ڊاڪٽر صاحب پاڻ سنڌيءَ، فارسيءَ، عربيءَ ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو
عالم آهي، سندس مٿئين فڪر جو هر پهلو ۽ انداز پاڻ
ئي هميشہ لاڳو ڪيو اٿس، جيڪو سندس هزارين لکڻين ۾
ظاهر ۽ عيان آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪئين دستاويز وٽانئس
اسان کي مليا آهن ۽ ڪئين وٽن آهن. اميد اٿئون ته
ڊاڪٽر صاحب وٽان ملندا رهندا. ويجهڙ ۾ سندن انهيءَ
سلسلي جي ڪڙي ” سنڌي ٻوليءَ جا تحريري دستاويز“
جي حوالي سان سندن مضمون ” شاهه عبداللطيف جي
معتقد ۽ ساٿاري ميين محمد ملاح جي سنڌي“ سه ماهي
مهراڻ نمبر 2-1990ع ۾ پڙهيم. هن ۾ ”بزغل جا ڪلما“
يا ’محمد ملاح جي سنڌيءَ‘ جي عنوان سان هڪ سنڌي
نظم ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب هن مضمون ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو
ته،
”اهو سنڌي نظم شاهه عبداللطيف جي وقت جو يعني
ٻارهين صدي هجريءَ جو آهي، جنهن ڪري سنڌي ادب ۽
ٻوليءَ جي تاريخ م اهميت وارو آهي. چوڏهين صدي
هجريءَ /20 صدي عيسويءَ کان اڳ وارا نظم توڙي ٻيون
تحريرون سنڌي ٻوليءَ جا دستاويز آهن، جن کي سهيڙڻ
۽ سانڍڻ تمام ضروري آهي ۽ اهي مثال ۽ مشابهتون
آندل آهن، جيڪي شاهه صاحب جي بيتن ۾مسلسل ملن
ٿيون. انهيءَ ڪري هيءُ نظم نه فقط سنڌي اساسي
شاعريءَ جو هڪ قيمتي سرمايو آهي، پر ان ۾ سنڌي
لغات جو اهم ذخيرو سمايل آهي.“
منهنجي خيال ۾ ٻوليءَ جي بڻ بنياد ۽ دستاويزن جي
متعلق هيءُ مستند رايو آهي ۽ جيڪو انهيءَ خيال جي
نفي ڪري ٿو ته لطيف جي ٻوليءَ يا پراڻي قديمي
ٻوليءَ جي گهاڙ يا سٽاءَ جديد سنڌي ٻوليءَ کي ڇيهو
رسائي سگهي ٿي. ڀلا پاڙ بنا ڪو ٻوٽو يا سلو نسري
سگهي ٿو؟ ٻوليءَ وسيلي نسرندڙ ادب، ريتون يا رسمون
بي پاڙي وَل ته ناهن، جيڪي ڪٿي به اُڇلي ڇڏجن.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي بوليءَ متعلق ايتري قدر فڪرمند
هئا، جو 1972ع ۾ سندس ڇپيل تحقيقي راءِ هتي ڏجي
ٿي:
”زبان متعلق يورپ جي انهيءَ تلخ تجربي کان متاثر ٿي، روس جي اندر يڪي حڪومت
جا 1917ع واري انقلاب بعد قائم ٿي، ساري ملڪ جي
سورهن جدا جدا ڀاڱن جي ماڻهن جي زبانن کي قومي ۽
سرڪاري زبانون تسليم ڪري، پنهنجي ملڪ اندر، ٻولين
جي مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪري ڇڏيو. يورپي قومن
جڏهن ٻيا ملڪ فتح ڪيا، تڏهن انهن غلام قومن تي
حڪومت ڪرڻ ۽ کين قبضي ۾ رکڻ جي نيت سان، انهن قومن
جي ٻولين ۽ تمدن جو مطالعو ڪيائون، قدري علمي لحاظ
کان پڻ انهن ٻولين جي تحقيق ڪيائون. پنهنجي تلخ
تاريخي تجربي جي بنا تي، مڪاني ٻولين جي وجود کي
تسليم ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو انگريزن جي اچڻ
بعد ئي پاڪ هند جي هن برصغير جي مڪاني ٻولين ۾،
ترقي ۽ تعليم شروع ٿي. انهن ٻولين جي تحقيق لاءِ
”گريئرسن“ جي رهنمائيءَ هيٺ ”هندستان جي ٻولين جو
جائزو“ نالي تحقيقي نتيجو ڪيترن ئي ضخيم جُلدن ۾
شايع ڪيو ويو. جيتوڻيڪ انگريزي زبان سڄي هندستان
لاءِ سرڪاري زبان ٺهرائي وئي، پر هر هڪ صوبي اندر،
انگريزيءَ سان گڏوگڏ، صوبي جي ٻوليءَ کي پڻ
”سرڪاري زبان“ يعني ته اسڪول، ڪورٽ، اسيمبليءَ ۽
حڪومت جي رڪارڊ جي زبان قرار ڏنو ويو. پاڪستان جي
زبانن مان سنڌيءَ ۽ بنگالي زبان جو اهو درجو هو.“
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏهن به خيرپور آيو ته گهڻو ڪجهه
ڏيئي ويو. ڪي سٺيون صلاحون، ڪي هدايتون، ڪيتريون
شاباسون، جيڪي منهنجي لاءِ وڏو سرمايو هيون. سچل
چيئر پاران جڏهن هڪ ئي وقت ٻارنهن کن ڪتاب پڌرا
ٿيا ته سندن ڪم نه ٿيڻ واري راءِ تبديل ٿي. سندس
اهي لفظ ئي وڏو انعام هئا ته ”هتي ڀلو ڪم ٿي رهيو
آهي“. ڊاڪٽر جي وڏي سڃاڻپ سندن ڪم آهي. هر انهيءَ
ڪم سان کين دلچسپي آهي، جيڪو ڪم سنڌي ٻولي، ادب ۽
ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ ڪيو وڃي. ڪيترا ماڻهو
سنڌي قومپرستيءَ جا دعويدار رهيا آهن، نعرا هنڻندا
وتن، پر ههڙو قوم پرستيءَ وارو ڪم ڪو ورلي ٿيو
هوندو. ڊاڪٽر صاحب سوين ڪتاب، سوين مقالا لکيا اهن
۽ سندن ڪينواس صرف هڪڙو آهي، اهو آهي سنڌي ادب،
ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جا نقش اڀارڻ. اهو سڀ سنڌ جي
غريب ڏتڙيل ماڻهن جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي
صورتحال سان گڏ سندن صدين کان رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽
روايتن جو کليو احوال ۽ بيان آهي. سال کن اڳ فيروز
ميمڻ جي نيو فيلڊس واري ڪتاب گهر جي افتتاح جي
موقعي تي ڊاڪٽر صاحب سان ملاقات ٿي. ڪتابن جا ڍڳ
ڏسي گد گد پيو ٿئي. افتتاح جي موقعي تي افتتاحي
پٽي اڌ ڪٽي، يڪدم مون کي چيائين: ”تنهنجي حصي جي
پٽي باقي آهي، اها تون ڪٽ.“ منهنجي لاءِ اهي مانَ
ڀريون گهڙيون هيون. چانهه پيئڻ مهل ٻڌايومانس ته
مان به هڪڙو ڪتاب گهرڙو قائم ڪريان پيو، دعا ڪريو
ته ڪاميابي حاصل ٿئي. ”دعا ته آهي ئي آهي، پر
انهيءَ ڪم ۾ مان اوهان سان گڏ آهيان ۽ گڏجي ڪم
ڪنداسين.“ هن مان ڊاڪٽر صاحب جو محنت ۽ ڪم ڪار سان
عشق نه رڳو ڏسي سگهجي ٿو، پر چڱيءَ طرح محسوس ڪري
سگهجي ٿو.
مان انهيءُ ڪتاب گهر جو ڪم شروع ڪري نه سگهيو آهيان، پوءِ ڪهڙي منهن سان کين
انهيءَ دوڪان تي وٺي اچان. حالتن اهڙو ڦيرو کاڌو
آهي، جو نه وقت ٿو ساٿ ڏئي، نه زمانو ۽ زماني جا
ماڻهو. دوست، دشمن بڻجي پيا آهن، پنهنجا، پرايا،
ڏيان ڏوهه ڪنهن کي واري ڪار آهي.
12 آڪٽوبر 1999ع ۾ سٺ سال پورا ٿيا ۽ رٽائرمنٽ ٿي.
گهر وارن ۽ منهنجي مربي ڀاءُ هڪ گڏجاڻي رٿي، جنهن
۾ گهڻو تڻو نياڻيون سياڻيون، دوست عزيز قريب آيا.
دعا لاءِ حضرت ڊاڪٽر غلام مصطفى خان کي عرض ڪيو
ويو. هو صاحب آيو ۽ ان سان گڏ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پڻ
آيو ۽ دعا ۾ شريڪ ٿيو. سڀني گڏجي دعا گهري، دعائن
۾ ايمان اٿم، ڪڏهن ته اثر ڪنديون، پر اهي ائين ته
ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي ان کي.
دعا کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب حضرت صاحب سان گڏجي يڪدم
روانا ٿي ويا، جو کين ڪو ضروري ڪم هو. ڪڇي نه
سگهيس. پنهنجائپ جي واٽ ته هئي، پر حد ادب جو
مسئلو هو. گهڙي ڪانه گذري، ڏسان ته ڊاڪٽر صاحب
انهيءَ ئي گاڏيءَ ۾ موٽيو پيو اچي. مون ۽ منهنجي
گهر واريءَ تهذيب وڌي وڃي وري آڌرڀاءُ ڪيس.
”توهان موٽي آيا“
کلي منهنجي گهر واريءَ جي مٿي تي هٿ رکيائين، جيڪو
مرحوم عبدالرحيم صاحب جي دوستيءَ، ڀائپيءَ ۽ قرب
جي ناتي کيس نياڻين وانگر ڀائيندو آهي. ”مان ڪيئن
پنهنجن پيارن کي اڪيلو ڇڏي سگهان ٿو؟“
اسين اڳي ئي اڪيلائيءَ جا ماريل، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم. ڊاڪٽر صاحب جڏهن
تقرير ڪئي ته سندس مان ڀرين ۽ پاٻوهه مان آکيل
اکرن مون کي ڄڻ ياد ڏياريو ته تون اڪيلو نه آهين.
”اڃا به اهين، ڪُلجڳ ۾ ڪاپڙي.،
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي عظمت ۽ ڀلائيءَ وارن جذبن جا
ڪئين داستان آهن. منهنجي حياتيءَ کي احاطو ڪندڙ هي
يادگيرين جا ورق هڪ وڏي ڪتاب ۾ ئي اچي سگهن ٿا.
”يار زنده صحبت باقي.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو وڏو سرمايو آهي.
شال ڌڻي کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ سندس وار ونگو نه ڪري.
اسين سڀ گهر وارا سندس لاءِ دعاگو آهيون. پڪ اٿم
ته سڄي سنڌ جا ماڻهو به سندن لاءِ دعاگو هوندا، جو
هن عظيم شخص ڪٿي به ويسر نه ڪئي آهي. ٻه ڳالهيون
نه ڪيون آهن. سنڌ جي ماڻهن ۽ ان جي حقيقي سرمايي
کي محفوظ ڪرڻ ۾ هن صاحب سڄي ڄمار ڏني آهي.
سُگهڙ عبدالرحمان مهيسر
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جون قرب ڀريون ڪچهريون
جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سان اٺٽيهه (38) سالن کان
وٺي، سگهڙن جي ڪچهرين جي لاڳاپي سان منهنجي
نيازمندي رهي آهي. پهرين ملاقات سٺيي واهه جي پل
وايا شادي شهيد روڊ ضلعي خيرپور ۾ سگهڙن جي سڏايل
ڪچهريءَ ۾ ٿي. ڊاڪٽر صاحب جن سگهڙن کي همٿائي،
ڪچهرين جا مچ مچايا. هاڻي سنڌي لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي
ڪچهريءَ جو جتي به ذڪر ٿئي ٿو ته لوڪ ادب کان واقف
هر شخص جي دل ۽ دماغ تي هن انتهائي معتبر شخصيت جو
نالو ڇانئجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جن اڌي صديءَ کان
وڌيڪ عرصي تائين سنڌي ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي،
تنهن جو ڪو مثال ڪونهي. انهيءَ ڪم جو اعتراف هر
روشن دماغ ماڻهو ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب جي
ڪيل ڪم کان بقول مرحوم عبدالله ورياهه ته ڪو به
انڪار نٿو ڪري سگهي. هڪ ڏينهن محترم علي احمد
بروهيءَ سان شيخ سلطان ٽرسٽ جي بلڊنگ ڪراچيءَ ۾
ملاقات ٿي، بروهي صاحب چيو ته ڊاڪٽر صاحب ايترو ڪم
ڪيو آهي، جو جيڪڏهن ان دؤر ۾ ڪمپيوٽر هجي ها ته
اهو به خراب ٿي پوي ها.
سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب ٻين صوبن ۾
به ڪچهريون قائم ڪيون. صوبي بلوچستان ۾ جيستائين
سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ڪراچي (حَبَ) کان وٺي،
اٿل، لس ٻيلي ويندي خضدار تائين، سڄاڻ سگهڙن سان
ملاقاتيون ڪري، وکريل وکرُ هٿ ڪيائون، جنهن جو ذڪر
ڪتاب ’ٻيلاين جا ٻول‘ ۾ آيو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر
بلوچ صاحب 1946ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ
اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا هليو ويو. 1950ع
۾ جڏهن واپس آيو ته پاڪستان، هندستان کان جدا ملڪ
بنجي چڪو هو.
’ٻيلاين جا ٻول‘
ڪتاب مئي 1951ع ۾ پهريون ڇاپو. 300 صفحن تي ڇپيو،
جنهن کي ايتري موٽ ملي، جو ٻئي ڇاپي جي ضرورت
محسوس ٿي. تنهن کان پوءِ احمد نبي بخش شيخ جي
اصرار تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن گهڻو مواد سڄاڻ سگهڙن
کان هٿ ڪيو: تن ۾ مرحوم محمد امين ڀوتاڻي
(دُريجي)، وڏيرو علي مراد ٻُرو ويٺل شهر اُٿل کان
ڏکڻ طرف، مرحوم الله بخش پالاري ( سنڌ ڪوهستان) جا
نالا قابل ذڪر آهن. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1970ع ۾
550 صفحن تي ڇپيو، جنهن جي مواد گڏ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جن جي پياري دوست مرحوم حاجي محمد سوڍي
بگهياڙ ڪلمتي ميرپور ساڪري واري جون به ڪوششون
شامل آهن. هي ڪتاب ٻيلي جي تاريخ سان گڏ سُگهڙن جي
فن ۽ ڪچهرين جو دستاويز آهي. هڪ ڀيري وڏيري مرحوم
علي مراد جي فرزند وڏيري الله بخش ٻُري سان اُٿل
شهر کان ڏکڻ ۾ سندس ڳوٺ ڪچهري ٿي، ان وقت هو اکين
کان وڏو ٿي چڪو هو، پر سندس هوش سالم هو. ڊاڪٽر
صاحب جن کي ڪچهري دؤران پيار وچان ’ادل، ادل‘
سڏيندو رهيو. ڊاڪٽر صاحب جن ٻڌايو ته سندس والد
مرحوم وڏيري علي مراد ٻُري سان جڏهن ڪچهريون ٿيون،
تڏهن هُن سُگهڙن جون سينا به سينا روايتون ۽ قومن
جا شجرا ٻڌايا. تنهن کان سواءِ واليان رياست لس
ٻيلن جون مليل سندون وڏيءَ محبت سان منهنجي حوالي
ڪيون ته سندن پورو مطالعو ڪري واپس ڪجو، جيڪي
سندون ’ٻيلاين جي ٻول‘ ۾ ڏنل آهن.
پوءِ رات اُٿل شهر ۾ ترسياسون. صبح جو ڊاڪٽر صاحب
جن چيو منهنجو خيال آهي ته ’ٽيهارو قبرستان‘ ۾ ملڪ
پهاڙ خان مدفون آهي، انهيءَ جي مزار تي هلون، جيڪو
رياست لس ٻيلي جو والي ٿي رهيو هو. انهيءَ کان
پوءِ سندس زال مائي چاڳليءَ رياست جون واڳون
سنڀاليون، جنهن کان مير ڄام عالي خان رياست ورتي
هئي؛ پوءِ مائي چاڳليءَ پنهنجي پٽ ملڪ عزت خان کي
وٺي ڪوٽڙيءَ ۾ اچي رهي هاڻي ٻه راتيون لس ٻيلي ۾
ڪي نه ڪي سگهڙ ماڻهو ملندا، جن سان ڪچهري ڪري وڌيڪ
ٻيلي جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جو مواد هٿ ڪجي، ڇاڪاڻ ته
ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. صبح جو اٿل شهر
جي ڏکڻ م سيد ڪبير شاهه جي مزار تي وياسون، جيڪو
وڏو سُگهڙ ٿي گذريو آهي، جنهن جا ٻيلي جي وڏي
سُگهڙ شيخ ابراهيم پٽ حمرجي سان، واليان رياست لس
ٻيلي جي ڪچهرين م بيتن جا مقابلا ٿيا،. پوءِ ٻيلي
طرف روانا ٿياسون. ملڪ پهاڙ خان جي مزار ’ٽيهارو
قبرستان‘ ۾ ڳولي ڏٺي سون. شام جو لس ٻيلي شهر ۾
آياسون، جتي سيد عبدالمجيد شاهه ڊائريڪٽر نيشنل
هائي وي اٿارٽيءَ طرفان ريسٽ هائوس ۾ انتظام ڪيل
هو. مون کي ڊاڪٽر صاحب جن موڪليو ته شهر ۾ وڃ، ڪي
نه ڪي سگهڙ ملي ويندا، جن سان ڪچهري ڪجي. مون ڪجهه
سُگهڙ ڳولي لڌا، جن وٽ ڳجهارتن جو فن هو، انهن کي
وٺي ريسٽ هائوس تي آيس. ڪجهه ڪچهري ڪيائون، ماڻهو
ويچارا سڌ سنوان هئا ۽ چيائون ته اسان سڀاڻي ٻيا
سُگهڙ وٺي اينداسون، جن وٽ حمر شيخ، ڪبير شاهه،
شيخ ابراهيم ۽ نِم مڱڻهار جا بيت آهن. ٻئي ڏينهن
انهن سُگهڙن کي وٺي آيا ۽ ڪچهري ٿي، جن وٽان ڪجهه
لوڪ ادب جو مواد مليو. مون ڊاڪٽر صاحب جن کي عرض
ڪيو ته ڪا هڙ حاصل ٿي؟ پاڻ چيائون ته گهڻو ڪجهه
ملي ويو.
هڪ ڀيري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سکر آيا ۽ مون کي
چيائون ته مُهن جي دڙي لاڙڪاڻي کان خضدار شهر
ڏانهن فلائيٽ وڃي ٿي، جيڪا 35 منٽن ۾ سفر طئي ڪري
ٿي، انهيءَ جي
PIA
آفيس سکر مان پڇا ڪري اچ، ته ڪهڙي ڏينهن تي وڃي
ٿي، ۽ هفتي ۾ گهڻا ڀيرا سکر کان خضدار تائين اچي
وڃي ٿي، آئون پڇا ڪري آيس ته ٻه ڀيرا هفتي ۾
ٻڌايائون، ڊاڪٽر صاحب مون کي چيو ته سڀاڻي به
فلائيٽ ويندي؟ مون چيو ته هائو سائين! پاڻ تيار ٿي
ويا. مهن جي دڙي ايئرپورٽ کان جهاز تي چڙهي خضدار
وياسون، جتي حسنين شيخ سارو انتظام رکيو هو. ڊاڪٽر
صاحب جن کي سُگهڙن جي ڪچهريءَ کان سواءِ تاريخ ۽
تهذيب بابت تحقيق جو اندر ۾ وڏو اونو رهندو آهي،
تنهن ڪري رات جو خان آف قلات جي سؤٽ آغا عبدالخالق
خان سان خضدار ۾ ملاقات ڪيائون ۽ کانئس ’ساروڻي‘ ۾
قبرستان بابت پڇا ڪيائون، جنهن ۾ پٿر جون روميون
قبرون آهن. ڊاڪٽر صاحب جن کي ڪنهن ماڻهوءَ قبرستان
جو ڏس ڏنو هو، پر آغا عبدالخالق خان قبرستان ۾
رومين جي تصديق نه ڪئي، باقي ايترو چيائين ته اتي
جا ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا ۽ ڪچهريءَ جهڙا مڙس
آهن. ساروڻو خضدار شهر کان ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي جبل
واري واٽ سان 130 ميلن جي مفاصلي تي پهاڙي رستي
سان آهي. صبح جو تيار ٿياسون ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جن چيو ”اڄ اتان جي ماڻهن کي اطلاع ڏجي ته ڪي سڄاڻ
سگهڙ ۽ مال جا ڏاها شجرن وارا ماڻهو گڏ ڪن، جن سان
ڪچهري ڪري سگهجي“. انهيءَ ڏهاڙي تي ڊاڪٽر صاحب جن
مير معصوم شاهه جو، باغبان ڀرسان لڳايل ڪتبو هلي
ڏٺو، جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر صاحب ڪتابن ۾ پڙهيو هو.
اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ جڏهن مير معصوم شاهه کي بکر
سنڌ مان ايران ڏانهن سفير ڪري موڪليو ويو هو ته
مير معصوم ڪتبو لکرائي جبل تي هڻايو هو ته جيئن
خبر پوي ته قافلو هتان گذريو آهي. اهو اسان ڊاڪٽر
صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ وڃي ڏٺو. ڊاڪٽر صاحب جن ٻڌايو
ته هي چار سؤ ورهيه پراڻو تاريخي پٿر آهي، هن جي
سنڀال گورنمينٽ بلوچستان کي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
هي شيون تاريخ جو حصو آهن. رات جو ڪمشنر خضدار سان
ملاقات ڪري، انهيءَ پٿر جي پارت ڪيائين.
ٻئي ڏهاڙي تي ساروڻي وياسون. خضدار کان ساروڻي
تائين ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ گاڏيون منزل تي پهتيون،
ڪچهريءَ وارا مڙس اڳ ۾ موجود هئا، چار ڪلاڪ ڪچهري
هلي. شام جو واپس ٿي، رات جو ڏهين وڳي اچي خضدار ۾
پهتاسين. اسان رات جو سمهڻ جي تياري ڪئي، جو گاڏين
جي جهاڪن جهوٻن هڻي هچ ڪري ڇڏيو هو، پر مون ڏٺو ته
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪمري ۾ نوٽ بوڪ تي ڪجهه
لکي رهيو هو. اهو ڊاڪٽر صاحب جن جو شوق ۽ عشق آهي،
جيڪو تحقيق جي ڪم ۾ ڏکن ڏاکڙن کي ڪونه ٿو ڏسي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب بلوچستان جو گهڻو سير سفر ڪيو
آهي، جنهن ۾ مرحوم مير شاهنواز خان شهلياڻي (تعلقي
اوستي محمد) جو وڏو هٿ رهيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جو پيارو دوست ۽ عاشق هو. خود پاڻ پارسيءَ
مون وڏو واقف هو. هڪ ڏينهن ڊاڪٽر صاحب کي چيائين
ته ”بيرون ۾ منهنجي زمين آهي، جتي ٻرڙا ۽ جويا رهن
ٿا، سي سُگهڙ آهن. اتان کان ڪچهرين جي شروعات
ڪجي. پوءِ پير ڪلي کان ٿيندا، مولوي شهر ۾ ڪئمپ
لڳائجي، جتي سڄاڻ ماڻهو، ڳائڻا ۽ عالم رهن ٿا،
انهن سان ڪچهريون ڪجن”. ڊاڪٽر صاحب جن اها ڳالهه
قبول ڪئي. مير شاهنواز خان پنهنجن ماڻهن کي حڪم
ڪيو ته ’ڪچهرين جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن، جو مان
سڀاڻي ڊاڪٽر بلچ صاحب جن سان گڏجي اتي پهچندس ۽
سڄي سنگت گڏ هوندي‘. مرحوم مير شاهنواز خان
شهلياڻي شاهانه شان ڪچهرين جو انتظام رکيو، جتان
گهڻو ڪجهه لوڪ ادب هٿ آيو. مولوي شهر ۾ جنوري
1979ع ۾ ڪچهرين جي ڪئمپ لڳائي وئي، جتي سُگهڙ
چنيسر خان عمراڻي، عمر 80 ورهيه، وڏي ڪچهري ٻڌائي.
کيس شجرن ۽ پاڙن جي وڏي ڄاڻ ئي. مير صاحب جي
ميزبانيءَ ۾ ڪچهرين کي چار چنڊ لڳل هوندا هئا، جن
ڏٺيون تن کان ڪڏهن ڪونه وسرنديون.
مير شاهنواز خان خود تايخ جو حصو هو، جنهن جي وڃڻ
سان بلوچستان جي تاريخ جو هڪ بابُ ڄڻڪ ختم ٿي
ويو. مير صاحب گهڻيون ڪچهريون ڪرايون. هن بلوچستان
۾ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کي خوش ڪرڻ ۽ ادب جي لاڳاپي
لاءِ وڏا منڊل ۽ راڳ جون محفلون رچايون. مون کي
ياد آهي ته هڪ ڀيري فتح پور، گنداوا، شورن، سبي ۽
ڍاڍر ۾ لڳاتار پنجن ڪچهرين جو انتظام رکيائين، جتي
سنڌي ٻولي هلندڙ آهي. ڪچهرين مون وڏو لوڪ ادب جو
مواد مليو. سبيءَ ۾ سگهڙ نبي بخش ڊومڪيءَ سان
ڪچهري ٿي. خاص بلوچي شعرن بابت وٽس وڏي ڄاڻ هئي ۽
انهيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڄي
رات سندس زباني لکندو رهيو. فتح پور ۾ سيد صادق
علي شاهه وٽ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ سندس والد سيد چيزل
شاهه ۽ ڏاڏي صوفي سيد رکيل شاهه جا بيت ۽ ڪافيون
مليون. شورڻ شهر ۾ سردار مير يار محمد خان رند جي
بنگلي تي ڪچهري رکيل هئي، جنهن ۾ حاجي الهڏنو خان
رند مليو. ان وڏي ڪچهري ٻڌائي، خاص ڪري بلوچن جا
شجرا کيس گهڻا ياد هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کي
پڇائون ڪندي معلوم ٿيو ته لهڙي شهر ۾ ڪو سڄاڻ سگهڙ
رهي ٿو، انهيءَ وٽان اوهان کي تاريخ ۽ شجرن جي وڏي
معلومات ملندي. ڊاڪٽر صاحب جن تيار ٿي ويا ۽ سبيءَ
کان صبح جو مير محمد خان چانڊيي جي رهنمائيءَ سان
لهڙيءَ ۾ سردار مير چاڪر خان ڊومڪيءَ سان ملاقات
ٿي. سردار صاحب وڏي مرحبا ڪئي ۽ ٻڌايائين ته جنهن
ماڻهوءَ جي اوهان ڳولا ۾ آهيو، سو سيلاني آهي ۽
ڪوئٽا طرف ويل آهي.
اتان لهڙي مون واپس ٿيندي، ڊاڪٽر صاحب جن چيو ته
هاڻي ڀاڳ شهر ۾ هلون، جتي خان آف قلات جي فرزند جو
مقبرو ۽ قلعو آهي. ڀاڳ وڏو علمي مرڪز رهيو آهي
اتي وياسون ته ڊاڪٽر صاحب جن علمي درسگاهه جي پڇا
ڪئي، جتي معلوم ٿيو ته قاضي حبيب الله صاحب جو وڏو
ڪمدرسو آهي، جتان ڪيئي عالم دستاربند ٿيندا رهن
ٿا. مدرسي ۾ قاضي حبيب الله سان ملڻ ٿيو. قاضي
صاحب جو چهرو نوراني نظر آيو ۽ اٺ ڏهه ٻيا به
مولوي صاحب موجود هئا، جن مون هڪڙو مولوي ڳوٺ وڏا
ماڇي تعلقي خيرپور ميرس سنڌ جو درس تدريس ۾ مشغول
هو. ٻڌايائين ته مدرسي ماڇي وڏا ۾ پڙهائيندو هوس،
پوءِ هتي آيو آهيان. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتب خانو ڏٺو
۽ قاضي صاحب سان علمي ڪچهري ڪئي. قاضي صاحب ٻڌايو
ته گهڻو عرصو اڳ ڀاڳ شهر ۾ 120 مسجدون آباد هيون،
جن جا نشان اڃان تائين موجود آهن.
وري ٻئي موقعي تي مرحوم مير شاهنواز خان
شاهلياڻيءَ کي ڊاڪٽر صاحب جن کي چيو ته ڇٽ ۾ ڪچهري
رکجي، جتي سيد مير محمد شاهه شاهپور ۾ ويٺو آهي، ۽
اتي سٺي ڪچهري ٿيندي. ڇٽ، ديرا مراد جماليءَ کان
30، 40 ميلن جي مفاصلي تي آهي. ڊاڪٽر صاحب جن اتي
ٻئي سال هليا، جتي سيد مير محمد شاهه ڪچهري ڪرائي،
گهڻا سگهڙ گڏ ڪيائين ۽ ڪهيري شاهه سان به ملاقات
ٿي، جنهن پاڻ کي سيد پئي سڏايو. تنهن تي سيد مير
محمد شاهه کيس چيو ته ’ڪهيري بلوچ آهن، پر کين
شاهيءَ جو خطاب مليل آهي، هي بلوچن ۾ فاقيرو گهر
آهي ۽ تون پاڻ کي گاريون نه ڏي‘. پر ڪهيري شاهه
پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن هڪ ڀيري ڪوئٽا ۾ خَطَ جي وڻ جو
ذڪر ڪيو ته البيرونيءَ جي ڪتاب ۾ پڙهيو اٿم ته
ڪوئٽا جي ڀرسان ٿئي ٿو، جنهن جا پن پاڻيءَ ۾ وجهي
گرم ڪري پاڻي پيئجي ٿو ته زڪام ۽ بلغم ختم ٿيو
وڃي. انهيءَ جون پڇائون ڪندي، آخر ڏس مليو ته
مولوي حڪيم محمد افضل بروهي صاحب ڪول پور ۾ رهي
ٿو، جنهن سان وڃي ملو، جيڪو وڏو سڄاڻ ماڻهو آهي.
ڪجهه وقت کان پوءِ مولوي محمد افصل صاحب جن سان
ڪول پور ۾ ملاقات ٿي، ٻه ٽي ڪلاڪ ڊاڪٽر صاحب جن
سان ڪچهري ڪيائين. مولوي صاحب ٻڌايو ته جبل جي
ٻوٽين جي حوالي سان جبل جون ٻوٽيون هٿ ڪري، حڪيم
محمد سعيد صاحب همدرد ڪراچيءَ وارن سان سالن جا
سال وابسته رهيو آهيان ۽ ٻڌايائين ته خَطَ جو وڻ
برابر آهي، سو جيڪڏهن اوهان ڏسڻ چاهيو ٿا ته ڪوئٽا
کان مَچَ ڏانهن ويندي وچ ۾ چشمو اچي ٿو، ان جي
اوڀر طرف جبل تي ڪيئي ننڍا وڻ بيٺل آهن، اتي اوهان
ڏسي سگهو ٿا. مولوي صاحب انهيءَ خَطَ جي وڻ جا
سُڪل پن به ڏيکاريا ۽ ڪجهه اسان کي ڏنا، مولوي
صاحب البيرونيءَ واري ڳالهه تسليم ڪئي ته برابر رب
ڪريم انهيءَ وڻ جي پنن ۾ اها خوبي رکي آهي. تنهن
کان پوءِ ٻئي ڏينهن شام جو انهيءَ جاءِ وڃڻ ٿيو،
جبل تي ننڍا ننڍا وڻ نظر آيا. مون کي ڊاڪٽر صاحب
جن حڪم ڪيو ته مٿي چڙهي وڃي وڻ جا پَنَ پٽي اچ ۽
ڏسون ته خط جي وڻ جا پن ساڳيا آهن. مون مٿي وڃي
پَنَ پٽي آيس، ته برابر هڪ جهڙا هئا. تنهن کان
پوءِ هڪ هوٽل واري چيو ته خط وڻ جون سُڪل ڪاٺيون
مون وٽ پيون آهن؛ جيڪي ڊاڪٽر صاحب پاڻ هلي ڏٺيون ۽
هڪ سنهي ڪاٺي هوٽل واري مالڪ کان ورتائين.
ڊاڪٽر صاحب ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته مير معصوم شاهه
جڏهن اڪبر بادشاهه جي حڪم تي سفير ٿي ملتان کان
ايران جي بادشاهه وٽ ويو هو ته ضلعي بار خان جي
وٽاڪڙي واري علائقي ۾ انهيءَ وقت ڪتبو پنهنجي پٽ
مير بزرگ کي چئي هڻايو هئائين ته جيئن خبر پوي ته
قافلو هن رستي سان ويو آهي، سو تاريخي پٿر ڏسڻ
گهرجي. پوءِ انهيءَ پوگرام جو انتظام سندس لائق
فرزند علي محمد خان بلوچ، محترم اعظم بلوچ
ايريگيشن سيڪريٽري بلوچستان کي چئي ڪرايوهو. ڪوئٽا
کان قلعو سيف الله، ميخر، لورالائي ۽ رکڻي کان سڌو
شام جو بار خان پهتاسون، جتي کيتراڻ قبيلو گهڻو
رهي ٿو. اتي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي خبر مسٽر عزيز
الله غلزئي ڊپٽي ڪمشنر بار خان کي پئي، سو سڌو
ريسٽ هائوس بار خان ۾ آيو ۽ ڊاڪٽر صاحب سان اچي
مليو. چيائين ته اوهان جو نالو ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم،
سو مهرباني ڪري سڀاڻي منهنجي دعوت قبول ڪيو ۽
وٽاڪڙيءَ علائقي لاءِ اوهان سان گڏ سونهون ماڻهو
منهنجي گاڏيءَ ۾ هلندو. پنهنجي گاڏي صبح جو گڏي
ڏنائين. اسان وڃي وٽاڪڙيءَ جو علائقو ڏٺو، پر مير
معصوم شاهه وارو ڪتبو هٿ ڪونه آيو، باقي پراڻا
آثار نظر آيا، جن مون هڪ پڪيءَ سر تي مائي حوا جي
مسجد لکيل هو،
سا سِر ڊاڪٽر بلوچ صاحب کڻائي پنهنجي گاڏيءَ ۾
رکرائي. شام جو برسات پئي، نيون وهي ويون، پر
ڊرائيور وڏيءَ همٿ سان گاڏيون ڪاهي اچي بار خان
پهتا. محترم عزيز الله (ڊي. سي) سان ڪچهري ٿي،
جنهن ڊاڪٽر صاحب جن کي چيو ته چيف جسٽس ۽ وزيراعظم
جو تضادم اسلام آباد ۾ تمام وڌي ويو آهي، الائي
ملڪ جو ڇا ٿيندو؛ پر اڃان ڪي مڙس آهن، جيڪي
وٽاڪڙيءَ جون پڇائون پيا ڪن!
اهو ڊاڪٽر صاحب جن جو تارخ ۽ ڪچهرين سان عشق هو،
جيڪو ڪنهن به تڪليف کي ڪونه ٿو ڏسي. 1999ع ڪوئٽا ۾
ڪچهري ڪندي، ڊاڪٽر صاحب جن خيال ڏيکاريو ته جيڪر
خاران هلجي ۽ اتان صبح جو خاران کان جهالار لڪ تي
ڪي تاريخي آثار آهن، اهي ڏسي اچون. سفر وڏو، جبل
جو پنڌ ۽ تڪليف واري ڳالهه هوندي به تيار ٿي ويا.
اهو سارو انتظام ڊاڪٽر صاحب جن جي محبت ۾ محترم
عبدالله مهيسر ڊائريڪٽر جنرل نيشنل هائي وي اٿارٽي
بلوچستان ڪيو. صبح جو ڪوئٽا کان 6 ڪلاڪ پنڌ ۾ لڳي
ويا. رات جو خاران جي ريسٽ هائوس ۾ ترسياسون. صبح
جو شيروانين جا قلعا ڏسي، جهالار لڪ طرف روانا
ٿياسون. گاڏيون ٻن پهرن کان پوءِ هلي پهتيون،
جتان ايران مان قافلا، بلوچستان ۽ سنڌ طرف ايندا
هئا. اتي قلعا به ٺهيل نظر آيا ۽ جبل تي عربي
ٻوليءَ ۾ ڪي عبارتون لکيل هيون، جيڪي ڊاڪٽر بلوچ
صاحب پڙهيون ۽ نوٽ بوڪ تي اتاريون ۽ انهن جا فوٽا
به ورتا. ٻڌايائون ته هنن عبارتن کي ڏهه صديون
گذريون آهن، پوءِ رات وري به خاران ۾ اچي پئي.
ٽئين ڏينهن ڪوئٽا ۾ آياسون. مون کين عرض ڪيو ته
سائين ڪو ماسو مليو؟ چيائيون ته مڻ ملي ويا.
سنڌ ۾ ته ڊاڪٽر صاحب جن جون ڪچهريون سالن کان وٺي
قائم آهن. 1982ع ۾ اسلام آباد کان مون کي لکيائون
ته سُگهڙ مٺو فقير مڱريي سان ڪچهري ڪرڻي آهي، جيڪو
1965ع جي لڙائيءَ کان پوءِ جيسلمير کي ڇڏي سنڌ ۾
آيو آهي. مون فقير قائم خان ڀنڀري سان صلاح ڪئي ته
مٺو فقير سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن کي ڪچهري ڪرڻي
آهي، سو سالن کان وٺي ڪونه ٿو ملي. فقير قائم خان
چيو ته سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي عرض ڪيو ته تاريخ
مقرر ڪري تعلقي ناري اچي، باقي مٺو فقير مڱريو
جيڪڏهن انڊيا به هليو ويو ته مون ڪاڇي اٺ تي چڙهي،
هڪ رات جي پيت ۾ اچي حاضر ڪندس، ڊاڪٽر صاحب جن کي
جڏهن اها خبر مون ڏني ته پاڻ ٻيا ڪم ڇڏي، تاريخ
مقرر ڪري خط ۾ موڪليائون ته ٻن هفتن کان پوءِ
ناري ۾ ڪچهري ڪبي. پاڻ اسلام آباد کان سکر
ايئرپورٽ تي آيا ۽ پوءِ شام جو ناري جي پرئينءَ ڀر
وڏيري حاجي خير محمد ڀنڀري جي اوطاق تي ڪچهري ٿي،
جتي ناري تعلقي جا سڀ سُگهڙ گڏ ٿيا هئا. ڊاڪٽر
صاحب جن پهچڻ سان پڇا ڪئي ته مٺو فقير مڱريو آيو
آهي، ته مٺو فقير سامهون اچي ڊاڪٽر صاحب جن سان
مخاطب ٿي چيو ته سائين مٺو فقير خدمت ۾ حاضر آهي.
ڊاڪٽر صاحب جن ڪجهه ڪچهري ٻين سُگهڙن سان ڪري،
باقي ساري رات مٺو فقير سان ويٺي ڪچهري ڪئي. صبح
جو به مٺو فقير کي گهرائي، ٻي ڪچهري ڪيائين. ڊاڪٽر
صاحب جن ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چيائون ته وري ناري ۾
ڪچهري ڪنداسون. مٺو فقير پنهنجي ڳوٺ ۾ تڙ قادن
واري جي ڀرسان دعوت جو عرض ڪيو، سا ڊاڪٽر صاحب جن
قبول ڪئي. مٺو فقير وڏو سجاڳ ذهن وارو سُگهڙ آهي،
جنهن وٽان ڪانه ڪا نئين شيءَ ڪچهريءَ ۾ ملندي
آهي.بقول ڊاڪٽر بلوچ صاحب ته هو هر فن مولى سگهڙ
آهي. هن وقت سندس عمر 90 ورهيه جي لڳ ڀڳ ٿيندي.
فقير قائم خان ڀنڀري ٻئي سال باقاعدي ناري ۾
ڪچهرين جو انتظام رکيو. سگهڙ ٿوهر فقير ڀنڀري وٽ
تڙ (سومريجي) تي ڪچهري رکيائين، جنهن ڪچهريءَ ۾
حضرت جلال کٽيءَ جا ٻه بيت ٿوهر فقير نوان ٻڌايا،
جيڪي اڳ ۾ اسان ڪونه ٻڌا هئا. ڊاڪٽر صاحب جن ڏاڍا
خوش ٿيا، ڇاڪاڻ ته سنڌي سينگار شاعريءَ وارو ڪتاب
پورو ٿيڻ وارو هو ۽ سينگار جي بيتن جون ڪچهرين ۾
پڇائون هلندڙ هيون. پوءِ مختلف موقعن تي قادن
واري، تڙ ڳور واري، پياري جي ٽوڙ، مٽيءَ واري،
پڌريي ۽ جُبي
۾ ڪچهريون ٿيون ۽ ڊاڪٽر صاحب جن اتي واريءَ جا
ڊرنءَ به ڏٺا، جتي انگريز جي دؤر ۾ حر جماعت جا
فقير رهندا هئا، جن مٿان حڪومت جا ماڻهو بم
اڇلائيندا هئا، پر اهي بم واريءَ ۾ ختم ٿي ويندا
هئا. ناري ۾ لَڪ واريءَ جاءِ تي ڪچهري ٿي، جتي
سگهڙ لاکي فقير ۽ مرحوم سوڀاري فقير مڱريي وڏي
ڪچهري ٻڌائي. وٽن شاهي راڄڙ جي بيتن جو وڏو ذخيرو
هو، جن وٽان لوڪ ادب جو گهڻو مواد هٿ آيو، جنهن کي
ڊاڪٽر صاحب جن اڄ ڏينهن تائين ياد ڪندا رهندا آهن.
تعلقو نارو ريگستان به عجيب علائقو آهي، جن ڏٺو
هوندو تن کي پتو پئجي سگهي ٿو.
لوڪ ادب جي شروعات کان وٺي سنجر پور ڀرسان محمد
آباد، تعلقي صادق آباد ۾ سيد انيس شاهه جيلانيءَ
وٽ ڊاڪٽر صاحب جون ڪچهريون سالن جا سال هلندڙ آهن.
اتي ڪچهريءَ ۾ ڳالهه نڪتي ته سگهڙ عبدالحڪيم فقير
راڄڙ وٽ حضرت جلال کٽيءَ ۽ ڪبير شاهه جا بيت آهن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ٻيا پروگرام ڇڏي، سيد انيس
شاهه جي معرفت چڪ نمبر 19 تعلقي صادق آباد ۾ هليا
۽ سگهڙ عبدالحڪيم کي وڃي ڳولي لڌوسون. حضرت جلال
جا بيت ٻڌايائين، سي ڊاڪٽر صاحب جن نوٽ ڪيا، جڏهن
واپس سکر آياسون ته ڊاڪٽر صاحب جن مون کي چيو ته
سگهڙ سيفل ڀٽي ميرپور ٻرڙي تعلقي ٺل ۾ ويٺو آهي،
انهيءَ وٽ جلال کٽيءَ ۽ سُهائي موچيءَ جي بيتن جون
مختلف پڙهڻيون آهن، انهيءَ سان ڪچهري ڪرڻ ضروري
آهي. پوءِ سيد دامن علي شاهه جي اوطاق تي تعلقي ٺل
۾ وڏي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ ڪيترا نوان بيت مليا. |