. هي قلمي نسخا
اٿو، هي ڇپيل نسخا اٿو، هي تحقيق ۽ تنقيد ۽ تنظيم
جا طريقا اٿو. همت ڪريو، شاهه جي ڪلام جو هڪڙو
صحيح متن، مختلف پڙهڻين ۽ سمجهاڻين سان ٺاهيو.
هيترا ادارا اٿو، هيترا پروفيسر، ليڪچرر، شاگرد
اٿو، ڪجهه ڪري ڏيکاريو.“ تاج محل جي معمار پنهنجي
سامان ۽ اوزارن کي عوام جي آڏو نه رکيو، پر نڪي
هند ۾ ٻئي ڪنهن ۾ همت هئي، جو تاج محل جهڙي ٻي ڪا
عمارت ٺاهي، نڪي سنڌ جي ٻين محققن ۽ اديبن ۽ ادارن
۾ همت هئي، جو شاهه جو رسالو اهڙيءَ طرح مڪمل ڪري
سگهي. هتي ويڃاهڻ، سمجهائڻ ۽ ٺاهڻ وارا ٿورا،
وڃائڻ وارا، ضايع ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ وارا گهڻا.
اين
سعادت بزورِ بازو نيست
تانه
بخشند خدائـﻶ بخشنده.
’ماڻهو پنهنجي ٻانهن جي ٻر يا ڀراءَ تي، اهڙي ڪم
ڪرڻ جي سعادت حاصل نٿو ڪري سگهي، جيستائين سعادت
بخشيندڙ ڌڻي اهڙي سعادت نه بخشي.‘
سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اول ته سالن کان
شاهه عبداللطيف رحمة الله عليه جي ڪلام جا مختلف
ڇپيل ۽ قلمي نسخا گڏ ڪيا ۽ انهن کي ڇپائي سڀني
پڙهندڙن ۽ محققن جي آڏو پيش ڪيو. لنڊن مان، تهران
مان، بمبئيءَ مان، ڪڇ مان ۽ سنڌ جي ٻين ڏورانهن ۽
اوڏڙن علائقن مان شاهه جي ڪلام جا قلمي نسخا هٿ
ڪري، ڇپائي پڌرا ڪيا ته جيئن رسالي جو بنيادي مواد
پڙهندڙن ۽ محققن جي هٿن ۾ اچي ۽ جيئن اتان کان اڳي
وڌڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جو رستو کلي پوي. ان کان پوءِ اڳي
جي ڇپيل نسخن ۽ بعد جي ڇپيل ۽ قلمي نسخن جي مواد
کي، انهن جي پڙهڻين کي ڀيٽي ڏهن جلدن ۾ پاڻ هڪڙو
جامع ۽ مستند نسخو تيار ڪيو اٿن، جيڪو ڏهن سالن جي
عرصي ۾ پنهنجي ذاتي محنت سان، پنهنجو پاڻ پتوڙي،
سنڌ جي ٻين ناميارن ادارن جي مدد کان سواءِ ڇپرايو
اٿن. هي اهڙو ڪم هو جو سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ الاجي
يا سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جهڙا ادارا ڇپين ها ته
کين سونهي ها، پر جتي نفسا نفسيءَ جو عالم هجي،
اتي اهو ڏکيو ٿيندو ته ماڻهو ذاتي رنجشون ۽ سياستن
کان مٿي اڀري، ڪو ڪم قومي مفاد جي لاءِ ڪري سگهي.
سنڌ جو حال ته هونئن ئي دگر گون (ٻئي قسم جو)، پر
پاڪستان جي قومي ادارن جو به اهو ئي حال آهي، جتي
ماڻهن کي قوم جي فائدن کان ذاتي مفاد وڌيڪ پيارا
ٿا لڳن.
هن
رسالي جو پهريون جلد1989ع ۾ ڇپرايائون ۽ مختلف
ترتيب سان مختلف جلد ڇپندا رهيا، تان جو آخري
جلد1999ع ۾ ڇپجي دنيا جي سامهون آيو. هيءُ اهڙو ڪم
هو، جيڪو سرڪاري ۽ ٻين ادارن سان منسلڪ رهي، وطن
(حيدرآباد ۽ آس پاس) کان ٻاهر ڪنهن هنڌ ويهي نه
ڪري سگهجي ها. جيئن پاڻ چيائون ’اها ڏهن سالن جي
فرصت ڌڻيءَ جي طرفان ڳجهي غنيمت
Blessing in disguise
ثابت ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل ۽ سهيڙيل رسالي جي هزار
خوبين مان رڳو هڪڙي خوبيءَ جو ذڪر ڪجي ته هن رسالي
۾ نه رڳو شاهه جو ڪلام ٻين شاعرن جي ڪلام کان
ڪيترن مستند دليلن ۽ ثبوتن (اهڃاڻن ۽ تاڻن) سان
ڌار ڪيو ويو آهي، پر ان ڪلام کي سنڌ جي شاعريءَ جو
هڪ بي بها ورثو سمجهي محفوظ به ڪيو ويو آهي.
اڳين
محققن جي ڪم جو طريقو اهو هو ته شاهه جي رسالي جي
ڪلام جي ويچار ڪري، جيڪو ڪلام کين”ڌاريون“ ڏسڻ ۾
ايندو هو، تنهن کي رسالي مان ڪڍي ڇڏيندا هئا ۽ نجُ
شاهه جو ڪلام ڇپائي پڌري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
اهو خيال سٺو هو ته جيڪو ڪلام شاهه جو ناهي، تنهن
کي شاهه جو ڪلام ڪري نه لکجي. ان جو فائدو اهو
ٿيندو هو، جو شاهه جو ڪلام ڌارئين ڪلام کان گهڻي
قدر پاڪ ٿي ويندو هو ۽ پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ
تقريباً صحيح ڪلام ملندو هو. پر انهيءَ پاڪيزگيءَ
يا پاڪائيءَ جي ويچار ۾ نقصان اهو ٿيندو هو، جو
سنڌ سونهاريءَ جي انهن سگهڙن ۽ شاعرن جو اهو ڪلام
محققن جي قلم کي تکي ڪرڻ واري چاڪوءَ جي وَرِ چڙهي
ضايع ٿي ويندو هو ۽ انهن شاعرن ۽ سگهڙن جا نالا به
ضايع ٿي ويندا هئا ۽ ايندڙ وقت جا محقق انهن شاعرن
۽ سگهڙن کي نه سڃاڻي نظر انداز ڪري ڇڏيندا هئا. ان
ڪم کي چڱي يا خير جو ڪم ڪري ڀائيندا هئا- جيئن
ڪنهن کي غلاظت کان پاڪ ڪجي. پر اهو ڪم غلاظت ڪونه
هو. اهو ڪلام اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو حصو هو ۽ ان
کي شايع ڪري ڇڏڻ وڏي نقصان جو ڪم هو؛ پر اسان جا
محقق ان نقصان کي نقصان ڪري نه سمجهندا هئا.
انهيءَ ڌارئين ڪلام جي اهميت جو اندازو انهيءَ
ڳالهه مان لڳائجي ته شاهه عبداللطيف جي زماني جي
ويجڙائپ وارن ڪاتبن جڏهن شاهه جو ڪلام پئي لکيو ته
ٻين شاعرن جو ڪلام اهڙو سٺو ٿي لڳن، جو ان کي شاهه
جي ڪلام سان گڏ لکي ٿي ڇڏيائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
شروع کان اهو طريقو استعمال ڪيو ته شاهه عنايت جو
ڪلام سهيڙڻ وقت يا خليفي نبي بخش جو ڪلام سهيڙڻ
وقت اهو طريقو استعمال ٿي ڪيائون ته جيڪو ڪلام کين
ڌاريون ٿي معلوم ٿيو، تنهن کي اصولن پٽاندڙ ڌار
ڪري، انهنيءَ ڪتاب ۾ اتي ئي حاشيءَ ۾ رکي ٿي ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح ڪتاب واري شاعر جو ڪلام به پڌرو ٿي ٿيو
۽ جنهن ڪلام کي ڌاريون ٿي چيائون، اهو به محفوظ ٿي
ٿي ويو. هاڻ هن وقت شاهه جي رسالي ۾ شاهه جو ڪلام
ستن جلدن ۾ مختلف پڙهڻين ۽ سمجهاڻين سان ڏنو ويو
آهي، جيڪو شاهه جو ناهي، پر شاهه جي ڪلام کي ٻين
ڪلامن کان ڌار ڪرڻ جا اصول ٺاهيا ويا آهن، ته جيئن
آئيندي تحقيق ڪرڻ وارا پاڻ شاهه جي ڪلام جي پرک
ڪري سگهن. ٻن جلدن جي هڪڙ: گڏيل ڪتاب ۾ وڙي شاهه
جي ڪلام جو صحيح متن رکيو ويو آهي ته جيئن عام
پڙهڻ لاءِ هڪجڙي جلد ۾ سڄو شاهه جو ڪلام مهيا ڪيل
هجي ته جيئن عام پڙهندڙ سولائيءَ سان پڙهي سگهي.
شاهه
جي رسالي جا جلد، وقت جي لحاظ کان، ڪي اڳ ته ڪي
پوءِ ڇپيا، پر سندن ترتيب هينئن وڃي بيٺي:
1-
پهريون جلد، (جنهن ۾ سر ڪلياڻ ۽ سر يمن ڪلياڻ شامل
هئا) 1989ع ۾ ڇپيو.
2-
ٻيو جلد، (جنهن ۾ سر کنڀات، سر بروو، سر سري راڳ ۽
سر ڪاپائتي شامل هئا) 1992ع ۾ ڇپيو.
3-
ٽيون جلد (جنهن ۾ سر گهاتو، سر کاهوڙي، سر
ڪاپائتي، سر بلاول، سر پرڀاتي، سر ڪارايل ۽ سر ڏهر
شامل هئا) 1994ع ۾ ڇپيو.
4-
چوٿون جلد (جنهن ۾ سسئيءَ جا پنج سر، آبري،
معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني شامل هئا) 1997ع ۾
ڇپيو.
5-
پنجون جلد (جنهن ۾ سر راڻو، سر ليلان، سر ڪاموڏ،
نوريءَ ۽ ڄام تماچيءَ جي ڪهاڻيءَ تي ٻڌل سُر)
1997ع ۾ ڇپيو.
6-
ڇهون جلد (جنهن ۾ سر رپ، سر پورب، سر رامڪلي ۽ سر
آسا شامل هئا) 1996ع ۾ ڇپيو.
7-
ستون جلد (جنهن ۾ سر مارئي، سر سهڻي ۽ سر سارنگ
شامل هئا) 1998ع ۾ ڇپيو.
8-9- اٺون ۽ نائون جلد، گڏي هڪ واليوم ۾ رکيا ويا،
ان ۾ شاه جي رسالي جو صحيح متن ڏکين لفظن جي معنى
سان 1999ع ۾ ڇپيو.
10-
ڏهون جلد، ”شاهه جو رسالو، رسالي جو ڪلام“ جي
بامعنى نالي سان هڪڙي جلد ۾ رکيو ويو، جيڪو بظاهر
۽ اختيار ڪيل اصولن پٽاندڙ شاهه جو ڪلام نه هو.
چئجي ته ڌاريون ڪلام هو، تنهن کي سنڌي شاعريءَ جي
ورثي جو هڪ بي بها حصو سمجهي، هڪڙي الڳ جلد ۾
محفوظ ڪيو ويو. جيڪو 1996ع ۾ ڇپيو.
محمد حسين ڪاشف صاحب کي جس هجي،جنهن اها سڄي ڳالهه پيرائتي
’نئين زندگيءَ‘ جي ڊسمبر 2000ع واري شماري ۾ ڪئي
آهي.
شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي سموهڻ، سهيڙڻ ۽ ان
جي تشريح ڪرڻ جو اهو سڄو ڪارنامو اهڙو آهي، جنهن
متعلق مبالغي جي ڊپ کان سواءِ ائين چئي سگهجي ٿو
ته جيڪڏهن هڪ پورو ادارو هجي ها، جنهن ۾ هڪ سؤ
عالم گڏجي ويهي ڪم ڪن ها ته به اهڙو ڪم اُڄهي نه
سگهي ها، جهڙو هڪڙي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳينءَ ڊڪشنري
آفيس ۾ پنهنجي جهوني ساٿيءَ شيخ محمد اسماعيل ۽ هڪ
ٻن ٻين ساٿين سان گڏجي ويهي سرانجام ڏنو آهي.
دل
ٿي چوي ته هوند ڪو اهڙو مڙس ماڻهو هجي، جيڪو ڪن
اهڙن ماڻهن کان هوند پڇي ته اوهان جيڪو ڪم ٿئي
پيو، چاهي ٿورو ڪي گهڻو، تنهن کي ننديندي ٿڪجو نه
ٿا، پر ڪڏهن پنهنجي خالي جهوليءَ ڏانهن به نظر ڪري
ٻڌايو ته ڊاڪٽر بلوچ تي تنقيد ڪرڻ کان سواءِ لوڪ
ادب اسڪيم بند ڪرائڻ تي زور ڏيڻ کان سواءِ،
ڊڪشنريءَ جي ڪم کي روڪائڻ کان سواءِ، ادارن بند
ڪرائڻ کان سواءِ، اوهان هن قوم کي ٻيو ڇا ڏنو آهي؟
اوهان جا ڪهڙا ڪارناما آهن، جيڪي سڀاڻي ماڻهو ياد
ڪندا؟
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ڪارناما اهڙا آهن، جن تي سنڌ
فخر ڪري سگهي ٿي. اسان جي نظر ۾ ڀلان ڀليءَ جو هتي
في الحال ڇيهه ٿي ويو آهي. سج کاري هيٺ ڪونه
لڪندو. مولانا روميءَ جي چوڻ موجب سج جو نڪرڻ ئي
سج جو دليل آهي. سج هئڻ جي سچائيءَ کي ٻئي ڪنهن
دليل جي ضرورت ڪانهي. اقبال جي شعر جي لفظن کي ڀڃي
گهڙي کڻي ائين چئجي ته هزارين سال ڳندا، جو سنڌ جي
ڪُک مان وري ڪو اهڙو ٻيو ديده ور پيدا ٿيندو. عالم
ته گهڻائي سڏائيندا، پر ڊاڪٽر بلوچ جهڙو عالم
ڳوليو ڪونه لڀندو. |