هڪڙو ماڻهو موتيءَ
داڻو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو هڪ مثالي انسان آهي، سندس تعليمي
۽ علمي خدمتن جو ڪاٿو لڳائڻ مون جهڙي هڪ معمولي
ڄاڻ رکندڙ شخص لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي. مون هڪ وقت
فلمي دنيا ۾ فلمساز طور ڪم ڪيو هو ۽ فنون لطيفه
سان وڏو شغف رهيو هئم؛ پر جڏهن 1975ع ۾ سنڌ حڪومت
جي روينيو محڪمي ۾ ملازمت اختيار ڪيم ته اتي جو
ماحول هڪ بنهه نرالو ۽ مختلف محسوس ڪيم. مون کي
اسسٽنٽ ڪمشنر (مختيار ڪار)، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس.
ڊي. ايم جي انتظامي پوسٽن تي سنڌ جي مختلف ضلعن،
سب ڊويزنن ۽ تعلقن اندر، سنڌ جي ناميارن، برجستن ۽
سنڌ دوست آفيسرن: محمد هاشم ميمڻ (مرحوم)، تاج
محمد قريشي (مرحوم)، عبدالله. ڊي بلوچ (مرحوم)،
محترم عبدالله . جي ميمڻ، محترم اشفاق ميمڻ، محترم
ڪي. بي رند، محترم سڀاڳي خان جتوئي، ڊاڪٽر
عبدالغفار سومري، محترم نثار احمد صديقي، محترم
محمد هارون ميمڻ ۽ محترم عبدالقادر منگيءَ سان گڏ
ڪم ڪرڻ سان وڏي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ ان ماحول ۾ رهي
ڪيترا مشاهدا ۽ تجربا حاصل ٿيا. مون مسڪين ۽ غريب
ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين جا دل ڏکوئيندڙ منظر ڏٺا؛
مون هيڻي انسانيت سان ڏاڍن جا ڏاڍ ڏٺا؛ مون ڏٺو ته
ڪيئن هڪ هاريءَ ۽ پورهيت جي پورهئي تي ڌاڙا لڳن
ٿا؛ ڪيئن مجبور جوانيون پنڻ ۽ ڪسب جي واٽن تي
تباهه ٿي رهيون آهن؛ ڪيئن برساتن، باهين، تيز
طوفانن ۽ ٻوڏن ۾ غريبن جا ڪکاوان گهر ۽ فصل تباهه
ٿين ٿا؛ ڪيئن محلن اندر محرومين جا داستان جنم وٺن
ٿا؛ ڪيئن غريبن جا ٻارڙا پيرين اگهاڙي اسڪول وڃن
ٿا؛ ڪيئن مائرون ۽ ڀينرون ڪاريون ٿي ڪُسن ٿيون؛ ۽
ڪيئن انصاف جي اڏيءَ تي انسانيت کي قتل ڪيو وڃي
ٿو۔
آءٌ اوڙي پاڙي ۽ هر گهر جو خير گهرندڙ، محبت ڪندڙ
۽ انسانيت جو احساس رکندڙ هڪ ماءُ جو فرزند رهيو
آهيان، جنهن مون کي ٿڃ ۾ حلال جي سُتي ڏني ۽ محنت
۽ ايمانداريءَ جو سبق ڏنو؛ نتيجي طور امڙ جي دعائن
مون کي هر موقعي ۽ هر ميدان تي برين عادتن، ڏاڍاين
۽ ڪامورڪين ڪُڌاين کان ڪافي حد تائين پري رکيو.
منهنجي روح ۽ دل هڪ اهڙيءَ واٽ ڳولي لڌي ۽ هڪ اهڙو
رستو پاتو، جنهن ۾ مون پاڻ کي عوام سان، عام ماڻهن
۽ سندن همدردن سان لاڳاپي ۾ رکيو. آءٌ جنهن به
ضلعي، سب ڊويزن يا تعلقي ۾ آفيسر رهيو آهيان، ڪوشش
ڪري مون ڪجهه اهڙا ڪم پئي ڪيا آهن، جن سان مون کي
روحاني راحت ۽ دلي سڪون حاصل ٿيو آهي. مون مختلف
هنڌن تي زرعي ۽ هاري سيمينار ڪوٺائي، تعلقي جي ڀلن
هارين کي ڏاندن جا جوڙا، زرعي اوزار ۽ ڏاند گاڏيون
وٺائي ڏنيون. مون اهڙن سيمينارن م زرعي
يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، زرعي کاتي سان
لاڳاپيل عملدارن ۽ زرعي ماهرن کي گهرائي، هارين ۽
آبادگارن کي ڪارائتي ڄاڻ ڏيارائي؛ تعليمي سيمينار
ڪوٺائي، ضلعي اندر پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين
نمايان پوزيشون حاصل ڪندڙ غريبن جي ٻارن (ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين) کي سائيڪلون، ڪپڙي جون مشينون ۽ ٻيا انعام
ڏنا ۽ سُٺن استادن ۽ هوشيار شاگردن جي پيئرن کي
پڳون ٻڌرايون؛ پيرين اگهاڙن ۽ لباس کان محروم غريب
شاگردن کي اسڪول جون ڊريسون ۽ ڪتاب وٺرائي ڏنا؛
سنڌ جي تعليمي ماهرن، وائيس چانسلرن ۽ تعليم کاتي
جي وزير کي پَٽيون، سليٽون، ڪلڪون، مس ڪُپڙيون ۽
قَلم ڏيارائي، کين ننڍپڻ جو زمانو ياد ڏيَاريو-- ۽
اهڙيءَ طرح سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جو بنياد وڌم، ۽
ان پليٽفارم تان آئون روحاني راحت ۽ دلي سڪون جي
حاصلات لاءِ مختلف اديبن، شاعرن، ريڊيو ۽ ٽي وي
فنڪارن، فلمي اداڪارن، هنرمندن، ملهه پهلوانن ۽
سُگهڙن کي ايوارڊ، شيلڊون ۽ گولڊ ميڊل ڏيندو رهيو
آهيان؛ اهڙن ايوارڊن ۾ سهڻي ميهار ايوارڊ ۽ مارئي
ايوارڊ خاص اهميت رکن ٿا.
مون ڏٺو آهي ته اسان جي سونهاري سنڌ ماڻڪ موتين
جهڙن ماڻهن جو ملڪ آهي ۽ هتي ڪيترائي اهڙا ماڻڪ
موتي موجود آهن؛ جن جو زندگيءَ ۾ ڪو به قدر نه ٿيو
آهي. مون بنا ڪنهن سفارش ۽ ذاتي واسطن جي پنهنجيءَ
دل جي ڏس تي هلي، سنڌ جي وڏي عالم ۽ اسڪالر سائين
علامه غلام مصطفى قاسميءَ، دلبر دوست، مشهور براڊ
ڪاسٽر، اديب ۽ شاعر عنايت بلوچ، فلمي دنيا جي وڏي
شخصيت مصطفى قريشيءَ، سندس ونيءَ ۽ سنڌ جي اعلى
فنڪار سانئڻ روبينه قريشيءَ، صالح محمد شاهه (فتح
خان) جي مان ۾ رهاڻيون رچائي کين سونا تاج
پارايا؛ جناب امر جليل ۽ امداد حسينيءَ کي گولڊ
ميڊل ڏنا ۽ پڳون پارايون؛ نامياري شاعر سحر امداد،
سنڌ جي پهرين مسلمان تعليمي ماهر عائشه شيخ، دادي
ليلاوتي هرچنداڻي، جيجي زرينا بلوچ ۽ آپا رضيه
پناهه علي شاهه کي شيلڊون، چادرون ۽ گولڊ ميڊل
ڏنا.
اهي سڀ پروگرام ۽ محفلون پنهنجيءَ جاءِ تي، ليڪن
هڪ ڏينهن منهنجي اندر ۾ هڪ خواهش اڀري ته سنڌ ۾ هڪ
اهڙو مثالي انسان ۽ عالم به موجود آهي، جيڪو ”هڪڙو
رانجهو لکا دا مٽ“ آهي، ۽ جنهن جي علمي ۽ قلمي
خدمت ته عالم آشڪار آهي، پر ان کي اسان سنڌ وارن
گهربل عزت ۽ مان نه ڏنو اهي. ائين نه آهي ته سنڌ
وارن ان شخصيت جي علمي ۽ ادبي مرتبي کان ڪو انڪار
ڪيو آهي، پر مون محسوس ڪيو ته ان شخص، جيترو ڪجهه
اسان سنڌ وارن کي ڏنو آهي، ان جي تِر جيترو به
اسان کيس مانُ نه ڏنو آهي ۽ نه ئي سندس ڪا اعلى
پائي جي قدرداني ڪئي آهي.
ان موتيءَ داني جهڙي يڪتا شخص ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سان شاندار رهاڻ رچائڻ جو ارادو ۽ عزم دل ۾
کڻي، هڪ ڏينهن سندس خدمت ۾ پهتس. منهنجيءَ حيرت جي
حد نه رهي، جو مون هن علم جي سج ۽ عالمن جي اڳواڻ
وٽ جيڪا نهٺائي، نوڙت، انڪساري ۽ بلند اخلاقي ڏٺي؛
۽ وٽس وڏيءَ ڄاڻ جو ڀنڊار هوندي به جيڪو طالب
علميءَ وارو اظهار ڏٺو، ان منهنجي من ۾ سندس لاءِ
اڃا به وڌيڪ پيار ۽ اڃا به وڌيڪ احترام پيدا ڪري
وڌو. وڏين منٿن کان پوءِ سائين بلوچ صاحب منهنجو
عرض اگهايو، پر چيائون ته دوستن کي چئجو ته مون تي
رڳو قصيدا نه پڙهن، پر مون جيڪو ٿورو گهڻو علمي
پورهيو ڪيو آهي، ان تي ڳالهائين ۽ ٻين کي ٻڌائين
ته ماڻهو محنت ڪرڻ سان پنهنجيءَ قوم ۽ پنهنجي ديس
سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي ٿو.
ان ڏس ۾ مون جڏهن پنهنجي دوست تاج جويي سان مشورو
ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي رهاڻ لاءِ ڪجهه اديب
دوستن جا نالا تجويز ڪري، کانئن مقالا لکائجن، ته
هن مون کي چيو ته عام طرح رهاڻيون ڪجهه وقت کان
پوءِ وسريو وڃن ۽ ليکڪن جا مقالا ڪن رسالن يا
اخبارن ۾ ڇپيا نه ڇپئي جهڙا، سندن سڄي محنت ضايع
ٿيو وڃي؛ ان ڪري ڇو نه ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ قلمي
پورهيي تي عالمن ۽ اديبن کان مقالا لکائي، ڪتابي
صورت ۾ ڇپائي، ادبي رهاڻ جي موقعي تي ڊاڪٽر صاحب
کي تحفي طور هڪ خوبصورت ڪتاب پيس ڪجي. اها ڳالهه
مون لاءِ بلڪل نئين هئي، آءٌ ادب جو شاگرد نه رهيو
آهيان ۽ نه ئي ڇپائيءَ جي گورک ڌنڌي کان واقف هئس؛
پر تاج جويي صاحب منهنجو اهو مسئلو حل ڪري ورتو ۽
چيائين ته ”اهو سمورو ڪم آءٌ دليان جانيان ڪندس ۽
مون کي اهو ڪم ڪندي روحاني خوشي ٿيندي.“ ائين
منهنجي دوست تاج جويي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جو
سهڪاري ڪنوينر ٿيڻ قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي صلاح مشوري سان ڪجهه سنڌ ۽ سنڌ کان
ٻاهر جي اديبن ۽ عالمن کي محترم تاج جويي خط لکي
کانئن مقالا لکايا ۽ ڪجهه اڳ ڇپيل اڻلڀ ۽ معياري
مضمون ۽ تاثر هٿ ڪري، منهنجي دوست تاج جويي.
”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مثالي عالم“ عنوان سان هي ڪتاب
ترتيب ڏنو آهي. ان کان سواءِ تاج صاحب، ڊاڪٽر صاحب
جي زندگيءَ، قلمي ۽ علمي پورهئي بابت وس آهر وڏو
مواد هٿ ڪري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي، جنهن لاءِ
آئون سندس بيحد ٿورائتو آهيان.
وڏا وڙَ سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا، جنهن
پنهنجي گوناگون مصروفيتن مان وقت ڪڍي، هن ڪتاب تي
هڪ نظر وڌي. محترم تاج جويي وقت به وقت ساڻن مشورا
ڪري، هن ڪتاب کي سهڻي ۽ جامع بنائن جي هر ممڪن
ڪوشش ڪئي، ان جا چار چار پروف ڏٺا ۽ سيٽنگ ڪئي.
هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سان منهنجي وڏي عقيدت آهي، ان ڪري مون پنهنجن هنن
مختصر روڙيل رنڊن کي ”هڪڙو ماڻهو موتيءَ داڻو“ جو
عنوان ڏنو آهي، ڇو ته ان کان وڌيڪ مناسب ۽ موزون
ٻيو عنوان مون کي ڪو به نه سُجهيو.
منهنجيءَ نظر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو وڏو
عاشق صادق آهي. هن سنڌ جي لوڪ ادب، لغت، لطيفيات،
تاريخ، سنڌي ٻوليءَ، تعليم، تحقيق ۽ ٻين ميدانن ۾
جيڪي خدمتون ڪيون آهن ۽ سوين ڪتاب، مقالا ۽ تحقيقي
مضمون لکيا ۽ تقريرون ڪيون آهن، اهي سنڌ جي
تعليمي، تحقيقي، ادبي ۽ تهذيبي، تاريخي ۽ مذهبي
تاريخ جو اهم حصو ۽ املهه ورثو آهن. ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کان پوءِ سنڌ جو
وڏي ۾ وڏو ۽ حقيقي تعليميدان آهي. جنهن ملڪ جي
تعليم کي هڪ نئون رخ ۽ نئين جهَت عطا ڪئي آهي،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اهم علمي
۽ انتظامي عهدن تي رهيو آهي، جنهن جو ذڪر ڪتاب
اندر مختلف عالمن ۽ اديبن تفصيلن سان ڪيو آهي. هن
بي بها ۽ بي بدل عالم، ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سنڌ ۽
پاڪستان جو مختلف ميدانن ۾ جيڪو نالو ڪڍيو آهي، ان
جي مون جهڙي علم ۽ ادب جي دنيا کان دور رهندڙ شخص
کي ڪا خاص ڄاڻ نه هئي. هي پهريون ڀيرو آهي، جو نه
رڳو آءٌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي گهڻ رخي شخصيت
کان ڀليءَ ڀت واقف ٿي رهيو آهيان، پر منهنجي خيال
۾ سنڌ جا اڪثر ماڻهو پڻ سندس شخصيت کان هن حد
تائين پهريون ڀيرو آگاهه ٿيندا ۽ خاص ڪري سنڌ جو
نئون نسل هن عظيم انسان ۽ عالم جي علمي، ادبي ۽
تاريخي ڪارنامن سان گڏوگڏ سندس اعلى انتظامي
صلاحيتن کان ڀليءَ ڀت واقف ٿيندو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علمي قابليت ۽ انتظامي
صلاحيتن جا سوين مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، پر هتي
آءٌ صرف ٻه مثال پيش ڪندس جن مان سندن علمي ۽
انتظامي وڏائي ظاهر ٿئي ٿي:
(1) جڏهن محمد خان جوڻيجو صاحب پاڪستان جو
وزيراعظم بڻيو تڏهن ايوان صدر کان ٻاهر ڪنهن
اهڙيءَ جاءِ جي انتخاب لاءِ هڪ خاص ڪاميٽيءَ ۾ سوچ
ويچار ڪئي وئي، جتي 14 آگسٽ جون تقريبون ملهائجن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رٿ ڏني ته اهي تقريبون
پارليامينٽ هائوس جي سامهون وڏي شاهي رستي تي ٿيڻ
گهرجن ۽ اهو آخري فيصلو بنا ڪنهن بحث مباحثي جي
قبول ڪيو ويو. (ڏسو: انگريزي ڀاڱي ۾ پروفيسر نذير
احمد جو مضمون) اڄ تائين 14 آگسٽ جون تقريبون ان
هنڌ تي ئي ٿينديون رهن ٿيون. ان مان ڊاڪٽر صاحب جي
فيصلي ڪن ذهن ۽ انتظامي صلاحيت جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
(2) ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي ۽ ادبي تحقيق جو
تفصيل تمام وڏو آهي، پر سندس اعلى علمي تحقيق جي
معيار جو اندازو، دنيا جي مشهور عالم بيرونيءَ جي
ڪتاب ”ڪتاب الجماهر في معرفة الجواهر“ تي
انگريزيءَ ۾ لکيل مقدمي مان بخوبي لڳائي سگهجي
ٿو، جيڪو انگريزي زبان ۾ لکيل ڪنهن به عالمي معيار
جي مقدمي کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي. اهو
مثالي مقدمو انگريزي ڀاڱي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
آخر ۾ آءٌ انهن سمورن اديبن ۽ عالمن محترم نياز
همايوني، امداد حسينيءَ، محمد يوسف شيخ، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر
عبدالجبار عابد لغاريءَ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ،
عبدالرحمان مهيسر، پرواني ڀٽيءَ، محترمه سحر
امداد، عبدالرحمان پليجي، عزيز جعفراڻيءَ، حافط
حبيب سنڌيءَ، رسول بخش تميميءَ، ۽ ڊاڪٽر حبيب الله
صديقيءَ جو ٿورائتو آهيان، جن ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي تحقيقي مضمون ۽ مقالا
لکي موڪليا. خاص احسان، پروفيسر نذير احمد (اسلام
آباد)، ڊاڪٽر سليم اختر صاحب (اسلام آباد)،
پروفيسر چاند بيبي سلطانه (چيئرپرسن پاڪستان اسٽڊي
سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو) ۽ محمد عمر چنڊ جا،
جن مختصر عرصي اندر پنهنجا انگريزيءَ، اردوءَ ۽
سنڌيءَ ۾ معياري مقالا ڏياري موڪليا. محمد عمر چنڊ
صاحب برونائي (نيوزيلينڊ) مان پنهنجو مقالو رومن
سنڌيءَ ۾ فيڪس ڪري موڪليو، جنهن کي موجوده سنڌي
لپيءَ ۾ آڻڻ لاءِ سندن ڀاءُ محترم احمد چنڊ جي
اڻٿڪ محنت جي مڃتا پنهنجو فرض سمجهان ٿو. آءٌ
محترمه ڊاڪٽر حميده کهڙو، مُنيزاه شمسي، عزيز ملڪ،
سيما قريشي، پروفيسر آفاق صديقيءَ، ڊاڪٽر غلام
محمد لاکي ۽ خالد اطهر صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان،
جن جا مضمون ۽ تاثر ماهوار ’نئين زندگي‘، ٽماهي
’مهراڻ‘، ’زنده لوگ‘، روزاني ’ڊان‘ تان کنيڻهن
ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. آءٌ احسانمند آهيان
محترم امين محمد لغاريءَ جو، جنهن پڻ اهم مواد هٿ
ڪري ڏيڻ ۾ منهنجي ۽ تاج صاحب جي مدد ڪئي.
هتي ماهوار ’نئين زندگيءَ‘ جي نگران ۽ پي. آءِ. ڊي
جي ڊپٽي ڊائريڪٽر محترمه ثمينه وقار جا ٿورا مڃڻ
به فرض سمجهان ٿو، جو اسان ڪجهه مضمون ماهوار
’نئين زندگيءَ‘ مان ورتا آهن. آءٌ احسانمند آهيان،
پنهنجي پياري دوست مشتاق چنگيزيءَ جو، جنهن جو
مڪمل سهڪار ۽ مشورا مون سان هميشه شامل حال رهيا.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاءِ آءٌ اورچ ۽ محنتي ڪمپيوٽر
آپريٽر محترم اسد الله ڀٽي جو ٿورائتو آهيان، جنهن
وقت اندر سمورو مواد نهايت سهڻي انداز، سليقائيءَ
۽ مهارت سان ڪمپوز ڪري ڏنو. پارس پرنٽنگ ائنڊ
ڪمپوزنگ ايجنسيءَ جي مالڪ محترم رسول بخش سولنگيءَ
جا ته ٿورا لاهي نٿا سگهجن، جنهن ڪيترا اهم ڪم
روڪي، هن ڪتاب کي اهميت ڏني.
مون کي پڪ آهي ته ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ جو تيار
ڪرايل هيءُ تحفو (ڪتاب) سنڌ واسين کي پسند ايندو.
محمد عثمان منگي
سرپرست اعلى
سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم
مرتب جا ٻه اکر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي اُنهن عظيم عالمن،
اديبن ۽ محققن مان آهي، جن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي
ٻوليءَ، ادب، تاريخ ۽ تهذيبَ جي مختلف رُخن کان
تحقيق ڪندي گذاري اهي، ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغات، لوڪ
ادب ۽ لطيفيات جي ميدان م جيڪا تحقيق ۽ پورهيو ڪيو
آهي، اُن کي ڏِسي، ان ڳالهه ۾ پُختو ويساهه ٿئي ٿو
ته جنهن ٻوليءَ جا محافظَ ۽ رکوالَ، هن قسم جا
جاکوڙي، سچا، لاڳاپيل ۽ محب وطن عالم هجن، اُها
ٻولي مرڻي نه آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سونهن سلامت رکڻ
لاءِ ڊاڪٽر صاحب جيڪا خدمت ڪئي آهي، جيڪي جهُد ۽
ڪشالا ڪاٽيا آهن ۽ جنهن چاهه ۽ لگن سان هن ننڊون
ڦٽائي ۽ نُور نچوئي، هزارن صفحن تي پکڙيل مواد
اسان کي ڏنو آهي، اُن جو احسانُ سنڌ ۽ سنڌي قوم
ڪڏهن به وساري نه سگهندي.
آءٌ پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو، جو مون هن سدوري،
سٻاجهي ۽ سنڌ دوست دانشور ۽ محقق بابت هيءُ ڪتاب
مرتب ڪيو آهي، اُن لاءِ آءٌ پنهنجي دوست ۽ محب وطن
آفيسر محمد عثمان منگيءَ جو نهايت ٿورائتو آهيان،
جنهن مون تي اعتماد ڪري، هيءُ ڪم مون کي سونپيو.
شال، سنڌ جا سمورا ڪامورا هن قسم جي علمي ڪم ۾ حصو
وٺن ۽ پنهنجي ملازمت جي سموري مُدي ۾ صرف هڪڙو
سُٺو ڪتاب ئي پنهنجي ٻوليءَ کي ڀيٽا ڪن ته هوند
اسان جي سنڌي ٻوليءَ جو دامن وسيع ٿي وڃي.
تاج جويو
تحقيق ۽ ترتيب
تاج جويو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: جيون - جهلڪ
نالو:
نبي بخش
پيءُ جو نالو:
علي محمد خان لغاري
جنم:
16 ڊسمبر 1917ع
جنم جو هنڌ:
ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ.
تعليمي رڪارڊ:
r
بي. اي (آنرز)، 1941، بمبئي يونيورسٽي (فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن)
r
ايم اي، 1943ع مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه (فرسٽ ڊويزن، فرسٽ پوزيشن)
r
ايل. ايل. بي، 1943، مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه (فرسٽ
ڊويزن)
r
ايم. اي (ايڊيوڪيشن) 1947، ڪولمبيا يونيورسٽي،
نيويارڪ
r
ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن، 1949، ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ
ملازمت جو رڪارڊ:
(الف) تعليمي:
r
پروفيسر آف ايڊيوڪيشن، 76-1951
r
ڊائريڪٽرانسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ، سنڌ يونيورسٽي،
76-1962
r
نئشنل ميرٽ پروفيسر، 75-1973
r
وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، ڊسمبر 1973 کان جنوري 1976
r
وائيس چانسلر، اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين
الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد، 22 نومبر
1980 کان آگسٽ 1982
(ب) بي ملازمت:
r
آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي، منسٽري آف انٽيرير،
انفارميشن ائند براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن، ڪراچي، 51-1950
r
آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي/ سيڪريٽري، وزارت تعليم ۽
ثقافت، حڪومت پاڪستان، جنوي 1976 کان جنوري 1979
r
ميمبر فيڊرل رويو بورڊ، اپريل 1978 کان جنوري 1979
r
ميمبر پاڪستان پي ڪميشن، اسلام آباد
r
چيئرمئن نئشنل ڪميشن آن هسٽاريڪل اينڊ ڪلچر ريسرچ،
اسلام آباد، 1 جولاءِ 1979 کان 10 آڪٽوبر 1979
r
ڊائريڪٽر نئشنل انسٽيٽيوٽ آف
هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (اڳوڻي ڪميشن، جنهن کي
بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري، ڪلچرل اينڊ
سولائيزيشن سڏيو ويو.)، آڪٽوبر 1979 کان 1982
r
صلاحڪار نيشنل هجره ڪائونسل، اسلام آباد، 1983 کان
1989
r
چيئرمين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حڪومت سنڌ،
حيدرآباد، 1991 کان 1993
r
نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت، حڪومت
سنڌ، 1993
r
پروفيسر ايمرائيٽس ۽ پروفيسر علامه آءِ. آءِ. قاضي
چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1991 کان تاحال
ملڪ جي مختلف ادارن جو ميمبر:
r
ميمبر اٿارٽي فار موهن جو دڙو (پاڪستان/يونيسڪو
پراجيڪٽ)
r
ميمبر انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان
r
چيئرمئن (واري سان) وائيس چانسلرس ڪميٽي آف
يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، اسلام آباد
r
ميمبر پاڪستان هاسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن
r
ميمبر سينٽرل اردو بورڊ، لاهور
r
ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
r
ميمبر اقبال اڪيڊمي، لاهور
r
ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور
r
ميمبر سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
r
ميمبر سئنڊيڪيٽ ۽ ايڪيڊيمڪ ڪائونسل، قائداعظم
يونيورسٽي، اسلام آباد
r
ميمبر گورننگ باڊي، لوڪ ورثه، اسلام آباد
r
ميمبر نئشنل لئنگئيج اٿارٽي، اسلام آباد
r
باني فيلو ميمبر، اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد
r
ميمبر گورننگ باڊي، قائداعظم اڪيڊمي، ڪراچي
r
ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، اسلام آباد
r
ميمبر گورننگ باڊي سر سيد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ
ٽيڪنالاجي، ڪراچي.
r
ميمبر بورڊ آف گورنرس، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،
حيدرآباد، 1، آگسٽ 2001 کان
حاصل ڪيل تمغا ۽ ايوارڊ:
r
تمغه پاڪستان 68-1962
r
ستاره قائداعظم
r
صدارتي ايوارڊ: پرائيڊ آف پرفارمنس، آگسٽ 1979
r
صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال، 1991
r
صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز، 2001
ٻولين جي ڄاڻ:
سنڌي، اردو، سرائيڪي، فارسي، عربي ۽ انگريزي
اقوام متحده/ يونيسڪو ۽ عالمي ڪانفرنسن ۽ فورمن ۾ شرڪت:
r
يونائيٽيڊ نيشنس انٽرنشپ پروگرام 1948
r
اقوام متحده لاءِ معتمد مُقرر (UN Accredited Speaker)
49-1948
r
’ڏکڻ ايشيا ۾ پرائمري تعليم‘ بابت يونيسڪو علائقائي
سيمينار،
r
ڪراچيءَ ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر طور شرڪت، 1956
r
انڊوپاڪ ڪلچرل ڪانفرنس، نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني
وفد جي ميمبر طور شرڪت، 1960
r
ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز ڪانفرنس، نئين دهليءَ ۾
پاڪستاني وفد جي ميمبر طور شرڪت، 1962
r
يونيسڪو طرفان منيلا ۾ ايشيائي ملڪن جي ٽيچرس ٽريننگ بابت
r
ماهرن جي سڏايل گڏجاڻيءَ ۾ پاڪستاني وفد جي
نمائندي طور شرڪت، 1963
r
ڪامن ويلٿ يونيورسٽيز ڪانفرنس، لنڊن، پاڪستاني وفد جي
ميمبر طور شرڪت 1963
r
تهران (ايران) ۾ آر. سي. ڊي جي ’ڪامن ڪلچرل
هيريٽيج‘ سيمينار ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر طور
شرڪت، 1965
r
يونيسيڪو جي ”استادن جي تربيت“ بابت ماهرن جي
ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت ۾، پئرس ۾ شرڪت، 1967
r
”انٽرنئشنل مولانا رومي
سيمينار“ انقره ۾ ’مولانا جلال الدين رومي ۽ شاهه
عبداللطيف‘ بابت مقالو پڙهڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾
شرڪت، 1973
r
حڪومت انڊونيشيا جي دعوت تي ”هاير اسلامڪ
ايجوڪيشنل انسٽرڪشنس انڊونيشيا“ ۾ ڏهن هفتن جي
پروگرام دوران ليڪچر ڏنائين، مارچ 1977
r
ويهين يونيسڪو جنرل ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي
ميمبر جي حيثيت ۾ شرڪت، نومبر 1978ع ۽ اپريل 1979
r
”وچ ايشيائي تهذيبن جي تاريخ“ بابت يونيسڪو جي عالمي
ماهرن جي سائنٽيفڪ ڪاميٽيءَ جي ايڊيٽوريل ڪميٽيءَ
جو ميمبر، ذاتي حيثيت ۾ 1980 کان 1986
r
”ايشين ڪلچرل سيمينار“ ۾ آسٽريليا جي ائڊيليٽ شهر ۾
پاڪستان مان ماهر جي حيثيت ۾ شرڪت
r
پاڪستان فرانس ڪلو ڪيم ۾ پاڪستاني وفد جي ميمبر
طور شرڪت. |