سنڌ جي اخلاق ۽ اخلاص کي ڏسڻو هجي ته ڊاڪٽر بلوچ
جهڙي اَلهه لوڪ جي علمي ۽ عملي شخصيت جو مشاهدو
ڪيو وڃي، جنهن جي سانگي اسان پنهنجا پير پختا ڪري،
پنهنجي منزل مقصود تائين پهچي، پنهنجي ۽ پنهنجي
ساڻيهه جي ڪا ساک پَتِ رکي سگهون ٿا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي رب حياتي ڏئي، اڃا سندس حوصلا
بلند، همت جوان ۽ ذهن بيدار آهي. قدرت جي ايڏي
ڀلائي ڏسي، دل ۾ اها آس ٿي جاڳي ته اڃا سندس علمي،
ادبي ڪارنامن مان ڪو فيض حاصل ڪرڻ کپي.
هن وقت ضرورت آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي رهنمائيءَ ۾
وڏي پيماني تي اهڙو ادارو قائم ڪرڻ ۾ اچي، جنهن جي
ذريعي سنڌ ۽ ان کان ٻاهر جيڪو تاريخي ۽ علمي، ادبي
خزانو ٽڙيل پکڙيل آهي، اُن کي هٿيڪو ڪري، سنڌيءَ ۾
سنواريو وڃي: جيڪا هڪ ته وڏي خدمت ليکي ويندي ۽
ٻيو ته ان مان اسان ۽ بين الاقوامي اديب ۽ دانشور
وڏو فائدو وٺي سگهندا.
تازو اسان جي هڪ دوست محمد ايوب ٻنڌاڻيءَ عجيب
ڳالهه ٻڌائي ته آءٌ 18 آگسٽ 2001ع ڌاري مڪي شريف ۾
هوس، اتي هڪ محترم عالم ڊاڪٽر محمد عبدالڪريم
عبدالغفور سنڌيءَ وٽ
”طوالع النوار“ شرح در المختيار،
مصنف شيخ محمد عابد سنڌي مهاجر مدنيءَ جا پورا
ويهه جلد قلمي صورت ۾ موجود آهن؛ جنهن جو چوڻ آهي
ته جيڪڏهن ڪو شخص اُتي اچي، انهيءَ ناياب ڪتاب جو
نقل يا ترجمو ڪندو ته مٿي ڄاڻايل صاحب (جيڪو هن
وقت مڪي شريف جي جامعه ام القرى ۾ استاد آهي) هر
قسم جي مدد ڪرڻ پاڻ لاءِ وڏو شرف سمجهندو.
ٻنڌاڻي صاحب جي چوڻ موجب ته مون پاڻ ٻه ڪلاڪ ڊاڪٽر
موصوف جو گهر (مڪي) ۾ ويهي، انهيءَ ڪتاب جي جلد
ٽئين جو مطالعو ڪيو، ۽ اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن
شيخ محمد عابد سنڌي (سيوهاڻيءُ) جو اهو ڪتاب اسان
وٽ سنڌ ۾ اچي ويو ته اهو اسان لاءِ وڏو علمي اعزاز
ليکيو ويندو.
هتي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته شيخ محمد
عابد انصاري، بحر العلوم جي حيثيت رکندڙ ۽ وڏو
طبيب هو، جنهن لاءِ بيان ٿيل آهي ته:
”هي سيوهڻ شريف جو برگزيدو عالم هو، جنهن عرب ۽
عجم ۾ لڏي عزت ۽ شهرت حاصل ڪئي هئي. سندس ولادت
1193هه ڌاري ۽ وفات 1258هه ۾ ٿي هئي. کيس جنت
البقيع جي قبرستان ۾حضرت عثمان بن عفان جي دروازي
لڳ دفنايو ويو هو.“ هي عالمن جو عالم حافظ يعقوب
بن محمود جي عليم خاندان مان هو. حافظ يعقوب مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ۽ شيخ الاسلام جي لقب
سان نوازيل هو. هي يمن جي علمي مرڪز صنعا زبيد ۾
رهندو هو ۽ يمن جي مرڪزي شهر صنعا ۾ وڃي اتان جي
امام والي يمن جو شاهي طبيب مقرر ٿيو ۽ ان جي وزير
جي جي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. هن سنڌي بزرگ ۽
عالم کي اڳتي هلي يمن جي پاران مصر جو سفير مقرر
ڪيو ويو هو.
اهڙي وڏي عالم جي هن شاندار ڪتاب جو اسان جي سنڌ ۾
هئڻ وڏي فخر جي ڳالهه ٿيندي. شال، خدا اسان جي ملڪ
م اهڙا ساڃهه وند ماڻهو پيدا ڪري، جيڪي انهيءَ
عظيم ورثي جي نگهبانيءَ لاءِ پاڻ پتوڙين. بهرحال
انهيءِ علمي سرمائي جي سنڀال جي لاءِ ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي عظيم شخصيت ئي قابل ۽ لائق ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ کان علاوه سنڌ ۾ ٻيا به اهڙا علمي، ادبي
خزانا هيٺ مٿي ٿيل آهن، جن کي ڳولي هٿ ڪرڻ جي اشد
ضرورت آهي. اها مُهم به اسان جو مانائتو بزرگ
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سَر ڪري سگهي ٿو.
اهڙيون ڪي ٻيون ڳالهيون به آهن، جيڪي تاريخي طور
اسان جي لاءِ ڦِڪائيءَ جو سبب ٿيون بڻجن، انهن جو
سڌارو به لازمي آهي. مثال طور: سنڌ جي قومي هيري
دريا خان
بابت بيان آهي ته ارغونن جنگ ڪندي کيس شڪست ڏئي
قتل ڪيو هو. حقيقت ۾ جنگ هلندي، جڏهن ارغونن کي
يقين ٿيو ته دريا خان هٿان شڪست يقيني آهي ته هنن
قرآن شريف وچ ۾ آڻي دريا خان کي صلح جي آڇ ڪئي.
دريا خان قرآن شريف ڏسي هڪدم پوئتي هٽيو ۽ هٿيار
ڦٽا ڪيائين. ارغون جيڪي اڳواٽ ئي اهڙي سازش ۾ رُڌل
هئا، تن هڪدم دريا خان کي گهيري ۾ آڻي قتل ڪري
ڇڏيو. اهو واقعو گجرات جي عالم جي تاريخي ڪتاب ظفر
الواله بمظفر وآله (مصنف عبدالله بن عمر) ۾ درج
ٿيل آهي، جنهن جو حوالو سڀ کان اڳ 1964ع ۾ ڊاڪٽر
صاحب ’تاريخ طاهري‘ تي سندس لکيل حاشيي (صفحي 311)
۾ آندو.
تاريخ طاهريءَ جي مصنف سيد طاهر محمد نسيانيءَ جو
ٻيو هڪ ناياب منظوم ڪتاب
”رساله نسياني“
به لکيل هو، جنهن ۾ سنڌ جا قديم قصا درج هئا. اهو
ڪتاب اڄڪلهه گم ٿي ويل آهي. اسان چاهيون ٿا ته اهي
سڀ قومي ورثا هٿ ڪري گڏايا وڃن ته جيئن علمي، ادبي
خزاني ۾ ڪا کوٽ نه رهي. هن وقت جيڪڏهن اهڙي علمي
اداري جو بنياد رکيو ويندو ته ايندڙ دور ۾ اهڙا
ماڻهو ضرور ميدان تي ايندا. جيڪي اُن بنياد تي
شاندار عمارت برپا ڪري رهندا.
خدا ڪري سنڌ جو هيءُ عظيم عالم ۽ دانشور اڃا ايتري
تائين جيئي، جو اسان جون علمي، ادبي ۽ ثقافتي
گهٽتائيون پورائيءَ تي پهچي وڃن. آمين!
امداد حسيني
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
سنڌي ٻوليءَ جو
عظيم ساهتڪار
·
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ گهڻ پاسائين شخصيت آهي. هن سنڌي ٻوليءَ
تي به ڪم ڪيو آهي، ته لغت تي به ڪم ڪيو
آهي.لوڪ.ڪلاسيڪل اتهاس (شاعريءَ توڙي نثر) تي به
لکيو آهي ته سنڌي سنگيت تي به لکيو اٿس. سنڌي
شاعريءَ جي سُريلي صنف ڪافي تي ٽي ضخيم جلد ڏئي
چڪو آهي، ته پاڻ شاعري به ڪئي اٿس، روايتي دؤر جي
هڪ وڏي شاعر مير عبدالحسين ”سانگيءَ“ جو ڪليات به
سهيڙيو اٿس، ته انهن سڀني ڪتابن تي پاڻ عالماڻا
مهاڳ پڻ لکيا اٿس.
·
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمته الله عليه جي
ڪلام ۽ سوانح تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو ڪم
ڪيو آهي، انهيءَ جو سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ ۽ اعلى
اسٿان آهي.
·
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکڻ کي عبادت ۽ رياضت جو
رتبو عطا ڪيو آهي، ۽ هن پنهنجي ڪم جي آڌار تي سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ عظيم اتهاسڪار جو مرتبو ماڻيو آهي.
ان ڪارڻ ئي اڄ سنڌ جي هن عظيم سپوت کي خراج عقيدت
پيش ڪندي اسين فخر محسوس ٿا ڪريون.
·
هتي مان صرف ڊڪشنري/ لغت آفيس جي حوالي سان ڪجهه
ساروڻيون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. (ا – ح)
تڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس ۽ تن ڏينهن
ڊڪشنري آفيس ۾ پارٽ ٽائيم جاب پڻ ڪئي هئم. مون کي
اها پٽيءَ سُڌ نه هئي ته هڪ ڪمري واريءَ انهيءَ
ڊڪشنري آفيس ۾ ڪيل ڪم جو تجربو آئيندي مون کي ڪيڏو
نه ڪم اچڻ وارو هو!
انهيءَ ڪمري ۾، قطار سان، آمهون سامهون ٽيبلون
رکيل هونديون هيون ۽ انهن ٽيبلن جي پٺيان ڪرسيون
رکيل هونديون هيون، جيڪي ڀِت سان لڳل هونديون
هيون. آمهون سامهون رکيل ٽيبلن وچان، هڪ ماڻهوءَ
جي لنگهڻ جيتري وٿي ڇڏيل هوندي هئي. ٽيبلن تي
ڪتابن، ڪارڊن، ڪاڳرن.... جا ڍڳ پيل هوندا هئا.
شيخ محمد اسماعيل انهيءَ آفيس جو انچارج هو، سڀني
ڪارڪنن جو ڪم ورهايل هوندو هو. لغت ۽ لوڪ
ساهت..... لغت م وري مختلف اکر/ لفظ – لوڪ ساهت ۾
ڪهاڻيون/آکاڻيون/ڳالهيون؛ داستان، ڳيچ، گيت،
ڳجهارتون، ڪهاڻين ۾ وري ڀِن ڀِن موضوع، لوڪ گيتن ۾
مختلف صنفون، صبح شام ڪم ٿيندو هو- ۽ انهيءَ سڄي
ڪم جو نگران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هوندو هو.
ڊڪشنري آفيس ۽ لوڪ ادب رٿا ۾ جيڪي ڪارڪن مون کي
ياد آهن، اُهي هي آهن: شيخ محمد اسماعيل، ڊاڪٽر
اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني، ممتاز مرزا، طالب
لوهار، محمد يعقوب ميمڻ، ولي محمد طاهر زادو، شبير
هاتف........ ڊڪشنري آفيس ۾ جيڪو به اُجورو ملندو
هو، اُهو ڪم ڪرڻ جو اجورو هوندو هو، نه ڪي ڪم نه
ڪرڻ جو! اُن ڪري اهميت وري به ڪم جي هئي - ۽ اهو
ڪم اڄ سڀني جي سامهون آهي. يقيناً لوڪ ساهت جي
انهيءَ عاليشان عمارت جي اڏاوت ۾ ڊڪشنري آفيس جي
سڀني ڪارڪنن جي محنت شامل هئي، پر اُن سان گڏوگڏ
انهن سون هزارن ڪارڪنن جي محنت پڻ شامل هئي، جيڪي
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هئا، جن لاءِ ڪو به اُجورو
نه هو! ڀلا پنهنجي گهر اڏڻ جو به ڪو اجورو هوندو
آهي ڇا!
ڇپيل ڪتابن مان مواد ڪڍڻ کان سواءِ، سڄي سنڌ مان
جيڪو به مواد هو، اُهو ڇانٽي (Sort)
ٿيندو هو، پوءِ لاڳاپيل ٽيبل/ ڪارڪن تائين پهچندو
هو، جتي ان جي پڙهڻي (Reading)
سان گڏوگڏ اُن ۾ درستيون به ٿينديون هيون. مختلف
روايتن جي ڀيٽ ٿيندي هئي، ائين پهريون اسڪرپٽ تيار
ٿيندو هو. شيخ محمد اسماعيل اُن کي چيڪ ڪندو هو ۽
پوءِ ڊاڪٽر صاحب جي آڏو رکندو هو. ڊاڪٽر صاحب ان
کي پهرئين کان آخري لفظ تائين ڏسندو هو. ويچار
ونڊيندو هو، هدايتون ڏيندو هو ۽ ان پٽاندڙ پريس
ڪاپي تيار ٿي، پريس هلي ويندي هئي.
اهو مواد جنهن وٽان به آيل هوندو هو، فُٽ نوٽ ۾
تنهن جو نالو درج ڪيو ويندو هو. ان ريت هڪ ئي
ڪهاڻيءَ، گيت يا داستان جون مختلف روايتون اينديون
هيون ته اُهي به ڏنيون وينديون هيون ۽ سڀني رواين
جا نالا به ڏنا ويندا هئا. آيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ /
سُوڌ سنوار جو ڪم جنهن به ڪارڪن جي بلي هوندو هو،
ان جو نالو پريس ڪاپي تيار ڪندڙ جي حيثيت سان ڏنو
ويندو هو ۽ ڇپجڻ کان پوءِ کيس ان ڪتاب جي ڪاپي پڻ
ڏني ويندي هئي، ۽ اهو ان لاءِ ساري سڀ ڄمار ياد
رهڻ وارو هڪ اعزاز هوندو هو. جڏهن ته مون کي ذاتي
تجربو آهي ته ٻين شخصن / ادارن جي پهرئين اکر کان
آخري اکر تائين، مسودن کي پڙهيو ۽ سنواريو هوندم،
پر انهن ۾ منهنجو نالو نه ڏنو ويو هوندو! ان ڏس ۾
مان هتي صرف ”کيڏوڻا“ جو مثال ڏيڻ چاهيندس. سحر،
”هوا جي سامهون“ جي اڀياس ۾ صفحي 17 تي لکي ٿي:
”ان ريت گيت کيڏوڻا جو نه رڳو نالو هن جو ڏنل آهي،
پر اُن جا سمورا معياري ترجما امداد جا ئي ڪيل
آهن.“
انهيءَ لکڻ مان منهنجي مراد صرف اها آهي ته تحرير جي پيشي سان وابسته فردن
لاءِ ايمانداري بنيادي شرط آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان پنهنجي هر ڪارڪن جي پورهئي جو قدر ڪيو ۽ ان جي
محنت کي مان ڏنو.
”لوڪ ادب رٿا“
هيٺ هڪ ڪتاب ”مناظرا“ به ڇپيو هو، جنهن جي مخالفت
۾ ڪراچيءَ جي هفتيوار اخبار ’Sunday
Times‘
۾ مسلسل هڪ ليک اچڻ لڳو هو. نيت اها ئي هئي ته
”مناظرا“ تي بندش وجهرائجي. انهيءَ ليک کي بنياد
بنائي، ڪراچيءَ جي ڪمشنر وٽ هڪ ڪيس پڻ داخل ڪيو
ويو هو، جيڪو اٺ سال هليو ۽ فيصلو ڊاڪٽر صاحب جي
حق ۾ ٿيو. اُن ڏس ۾ اچرج جي ڳالهه اها آهي ته
پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ، جنهن کي ساڄي ڌر جو
سمجهيو ويندو هو. ”مناظرا“ جي مخالفت ۾ شاهدي ڏني-
۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ، جنهن کي کاٻيءَ ڌر جو
سمجهيو ويندو هو، ”مناظرا“ جي حق ۾ شاهدي ڏني.
ڊاڪٽر صاحب اڄ ڏينهن تائين ڏيپلائي صاحب جا اُن ڏس
۾ ڳڻ ڳائي ٿو. ڏيپلائي صاحب پاڻ مون کي ٻڌايو هو
ته هن ”مناظرا“ جي بچاءَ ۾ مذهبي ڪتاب جا حوالا
ڏنا هئا.
جيتوڻيڪ مون جتي به نوڪري ڪئي آهي، اتي سنڌي
ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت سان ئي منهنجو واسطو رهيو
اهي، پر منهنجي پوري ڪيريئر ۾ ڊڪشنري آفيس اهو
واحد ادارو هو، جتي جي نوڪريءَ کي مون ڪڏهن به
نوڪري نه سمجهيو. اتي سڀئي ڪارڪن ٻوليءَ، ادب ۽
ڪلچر جا ڄاڻو ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي جذبن سان سرشار
هئا.
ڊڪشنري آفيس ۾ ڪم هلندي جڏهن به ولي محمد طاهرزادو
پنهنجي مخصوص کِل کلندو هو، تڏهن سڀ ڏانهس متوجهه
ٿي ويندا هئا. پوءِ ڪونه ڪو ٽوٽڪو ٻڌائيندو هو، ته
هڪ گڏيل ٽهڪ ٻُرندو هو. ڪڏهن وري شيخ صاحب چوڳو
وجهندو هو ته ”ابا هو ڇا پئي ٻڌايئي!“ ۽ ائين ڪڏهن
لفظن جي صورتختيءَ/ معنى بابت خيالن جي ڏي وٺ
ٿيندي هئي، ته ڪڏهن ٽوٽڪا، نقل نظير، پهاڪا ۽
چوڻيون پيش ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صاحب پوري وقت تي
آفيس ۾ ايندو هو ۽ پنهنجي مخصوص ڪرسيءَ تي اچي
ويهندو هو، جيڪا شيخ صاحب جي ٽيبل جي ساڄي پاسي
رکيل هوندي هئي. ڊاڪٽر صاحب جي موجودگيءَ سان
ڪارڪنن ۾ اُتساهه ڀرجي ويندو هو.
1992ع ۾ جڏهن مون کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري
ڪري رکيو ويو هو، تڏهن خبر پئي ته ”لوڪ ادب رٿا“
بند ٿي چڪي هئي. جڏهن ته ان وقت به ”لوڪ ادب رٿا“
هيٺ ڪجهه اهم عنوان تياريءَ جي مختلف مرحلن ۾ هئا،
مثلاً: ”چوڻيون“. هاڻي اهو ڪتاب ڪهڙي مرحلي ۾ آهي،
ان جي مون کي ڪا خبر ناهي!
سنڌ جو لوڪ ادب سنڌي عوام جو قومي ورثو ته آهي ئي،
پر اهو عالمي سطح تي پوري انسانيت جو ورثو آهي.
سنڌ جي لوڪ ادب جو دنيا جي لوڪ ادب ۾ ڪهڙو اسٿان
آهي؟ سنڌ جا لوڪ گيت، سُر توڙي موضوع جي لحاظ کان،
دنيا جي لوڪ گيتن ۾ ڪهڙي اهميت رکن ٿا؟ دودي-چنيسر
جي وير گاٿا جو عالمي رزميه شاعريءَ ۾ ڪهڙو مقام
آهي؟ اهي سڀ سوال، جواب طلب آهن ۽ انهن جا جواب
لهڻ گهرجن، مثلاً: ڪجهه ڪهاڻيون/آکاڻيون اهڙيون
آهن، جيڪي ٻين ٻولين ۾ به آهن. اهي سنڌ کان سفر
ڪري ٻاهر پڳيون، يا ٻاهران سفر ڪري سنڌ ۾ پُڳيون!
انهن سوالن جا جواب اسين تڏهن ئي لهي سگهنداسين،
جڏهن اسين خود پنهنجي قومي ورثي بابت سچيت
هونداسين.
سنڌ تي ڌڻي تعالى جو اهو خاص ڪرم آهي، جو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ اسان جي پُکي پيو، جنهن سنڌ جي
قومي ورثي کي محفوظ ڪري، ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائي
ورتو.
ممتاز مرزا
ڊاڪٽر بلوچ: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
جو حقيقي معمار
ڀٽائي صاحب جي ابدي آرام گاهه تي سندس لاڏاڻي کان
پوءِ سُتت ئي سندس مريدن، عاشقن ۽ فقيرن ميلا
ملاکڙا مچايا، پر سنڌ جي عالمن ۽ اديبن توڙي عام
پڙهيل طبقي جو هن سر زمين ڏي رخ سن 1932ع ۾ ٿيو.
مرحوم سيد ميران محمد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾، درگاهه
شريف جي اڱڻ ۾، لطيف جي ميلي جي موقعي تي هڪ ”ادبي
ڪانفرنس“ جو اهتمام ٿيو. سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام ان
موقعي تي تقرير ڪئي ۽ شاهه جي راڳين کان سواءِ
الله بخش بهشتيءَ ۽ چيتي ڀڳت، شاهه جا ڪلام ڳايا.
ان موقعي تي سنڌيءَ جو مشهور سُگهڙ ۽ ڀٽائيءَ جو
طالب راضي فقير به موجود هو، جنهن ڀٽائيءَ جي بيتن
جي پنهنجي فِڪر ۽ رمز سان اُپٽار ڪئي. سنڌ جي
ثقافت ۽ راڳ جي تاريخ ۾، غالباً اهو پهريون موقعو
هو، جو لطيف جي ورسيءَ تي، ادبي گفتگوءَ سان گڏ
راڳ جي رهاڻ جو ٻج ڇٽيو ويو. ان کان پوءِ، لطيف جي
ورسيءَ جي موقعي تي، ادبي مقالن ۽ مشاعرن سان گڏ
راڳ جو هئڻ ڄڻ لازمي امر ٿي ويو، ۽ اِهو سلسلو اڄ
تائين جاري آهي.......
سنڌ جي عالمن ۽ اديبن، داناءَ سگهڙن ۽ دل وارن
فقيرن جي عقيدت، ڀٽائي صاحب جي ماڳ تي، هوريان
هوريان پنهنجا خيما کوڙيا ۽ محفلون ۽ مجلسون
مچايون. ڀٽ تي اهي رهاڻيون بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي
جاري رهيون..........
پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ......... 1950ع ۾ سيد
ميران محمد شاهه پاران سنڌ سرڪار جي پي. ڊبليو. ڊي
جي وزير جي حيثيت ۾، قومي وڏي رستي کان ڀٽ شاهه
تائين، ٻن ميلن جو پڪو رستو کڻائي، شهري ماڻهن
خواه لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ اچ وڃ جي آساني
ڪرائي............... ساڳئي زماني ۾ سائين ميران
محمد شاهه مرحُم جي ڪوشش سان، لطيف يادگار
ڪاميٽيءَ جو بنياد پيو، ۽ انهيءَ سان گڏ شاهه جي
ورسين جو نئون سلسلو شروع ٿيو. 1951ع ۾ هڪ ڀيرو
وري درگاهه جي احاطي، يعني لکي در، ۽ نوبت خاني
واري پڌر ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ راڳائي فقيرن
ميلي کي مچايو. اُن محفل جي سربراهي سائين جي.
ايم. سيد ڪئي، ۽ استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ محفلن جي ڪارروائي هلائي. ڊاڪٽر صاحب جن
ڀٽائيءَ جي ورسيءَ جي ڪاررواين جي نگرانيءَ ۽
ميزبانيءَ جو سلسلو تڏهن کان شروع ڪيو ۽ 1951ع کان
وٺي 1967ع تائين سنڌي راڳائي ۽ وڄتا سنڌ جي ماڻهن
سان متعارف ڪرائيندا رهيا، ۽ اُنهيءَ دور ۾ ڊاڪٽر
صاحب اسٽيج تي بحيثيت هڪ ميزبان جي منهنجي تربيت
ڪئي.........
”لطيف يادگار ڪاميٽيءَ“ جو سڀ کان وڏو اجتماع ڀٽ
شاهه تي شاهه جي 201 ورسي مورخه 15 آڪٽوبر 1954ع،
ڪراڙ جي ڪپ تي ٻُگهين جي پاڙي لڳ پنڊال هڻي منعقد
ڪيو ويو. هن ميڙ جو مهمان خصوصي سنڌ جو تڏهوڪو
وزيراعلى پيرزادو عبدالستار مرحوم هو......
انهيءَ پهرين عام سرڪاري طور ملهايل شاهه جي
ورسيءَ جي موقعي تي آءٌ به پنهنجي والد مرحوم احسن
ڪربلائيءَ سان گڏ ويل هوس. ننڍو هوس، پر ٿوري گهڻي
سمجهه هئم. ان موقعي تي جن ماڻهن، عالمن، اديبن،
شاعرن ۽ راڳائي فقيرن کي ڏٺم، تن جي اڻلکي
يادگيريءَ مان سائين مخدوم محمد زمان طالب المولى
صاحب، سيد ميران محمد شاهه، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، محمد
خان غني، حافظ محمد احسن چنا، ڊاڪٽر غلام حسين
جعفري ۽ آغا عبدالنبي ۽ راڳائي فقيرن ۾ سُشيلا
مهتاڻي، محمد ابراهيم، نارو ڀڳت، مصري خان جمالي،
فقير عيسو ذهن ۾ محفوظ آهن. انهيءَ محفل جي
ڪارروائي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پئي هلائي. ورسيءَ جي
موقعي تي اُها گڏجاڻي موجوده آڊيٽوريم واري ڀِڪ ۾
ٻگهين جي پاڙي لڳ، ڪراڙ جي ڪناري تي تنبن ۾ ٿي.
صبح کان منجهند جو دير تائين مجلس هلي. ان موقي تي
پيرزادي عبدالستار مرحوم به تانپورن تي ويهي سُر
آسا مان شاهه جو ڪلام، ”منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾
آءٌ ڪيئن گذاريان“ چيو هو....... ان ورسيءَ جي
موقعي تي، پنڊال ۾ هڪ ٿلهي تي اُنهيءَ جي ڪارروائي
هلائڻ لاءِ اسٽيج تيار ڪئي وئي هئي. سڀ مهمان، خاص
طور تي عالم، اديب ۽ شاعر، اُن تي ويٺل هئا......
لطيف سائينءَ جي اِها ورسي سرڪاري سطح تي نهايت
ڪاميابيءَ سان ملهائي وئي......اُنهي موقعي تي پاڻ
(پيرزادي صاحب) ”ثقافتي مرڪز“ جي عمارتن جي پيڙهه
جو پٿر به رکيائون، جو اڄ تائين آڊيٽوريم جي مُک
دروازي لڳ موجود آهي........ پيرزادو صاحب سنڌ جو
اُهو پهريون وزيراعلى هو، جنهن لطيف سائينءَ جي
وفات واري ڏينهن تي، پهريون ڀيرو سڄي صوبي ۾ عام
موڪل ڪئي ۽ اُها موڪل 201 ورسيءَ جي موقعي تي ٿي.
سن 1955ع ۾ سنڌ ۾ درياهه جي ٻوڏن تمام گهڻو نقصان رسايو. اچ وڃ جا وسيلا ختم
ٿي ويا. لطيف سائينءَ جو ميلو ٿيو، پر ان موقعي تي
سرڪاري نوعيت جي ڪا تقريب نه ٿي سگهي. البت لطيف
يادگار ڪائونسل.........فيصلو ڪيو ته شاهه جي 203
ورسي (انگريزي سال موجب) حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي
ويندي. اها شاهه جي ورسي 2 ۽ 3 آڪٽوبر 1955ع تي
موجوده گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي احاطي ۾
منعقد ٿي. سنڌ جو وڏو وزير خانبهادر محمد ايوب
کهڙو مرحوم، پهرين ويهڪ جو مير مجلس هو. ڪائونسل
جي چيئرمين مرحوم سيد ميران محمد شاهه مهمان
خصوصيءَ جي آجيان ڪئي. کهڙي صاحب ثقافتي مرڪز جي
قيام جي تجويز جي پٺڀرائي ڪئي، ۽ مالي امداد جو
انجام ڪيو.
سنه 56-1955ع ڌاري فقط موجوده ريسٽ هائوس جڙي راس
ٿيو، ورسيءَ جون تقريبون ساڳيءَ طرح ٻگهين جي پاڙي
لڳ موجوده آڊيٽوريم واري جاءِ تي ٿينديون ۽ پنڊال
۾ محفلون مچنديون رهيون.
30 آگسٽ 1958ع تي 206 هون عرس ۽ ميلو ان لحاظ کان
اهم هو، جو ان وقت جي صدر پاڪستان سڪندر مرزا ميلي
جي تقريبن جو افتتاح ڪيو. هن موقعي تي اسان جي
دوست ظفر ڪاظميءَ جي ٺاهيل تصويرن جي نمائش،
موجوده ريسٽ هائوس جي ڊرائنگ روم ۾ منعقد
ٿي........
سن 1958ع ۾ اولهه پاڪستان سرڪار، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڪاميٽيءَ کي سرڪاري سطح تي ٻيهر منظم ڪيو،
جنهن جو پهريون چيئرمن، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر
مرحوم نياز احمد ۽ آغا تاج محمد مرحُم ان جو
پهريون اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. آغا صاحب
سُتت ئي وفات ڪئي، ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽيءَ
جو اعزازي سيڪريٽري، منهنجو محسن استاد ۽ ملڪ جو
نامور محقق ۽ عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مقرر
ڪيو ويو.....
اها هڪ حقيقت آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏهن ثقافتي
مرڪز جي ڪاروبار کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو ته ان وقت ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز جي هڪ عمارت، موجوده ريسٽ هائوس،
موجود هئي، ٻيو سڄو علائقو ميدان ئي ميدان هو.
ڊاڪٽر صاحب پڻ پهريون ميڙو، تنبن ۽ پنڊالن ۾
لڳرايو، شاهه جي شيدائين، آڳاٽو هڪ سهڻو سپنو ڏٺو
هو، جنهن جو مقصد لطيف جي ياد ۾ قائم ٿيڻ واري
ثقافتي مرڪز جا اڻلکا چِٽ هئا. ڊاڪٽر صاحب انهن
صاحبن سان اُن وقت به ڀيڙو هو، ۽ سنڌي سماج ۾ شاهه
جي مان ۽ مرتبي کان پڻ احسن طور تي واقف هو.
ثقافتي مرڪز جي ترقي ۽ تعمير سندس به خواب هو، ۽
اهو موقعو کيس مليو ته هُو اُن حسين خواب کي حقيقت
جي صورت ۾ سنڌ توڙي ٻين علائقن جي ماڻهن آڏو پيش
ڪري. ڊاڪٽر بلوچ وڏي جذبي ۽ عقيدت سان انهيءَ اعلى
ڪارنامي سرانجام ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري محنت
ڪئي. هتي مرحوم نياز احمد، ثقافتي مرڪز جي پهرئين
چيئرمين کي جس نه ڏيڻ، بدديانتي ٿيندي، جنهن صاحب
کي به حيدرآباد ڊويزن جي ترقيءَ ۽ بهتريءَ جو وڏو
شوق هو. هن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هر ڳالهه ۽ راءِ کي
پنهنجي فيصلي جي صورت ۾ ظاهر ڪيو. نتيجي طور
ثقافتي مرڪز جي تعمير، جنهن جي پيڙهه جو پٿر 1954ع
۾ رکيو ويو هو، ان دوران فقط ”عالمن لاءِ ريسٽ
هائوس“ جڙي راس ٿيو هو، ان ۾ تيزي آئي، ۽ 1959ع
کان مکيه جلسي گاهه، لائبريري، ميوزيم ۽ مطالعي
گهر جي تعمير جي ڪم جي شروعات ٿي. انهن عمارتن جي
حُسن ۽ ڏيک ۾ اسلامي انداز اختيار ڪيو ويو، ۽ هالا
جي هنرمند ڪاشيگرن کان سرون جوڙائي، عمارتن کي
سينگاريو ويو. اهي مڙئي عمارتون سن 1961ع ۾ ٽن
سالن جي مختصر عرصي ۾ جُڙي راس ٿيون. 28 ۽ 29
جولاءِ 1961ع تي 209 عرس جي موقعي تي، پاڪستان جي
صنعت ۽ قدرتي وسيلن جي تڏهوڪي وزير جناب ذوالفقار
علي ڀٽي صاحب، انهن عمارتن جو افتتاح ڪيو. لطيف جي
سالياني عرس جون تقريبون، پهريون ڀيرو انهن عمارتن
۾ ٿيون، ۽ اڄ به عرس جي مڙني تقريبن جو اهتمام
انهن ئي عمارتن ۾ ٿئي ٿو. سن 1964ع ۾ 212 عرس جي
موقعي تي اولهه پاڪستان جي ريلوي جي وزير جناب
محمد خان جوڻيجي، لطيفي راڳ جي اداري جي هاسٽل جي
عمارت جي پيرهه وارو پٿر رکيو، جيڪا 1965ع ۾ جُڙي
تيار ٿي؛ ۽ ان ۾ عرس جي موقعي تي آيل مهمانن جي
رهائش جو انتظام ڪيو ويندو هو، ۽ اڄ به ميلي جي
موقعي تي آيل مڙني مهمانن کي اتي ٽِڪايو ويندو
آهي. ان پسمنظر مان، اها حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته
لطيف سائينءَ جي ننڍڙي وسايل ڳوٺ ڀٽ شاهه کي، سندس
شان ۽ مان سان سينگارڻ جا سعيا جيڪڏهن ڪن آڳاٽن
عالمن، سنڌ جي ثقافت ۽ ادب جي گهڻگهرن خاص ڪري سيد
ميران محمد شاهه، سيد غلام مرتضى شاهه سنائي (جي.
ايم. سيد) ۽ عبدالستار پيرزادي ڪيا ته انهن کي
عملي صورت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سن 1958ع
کان 1964ع واري عرصي ۾ ڏني. ڀٽ تي اڄ جيڪي اهي
مڙئي جنسار ڏسجن ٿا، باغ باغيچا، وڻ ۽ ٻوٽا نظر
اچن ٿا، انهن جو ٻج ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
پنهنجو رت ست ڏئي ڇَٽيو ۽ پوءِ انهن کي وڌائي
ويجهائي، ان منزل تي پهچايو، جو اڄ لطيف جا
پانڌيئڙا انهن جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي، سک سان پنهنجي
اعلى شاعر جي اهڃاڻن ۽ آثارن بابت سوچڻ ويچارڻ
جهڙا ٿيا آهن. منهنجي خيال ۾ هن ثقافتي مرڪز جو
اڏيندر يا معمار، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ئي آهي،
جنهن کي سنڌ جي ثقافتي توڙي لطيف جي عاشقن جي
تاريخ ۾ سدائين سٺن لفظن سان ساريو ويندو.
ٻئي پاسي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، اعزازي سيڪريٽري هئڻ
واري زماني ۾، شاهه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام جي باري
۾ جديد انداز ۾ تحقيق ۽ تدوين لاءِ، ثقافتي مرڪز
ڪاميٽيءَ طرفان 1966ع ۾، لطيف سائينءَ جي مستند
سوانح ۽ رسالي جي جامع ۽ معياري متن مرتب ڪرڻ
لاءِ، هڪ تفصيلي رٿا منظور ڪرائي، جنهن تحت شاهه
جي سوانح بابت بنيادي ڪتاب ۽ رسالي جي آڳاٽي مختلف
ترتيب وارن قلمي نسخن کي شايع ڪرائڻ جو اهتمام
ڪيو. اهي ڪتاب پنهنجي مواد ۾ سوانح بابت بنيادي
ماخذ اهن، جن جي آڌار تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب، رسالي
جي جامع ۽ معياري متن جي ترتيب ۾ مصروف
آهي............
”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جي تقريبن توڙي اشاعتي ڪمن
سان منهنجي گهري وابستگي ڊاڪٽر صاحب جن جي ڪري ٿي.
ڊاڪٽر صاحب سان نيازمنديءَ جو رشتو توڙي ساڻن
ڳوڙهي قربت انهيءَ زماني ۾ ٿي. آءٌ لغت آفيس ۾ نقل
نويس هئس. اهو ڪم مون کي پنهنجي محترم دوست شيخ
محمد اسماعيل جي مدد سان مليو هو. ابتدا ۾ سنڌي
ادبي سنگت سان وابستگيءَ جي ڪري ۽ ڪن خاص سڄڻن جي
مهربانيءَ ڀريل خطن جي ڪري، جيڪي منهنجي خلاف
ڊاڪٽر صاحب ڏي ايندا هئا، مون کي پسند نه ڪيو
ويندو هو.
مون ۾ ڪنهن حد تائين ڪم ڪرڻ جي همت ۽ صلاحيت هئي،
۽ مون جنهن محنت ۽ محبت سان ڪم ڪيو، تنهن جي نتيجي
۾ مون کي گهڻو ئي ڪجهه پلئه پيو. سڀ کان وڏي ڳالهه
ڊاڪٽر صاحب جي دل مان مون بابت اوڦٽو خدشا نڪتا، ۽
آءٌ سندن ويجهو ٿيس. انهيءَ زماني ۾ پهريون ڀيرو
ڊاڪٽر صاحب، شيخ صاحب کي ميلي تي اچڻ جي دعوت ڏني،
۽ اهو به چيائون ته، ”هن ڇوڪري کي به وٺي اچجو،
متان ڪو ڪم ڪار ٿئي.“ اسان وياسين. تن ڏينهن ۾،
ٽريننگ ڪاليج فارمين جا تربيت هيٺ استاد صاحب ميلي
جي ڪم ڪار جي نگراني ڪندا هئا. ريسٽ هائوس کان
سواءِ، اڃا ٻي ڪا عمارت جڙيل نه هئي. سمورن اديبن،
شاعرن ۽ فنڪارن جي رهائش جو انتظام، جيئن اڳ ۾
بيان ٿيل آهي، تنبن ۾ ٿيندو هو، جيڪي ڪراچيءَ مان
نظام الدين ڪمپنيءَ وارا مهيا ڪندا هئا. هر تنبوءَ
تي مخصوص مهمانن جا نالا لکي ڇڏبا هئا، ۽ اهو
سمورو ڪم مرحوم منظور اسلام ڪندو هو. ڊاڪٽر صاحب
اسان کي به انهيءَ جي حوالي ڪيو، پر همراهه ٿوريءَ
دير ۾ اسان کي اصل ڇنڊي ڇڏيو. ڏک ٿيو، پر ڪجهه چوڻ
کان سواءِ اسين حيدرآباد موٽي آياسين.
ميلي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ائين موٽي اچڻ تي
ناراضپو ڏيکايو ۽ ميار به ڏني: ”توهان منهنجا
مهمان هئا، ائين بنا ٻڌائڻ يا موڪلائڻ جي موٽڻ
مناسب نه هو.“ ان کان پوءِ ميلي جي تقريباً سڄي
ڪارگذاري اسان جي حوالي ٿي. مان ڊاڪٽر صاحب سان
ثقافتي، ادبي ۽ موسيقيءَ جي محفلن ۾ ڀيڙو هوندو
هوس، ته شيخ محمد اسماعيل صاحب مهمانن جي رهائش ۽
کاڌي خوراڪ جي انتظام جو ذميوار. اهو دور هو جو
منهنجي اسٽيج جي زندگيءَ جي ابتدا ٿي، ۽ انهيءَ فن
جي تربيت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جهڙي شخصيت جي هٿان
ٿي. اڄ به سالن جي سَنڌي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب جن
جي هدايتن جا پڙاڏا ڪنن ۾ اصل ائين ٿا ٻُرن، ڄڻ ته
اجهو هاڻ ڪجهه چيو اٿن. سچ ته ڊاڪٽر صاحب کي،
پنهنجي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪمن سان گڏ اسٽيج تي
ڪنهن فن پيش ڪرڻ جو وڏو ملڪو آهي. ياد ٿو اچيم ته
موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي 50 ساله سيمينار جي
موقعي تي ڊاڪٽر صاحب راڳ ۽ ساز جي محفل جو انعقاد
ڪيو هو، ۽ دنيا جي سمورن آثار قديمه جي ماهرن آڏو
اهو ”شو“ ڊاڪٽر صاحب پيش ڪيو. ٻاهريان ماڻهو اصل
چريا ٿي پيا، ڏاڍيون تعريفون ڪيائون. صبح جو ڊاڪٽر
صاحب کي، سر مارٽيمر وهيلر جي صدارت ۾ ٿيندڙ
سيمينار ۾ مقالو به پڙهڻو هو. هڪ ٻئي مقالي جي
سلسلي ۾ سوالن جوابن جي دوران ڊاڪٽر صاحب سوال ڪرڻ
جي اجازت گهري، پر ويهڪ صدر وهيلر صاحب مٿس اصل
مُڇ ئي ڪانه ڇنڊي. نيٺ جڏهن ڊاڪٽر صاحب ڳالهايو،
تڏهن وهيلر معذرت ڪندي چيو، ”مون سمجهيو ته هيءُ
صاحب رڳو ميوزڪ ڪنڊڪٽر آهي، پر هيءُ صاحب ته
عالمانه نُڪتا ٿو اُٿاري.“ خير اهو ته هڪ ڌار
واقعو آهي، ۽ منهنجي انهيءَ ڏس جي مڪمل تربيت
ڊاڪٽر صاحب جن جي مرهون منت آهي. انهن ڏينهن ۾
منهنجي حوالي اهو ڪم هوندو هو ته سمورن آيل فنڪارن
جون لسٽون ترتيب ڏئي، انهن جي ڪافين ڪلامن جا ٿلهه
توڙي سازن تي پيش ڪرڻ واريون راڳڻيون نوٽ ڪري،
ڊاڪٽر صاحب جي آڏو پيش ڪريان، ۽ فنڪشن جي وقت انهن
مڙني همراهن کي اسٽيج تي حاضر ڪريان. ڊاڪٽر صاحب
پاڻ فنڪارن جو تعارف ڪرائيندو هو ۽ تعارف کان
پوءِ، هڪ منٽ اندر فنڪار کي پنهنجو فن پيش ڪرڻو
پوندو هو. جي ٿوري گهڻي، روايتي طرح سان سازن
ملائڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر صاحب کي اها ڳالهه
پسند نه ايندي هئي...... ٻيو ته پروگرام جي فهرست
ته تيار هوندي هئي، پر هلندي هلندي ڊاڪٽر صاحب ان
۾ نهايت تيزيءَ سان مٽ سٽ ڪندو هو. نتيجو اهو
ٿيندو هو جو آءٌ ڪنهن به فنڪار کي هيڏانهن هوڏانهن
ٿيڻ نه ڏيندو هوس. سڀ اک ۾ ڪيو ويٺو هوندو هوس.
اهي عجيب يادگيريون آهن. ذهن ۾ اچن ٿيون ته خوشي
ٿئي ٿي. اسان جا ماڻهو نهايت سبيتا ۽ سچا آهن، هو
راڳ ۽ ساز جي انهيءَ محفل کي ڏاڍي دل سان ٻڌندا
هئا، ۽ اڃا تائين ٻڌن ٿا.
(مرحوم ممتاز مرزا جي ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾
ڇپيل يادگيرين مان اختيار)
ممتاز مرزا جو ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن هڪ اهم خط
قبلا سائين، السلام عليڪم،
اڄ ويٺي ويٺي دل تي ڳالهين جا اهي دور چڙهي آيا، جيڪي ڪي سال ٿيا، جو اوهان
جي محبت ۽ صحبت ۾ گهاريم. ڪي ڏينهن هئا، جو اوهان
کان سواءِ ڪا ساعت به نه سرندي هئي. هاڻي اهي حال
آهن، جو سالن جون وٿيون پئجيو وڃن، نه حال نه
احوال، بس ٻين جي ٻڌ سُڌ تي پيا حوال حاصل ٿين.
شايد مون ۾ ئي ڪا آل آهي، ڪا ڪوتاهي آهي، جو اوهان
جي حال کان اڻ واقف رهندو پيو اچان. اها منهنجي
بدقسمتي چئبي، جو جنهن هستيءَ آڱر کان وٺي، اکر جو
انداز سمجهايو، جنهن لفظ جي معتبر هئڻ جي ساڃاهه
ڏني، جنهن جي ذات توڙي ڏات بي عقليءَ جي بازار مان
ڪڍي، علم ۽ عقل جو پنڌ پسايو، تنهن سان ايڏي دوري!
حيرت آهي مون جهڙن شاگردن جي جيئڻ تي، ايڏي ناسپاس
جو حياتيءَ جي اجائي دوڙ ۾، اهي سائين سڄڻ وساري
ويٺس، جن جي مهابي ۽ محنت سان هيءَ ماڳ ماڻيو اٿم.
ڳالهين جي انهن پورن دل کي بنهه اداس ۽ هيڻو ڪري
ڇڏيو. ٻي صورت نظر نه آيم، سو ڪاڳر ويهي ڪارو ڪيم.
شايد ائين ڪرڻ سان دل جو ڪو بار جهڪو ٿي پئي ۽ من
جو مونجهارو لهي پوي. هونئن به مون جهڙا اڌ- اکريا
آهن ئي مونجهارن ۾ مبتلا، سو اوجهڙ اورانگهڻ به
ڏکي پئي لڳي. بهرحال زندگيءَ جي جانڊهه جا پُڙ پيا
هڪ ٻئي ۾ ٽڪربا، جيڪو ان ۾ پيو، اهو ئي پيو
توريندو ته مون هن آرڻ ۾ ڇا پوکيو ۽ ڇا حاصل ڪيو.
ان ڳالهه تي ڪنهن حد تائين اطمينان اٿم ته مون
اوهان جي ڏنل سبق موجب نه ڪي وڃايو آهي ۽ نه وڃائڻ
وارو آهيان. پنهنجي پر ۾، لوڪان لڪي جيڪي ڪجهه پڄي
ٿو ڪريان ٿو. افسوس اهو اٿم جو اوهان جي ڪيل علمي
ڪشالن ۾ هاڻي منهنجو ڪو حصو نه آهي. سچ ته اهو آهي
ته هن منصب تي رسڻ جي باوجود، لغت آفيس جي نقل
نويس ۽ پروفن پڙهڻ واري ڪم کي آئون پنهنجي زندگيءَ
جو خاص ثمر سمجهندو رهيو آهيان ۽ هيٺاهين وٺي،
پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ واري اوهان جي ڏسيل واٽ تي
هلندڙ آهيان.
قبلا سائين! آئون جتي به رهيو آهيان، ۽ جتي به
هوندس، اوهان جا ڳڻ، اوهان جون ڳالهيون ۽ اوهان
جون هدايتون سدائين ساهه ۾ سانڍيون اٿم. ان جو سبب
جيڪڏهن آئون غلط نه ٿيان، اوهان جو سنڌ سان عشق،
سنڌين سان محبت وارو درس ئي آهي. هتي اسان ڪنهن کي
به جس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيون. وڏون ڪڍڻ ۽ پنهنجن
کي پراون آڏو ڏکيو ڪرڻ اسان جو ڄڻ مَرڪُ آهي. اهڙي
ماحول ۾ حساس دل وارا، علم ادب سان عشق ڪرڻ وارا،
ڪڏهن ته مايوس به ٿي ويندا آهن. چاهي اها ڪيفيت
وقتي هجي، پر هانو کي گهڙيءَ سوا لاءِ جهوٻو ته
ڏئي وڃي ٿي، پوءِ ڪم وارن جي ته ڪار اها ئي ته
قلندرن پٺيان اوپرا آواز ته سدائين ٻڌا ويا آهن،
سو انهن پنهنجا بار لاٿا ته ڪونه، اڳتي ويا آهن
وڌندا. سو آئون به اوهان واري پَرِ پاريو پيو
اچان. هتي ڪم جي گهڻائي، ڪتابن جي ڇپائي، ٻيون
سرگرميون سبب آهن، انهن وٿين جون، نه ته اوهان ته
منهنجي ساهه پساهه سان سلهاڙيل آهيو. جي ويسر ٿئي
ته ڄڻ نه سج چرهيو، نه رات ٿي. ڌڻيءَ اوهان کي
تمام گهڻو حوصلو ڏنو آهي. سهپ جا اوهان ۾ مڻ موجود
آهن. تڏهن ئي ته اڄ به قلم جو پورهيو جاري آهي. نه
ته سنڌي ادبي بورڊ جي وچئين دور واري روش، غلام
مصطفى شاهه جون اُلرون، اسان واري کاتي جون
الغرضايون، اهي مڙئي مامرا ماڻهوءَ کي حالن هيڻو
ڪري ڇڏڻ جهڙا آهن. ڌڻيءَ در دعائون آهن ته اوهان
جي سگهه سدائين سلامت رهي ۽ اوهان سونهاري سنڌ
لاءِ خدمتون ڪندا رهو ۽ مون جهڙن اٻوجهن جي سڃاڻ ۽
شناس ڪندا رهو.
شاهه جو رسالو (ڇهون جلد) پڙهي راس ڪيم. ٻين جي
خبر يارن کي به ڏيکاريم ۽ پڙهايم. مڙني واهه واهه
ڪئي. انهيءَ سطح تي لطيفي ڪلام جي پچار ڪرڻ وارو
نه ڪو اڳ ٿيو ۽ نه ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته اُڀ اکئين
پيو پسجي. شاهه جا هاڻي ته معروف ۽ مشهور صاحب سڌو
بيت به نٿا پڙهي سگهن. انهن جا پونير ڪهڙو ٻوٽو
ٻاريندا، تنهن جي سُڌ اسان سڀني کي آهي. ان سلسلي
جي ايندڙ جلدن جو انتظار آهي. اميد آهي ته اهو ڪم
به اُڪري ويندو ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ بي مثال
واڌارو ثابت ٿيندو.
قبلا سائين، گذريل جولاءِ-آگسٽ ۾ مون کي يونيسڪو
جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ تهران وڃڻ جو موقعو
مليو. ڏهن ڏينهن جي ڪانفرنس جو موضوع هو:
”ايشيا جا روايتي ساز“
پاڪستان طرفان آئون اڪيلو نمائندو هئس. اوهان جي
مضمونن جي آڌار تي،
”شاهه جي دنبور“
تي هڪڙو مضمون تيار ڪري ويو هوس. دنبور به کڻي
ويو هئس، ۽ ان سان گڏ دنبور جون مڙئي وڄتون به
ويڊيو تي رڪارڊ ڪري کڻي ويو هوس. مضمون ۽ ان متعلق
ڪيل نماءُ ماڻهن پسند ڪيو. هڪ نشست جو چيئرمئن ٿي
ڪارروائي به هلايم. ان جو مکيه اسپيڪر جاپان جو هڪ
پروفيسر ۽ ٻيو هندوستان جو هڪ ڊاڪٽر صاحب هو. آءٌ
به سڄي دنيا ۾ ڌِڪا کايو ويٺو آهيان، پر هتي عقل
حيران ٿيو، جو هڪ سخت مذهبي رياست ۾ موسيقيءَ ۽
سازن تي اهڙي نموني جون ڪانفرنسون! اسان وارا
ڪماچ، سرندا، دنبوريون سڀ ايران ۾ موجود.
انڊونيشيا وارا وري ساز کڻي آيا، جنهن کي چون
”دهل“ – نمونو ساڳيو سنڌ وارو. اهو ساز وڄائڻ وارو
”سماترا“ جو هو. بهرحال هڪ وڏو تجربو حاصل ٿيو.
ايراني انقلاب کان پوءِ، ماحول گهُٽيل ضرور لڳو،
پر ايراني صاحبن وڏي ڏاهپ سان پنهنجن نوجوانن جي
تربيت ڪئي آهي ۽ اهڙيءَ طرح جو هاڻي ته هنن کي ڪو
لهر نه لوڏو، ويٺا حڪمران الوليون ڪن. معلوم ٿيو
ته فقط تهران شهر ۾ سترنهن موسيقي سيکارڻ جا ادارا
آهن، جيڪي تهران يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهن. هنن
پنهنجي لوڪ موسيقيءَ کي نهايت ترقي وٺرائي آهي ۽
انهيءَ تي شاندار تحقيق به ڪرائي آهي.
قبلا سائين، نهايت عقيدت احترام مان اڄ هيءُ خط
لکيو اٿم. دل تي هڪ بار هو، جو لهي ويو. انشاءَ
الله جلدي حيدرآباد اچي روبرو حاضري ڀريندس.
وڌيڪ عرض ته مون هڪ ڪتاب
”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ لکيو آهي، جيڪو ڇپائيءَ هيٺ آهي. جيئن ئي شايع ٿيو ته خدمت ۾
عرض رکندس. اوهان جو نيازمند.
ممتاز مرزا
9-9-1996ع
غلام محمد لاکو
فارسي ادبيات جي ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون ڪيل
خدمتون
ويهين صديءَ جي سنڌ جيڪي به وڏا اديب، دانشور،
محقق، تاريخدان ۽ نقاد پيدا ڪيا آهن، مانواري
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نالو انهن سڀني ۾ نهايت
نمايان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جا لکيل، مرتب ڪيل،
ايڊٽ ڪيل ۽ جوڙيل ڪتاب پڪ سان هڪ سؤ کان به مٿي
ٿيندا. انهن ڪتابن ۾ بلوچ صاحب نهايت معتبر،
مٿانهون اسڪالر نظر اچي ٿو. ٻولين جي حساب سان مون
کي فارسيءَ، عربيءَ، اردوءَ، انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾
سندس قلمي پورهيو سُجهي ٿو. هن مختصر مقالي ۾
ڊاڪٽر صاحب جي فارسي علم ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو
احاطو ڪجي ٿو:
سنڌ ۽ ايران صدين کان پاڙيسري ملڪ رهيا آهن. عربن
ايران کي فتح ڪيو ۽ اتي اسلام جي پکڙجڻ بعد جڏهن
جديد فارسي اُسري ۽ نسري نروار ٿي، تڏهن هن زبان
عربي رسم الخط قبول ڪيو ۽ ان ۾ شعر و شاعري توڙي
تنصيف تاليف شروع ٿي. ايراني ادبيات جو ترت اثر
اول سنڌ تي پوندو هو ۽ هندستان تي پوءِ ٿيندو هو.
سنڌ ۾ ايراني علم ادب جا چٽا ثبوت، سومرن جي دور
کان ملن ٿا. سمن جي دور ۾ ڪجهه وڌيڪ شاعرن جا نالا
ملن ٿا، جن فارسي زبان ۾ شعر چيو
.
ارغونن جي دور کان وٺي فارسي ٻولي رياستي
سرپرستيءَ ۾ آئي. ان طرح فارسي شعر جو نسخو ڪتابي
ذخيرو ڀلان ڀل پيدا ٿيو. سنڌ ۾ هن زبان کي سرڪاري
پُشتي ميرن جي زوال تائين حاصل رهي. برٽش دور ۾
سرڪاري سهاري کان سواءِ به هيءَ ٻولي ڪنهن حد
تائين زنده رهي، ۽ان ۾ شعر و شاعري ۽ تصنيف تاليف
ٿيندي رهي. هن دور ۾ ڪراچيءَ مان فارسي اخبارون به
جاري ٿيون. قيام پاڪستان کان پوءِ پوري ملڪ وانگر
سنڌ ۾ پڻ هي ٻولي زوال پذير آهي، جنهن هت ساڍا ٽي
سؤ سال درٻار، خانقاهه ۽ علمي مرڪزن تي راڄ ڪيو.
ائين ٿو لڳي ته ايڪيهين صديءَ ۾ فارسي زبان جي سنڌ
۾ صفائي ٿي ويندي. هت محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
صاحب جي فارسي ادبييات لاءِ ڪيل خدمتن جو هڪ سرسري
جائزو وٺجي ٿو.:
|