سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 6 

اهو رڪارڊ اڃا به اٿم. سوچيم وڏي آهي ته ڇا ٿيو، شادي ڪندس ته نورجهان سان. مون نورجهان ۽ هل اسٽيشن ماٿيران سان زبردست محبت ڪئي آهي. مان انڊيا ويس ۽ هوءَ پاڪستان هلي آئي.

شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي، کي جو هو بيچ جي بنگلي تي هڪ گانو ٻڌايو هئم:

ان غير سنڌين جي فساد سبب هندن ۾ ٿرٿلو ۽ هراس پيدا ٿيو ۽ هڪ ڏينهن اسين به پنهنجا ٽپڙ کڻي، اٺ گاڏيءَ ۾ چڙهي، ڪراچي بندر آياسين. ڪراچي عيد گاهه ٻاهران ڪافي سنڌي ڪتاب ٿي وڪاميا. ٻين ٻين آني. مون ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. شايد اهو 16 جنوري 1948ع جو ڏينهن هو ۽ مان حياتيءَ جا سترهن سال پورا ڪري رهيو هوس. اها اٺ گاڏي پل پل مون کي منهنجي ڌرتيءَ، سنڌو ماءُ کان پري ڪندي هلي. برنس روڊ. ڪچهري روڊ. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج. گاڏي کاتو. لائيٽ هائوس. بندر روڊ ميونسپالٽي. بولٽن مارڪيٽ. جمعي دادا ڏسي ورتو ۽ سائيڪل تي اچي، هٿ ڏيئي هلڻ لڳو، چيائين، ”ڀاءُ هميشھ لاءِ ٿو وڃين؟“

”نه“ مون چيو. ”مان واپس ايندس.“ هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هو هليو ويو. واپس ۽ مان؟ ۽ اهو به سنڌ. سگريٽ جي دونهي ۾ اڃا به ڏسان پيو. پنهنجي ڪراچي. اها اٺ گاڏي ۽ جلاوطنيءَ جو سفر. ٻليءَ ٽب مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڏاڍا وڏا ٽپا ڏنا. پربت کان وڏيون ڀتيون ڪجي ڇا؟ هڪ سرد آهه، هڪ زرد ماٺ.

 

 

ختم ٿي ويو اهو سندر جيون. اهو سنڌ جي زمين تي هلڻ ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ. هاڻ اهي منگهن جا منظر نه ڏسبا، نه اها جوان ڇوڪرين جي جهومر، پپل جا ڌاڳا ٻڌي، انهن جو نچڻ ۽ زالن جو سنڌوءَ ۾ ڏيا ٻارڻ! سنڌ. اسين هن جون بلبلون ۽ هوءَ اسان جو گلستان (اقبال). اهو کليل آسمان ۽ سڌي سنوت واري ڌرتي. ان جا ماڻهو به سڌا سادا. ختم ٿي وئي اها بي فڪري سوچ ۽ آرام جي زندگي. اهي کير ۽ مکڻ، پڪوان ۽ سيرا. اهي عيد تي ٻوڙ ۽ نياضيءَ جي ڇاڇ.

مان هندي هندوستان ٿي ويس، پر من ۾ خوشي نه هئي، پر هندستان هندي ۽ هندو نه هو. سيڪيولر هو. اهو پوءِ ڄاتم. سنڌ ۾ اتر پرديش ۽ بهار جا مهاجر آيا ته هراس وچان هندو ڀڄڻ لڳا. هو مذهب جي نالي پنهنجي ڌرتي ڇڏي آيا. اسان خون خرابيءَ بدران ڪوچ ڪرڻ پسند ڪيو.

ان ۾ به سنڌين جو تصوف آهي. اسين توهان کي نه کپون؟ چڱو وڃون ٿا. هاڻ جڏهن توهين گهرائيندا، تڏهن اينداسين، نه ته ڌارين زمين تي ختم ٿي وينداسين! آباد سنڌو ماٿريءَ جي ڪجهه بناوٽ اهڙيِ آهي. تاريخ ۾ اسان تي ڏاڍا حملا ٿيا ۽ اسان مقابلو ڪيو ۽ اڪثر مارون کاڌيونسين. پر سنڌي مسلمان ڀائر اسان کي نه چاهين ته اهو اسان کان برداشت ٿي نه سگهيو. هڪ منزل گاهه ئي پس پيش اسان کي ملڪ بدر ڪيو. اسان اها به غلطي ڪئي، جو اسان بمبئي کان سنڌ جي ڪٽجڻ جي مخالفت ڪئي. ان ڪري قوم پرست مسلم عوام اسان کان ڪٽجي ويو. اسان تنگ رستي کان هلياسين ۽ پوءِ رستو ئي نه هو ۽ تاريخ جون گمناميون هيون. اوندهه ۽ لاهيون ئي

لاهيون، پوءِ بس باهيون هيون.

بندر تي هڪ سمنڊ ماڻهن جو به هو. اسين هڪ رات چادرون وڇائي پٽ تي سمهياسين ۽ ٻئي ڏينهن جهاز ۽ بندر جي وچ ۾ لٽڪيل ڏاڪڻ تان ڌڪا کائيندي، مٿي ڊيڪ تي چڙهي وياسين. ماڻهن ۾ ڏک هو ته هنن وطن ڇڏيو ٿي ۽ هڪ اڻ لکي خوشي به هئي ته، هو  ان ملڪ ڏانهن ٿي ويا جتي هو آزاديءَ سان سلامتيءَ سان ساهه کڻي سگهيا ٿي!

پٽ تي منهنجي سامهون هڪ جوان ڇوڪري ليٽيل هئي. منهنجا پير هن جي منهن جي ڀرسان پئجي رهيا هئا. هڪ کن لاءِ خيال آيم ته هڪ پير آهستي وڌائي هن جي ڇاتيءَ تي رکان. وري سوچيم، ائين ٺيڪ نه ٿيندو. من ۾ ڪافي وقت جنگ هلي، جنهن ۾ مون هار کاڌي يعني پنهنجي خواهش پوري نه ڪيم. ڊيڪ تي هڪ ڇوڪري وار کولي بيٺي هئي. مان ڀرسان وڃي بيٺومانس. هن جو آنچل هوا ۾ ڦڙڦڙائي رهيو هو. مان اڇي ڊريس ۾. هن مون ڏانهن نهاريو. ڄڻ صدين کان سڃاڻي. اوهه تون! پر منهن تي ڪابه مشڪ نه، جا اهڙن موقعن تي هلڪڙائپ لڳندي آهي. پوءِ هوءَ هلي. بيٺي. پٺيان نهاريائين. مشڪي. شڪجي، سهمي. ڄڻ مون سان هڪ خيالي ٽڪر کاڌائين ۽ چيلهه تي رکيل هڪ خيالي گلن جي ٿالهي پٽ تي ڪيرائي ڇڏيائين. منهنجي اکين ۾ به خواب هئا. ڪجهه ڌنڌلا. مبهم، عورتون عورتون آهن. جتي وڃ اتي انهن جو سنيهه آهي. ڄڻ نرسون آهن. زخمين کي مرهم هڻن ۽ بيٺي بيٺي دونهون ٿي وڃن. مون ”رڃ ۽ پاڇا“ ۾ هن جو ڪردار کنيو آهي. نالو وندنا رکيومانس. هئي الائي ڪير ۽ وري جيون ۾ نه ملي. ائين مون بمبئي ۾ هن جي تلاش ڪئي. مرين ڊرائيو تي. هئنگنگ گارڊن تي. چوپاٽي، جهو ۽ گيٽ وي آف انڊيا تي. هوءَ هڪ زخم ڇٽائي ٻيو ڪرير ويئي.

جهاز هليو. ۽ مان آهستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس. سڀ ته يادم اٿم.

خيال آيم ته هوا جو جهوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي رستن تي هلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻهاري ڏيئي، ان جي مٽيءَ سان سنان ڪريان. شايد چيز جو قدر وڃائڻ مهل پائبو آهي.

گهڻا سال پوءِ مون هڪ ڪوتا لکي:

”جهاز جي ڊيڪ تي.“

ڪي سٽون هن ريت آهن:

اڄ حياتي زهر ڍڪ تي پنهنجو ست آهي وڪيو

اڄ وڇن جو فلسفو ئي زندگيءَ جو فلسفو آ

موت ٿو اڄ زندگيءَ جا حج ڪري

اڄ آ ڇاتيءَ تي زيارت

چڪ ۽ چنبي ڪپ ڇريءَ جي!

هر برابر زهر يگ آ زهر يگ آ زهر يگ آ

هيٺ پاڻي ۽ مٿي آڪاش آهي

وچ ۾ منهنجو لاش آهي لاش آهي (1958ع).

دراصل و طن جي ياد ته هميش ايندي هئي، پر رڳ گهڻو پوءِ ڇڪڻ لڳي. اڳ واپس موٽڻ جي آس هئي. جنهن آس نه معلوم ڪڏهن پنهنجو دم ٽوڙيو. هاڻ فقط سنڌ ڏسڻ جي خواهش اٿم جا به شايد بيهوشيءَ جي عالم ۾ آهي يا مري دم ٽوڙي چڪي آهي.

سنڌ ۾ جيون جو هڪ ڪانڊ پورو ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org