ڀلي ڄايون مائرون، سنديون صالحن،
محشر جي ميدان ۾، تنين ڏاج ملن،
ٻين ويچارين، اوجاڳا اجايا ڪيا.
اسان سنڌ واسين جي ڏاڍي خوشبختي ۽ نيڪ بختي آهي،
جو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ وقت بوقت تاريخ ساز شخصيتن
کي جنم پئي ڏنو آهي، ۽ انهن عظيم شخصيتن جي بدولت
ئي اسان جي تاريخ، تمدن، تهذيب ۽ ثقافت زنده،
جاويد ۽ ملڪان ملڪ مشهور آهي. هن مردم خيز سرزمين
پنهنجي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ انيڪ مانائتن ملوڪن کي
جنم ڏنو آهي، جن مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به هڪ
آهي.
هن مربي، معزز ۽ مهان انسان، پنهنجي جواني ته علم
ادب جي آبياريءَ کي ارپي، علم ادب، تاريخ ثقافت
لاءِ پاڻ پتوڙيندو، وڏيءَ محنت، جانفشانيءَ،
جفاڪشيءَ ۽ تن من سان خدمت ڪري رهيو آهي.
سنڌ جو هيءَ سپوت سيلاني انسان، 1949ع ۾ پي. ايڇ.
ڊي جي ڊگري حاصل ڪري، پنهنجي وطن موٽيو ته نوڪري
نه ملڻ جي صورت ۾ خاڪي ڪپڙا پائي، ابن بطوطه
وانگيان پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ جو چپو چپو پيرن
هيٺيان لتاڙيائين ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن، تهذيب ۽
ثقافت جي ٽڙپکڙ انمول هيرن کي يڪجاءِ ڪيائين، سنڌ
جي هن اَورچِ ابن بطوطه، ڪڏهن لاڙ ته ڪڏهن سرو،
ڪڏهن وچولو ته ڪڏهن ڪو ٻيو ماڳ مقام لتاڙيو ۽
پرکيو. بهرحال هن سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وڃي تاريخي
ماڳن مقامن کي پنهنجين اکين سان مشاهدو ڪيو ۽
ماڻهن سان رهاڻيون رچائي، انهن کان معلومات هٿ
ڪئي. رڻن جو هي رولاڪ مرد آهن، جتي به ويو آهي،
جيڏانهن به گهميو آهي، اتان هن سنڌ جي تاريخ،
ٻوليءَ ۽ تهذيب جي ڪانه ڪا سوکڙي ضرور ڳولي آندي
آهي؛ پوءِ چاهي سوماترا جا ٻيٽ هجن يا سنڌ جو
بندرگاه شاهبندر ڇو نه هجي، چاهي بيروني ملڪن جو
ڪو ماڳ مقام هجي يا ڏورانهين ٻيٽن تي سنڌي ملاحن
جون قبرون ۽ انهن تي لکيل ڪتبنن کي پڙهڻ جو ڪم
هجي، هر حال ۾ سندن سنڌ لاءِ جاکوڙ جاري رهي آهي.
ڊاڪٽر بلوچ نالو آهي هڪ اهڙي اداري جو، جنهن هر
صنف، هر عنوان ۽ هر موضوع تي هر لحاظ ۽ هر خيال
کان صرف سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جو ڪم همه
وقت جاري ۽ ساري رکيو آهي. هن عظيم المرتبت شخصيت
جي صورت ۾ اسان سنڌ واسين تي الله پاڪ جو هڪ وڏو
احسان آهي. سنڌ جي تاريخ هجي يا لوڪ ادب، لسانيات
جو موضوع هجي يا آثار قديمه، ڀٽائيرح
جي ڪلام جي تحقيق جو پراجيڪٽ هجي يا قاضي قاضن جي
ڪلام تي وڌيڪ تحقيق، پوءِ ان لاءِ کين کڻي ڪٿي به
ڪَهي وڃڻو پوي ۽ ان راهه ۾ ڪيڏا به ڪشالا ڇو نه
ڪڍڻا ۽ منزلون مارڻيون پون، مگر هي جهونو جوڳي هر
وقت ڪمربسته ۽ چاق چوبند نظر اچي ٿو. اها ئي ته
سندن عظمت جي نشاني آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ڪهڙا
ڳڻ ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن.
سندس عظيم علمي خدمتن جو ڪهڙو تذڪرو ڪجي، سندن
محنتن جا سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو ۽ سنڌ الاجي شاهد آهن. پاڻ جيڪو به علمي ۽
عملي پورهيو ڪيائون، اهو تقريباً ڇپجي چڪو آهي.
پاڻ جڏهن سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي اسڪيم
جوڙيائون ته ان تي عمل ڪندي، 40 کان مٿي ڪتابن جو
ذخيرو عوام آڏو آندائون، جنهن کي عوام ۾ وڏي
مقبوليت ملي. ان کان سواءِ پاڻ جامع سنڌي لغات جا
پنج جلد جوڙيائون ۽ اردو-سنڌي لغت جا به جلد، ڌار
مرتب ڪيائون، علاوه ازين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي
تاريخ به سندن وڏو ڪارنامو آهي. سنڌ جي هن سيلاني
انسان، صحيح معنى ۾ سنڌ واسين جي خدمت ڪندي، ملڪ
جي چئني صوبن جي ڪنڊ ڪڙڇ کي چڱيءَ طرح گهمي ڦري
ڏٺو، جهر جهنگ، جبل، پهاڙ، ٿر، بر ۽ بحر، واهڻ
وستيون، ڍنڍون ۽ ڍورا، ڀڙا ۽ دڙا ووچيندي ولوڙيندي
نيٺ درياهه ۽ سمنڊ به ڊاڪٽر صاحب وڃي سوڌيو ۽ کارو
کيڙيو. (کاري جي دوري دوران هي راقم ساڻن گڏ هو)
مٺي ۽ کاري جي مڇين کي به قلمبند ڪري، پنهنجيءَ
تحقيق جا جوهر ڏيکاريائون.
سنڌ جو هيءَ ابن بطوطه انسان ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙي به
حال ۾ هجي، ڪهڙي به عهدي تي فائز هجي، مگر سندن
سنڌ سان والهانه عشق ۽ الفت جو چٽو ثبوت اهو آهي،
جو پاڻ هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيق ۽ تدوين
جي ڳالهه ڪيائون. پاڻ چاهي ملڪ اندر هجن يا ملڪ
کان ٻاهر امريڪا، ايران ۽ برطانيه جي ڪنهن
يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيندا هجن، پر سنڌ جي تاريخي
عظمت جاڳڻ ڳائيندي نظر ايندا. پاڻ ڪڏهن نه ٿڪو
آهي.
ڪلاسيڪي شاعرن کي سهيڙڻ جي رٿا دؤران وري سنڌ جي
سر موڙ، الهامي ۽ آفاقي، سدا حيات شاعر حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه جي ڪلام تي تحقيق
جو ڪم، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شروع ڪيائون.
لڳاتار 25-30 سالن جي رات ڏينهن جي محنت ۽ مشقت،
جاکوڙ ۽ جستجوءَ کان پوءِ هڪ جامع رٿابنديءَ هيٺ
ڏهن ضخيم جلدن تي مشتمل شاههرح جي
رسالي تي عظيم الشان ڪم ڪري ڏيکاريائون. لطيف
سرڪار جي رسالي جي تحقيق لاءِ به سنڌ جي هن عظيم
سيلانيءَ وڏا ڪشالا ڪاٽيا. ڪڏهن ڏس برٽش ميوزم جي
انڊيا آفيس لائبرريءَ (لنڊن) ۾ ويٺو آهي، ته ڪڏهن
وري ايران جي شهر تهران جي بادشاهي بازار جي
ڪتبخانن ۾ ”سُرود شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ لاءِ پاڻ
پتوڙي رهيو آهي؛ ته ڪڏهن بلوچستان جي علائقن، سبي،
پسڻي، خضدار ۽ هنگلاج ۾ ”نانيءَ“ جي آستان ۽
اتاهين جبل تي چُستيءَ سان پيو چڙهي ته ڪڏهن ڀٽن
تان ڀيرا ته ڪڏهن وري لوڪ سگهڙن ۽ شاههرح
جي ڄاڻن ۽ شارحن سان قرب ڀريون ڪچهريون ڪندي نظر
اچي ٿو؛ ته ڪڏهن وري لطيف جي پرک خاطر انڊيا ڏي،
نارائڻ سر، گنگا، جمنا، ڪوٽيسر ۽ ڪڇ ڀڄ ۾ لاڳيتو
ٽن سالن تائين تحقيقات ڪري، اتان جي جهونن ۽
جهانديده جهانگيئڙن جي جهوپن ۾ لطيفرح
تي کوج پيو ڪري. لاکڻي لطيف جي ڪلام تي پاڻ ٿوري
محنت ڪونه ڪيائون، بلڪ ڀٽائيرح جي ڪلام
کي سُوڌڻ ۽ سنوارڻ لاءِ تحقيق جي نون معيارن کي
آڏو رکي، هڪ طرف 50 کان مٿي ناياب قلمي نسخا
سامهون رکيائون، ته ٻئي پاسي ايترن ئي ڇاپي نسخن
جو انبار اڳيان رکيائون، ۽ پوءِ سالن جا سال
ٻهراڙين ۾ وڃي شاهه جي پارکن کان پڇا ڳاڇا ۽ لفظي
صحت لاءِ تصديقون ڪرايائون، جيڪو سندن يقيناً هڪ
عظيم ڪارنامو آهي، پنجاهه سالن کان به مٿي علم ۽
ادب جي جاکوڙ ۽ پنهنجيءَ سموري زندگيءَ کي علم ادب
کي ارپڻ جي باوجود، هن جوان حوصلي واري انسان جو
ارادو اڃا به بلند ۽ عزم پڪو رهيو آهي. اڄ به
انهيءَ جوش، جذبي ۽ ولولي سان هن ارڏي، اڏول،
مجنون، محبتي ۽ هر دلعزيز انسان جو تحقيقي ڪم،
ساڳئي آب ۽ تاب سان جاري ۽ ساري آهي. هن ڪثير
التحرير، ڪثيرالڪتب ۽ وسيع النظر دانا ۽ بينا،
دانشمند انسان، علم ۽ ادب جي جيڪا بي لوث خدمت ڪئي
آهي، ان کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ پروئي نٿو سگهجي.
ڏاهن سچ چيو آهي ته ”عالم اهو آهي، جنهن تي علم
فخر ڪري، نه ڪي عالم پنهنجي علم تي فخر ڪري“. ۽
هيءَ ڏيهه جو ڏاهو انسان، اهو عالم آهي، جنهن تي
علم فخر ٿو ڪري. ڏاتار ڪري هن سنڌ جي ابن بطوطه
ڏاهي جي شفقت، پاٻوهه ۽ سندس سايو، اسان سنڌ واسين
تي هميشه برقرار رهي. سنڌ کي سونو نڪ ڏيندر هيءُ
عظيم انسان شال جوڙ ۽ جوپ رهي! (آمين)
ڊاڪٽر بلوچ اسان سڀني سنڌين لاءِ عظيم علمي ورثو، سرمايو ۽ اسان سڀني جو فخر
آهي، ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنهن ڪيڏو نه خوب چيو آهي:
ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
ملڪ، وطن جي بيخ ٿين ٿا،
خيام، حافظ، شيرازيءَ جهڙا،
بلوچ، سعدي، شيخ ٿين ٿا.
رسول بخش تميمي
شاهه جو شارح – ڊاڪٽر بلوچ
ڪوڙين ڪايائون تنهنجيون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درشن ڌاروڌار،
پرينم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان!
سنڌ جو سدا بهار عالم، مفڪر، دانشور، محقق، مورخ ۽
شارح، جيڪو ڪينجهر ۾ ڪنول جي گل جيان آهي ته سنڌي
ادب جي آسمان تي تارن ۾ چنڊ مثل ٿو لڳي؛ سنڌي ادب
۾ سندس قد ايترو اوچو آهي، جو ڏانهس ڏسندي مٿي تان
پٽڪو ترڪيو پوي. هن ملوڪ ماڻهوءَ متعلق پروفيسر
قلندر لڪياري چوي ٿو: ”جيترو سائين بلوچ لکيو آهي،
حقيقت ۾ اسان ايترو پڙهيو ئي ناهي“.
هن گهڻ پاسائين شخصيت جي ڪهڙي ڪهڙي شاهڪار تي
لکجي، مٿئين شعر کي اهڙي مقصد ۾ ڪم آندو اٿم.
ويهين صديءَ جو وهائو تارو، ايڪيهين صديءَ جي سنڌي
علم و ادب جو سج چئجيس ته وڌاءُ بلڪل ناهي.
غلام رباني آگري چواڻي، ”سنڌ وٽ ٻه ڊاڪٽر بلوچ ناهن، سنڌ وٽ علامه آءِ. آءِ.
قاضي، علامه دائودپوٽو، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
۽ علامه قاسمي به آهن، جيڪي علمي ۽ ادبي حوالي سان
وڏي جاءِ والارين ٿا، کين به عظمت پلئه پيل آهي،
ليڪن سنڌي ادب کي جيڪي توڏَر بلوچ سائينءَ ٻڌا
آهن، تن جي سونهن ۽ جلوي سنڌ ۽ سنڌي ادب کي چمڪائي
ڇڏيو“.
بقول علامه اقبال:
هزارون سال نرگس اپني بـﻶ نوري په روتي رهـﻶ،
بڙي مشکل سـﻶ هوتا هـﻶ چمن مين ديده ور پيدا.
مون سائين بلوچ صاحب جي شخصيت متعلق جيڪي لکيو
آهي، ان ۾ ڪنهن کي ڪو وڌاءُ نظر اچي ته ان کي عشق
جي دائري ۾ آڻي ڇڏي، جو مون کي ذاتي طرح سائين
بلوچ صاحب سان عشق جي حد تائين محبت ۽ عقيدت آهي.
ڇا ان ڳالهه کان ڪو حقيقت پسند انڪاري ٿيندو ته
ڊاڪٽر بلوچ، علم و ادب، تاريخ، لوڪ ادب، موسيقيءَ
جي تاريخ، لغت، لطيفيات، ثقافت ۽ شاهه جي شارح جي
حيثيت ۾ واهڙ ڪين وهايا آهن؟ بلڪ هر ڪو انصاف پسند
ائين چوندو ته هن شخص، ادب ۾ چشما ۽ درياهه وهايا
آهن، اهي به جديد تقاضائن مطابق ۽ سائنٽيفڪ انداز
سان حيرت ٿي لڳي ته جيڪو ڪم اسان جا ادارا نه پيا
ڪن،اهو ڪم هڪ اڪيلي فرد اهڙي ته عمدي سليقي ۽
خوبصورت انداز سان ڪيو آهي، جو کيس شابس ڏيڻ کان
دل رهي ئي نٿي سگهي؛ پر افسوس انهن ماڻهن تي ٿو
ٿئي، جيڪي هن سنڌي ادب جي ”مرد آهن“ جي ڪيل محنتن
مان اڄ به ثمر بار ٿي رهيا آهن، سي سندن خلاف لب
ڪشائي به ڪن پيا. وري به جس آهي اردو زبان جي ديب
مائي
ثمينه وقار
کي، جنهن
’نئين زندگي‘
رسالي جو
’بلوچ نمبر‘
شايع ڪيو، ورنه اسين ته مڙده پرست به پنهنجي پسند
جي مڙدن جي ئي پوئواري ڪندا آهيون. شابس ڊاڪٽر
ٽرمپ کي، جنهن شاهه جو قدر ڪيو ۽ اسان کي ياد
ڏياريو. اسين سنڌي عناد ۽ حسد جا مڙيوئي شوقينڙا
آهيون، تنهن ڪري بي ميار به آهيون، جو سدائين
نااهلن کي پيا نوازيندا آهيون.
جناب سائين شمس الادباء ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڇا علم و
تدريس، ڇا تاريخ، ڇا ثقافت، ڇا ادب، ڇا لغت، ڇا
جاگرافي، ڇا لوڪ ادب، ڇا لطيفيات، ڇا موسيقي،
الغرض ته هن هر مکيه صنف تي انتهائي جامع ۽ مدلل
نموني ڪم ڪيو آهي، جيڪو قابل تحسين ۽ ناقابل
فراموش پڻ آهي. سنڌي ادب جي گلشن جو مالهي اهڙو ته
سڄاڻ ۽ ماهر آهي، جنهن سنڌي ادب جي ڪَلين ۽ معصوم
گلن ٻوٽن ۽ وڻن ٽڻن جي تمام جانفشانيءَ سان آبياري
ڪئي آهي، جو اهي ڪَليون، گل، ٻوٽا ۽ وڻ ڪڏهن به نه
ڪوماڻبا، بلڪ سدائين ثمردار ۽ خوشبوءِ دار رهندا.
هتي آءٌ شمس الادباء ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي، حضرت سيد
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي تي ڪيل ڪم بابت ڪجهه
ويچار ونڊيندس ۽ ادب شناس بين الاقوامي حيثيت جي
ڌڻيءَ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام تي ڪيل ڪم بابت تحسين
پيش ڪندس:
سونهاري سنڌڙي، جنهن سان اسان سنڌين کي گهڻو پيار
آهي، تنهن جي ڪُک مان هڪ اهڙي برگزيده هستيءَ جنم
ورتو، جنهن کي اسين ڀٽائي گهوٽ، ڀٽي ڌڻي، شاهه
لطيف، لال لطيف ۽ اهڙن ٻين به مٺڙن لقبن سان ياد
ڪندا آهيون، تنهن جي ڪلام کي ”شاهه جو رسالو“ چيو
وڃي ٿو، جنهن کي هر سنڌي پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل هڪ
جيترو پڙهي، ٻڌي، ڳائي ۽ ياد ڪري ٿو. انهيءَ ڪلام
تي ڪيترن ئي عالمن، حاڪمن، عاشقن ۽ عاقلن ڪم ڪيو
آهي، ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ڍنگ سان ۽ هر ڏاهي
پنهنجي عقل ۽ ثقل ذريعي ڀٽ ڌڻيءَ کي پنهنجي مرضيءَ
۽ منشا مطابق سينگاري سنواري پيش ڪيو آهي؛ پوءِ
ڪنهن جي جاکوڙ ۽ پورهيي جي ڄمار پنج ورهيه ته ڪنهن
جي ڏهه ورهيه ته ڪنهن جي اڃا به مٿڀري. انهن مان
گهڻن دانشورن ڀٽ ڌڻيءَ کي ويدانيت پرست ۽ لاڪوفي
بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ليڪن نه حقيقت سمجهي سگهيا
آهن ۽ نه سمجهائي سگهيا آهن.
جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب تقريباً چاليهه ورهين جي
محنت و مشقت ۽ پيار جي پورهيي بعد لطيف جي ڪلام جي
اسرار و رموز، راز و نياز کي سمجهڻ لاءِ عميق ۾
غوطا کاڌا ۽ سمونڊ سوجهيو، تڏهن وڃي حقيقت کي
ويجها پهتا.
سي پونجيارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جهُوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن.
ڪانهي قيمت تن، مل مهانگو ان جو.
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ فقط وحدت جا موتي موجود آهن،
سندس ڪلام ۾ صوفيت جو درس ڏنل آهي، جنهن کي
سولائيءَ سان رڳو هڪ مسلم ذهن ئي پرکي ۽ پروڙي
سگهي ٿو، صاف ۽ پاڪ ذهن ئي صحيح معنى ۽ شرح بيان
ڪري سگهي ٿو، اهو ائين جو شاهه سائينءَ جي ڪلام جا
ڀل ڪيترين ئي ٻولين ۾ منظوم ترجما ڪجن، پر جيڪو
لُطف اصل ڪلام ۾، اهڙو ڪٿي!
ڊاڪٽر صاحب، لطيف سائينءَ جو سچو شيدائي آهي، گهڻا
هاٺيلا پٻن تي بيهي، مٿي ٿي پنهنجو قد وڌائي،
ڊاڪٽر صاحب جي مان ۽ مرتبي کي گهٽائڻ ۾ رُڌل آهن،
ليڪن وقت وڏي عدالت آهي. ڪاغذي گل شوخ رنگن سبب
رڳو وقتي طور سونهن پيا پسائين، پر خوشبوءِ ڪٿان
آڻين؟ سرهاڻ ته حقيقت ۾ پنهان آهي. ڪينجهر ڪپ تي
ڍولڪ جي تال تي شراب ۾ مڌ مست ٿي نچڻ وارن کي ڪهڙي
خبر ته ڀٽ تي طنبوري جي تارن مان نڪرندڙ وجداني
سُرن تي جهومڻ ۾ ڪهڙو لطف آهي، سو ته مير
عبدالحسين سانگيءَ ۽ شمس العلماءَ ڊاڪٽر دائودپوٽي
جي روحن کان ئي پڇجي!
ڊاڪٽر صاحب، لطيف سرڪار متعلق جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو
ڪو خال خال ڪينهي، پر تمام سهڻي سٽاءَ ۽ سماع وارو
نهايت جامع، ڏاهپ ۽ علميت جي ڪسوٽيءَ تي جانچيل
آهي. درياهه کي سيِوڻ ۽ تري تائين پهچڻ، ان جي
سموري ڪائنات کي پرکڻ ۽ پُرجهڻ ڪا سولي کيتي
ڪينهي. انهيءَ سمونڊ ۾ پير پائڻ ڪنهن وڏي وڻجاري
جو ڪم آهي، باقي ’جهڙي تهڙي ذات جي جنبش ڪانهي
جاءِ‘! شاهه صاحب کي سمجهڻ، رسالي کي صحيح پڙهڻ،
سندس ڪلام کي سمجهڻ، اهو گري گنجي جو ڪم ناهي.
رسالي جي سهيڙ، صحت، معنى، شرح، جنهن تي گهڻي عرصي
کان ڪم ٿيندو پئي رهيو آهي، سو هر ڪنهن عالم ۽
اديب پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڪيو آهي. يقيناً گهڻن
عالمن محبت پائي من ۾ رنڊا ئي روڙيا آهن ۽ رسالي
جي صحيح متن، معنى، شرح ۽ فڪر کي پيش ڪرڻ لاءِ وڏا
ڪيچ ڪيا پئي ويا آهن. هن دقيق ۽ غور و فڪر واري ڪم
کي ڏاهي ۽ برک عالم ۽ مفڪر انتهائي سهڻي نموني
نڇيڙيو آهي. هن عالم ۽ لطيف شناس بلوچ صاحب، لطيف
کي سمجهڻ لاءِ الف-ب جي ڦرهي پڙهڻ جيان ابتدا ڪئي.
ان ڳالهه کان ته انڪار نه ڪبو ته ڪو ڊاڪٽر صاحب کي
ڀُلون چڪون ڪين ٿيون هونديون، پر هن جهونجهار
جيءَ جان سان جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو به ڪو وسارڻ
جهڙو آهي ڇا؟ هن دُرلڀ هيري ۽ اڪابر شخص، شاهه
صاحب کي سمجهڻ لاءِ جيڪي اَٺ معيار مقرر ڪيا آهن،
سي اهڙا معياري ماپا آهن، جن جي تور مان تُرڻ بعد
جيڪو وکر پاس ٿيو، سو کرو ۽ صاف ليکبو.
هونئن به اڳين عالمن ۽ اڪابرن، ان سٽاءَ ۽ ترتيب
سان ڪم نه ڪيو، جهڙي سليقي سان بلوچ صاحب ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب، شاهه تي ڪم ڪرڻ کان مَهند ڪن ٻين
سالڪن ۽ صوفي شاعرن جي ڪلام کي سهيڙيو ۽ تحقيق ڪري
پڌرو ڪيو، جن ۾ شاهه شريف ڀاڏائيءَ، لطف الله
قادريءَ، خليفي نبي بخش قاسم ۽ ميين شاهه عنايت
رضويءَ جو ڪلام شامل آهي. ان کان پوءِ باقاعدگيءَ
سان لطيف سرڪار متعلق ڪم شروع ڪيائون ۽ ”شاهه جي
رسالي جا سرچشما“ نالي ڪتاب لکي پڌرو ڪيائون، جنهن
۾ رسالي ’گنج‘ کان وٺي قلمي ۽ ڇاپي رسالن بابت
تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي ۽ هر هڪ رسالي جي قدامت ڄاڻائي
وئي.
پيرهه جو پٿر رکڻ بعد هڪ ٻيو معلوماتي ڪتاب بعنوان
”رسالي جي ترتيب“ لکيائون، جنهن ۾ اها ڄاڻ ڏني وئي
ته گنج ۾ سُرن جي ترتيب ڪهڙي آهي ۽ ٻين رسالن ۾
ڪاتبن ڪهڙيون ترتيبون اختيار ڪيون آهن. علامه
قاضي، علامه دائودپوٽي، علامه قاسميءَ، ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ، غلام محمد شاهواڻيءَ ڪهڙي سٽاءَ رکي ۽
ٻوليءَ کي ڪهڙي شڪل ڏني وئي. تنهن بعد بلوچ صاحب
لطيفرح جي راڳ ويراڳ جي باري ۾ قلم
افشاني ڪندي، ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“ لکي، جنهن
۾ علم موسيقيءَ ۽ شاهه جي راڳ جي خوبين ۽ معيار،
راڳ جي وقتن، تنبوري جي تارن ۾ هڪ تار جي اضافي جي
خوبيءَ ۽ اسرارن تي لکيو، جيڪو ڪم سواءِ روحاني
رنگ ۾ رتل لطيف جي عاشق کان سواءِ ٻيو هرگز نٿو
ڪري سگهي.
ڊاڪٽر صاحب تيرهن قلمي نسخن جي آڌار تي ٻن جدا جدا رسالن کي شايع ڪرايو، اهي
رسالا پڻ پنهنجيءَ جاءِ تي خاص اهميت رکن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب جن رسالي جي اصل ڪم جي ابتدا، انهن اٺن
اصولن تحت ڪئي، جيڪي پاڻ ڪلام جي پرک لاءِ مقرر
ڪيائون، اهي هن ريت آهن:
1- مطالعي هيٺ آيل رسالن جي تعداد جو معيار:
هن معيار تحت قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي مطالعي هيٺ
آندائون، جن جو تعداد 68 هو. نه فقط ايترو، پر ان
وقت، رسالي جي حيات پارکن، سگهڙن ۽ داناءَ فقيرن
سان پڻ سالن جا سال صحبتون ڪيائون، جنهن سان رسالي
جو هڪ جامع ۽ معياري متن جوڙيائون، ان معيار تحت
گهڻي ۾ گهڻو ڪلام هٿ آيو، صحيح پڙهيون سامهون
آيون، سمجهڻ ۾ آساني ٿي ۽ اڻپورا بيت ۽ وايون مڪمل
صحت سان چٽيون ٿي مليون.
2- رسالن جي قدامت جو معيار:
هن معيار تحت سڀ کان آڳاٽن بيتن ۽ واين جي وزندار
هجڻ جي ڄاڻ حاصل ٿي، ڇاڪاڻ جو اهي رسالا شاهه صاحب
جي قريبي وقت جا آهن.
3- رسالن جي ڀيٽ جو معيار:
هن معيار تحت، هر بيت ۽ وائيءَ جو متن مختلف رسالن
۾ ڏنل آهي، سو ڀيٽي ڏسجي ته جدا جدا پڙهڻيون
سامهون اچن، لفظن ۽ ٻوليءَ جي اصليت توڙي ڪچائيءَ
۽ پڪائيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. پنهنجي پرائي ڪلام
هجڻ جي خبر پوي ٿي ۽ ڪلام جي درست شڪل معلوم ٿئي
ٿي.
4- ٻوليءَ جو معيار:
هي بلڪل بنيادي معيار آهي، جنهن مطابق ڪنهن شعر ۽ ٻوليءَ جو عيب پرکبو آهي.
لفظ ۽ محاورا، سٽاءَ مطابق نه آهن ته اهو ڪلام
شاهه صاحب جي معيار کان گهٽ آهي. مطلب ته شاهه جو
ڪلام ناهي.
5- شاعريءَ جو معيار:
هيءُ هڪ بنيادي ماپو آهي، جيڪو ڪلام انهيءَ معيار
موجب ناهي، سو هرگز هرگز شاهه صاحب جو ٿي ئي نٿو
سگهي. وزن، قافيو، اُچار، رواني، سلاست، بلاغت
وغيره شاهه صاحب جي شعر جا معيار آهن.
6- بيان جو معيار:
هن مان ٻوليءَ جي سونهن، جلوو، رونق، رواني ۽
بلاغت وغيره جا معيار مراد آهن.
7- معنى ۽ مفهوم:
هن معيار مطابق ضروري آهي ته هر لفظ ۽ هر سٽ معنى
جي لحاظ کان درست هجي ۽ ان جو مفهوم واضح ۽ پڌرو
هجي.
8- اعلى فهم ۽ فڪر جو معيار:
هن معيار مطابق اعلى شاعريءَ جي پرک پوي ٿي. ڀٽ
ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ ڳوڙها ۽ انتهائي فڪر انگيز مضمون
آهن، جن ۾ تمام گهريون معنائون ۽ مامرا بيان ڪيل
آهن، جن کي هر اديب، عالم ۽ دانشور پنهنجيءَ ڄاڻ
مطابق پرکيندو، سندس فڪر جي پرواز جيتري بلند
هوندي، اوترو ويجهي کان سمجهندو، فڪر جي ڦرهي پڙهي
۽ بيان ڪري سگهندو. هر مفڪر پنهنجي پنهنجي ڏاهپ،
دانش و بينش مطابق واضح ڪري سگهندو، جيئن ته اسان
جي مايه ناز ۽ بين الاقوامي مفڪر جناب علامه قاضي
صاحب، شاهه صاحب جي عظيم شاعر هجڻ وارا ماپا بيان
ڪيا آهن، سي پڻ ساڳيءَ ساهميءَ جا ئي ماپا آهن.
ڊاڪٽر صاحب چواڻي شاهه جي عالمگير فڪر جو روح
اسلامي آهي. وڌيڪ مقرر معيار مطابق لکن ٿا ته شاهه
صاحب انهن باڪمال ۽ عارف شاعرن مان آهي، جن اسلامي
تصوف ۽ طريقت جي روشنيءَ ۾ انسان ۽ انان جي عارضي
زميني زندگيءَ سان لاڳاپيل دائمي حقيقتن بابت اعلى
ڄاڻ جا اهڃاڻ ڏنا آهن. جن مان هي اهم آهن: ڪائنات
جي تخليق ۽ تخليق ۾ وحدت ۽ ڪثرت، خالق ۽ مخلوق جو
رشتو، توحيد ۽ رسالت، انسان لاءِ ارادي، نيت،
عقيدي ۽ ايمان جي سچائيءَ جي ضرورت وغيره.
ڊاڪٽر صاحب مٿيان معيار مقرر ڪري، انهن تحت ڪلام
جي معنى، مفهوم ۽ شرح بيان ڪئي آهي، جيڪو ڪلام جو
حقيقي مقصد ۽ روح آهي. هر ذي شعور ماڻهو اندازو
ڪري سگهي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ڪيترو نور نچويو آهي،
ڪيڏو ڪشالو ڪيو آهي. هن وڏي عرق ريزيءَ ۽ دماغ
سوزيءَ سان رسالي جي ڏهن جلدن مان پهريون جلد
ڇپايو، جنهن جو مختصر وچور هن ريت آهي:
شاهه جو رسالو جلد پهريون -1989ع
عنوان
مقدمو
باب پهريون: شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال
باب ٻيون: شاهه جي رسالي جي اصليت ۽ حقيقت، رسالي
جي قلمي ۽ ڇاپي نسخن جي سڃاڻپ.
باب ٽيون: رسالي جي تدوين ۽ تاريخ
باب چوٿون: رسالي جي ترتيب
باب پنجون: شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار
باب ڇهون: جامع مستند متن لاءِ صورتخطي، تنهن بعد
سُر جو مهاڳ ڏنل آهي. ان کان پوءِ سُر جو متن ۽ سٽ
وار معنى ڏني وئي آهي. بيت جي هڪ سٽ، ان جون مختلف
رسالن ۾ مختلف ترتيبون، سٽاءَ ۽ پڙهڻيون، معنائون،
لفظن جي بيهڪ، معنى، اُچار، وري پارکو سالڪن ۽
سگهڙن فقيرن جا رايا ۽ سمجهاڻيون ڏئي ڪلام کي وڌ
کان وڌ مستند بنايو ويو آهي.
شمس الادباء ڊاڪٽر بلوچ جو ترتيب ڏنل ڏهن جلدن تي
مشتمل اهو ڪشالو، رت ۽ ست چُوسيندڙ آهي، پر جس آهي
هن جوان عزم عالم کي، جنهن اهو ڪشالو ڪري توڙ
پڄايو. آءٌ هتي ڏهن جلدن جو مختصر تعارف پيش ڪندس.
جلد- 1 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام صفحا 858، هن
جلد ۾ ڏنل مواد متعلق مٿي تفصيل ڏئي چڪو آهيان. هن
۾ سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو متن آهي.
جلد -2 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 517، هن
۾ سر کنڀات، سر بروي، سر سريراڳ ۽ سر سامونڊيءَ جو
مستند متن، تفصيلي سمجهاڻيءَ ۽ مقدمي سميت شامل
آهن.
جلد -3 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 610، هن
۾ سر گهاتو، سر کاهوڙيءَ، سر ڪاپائتيءَ سر بلاول،
سر پرڀاتيءَ، سر ڪارايل ۽ سر ڏهر جو مستند متن
تفصيلي سمجهاڻيءَ ۽ مقدمي سميت شامل آهي.
جلد -4 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 800، هن
۾ سسئي جي پنجن سُرن: آبريءَ، معذوريءَ، ديسيءَ،
ڪوهياريءَ ۽ حُسينيءَ جو مستند متن، تفصيلي
سمجهاڻيءَ ۽ مقدمي سميت شامل آهي.
جلد -5 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 402، هن
۾ سُر راڻي، سر ليلان، سر ڪاموڏ ۽ سر سورٺ جو
مستند متن، تفصيلي سمجهاڻيءَ ۽ مقدمي سميت شامل
آهي.
جلد -6 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 625، هن
۾ سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪليءَ ۽ سُر آسا جو
مستند متن، تفصيلي سمجهاڻيءَ ۽ مقدمي سميت شامل
آهي.
جلد -7 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 700، هن
۾ سر مارئيءَ، سر سهڻيءَ ۽ سر سارنگ جو مستند متن
تفصيلي سمجهاڻيءَ ۽ مقدمي سميت شامل آهي.
جلد -8۽ 9 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 548، هن ۾ شاهه جي ڪلام جو
مڪمل متن ۽ معنى، سمجهاڻي ۽ مقدمو شامل آهي.
جلد -10 شاهه جو رسالو: شاهه جو ڪلام، صفحا 930،
سر ڪلياڻ کان سُر بسنت تائين تفصيلي مقدمي، متن ۽
سمجهاڻيءَ سميت، ٻين ستر عارفن، سالڪن ۽ شاعرن جو
ڪلام، جيڪو ڇنڊي ڇاڻي شاهه جي ڪلام کان الڳ ڪري
پوري تفصيل سان ڏنو ويو آهي. |