سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم

باب-

صفحو :10

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتب رهاڻ هيرن کاڻ جو جائزو

هن عنوان سان ٻه ڪتاب ڇپيا آهن. پهريون 2000ع ۾، ۽ ٻيو 2001ع ۾. هي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي گذيل 50 سالن جي يادداشتن جي بنياد تي آڌاريل آهي. سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ زندگيءَ جي گوناگون ۽ اهم پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو عالم آشڪار آهي. سنڌ جي تاريخ جي ماخذن تي تحقيق هڪ طرف ته لوڪ ادب، سنڌ جي اساسي شاعريءَ تي تحقيق ٻئي طرف ۽ پڻ سنڌ جي ثقافت تي ڊاڪٽر صاحب جو ڪم هر طرح سان داد حاصل ڪري چڪو آهي. سنڌ جي سموري ورثي کي سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پاڻ جيڪي سنڌ جي واهڻن، وسين، ماڳن، مڪانن ۽ جهر جهنگ جا سفر ڪيائون، انهن جو بنيادي مقصد سنڌ کي پنهنجي مڪمل حُسن سان ظاهر ڪرڻ رهيو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجن پهرين ڪتابن مان ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ اهو لکيو آهي ته پاڻ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاريءَ جي نعمت حاصل ٿيڻ ڪري، سنڌ ڏسڻ جو ارادو ڪري نڪري پيا. ان ريت سنڌ جي قديم آثارن، تاريخ، ادب ۽ ثقافتي سونهن جو قريبيءَ کان مشاهدو ڪيائون. پاڻ محسوس ڪيائون ته سنڌ سڄي ”پارس کاڻ“ آهي.

هن موضوع تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجن مشاهدن کي پهريائين ”پارس کاڻ“ جي عنوان سان قلمبند ڪيو ۽ اهو مقالو مهراڻ ۾ ڇپيو. هي مشاهدا گفتگو جي انداز ۾ لکيا ويا آهن. بقول سندن ته پارس ڏٺو نه هئم، ان ڪري ڏٺل وٿ کي ڪم آڻيندي، هنن ڳالهين ۽ مشاهدن کي هيرن سان مشابهت ڏني اٿن. ائين هي ڪتاب ”رِهاڻ هيرن کاڻ“ جي عنوان سان اسان تائين پهتو آهي.

ڪتاب جو انداز بيان دلنشين آهي ۽ ڳالهيون جيئن ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيل هيون، اتان اتاري ڏنيون ويون آهن. هي ان سڄي مواد جو پهريون ڀاڱو اهي. هي جدا جدا مختصر مضمونن جو هڪ مجموعو آهي. انهن جا عنوان سنڌي زبان، ادب، دين دنيا، لاڳاپيل تاريخ ۽ ثقافت جي سونهن سان مُزين آهن. هي عنوان ننڍين ڳالهين جي وضاحت طور قائم ڪيل آهن. انهن ۾ آيل معلومات، سوچ ۽ سمجهه جا مختلف پهلو روشن ڪري ٿي، هت فقط چند مضمونن جو  جائزو پيش ڪجي ٿو:

ڊاڪٽر صاحب جيئن ننڍي کي سمجهائجي، ان انداز ۾ تخاطب سان گفتگو ڪئي آهي، مثال طور ”پنهنجي سمجهڻ جي پيماني کي ڪشادو ڪر“. هن مختصر تحرير ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مخدوم بصير الدين سيوهاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر ضياءُ الدين، مخدوم صاحب کي چيو: ”خدا سمجهه ۾ نٿو اچي“ مخدوم صاحب اهو ٻڌي کيس چيو، ”هي پيالو وٺ ۽ ان ۾ اڌ سير پاڻيءَ جو کڻي آءُ!“  ضياءُ الدين پاڻيءَ جو پيالو ٽمٽار ڪري کڻي آيو. مخدوم صاحب چيس ته: ”چريا! مون توکي چيو هو ته اڌ سير پاڻيءَ جو کڻي آءُ! هيءُ اڌير سير آهي؟“ ضياءُ الدين چيو ته ”سائين! انهيءَ پيالي ۾ ايترو ئي پوندو”. مخدوم صاحب چيس ته: ”اها ڳالهه سمجهين ٿو، باقي ايترو نٿو سمجهين ته تنهنجيءَ سمجهه جو پيالو تمام ننڍو آهي“. هن مثال ۾ سمجهه ڏي صاف اشارو ڏنل آهي. ڪتاب ۾ موضوعن جي گونا گوني آهي، جي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ شخصيتن تي مشتمل آهن. مثال طور سنڌ جي تاريخ جي ڪن اهم پهلوئن، سلطان محمود سنڌ ۾، سومرا ۽ گُجر، سومرن جي تاريخ، سما، الله بخش جهنجهڻ، ميان نور محمد، ميرن جي حڪومت جو نظام، ميرن جي برداشت ۽ فراخدلي، حڪومت جو نظام وغيره. انهن ٽاڻن جا چند واقعا ۽ سُگهڙن جا بيت به شامل ڪيل اهن. هي بيت واقعن جي پوري پروڙ ڏين ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جي لکيل هنن مضمونن جي معلومات ۽ انداز بيان منفرد آهي، مثال طور: ”سنگهارن جا سانگ“ مضمون ۾ ڳالهه جي مڪمل سمجهاڻي آهي. ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ بيت به ڏنل آهن. ڳالهه هيئن شروع ٿئي ٿي.

”سنگهارَ معنى مال وارا، جن جو گذران ئي مال ڌارڻ تي هجي، اهي جتي مينهن وسندا اتي مال ڪاهي ويندا. گاهه جي سانگي ويندا، يعني سانگ ڪندا. ڪڇ ۾ ٻنيءَ جي علائقي ۾ ڏڪار پيو ۽ سنگهار مالدار مال ڪاهي نَيڙ ۾ ويا. اتان مٺي تعلقي ۾ ڏاڀري جي تڙ تي اچي ويٺا، اتان وري واپس ٻنيءَ ڏانهن وڃڻ جا سانباها ڪيائون. سندن انهيءَ سانگ جو بيان شاعر عالي پُٽ سرماڻ مبارڪاڻي راڄسينءَ پوٽي (يعني راڄسينءَ درويش جي اولاد مان) هيٺئين بيت ۾ ڪيو، جنهن ۾ هن سنگهارن جي جدا جدا ماڳن تي مال ڪاهي وڃڻ ۽ سانگ ڪرڻ جا پار پتا ڏنا آهن. اهي سڄاڻ! تون هي بيت دل لائي پڙهه ته توکي سانگين جي سانگ جي حقيقت سمجهه ۾ اچي.

ڏاڏي پوٽا ڏاڀريءَ تي، ٿا مڙيو مصلحت ڪن،

مينهن وُٺا مُلڪ تي، ڪيو سعيو سنگهارن،

وطن ڏي ورڻ جون، ڪيون وايون وانڊيارين،

آڻي اڱڻ جهُڪيا، اُٺ به اوٺيئڙن،

ڪڍيون پاڇوڙون پٿريون، ٿي چڱيون چوڙيلين،

مايون ميسر پٽ جي، ٿيون نُنهڻين ساڻ نهن،

وجهين بار بوتن تي ڪيو سعيو سنگهارن،

ترت ڇڏيائون تڪڙو، سونيهار سنگهارن،

وري تنهن واڻهيار تي، ڪيو پياڻو پرين،

اڳينءَ ويل عالم سَتيءَ جو، جهليو گس گُنگن،

ٿورا ٿيو ٿانور تي، منهنجا آري ڄام اچن،

ڇهل تنهن ڇڇي تي ڪيو، پيو پوشيدن،

نمي نبيسرَ ڪنڌيين، واڪيو وير وڃن،

چئني ڪنڊين چانڊاڻ تي، وانڊيون وس چرن - الخ

هن بيت ۾ تڙن ۽ ماڳن مڪانن جا نالا آهن ۽ ڪن لفطن جون معنائون به لکيون ويون آهن. سنڌي زبان ۽ ان جي محاورن جي جيڪا وسعت آهي، تنهن جو بيان ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻئي مضمون ”سنڌي ٻولي“ ۾ به ڪيو آهي. ان ۾ هن شاهوڪار ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ادب جي وسعت، لفطن ۽ اصلاحن جي ترڪيب، اسمن ۽ نالن جي سٽاءَ، حرف جر جي صورت توڙي ظرف جي نوعيت جو مختصر پر مجمل بيان ڪيو آهي. سگهڙن جي بيتن ۾ ڪم آيل اڪثر لفظن جي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. نالن جي فلسفي ۽ معنى جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ لفطن جي ماضيءَ ۽ ڪن نحوي ۽ صوفي صورتن جي سمجهاڻي به ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر صاحب هر نُڪتي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻوليءَ جي لحاظ کان، اهڙي ٻئي مضمون ”سنڌ جي اندروني ڀاڱن جا مقامي نالا“ (فهرست ۾ هن عنوان جي ٻي صورت ڇپجي وئي آهي) ۾ سنڌ جي مختلف حصن تي انهن نالن جي ڇوڻ جي اپٽار ڪيل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري انهن حصن تي پيا. انهن طبعي حصن ۾ رهندڙ قومن جي ٻوليءَ تي مختصر طور سمجهاڻي ڏني وئي آهي.

هن ڪتاب۾مختلف موضوعن تي ننڍا مضمون آندل آهن، پر هر هڪ ۾ سمايل فلسفو سمجهائڻ جي به ڪوشش ڪيل آهي. جوانيءَ جي دؤر جي جذباتي حالات جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب مضمون ”جواني“ ۾ لکي ٿو: ”اي سڄڻ! انسان جي حياتيءَ ۾ جواني وڏي وَٿ آهي، اها وَٿُ وڃي ٿي ته هر ڪو ان کي وري وري ياد ڪري ٿو. سنڌ جي شاعرن جوانيءَ کي ڳايو آهي.“ ان کان پوءِ لس ٻيلي جي شاعر مڱيي براديءَ جا جوانيءَ بابت پنج بيت ڏنا اٿس، جن مان ٻه هي آهن:

جوڀن ۽ جواني، جي سچي هئي ساکي،

اُن مکڻ ۽ ماکي، وڪاڻي ورهيه ٿيا.

 

ٻيا سڀ ٽول اڇا چڱا، اڇا چڱا نه وارَ،

دُشمن دُشڪاري نه آڻي، توڙي ٻڌان پنج هٿيار،

مَهري مُور نه بيهي، توڙي حيلا ڪريان هزار.

ڀلوڙي جوڀن يار، ويندي وداع ئي نه ڪيئي!

هنن مضمونن ۾  ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي سگهڙن، شاعرن ۽ سڄاڻن جا بيت، ڪافيون ۽ گُڻ وارا گفتا ڏنا آهن. سياڻپ ۽ سچ جو بيان مثالن سان ڪيو آهي. اڪثر ڳائڻ وارن جو ذڪر به ڪيو اٿس. مثال طور ماضيءَ جي لَٽ ۾ لٽجي ويل هڪ وڏي فنڪار سيد نُور شاهه کي ياد ڪري، ان جي ساٿ وارن سازندن جو به ذڪر ڪيو اٿس. سيد نور شاهه کان سواءِ ٻين به ڪيترن ڳائڻن جو بيان ڪري انهن جي فن جو داد ڏنو اٿس. اهڙيءَ طرح قافين (ڪافين) واري مصمون ۾ ڳائڻن سان گڏ شاعرن جون اڪثر ڪافيون به محفوظ ٿي ويون آهن.

سنجيده ۽ سکڻ وارن گُفتن سان گڏ خوش طبعي ۽ ظرافت ۾ سکڻ ۽ هنئين سان هنڊائڻ جا بيشمار نُڪتا اهن. هلڪڙن ماڻهن وٽ اهرن نُڪتن بجاءِ فحش چرچا آهن، پر گُڻ وارن وٽ فضيلت ڀريا ٻول آهن. انهن جا چرچا، طنز مذاح وارا ته آهن، پر اهي گهڻو سيکارين ٿا. ڪي ترڪي به ترڪي جواب مثل آهن ۽ داد حاصل ڪن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي مضمون ”ظرافت، خوش طبعي، چرچا“ ۾ به پرکڻ، پروڙڻ، سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ چڱي خوراڪ موجود آهي. اهڙن ٻولن ۽ سوال جواب ۾ شگفته بيانيءَ لاءِ لکي ٿو: ”اي سياڻا! ڄاڻ ته آمهون سامهون سوال جواب ڪنهن موقعي مناسبت سان ٿين ٿا، جنهن ۾ ٽوڪ (طنز) جو جواب ساڳيءَ طرح نموني سان ڏيڻ وڏي سياڻپ آهي. چرچو ارادي آهي يعني ڄاڻي واڻي هڪڙو ٻئي سان ڪندو.“

سوال جواب يا طنز حد اندر هجي، نه ته بقول ڊاڪٽر صاحب جي ته: ”جهيڙو ٿيندو“. هن مضمون ۾ سوال جواب ۽ ترڪي به ترڪي جواب جا مثال ڏيندي، ڊاڪٽر صاحب، گولي شاهه ڪهيريءَ ۽ بچل شاهه مهاوليءَ جي آمهون سامهون هليل سوالن جوابن جو ذڪر ڪيو آهي. سگهڙن جي گفتن ۽ ڳجهارتن هلندي، ڪي ظرافت جا نُڪتا پيدا ٿين ٿا. رسالي جي بيتن مان به ڪي خوش طبعي ڪندڙ پنهنجي دلپسند معنى ڪڍي ٿا وٺن. شاهه جي بيت ”وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي“، ۾ وکر کي حُقي جي مواليءَ جو تماڪ سمجهڻ، چي: هائو ادا! ڀٽائيءَ تماڪ جي ڳالهه ڪئي آهي.

ڳجهارت جي پائي ”نار نانءَ“ ۾ جڏهن سُڄاڻ، عورتن جا نالا کڻن ٿا ته هڪ شخص (حاجي گاجن شر) اچي چوي ٿو ته: ”ميان، ڪجهه ماڻهپو ڪريو، رڳو پيا اسان جي زالن جا نالا وٺو! هت جوڻيجا، ميرجت ۽ ٻيا گهڻا راڄ آهن، انهن جي زالن جا به ته نالا وٺو!.“

ان کان سواءِ پيراڻي ڀنڀري ۽ فولاد فقير جا گفتا ۽ بيت هن مضمون جي سونهن آهن. ڪتاب جو آخري مضمون ”ڪچهري بدين“ آهي، جو بدين جي قديم ذاتين، چڱن مڙسن، سخين، درويشن ۽ اهم ماڻهن جو، ڪچهري جي انداز ۾ تذڪرو آهي. هن ۾ لاڙ جي تاريخ جي جهلڪ ملي ٿي. ذاتين ۾ منڌرن ۽ ملاحن جو خصوصي ذڪر آهي. بدين جي سگهڙن ۽ سڄاڻن سان ڪچهرين جو به تذڪرو ڪيو يو آهي.

مضمون جي آخر ۾ لاڙ جي سرموڙ شاعر مولوي احمد ملاح جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”هن پوئين ويجهي دؤر ۾ مولوي احمد ملاح بدين جي ملاحن ۾ ڄڻ سج ٿي اڀريو، جنهن ملڪ روشن ڪري ڇڏيو. توحيد جو وڏو مبلغ، عالم باعمل ۽ شاعر بي مثل هو. راقم جي ساڻس سالن تائين صحبت رهي. سنڌي لغات ۽ محاورن تي مهارت سببان مولوي احمد پنهنجي سنڌي نظم کي نئون لباس ڍڪايو، جنهن ۾ تجنيس حرفيءَ جا نِت نوان گل پُوتائين ۽ چونڊ لفطن کي نظم جي ميدان ۾ لاڏ ڪوڏَ سان ڪُڏايائين. هن پنهنجي غزل ۾ غِنائي رنگ ڀريو ۽ توحيدي تبليغي نظمن ۾ زوردار لدلين جا دُر پوتا. آخر عمر ۾ قرآن شريف جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو سلاست ۽ معنوي معيار جي لحاظ سان هڪ شاهڪار آهي“.

هر طرح سان هي منفرد ڪتاب آهي. هونئن ته هي ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب طرفان ڊائرين ۾ رکيل داخلائون آهن، پر هنن جي نوعيت مواد جي لحاظ کان منفرد ۽ مفيد آهي. معلومات جو هي خزانو، خيرپور مان ’خليل ڪتاب گهر‘ ڳوٺ رفيق مهيسر وارن شايع ڪيو آهي.

ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو، نيو فيلڊس حيدرآباد شايع ڪيو آهي. هي به پهرئين ڀاڱي وانگر يادداشتن جو تسلسل آهي. هن ۾ عنوان قائم ڪري، خيالات جو اظهار به ڪيو ويو آهي. پهريون مضمون ’ڪچهريءَ‘ بابت آهي. ’ڪچهريءَ‘ جو لفظ ڪهڙي معنى ۾ ڪم آيو آهي، ان جي اپٽار ڪيل آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڊڪشنرين جي معنى به ڏني آهي.

ڪتاب ۾ شامل مضمون معلومات سان ڀريل آهن. تاريخ بابت مضمون ’سٿين ۽ ساڪائن‘ جي اصل نسل کان شروع ٿئي ٿو ۽ تاريخ جي مختلف دؤرن تي روشني وجهي ٿو. هن سلسلي ۾ راءِ سهارس جي پٽ سگر جو ذڪر ڪندي ئي هن سان منسوب دؤر جو احوال ڏئي ٿو.  ان دؤر کي ’سگر جو وارو‘ سڏي ٿو، جنهن بابت سگهڙن جا بيت موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب سگر سان منسوب ڳالهه به بيان ڪري ٿو، جنهن موجب هو پنهنجي پيءُ جو بدلو وٺي ٿو. هن سلسلي ۾ ڇاڇري طرف کوهن ۽ ٻين آثارن جو به بيان ڪري ٿو. تاريخ جو هي دؤر اچي انگريزن جي قبضي تي ختم ٿئي ٿو.

انهيءَ مضمون جي تسلسل ۾ ٻيو مضمون ”سامراجي حڪومت خلاف سنڌ جو خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو“ آهي. هن مضمون هيٺ سنڌ ۾ آزاديءَ جي جذبي جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب اهم شخصيتن جو احوال ڏئي ٿو. هن باري ۾ نه رڳو شخصيتن ۽ خلافت تحريڪ جو بيان آهي، پر اهم اجلاسن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪن اڳواڻن سان ڊاڪٽر صاحب ملاقاتن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ مضمون جي آخر ۾ نواب شاهه جي حڪيم پير معين الدين سان 1965ع ۾ ملاقات جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ ملاقات ۾ ڪيل ڳالهين جو به احوال ڪيو اٿس، جيڪو هن سلسلي جي مواد ۾، ۽ خلافت تحريڪ بابت هڪ اضافو آهي.

هن ڪتاب ۾ بيش بها قومي سرمايو سامل آهي. منهنجو مطلب سورهيه سائين پير صاحب پاڳاري صبغت الله شاهه بابت مضمون سان آهي. هن مضمون ۾ پير صاحب جي ڪيل مجاهدانه جاکوڙ جو ذڪر ڪيل آهي. سندن وڏن جو بيان ڪندي، ڊاڪٽر صاحب سورهيه سائينءَ بابت قيمتي معلومات فراهم ڪئي آهي. هن جدوجهد جو ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو. ”انگريزن پير پاڳاري جي درگاهه جي جماعت جي طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي پيماني تي پوليس جي طاقت استعمال ڪئي، جنهن جي طلم خلاف 1896ع ۾ پهرين ’حر تحريڪ‘ شروع ٿي. انگريزن حُرن کي سالن جا سال لوڙهن اندر بند رکيو، ۽ پوءِ انهن کي پوليس ٿاڻن تي حاضري ڏيڻ جو پابند ڪيو. سورهيه صبغت الله شاهه شهيد 1922ع ۾ پير پاڳارو ٿيو. ان وقت سندس عمر 12 سال هئي، پر ٿوري ئي وقت ۾ کيس پنهنجي جماعت توڙي سنڌ جي عام ماڻهن خلاف انگريزي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍاين جو احساس ٿيو ۽ پوليس جي خلاف آواز اٿاريائين. ان تي حڪومت طرفان مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪري، کين گرفتار ڪيو ويو.“ هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب، پير صاحب پاڳاري جي سورهيائيءَ ۽ جيل م گهاريل ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي. اتان پيغامن ذريعي پير صاحب جماعت جي تنظيم جو ڪم ڪيو. انگريزن کي پير صاحب کي ختم ڪرڻو هو، ان ڪري 3 مارچ 1943ع تي کين شهيد ڪيو ويو.

هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل بيشتر مضمون جيئن ته يادداشتن مان ترتيب ڏنا ويا آهن ۽ انهن واقعن تي آڌاريل آهن، جن ڊاڪٽر صاحب کي متاثر ڪيو. وقت بدليو ته خيال بدليا. بيراج ٺهيو. سڀ ڪنهن پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. الائي وقت بدليو يا ماڻهو بدليا! بهرحال سگهڙن جي بيتن ۽ گفتن مان انهن جي راءِ معلوم ٿئي ٿي. ڊاڪٽر صاحب هن مضمون ۾ جهوني ۽ يگاني سگهڙ قاضي الله ورايي نظاماڻيءَ جو بيراج ۽ فصل جي قسمن بابت بيت ڏنو آهي. گهڻو ڪجهه ٿيو، پر آخر ۾ قاضي صاحب خيال ظاهر ڪيو ته رشوت وڌي وئي، مسڪين پيا مارجن.

”سنڌي ٻوليءَ“ بابت مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جي وسعت ۽ اعرابن جي فرق جي ڳالهه ڪئي آهي. هن اعرابن بابت ڪي شعر به ڏنا آهن. هي مضمون ڊاڪٽر صاحب جي مشاهدي ۽ هر ڳالهه بابت تجسس طرف ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ڊاڪٽر صاحب نهايت باريڪ بينيءَ سان وڻن ٽڻن، گلن ٻوٽن، گاهن توڙي ٻي اوڀڙ کي هميشہ ڌيان سان جاچيو آهي. اوڀڙ بابت سندس مضمون ان ڳاهه جي پوري پوري ثابت آهي. عنوان آهي: ”سنڌ جي اوڀڙ (نباتات) جو مطالعو“. هي مطالعو ڊاڪٽر صاحب، لوڪ ادب اسڪيم هيٺ گهٽ ۾ گهٽ هڪ جلد ڪرڻ ٿي گهريو، پر سنڌي ادبي بورڊ ۾ اهو ڪم ڪرائڻ جو حوصلو نه هو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب پهرين اوڀڙ جي ورڇ ڪئي آهي ته ٻوٽو ڇا آهي؟ وڻ ڇا آهي؟ ٻُوڙو ڇا آهي؟ ول ڇا آهي؟ گاهه ڇا آهي؟ ڪَک ڇا آهن؟ هن سڄي اوڀڙ جي علائقي وار ورڇ ڪري ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي اوڀڙ ڪهڙي علائقن ۾ ٿئي ٿي. هن سلسلي ۾ ٽَڪر ۽ ناري جي گاهن جو ذڪر ڪيل آهي. ڪهڙو گاهه ڪهڙي قسم جي زمين م اڀري ٿو. اُتر، لاڙ، ٿر، جبل ۽ روهيءَ جي گاهن جو ذڪر ڪندي، اهو به ڏسيو ويو آهي ته ڪهڙا ٻوٽا ۽ اوڀڙ ڪهڙن مرضن تي پوي ٿي. اهو ذڪر ۽ ٻوٽن جي نوعيت جو به بيان نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيو ويو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي اهو ئي بنيادي شوق آهي. ڳالهه هيءَ آهي ته ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي آثارن، تاريخ، ثقافت ۽ جيوت جي سڄي هلٽ جي جاچ جوچ ۽ کوجنا ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ اوڀڙ جي هيءَ پرک به ڪئي اٿن. ”ڏٿُ ۽ ڏوٿي“ مضمون به هن سلسلي جي ڪڙي آهي.

ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ سنڌ جي راندين، ملهن ۽ مانائتين ماين جو ذڪر به ڪيو آهي. سندن مضمونن ۾ ذڪر ڪيل مضمونن سان گڏ ڪي ٻيا به نهايت وزندار ۽ مفيد آهن. انهن ۾ ’عوامي فيلسوف‘، ’مقامات سنڌي‘، ’گول لاٽون چورس چگهه‘ ۽ ’ڪچهري ناڙي‘ نشانبر آهن.

مضمون ’عوامي فيلسوف‘ ۾ فولاد فقير،  فضل محمد لغاري، دراني فقير، ڌيرڻ فقير وساڻ ۽ عليم مڱريي جو بيان ڪيو ويو آهي. فولاد فقير ۽ انهن سياڻن جون ڳالهيون ٻين کان ٻيءَ طرح آهن. انهن جون اهي منفرد ڳالهيون، اُهي نراليون ڳالهيون ۽ ملاقاتون ڊاڪٽر صاحب بيان ڪيون آهن. هنن ۾ فولاد فقير شر ته اڳ به ڄاتل سڃاتل آهي. هنن جون ڳالهيون ڳڻڻ جهڙيون آهن ۽ اهي هن جائزي ۾ دهرائي پوري ڪونه پئبو.

عربي ادب ۾ ”مقامات“ هڪ خاص صنف آهي. ڊاڪٽر صاحب ’مقامات همدانيءَ‘ ۽ ’مقامات هريري‘ جو حوالو ڏئي، ’مقامات سنڌي‘ جي عنوان سان هن مضمون ۾ هڪ مقالو لکيو آهي، جنهن ۾ رَمل ۽ رَمليءَ جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ لعلڻ خان لغاريءَ جي حوالي سان هن موضوع تي لکيو آهي. ڳالهه کي هڪ مخصوص نثري اسلوب هيٺ لکيو ويو اهي. ڊاڪٽر صاحب جي طرز تحرير، روانيءَ ۽ ڪچهريءَ جو انداز نهايت وڻندڙ آهي. سنڌيءَ جي انشا پردازيءَ ۾ ان جو مثال ڪونهي. مضمون جي صنف ۾ به ان جو ڪو جواب ڪونهي. ڪچهريءَ ۾ جاگفتگو ٿئي ٿي، ان جو بيان نرالو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org