هڪ نهايت ڊگهو رستو طئه ڪيو آهي مون. هونءَ ڪو
رستو ٿيندو ته نه آهي. زندگي ۾ پيچرا، پهاڙ، ميدان
تي ڪريل گل. پير رکجن ته اڪثر ڪنڊا لڳن. واديون.
لهندو وڃجي. ڪرندو وڃجي. ڪرڻ ۾ موج آهي. ڪنهن سان
ڪوڙ. ڪنهن سان دوکو. ڪڏهن اجايو اڀمان. پر مون
اڪثر مٿي چڙهڻ چاهيو آهي، مٿي ۽ مٿي. ان کان به
مٿي. ان ڪري مون ڌرم شاسترن جي به اوٽ ورتي آهي.
ڏسان ته اتي ئي بيٺو آهيان. ياترا فقط من جي ڪئي
اٿم. آدرشن جا پهاڙ. عمل جون کاهيون. ڪڏهن عمل جون
باهيو. جيل به ڪاٽيا اٿم ته گولين جي سامهون سينو
به ساهيو اٿم. ادبي محفلن ۾ سر ڪٽيا اٿم ۽ ڪٽايا
اٿم. زلفن جي پينگهن ۾ وڪڙ بڻجي لطف ماڻيو اٿم ۽
غلط گلاسن جو زهر پيتو اٿم. پنهنجو رت به پياريو
اٿم. حاصل مطلب اهو ئي ته جتي هوس، اُتي آهيان.
منهنجو بئنڪ بئلنس فقط يادون آهن. ڪجهه به ته نه
آهيان مان. قوم جي قسمت ٺاهي نٿو سگهان. قوم ته
قوم، پنهنجو مقدر پڻ ٺاهي نه سگهيو آهيان. ۽ عمر
جي اڌ صدي ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ چڀندو
ڏٺو اٿم. مان هڪ ليکڪ آهيان. اڌ زندگي ٽيبل تي
گذاري اٿم. روشنيءَ جي تلاش ۾، اوندهه ۾ قلم کنيو
آهي مون. رواجي ماڻهو آهيان مان. رواجي ڪير به مون
سان گڏجي ته کيس خسيسپڻي جو احساس نه ٿئي، ڪنهن
ڪنهن سان به گڏجان مان ته ساڳيو احساس مون کي به
نه جاڳي. خسيس ماڻهوءَ کي خسيسپڻي جو احساس مشڪل
ئي جاڳندو آهي. ته پوءِ آتم ڪٿا ڇاجي؟ مون جيون
سان ڀرپور پيار ڪيو آهي. ان جا دک، سک، اَنڀو،
خواب، آدرش ۽ اڻپوريون ٿيل خواشن جا درد ونڊڻ
چاهيان ٿو مان. ائين مون رستي جي فقيرن سان گفتگو
ڪئي آهي ته ملڪ جي وزيرن ۽ وزيراعظم سان پڻ
ملاقاتون ڪيون آهن. فلم ائڪٽريسن سان شامون
گذاريون اٿم ته ڪن سان راتيون جاڳي ڪچهريون ڪيون
اٿم. مان شايد ڏيکارڻ ٿو چاهيان ته ڪٿا فقط وڏن
ماڻهن جي نه ٿيندي آهي، ننڍن جي به ٿيندي آهي. ته
زندگي جو لطف ماڻڻ لاءِ بنگلن، ڪارن ۽ هيليڪاپٽرن
جي ضرورت نه آهي؛ من خلاف جهاد کڙو ڪرڻ به جهالت
آهي. زندگيءَ جيئڻ هڪ ڪلا آهي. شايد مان پنهنجي
سوچ ۾، وهنوار ۾، فطرت ۾ نهايت تخليقي آهيان. مان
مصنوعيت کان ڀڳو آهيان. مون قدرن جي تلاش ڪئي آهي
۽ ان لاءِ ڪي اصول قائم ڪيا. قدرن کي پائي نه
سگهيس ته قدر نه ڇڏيم، اصولن کي ڇڏيم. نيم يا ماپا
غلط هوندا ته قدرن تي عمل ٿي نه سگهندو. اصول گنگا
جيان آهن. اها رشي ڪيش وٽ اجول آهي. ڪانپور ۾ ساڳي
گنگا ۾ لاش پيا وهن ۽ ڪناري تي ويٺل ڳجهن جا کليل
پر ۽ کتل چنبا، ساڳي گنگا جو روپ امرت بدران زهر
ٿا ڏين. اصول ڪوڙڪا آهن ته ان ۾ قدرن جا شينهن
ڦاسن، جن کي ڦاسائي، هيسائي، ٻڪرين سان دوستي
رکائي وڃي.
دنيا ۾ سڀ کان وڏو قدر آهي انسان جي پاڪ ۽ مقدس جذبن جو بچاءُ.
اهو قدر هندوستانين ۾ ورڻ سرشتي ۾ مار ٿو کائي. ڪن
کي ڀڳوان منهن مان، ڪنهن کي ٻانهن ٽنگن مان، ڪن کي
پيرن مان پيدا ڪيو. برهمڻ، کتري، وئش، شودر. شودرن
کي اڇوت به چون، پر اهي برهمڻ جڏهن ڀڳوان جي
مورتيءَ جي پوڄا ڪن ته ڌوئن هن جا پير ٿا. ڪيڏو
ٻهروپ! کين ڀڳوان جا پير اصل نه ڌوئڻ گهرجن، جو
اهي اڇوت آهن. برهمڻ جو ڪم آهي وديا ڏيڻ. مگر
برهمڻ وٽ هن ديش کي مضبوط ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ ڪو
علم نه آهي. جڏهن هنن بيلچيءَ جي ڪن اڇوت ڪٽنبن کي
جيئري جلائي ڇڏيو ته ڄڻ پنهنجي ورڻ تي فتويٰ ڏني
ته، هندستان ۾ فلسفانه سطح تي اهو طبقو ختم آهي.
هاڻي ته کتري به اُهي آهن جي فوج ۾ آهن. هر ذات آهي ان ۾. ساڳي
حالت واپار جي آهيِ: ڪوڙ، ٺڳي، ملاوٽ، ڪارو ڌنڌو ۽
شور به وزير ٿيڻ لڳا آهن ۽ هندستان جي بچاءُ جهڙا
وڏا کاتا سنڀاليا آهن.
سو جنم مان ڪير به ڪجهه نٿو ٿئي. اهو سرشتو ختم ٿي رهيو آهي.
جرمن ۽ يهودي، يهودي ۽ عرب، مسلمان ۽ هندو. انهن
سڀني جا گرنٿ، ڪنهن هڪ سطح تي ته هڪ ڳالهه ڪن ٿا،
مگر ان جي غلط پڙهائيءَ سبب ڪي شخص ۽ سرشتا، انسان
جي سوکيم عمل ۽ سريشٽ ڀاونائن جي هنسا ڪن ٿا. انهن
پوڄا لائق ڪتابن ۾ اصولن جون وڏين وڏيون ڳالهيون
آهن ۽ اهي سڀ اصول تاريخ ۾ انساني قدرن کي ڪچليندا
نظر اچن ٿا. ٻن جرمنين جي وچ ۾ ديوار[1]
ڇو آهي؟ فلسطيني ملڪ وجود ۾ ڇو نٿو اچي؟ ٻه
ڪوريائون ڇو آهن؟ ڪجهه ۽ ڇا ڪٿي ٿو ضربجي ۽ اها
قوميت جي هنسا آهي.
منهنجي جيون ۾ انهن سوالن جي مناسبت آهي به ۽ نه به آهي. قدرت
انسان کي اهڙو ستايو آهي جو هو پنهنجي وجود جي
پاڇي کان ڏڪي ٿو ۽ ان کي گولي هڻي ٿو ۽ جڏهن پاڇو
نٿو مري، تڏهن هو سچ جي ڳولا ڪري پاڻ کي گولي هڻي
ٿو ڇڏي. مهاڀارت کان وٺي ٻي عالمگير جنگ تائين
انسان ائين ڪيو آهي. مون گهڻن وڏن ماڻهن جون
جيونيون پڙهيون آهن. اهي مون کي ڏاڍا ننڍا لڳندا
آهن. بس پنهنجي زمين جو ٽڪر، پنهنجا ماڻهو، پنهجو
ڪلچر ۽ نظام، جنگ ۽ تباهي. ڪتاب نيپولين کي وڏو
جنگي سورمو سمجهندا آهن. هڪ غنڊو، شخصي سطح تي هڪ
خون ڪري ته، اسين ان کي پڪڙي، کيس ٿڪون ۽ مڪون
هڻي، جيلن ۾ بند ڪرائيندا آهيون پر اهو ساڳيو
ماڻهو قومي سطح تي خونريزي ڪري ته ان کي سورمو
سڏيندا آهيون. ڪرشن ڀڳوان سچ جو طرفدار ٿيو، پر هن
هڪ هڪ ڪورو کي ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ سان مارايو. چي: هنن
ڪوروَن به ته اوهان سان دولاب ڪيو. يعني جو ڪوروَن
پهرين ڪيو سو پانڊوَن پوءِ ڪيو. ۽ سڀ خلاص. اهي سڀ
قومي سورما آهن. هٽلر ۽ مسولني قومي غنڊا هئا. کين
انسان جي سچن دشمنن جي خبر نه هئي ته اهي آهن بک،
غريبي، بيماري، جهالت، قدرت طرفان ٻوڏ، سوڪ،
زلزلا، ان ڪري منهنجو يقين آهي ته دنيا ۾ فقط ٻن
قسمن جا وڏا ماڻهو پيدا ٿيا آهن: هڪڙا وگياني ۽
ٻيا ڪلاڪار.
وگيانين دنيا کي بهتر بڻايو آهي، چاهي ان ۾ اهي مفڪر اچن ٿا جن
کي وگيانڪ سوچ آهي، ۽ ڪلاڪار، جن جي ڪلا جيون سان
پيار ڪرڻ ٿي سيکاري. باقي اهي ماڻهو، جن جيون جي
بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، مسيح کان وٺي گانڌيءَ
تائين، انهن جي فهرست به وڏي آهي. انهن کان الڳ
اهي درويش، صوفي جن زندگيءَ جي قدرن تي زور ڏنو،
جئين نانڪ، ڪبي،ر شاهه لطيف آهن.
سچا سورما اهي خسيس ماڻهو آهن جن جي ڪانه ڪا خواهش مسيح جيان
صليب تي چڙهي ٿي ۽ ڪو انسان گانڌيءَ جيان گولي
کائي ٿو يا سندس ڪو خواب سقراط جيان زهر پئي ٿو.
ان ڪري مون قبول ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجي جيون ڪٿا
هڪ اهڙي خسيس ماڻهوءَ جو داستان آهي، جو ان ريت هر
جڳهه مري ٿو ۽ اهو نٿو مري ڇو ته ماڻهو پنهنجي
خواهشن، ارمانن ۽ خوابن سان آهن ۽ ان سان وابسته
دائميت جي جدوجهد آهي.
مان سکر راجا رام هاءِ اسڪول ۾ ڪچي ٻراڻي کان ٽئين درجي تائين
پڙهيس. سامهون سنڌوءَ جو شاهي درياءَ هو. جتي مائي
راجا نالي ڪو مندر به هو. اتي هڪ پپر جو وڻ به هو،
جتي پٿر سان هڪ نالو لکيو هوم: موهن. وڏو بند هو.
پاڻي اٽڪل اٺ ڏهه فوٽ هيٺ. چاليهن سالن کان وڌيڪ
عرصو ٿيو آهي، سکر نه ڏٺو اٿم. ڪڏهن ڏسندو آهيان:
هڪ ٻار آهي. پپل جي وڻ وٽ بيٺو آهي. سنڌوءَ ڏانهن
نهاري رهيو آهي. چاهيندو آهيان، ڪاش! هڪ دفعو اُتي
پهچي وڃان. ان وڻ هيٺان. جيڪڏهن اڃان به اُتي آهي
۽ جي نه آهي ته ڪو تصور جو وڻ کڙو ڪريان. ائين
تصور ۾ گهڻا دفعا سنڌوءَ جي ڪپ تي، پپل جي هيٺان
بيٺو آهيان. هاڻي به ڪيترا شخص اُتي بيهندا هوندا.
ڪنهن کي خبر نه هوندي ته، ان جڳهه تي ستن سالن جي
عمر جو موهن ڪلپنا به بيهندو هو.
رهندو فريئر روڊ تي ڪنهن پريس جي مٿان هوس، جنهن جو منهن
پُٺئينءَ گهٽيءَ ۾ هوندو هو. پريس اڪثر بند رهندي
هئي ۽ اندر ٻليون پيون گهمنديون هيون. نم جي
چاڙهيءَ وٽ شايد پوڪرداس ائنڊ سنس جو شاهي ڪتاب
گهر هو. ٿلهي تي ٽانگا اسٽينڊ هو. رستا پڪين سرن
جا هئا، جتي ميونسپالٽيءَ جون ٽرڪون پاڻي هاري،
ٿڌڪار ڪنديون هيون يا ڪڏهن اهو ڪم پخالي ڪندا هئا.
مون کي اصل خبر نه هئي ته، انهيءَ شهر ۾ مون کان
پنج ڏهه سال وڏا، شيخ اياز، سڳن آهوجا، هيمو
ڪالاڻي ۽ رشيد ڀٽي رهندا هئا يا ان جي گهٽين مان
خطرناڪ انقلابي پرچو وديارٿي لنگهندو هو.
مان هڪ ٻار. اسڪول مان موٽي تير ڪمان کڻي، ٻلين جا شڪار ڪندو
هوس. مون کي خبر ناهي ڪنهن جي مون هڪ ٻلي ماري
وڌي. ڪنڊ تي هڪ گراموفون جو دوڪان هو. اتي بيهي
ڪتي واري فوني جا رڪارڊ ٻڌندو هوس، جا عادت اڳواڻن
جون تقريرون ٻڌڻ ۾ تبديل ٿي.
مان ان دوڪان واري کان فوني جون سُيون وٺندو هوس ۽ تيرن ۾
اڳيان، ٿلهو پاسو اندر وجهي، شڪار تي نڪرندو هوس.
هڪ دفعي پريس جي شيخن واري در مان هڪ ٻليءَ کي پيٽ
تي تير هنيم. ٻليءَ دانهن ڪئي: ميائون. سُئي اندر
هلي ويس ۽ تير سڌو ٻاهران اٽڪي پيس. ڪجهه ڪري نه
سگهي. مان به کيس ڏسندو رهيس. ٻه چار دفعا اچ وڃ
ڪري پوءِ اندر هلي ويئي.
ان گهٽيءَ ۾ ڪا جڳهه ٿي ٺهي. اتي ريتي، سرون ۽ چني جو منو ڀريل
ٽب پيو هو. هڪ ڏينهن ڏٺم ته هڪ ڪاري ٻلي ٽب ڀرسان
ويٺي آهي. اکيون بند. ڄڻ عبادت ۾ مشغول هئي. طوفان
جي تيزيءَ سان هيٺ جهڪي مون کيس پڇ کان جهليو ۽
کيس ڇڪي چنيءَ جي ٽب ۾ وجهي ڇڏيم. ڪڏهن اندر ڪڏهن
ٻاهر. ڏاڍي جدوجهد ڪيائين. هئي ڪاري ۽ منهن اڇو ٿي
ويس. ڪافي وقت کيس ڏٺم. آخر هوءَ ان ٽب ۾ غرق ٿي
ويئي.
زندگيءَ ۾ جڏهن ڪڏهن ڪو دک ڏسندو آهيان، جڏهن بيوسيءَ جو احساس
من کي سوگهو جهليندو آهي، روشنيءَ جو ڪو ترورو ڏسڻ
۾ نه ايندو آهي، من ۾ تازي هوا جي ڪمي محسوس ٿيندي
آهي، تڏهن ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان، من جي عجائب گهر
مان، اها ٻلي اجاگر ٿيندي آهي ۽ ٽب مان ٻاهر نڪرڻ
لاءِ ٽپا ڏيندي نظر ايندي آهي. في الحال مفڪرانه
سطح تي، مون لاءِ اهو ٽب هندستان آهي ۽ ان ٽب کان
ٻاهر فقط سنڌ آهي.
هڪ ماڻهوءَ پاڻ کي ماري ڇڏيو. ڳچيءَ ۾ نوڙي ٻڌي. ڪافي ماڻهو جمع
ٿيا. ڇت ۾ ڪمان لٽڪيو پيو هو. اکيون ڦاٽل. زبان
ٻاهر. ڳچي ڇڪيل. ٻاهر جوڻس ۽ ماءُ پيءُ روئي رهيا
هئس. منهنجي من ۾ ان وقت فقط هڪ ويچار آيو: ائين
نه ٿيڻ کپندو هو. شايد مايوسيءَ جي مستقل لمحن ۾
ڪڏهن مان آپگهات ڪري ڇڏيان ها، مگر مون کي زندگيءَ
سيکاري ڇڏيو هو: نه، ائين نه! هوءَ عورت جوان.
ڪيترو هن رنو. ڇا ان سورميءَ کي هن جو نه سوچڻ
کپندو هو؟ ان ڪري منهنجا ڪردار آپگهات ڪندي ڪندي،
ان جو خيال لاهي ڇڏيندا آهن.
وشنو ڀاٽيا، منهنجو پيارو دوست. شايد هندوستان جي سنڌي اديبن ۾
مون جيان وشنو ڀاٽيا آهي، جنهن ڪافي معاشرتي
تڪليفون ڏٺيون آهن. عشق ۾ ڦڪا ڪانا چوسيا آهن. هن
جا کيسا اڪثر خالي رهندا آهن. پنج سؤ نوڪريون ڪيون
اٿائين ۽ ڇڏيون اٿائين يعني نه ڪيون اٿائين.
مائونٽ ابوءَ جي هڪ پهاڙ تي ويٺا هئاسين. اديب چوندا آهن،
وشنوءَ کي ڳالهائڻ نه ايندو آهي. غلط چوندا آهن.
وشنو ڪچهرين ۾ نه، دوستين ۾ ڳالهائيندو هي. ماڊرن
آرٽ، ميوزڪ، لٽريچر، رليجن، فلاسافي. چيائين:
آمريڪا جي اخبارن ۾ چرچ طرفان هڪ اشتهار ڇپجندو
آهي: خدا واسطي، آپگهات ڪرڻ کان اڳ هڪ دفعو اسان
کي فون ڪريو.
”ڇو آمريڪا ڪوچ ڪرڻ جو خيال ڪيو اٿئي؟“
کلي، ”منهنجي آمريڪا انڊيا ۾ آهي.“
”اڇا.“
”منهنجي دل ۾، جڏهن به آپگهات ڪرڻ جو خيال ايندو آهي، مان تو وٽ
هليو ايندو آهيان.“
ايشور آنچل به چوندو آهي: ”آپگهات جو فلسفو غلط آهي. اسين موهن
کي ڏسندا آهيون، اسان کي لڳندو آهي، آپگهات سچ پچ
ڪانئرتا آهي.“
منهنجو شخص جيون جيئڻ جو اتساهه ڏئي ته، ان مان مون کي پنهنجي
شخص کي جائز فخر ٿيندو آهي. مون کي زندگيءَ
سيکاريو: نه، ائين نه، کيس ائين نه ڪرڻ کپندو هو.
مون کي، ڪنهن کي ائين نه ڪرڻ کپي، گم ٿيل شخص جي
ڳولا باقي بچيل شخص کي مارڻ ۾ نه آهي.
هڪ ڏينهن ڏسان ته بزار بند ٿيڻ لڳي آهي. ڪي ماڻهو دڪان لٽي
رهيا آهن. منزل گاهه! منزل گاهه! چون شهر ۾ هندن
مسلمانن جو فساد ٿيو آهي. تڏهن مونکي خبر نه هئي
ته ماڻهو هندو به ٿيندا آهن ۽ مسلمان به ٿيندا
آهن. ساهه هوندو ته ٻنهي کي پيارو آهي، پر ٻئي
سمجهندا آهن ته ساهه فقط هڪڙن کي، باقي ٻين پيارو
نه هوندو آهي.
دادا، منهنجو پيءُ به هڪ دوڪان تان نوان بوٽ کڻي آيو. پوءِ جڏهن
ملٽري آئي ته داد اهي بوٽ هيٺ ڦٽا ڪري ڇڏيا. ملٽري
ايندي هئي ته شهر ۾ راڪاس گهمي ويندو. ماءُ ٻارن
کي ڇاتيءَ سان لڳائي ڊپ ۽ هراس وچان آسمان ڏانهن
نهاريندي ۽ مان سوچڻ لڳندس ته هي ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن
ڇو ٿا. گهڻو پوءِ سمجهيم ته ماڻهو وڙهندا نه آهن.
ويڙهايا ويندا آهن.
هڪ ڏينهن مون دادا کان پڇيو: ”دادا منزل گاهه ڇا آهي؟“
”توکي اها جڳهه ڏيکاري اٿم.“
”پر آهي ڇا؟“
”مسلمان چون ٿا ته اتي هڪ پراڻي مسجد آهي.“
”مسجد ڇاکي چئبو آهي؟“
”هندو ڀڳوان جي مندر ۾ پوڄا ڪن ۽ مسلمان مسجد ۾ خدا جي.“
”ڀڳوان ۽ خدا ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”ڪوبه نه!“
”مندر ۽ مسجد ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
”ڪوبه نه.“
”ڀلا هندن ۽ مسلمانن ۾؟“
”مٿي تي هٿ رکي پيار ڪندي چيائين، ”سچ پچ ته ڪوبه نه.“
”جڏهن ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪو فرق ناهي ته پوءِ ماڻهو وڙهن ڇو ٿا؟“
”اڻ پڙهيل آهن.“
فساد ٿيو ڄڻ طوفان لڳو. چوطرف ويراني ۽ سنسناهٽ. ڊپ ۽ هراس. ۽
هوءَ منهنجي ماءُ؟ متان منهنجن ٻچڙن کي ڪجهه ٿي
پئي. جي دنيا جون مائرون ٻڌي ڪن ته دنيا ۾ ڪا جنگ
نه لڳي، ڪو دنگو فساد نه ٿئي. ماءُ هڪ يونيورسٽي
آهي. زبان به اها ڏئي. تهذيب به. پيار، موهه،
ممتا، وشواس ۽ تياڳ. جمهوري ملڪن جون پارليامينٽون
اهو قاعدو پاس ڪن ته ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم فقط
عورتون ٿي سگهن ٿيون.
گهٽيءَ ۾ ملٽري پريڊ. شوٽ ائٽ سائيٽ جا آرڊر.
مان صبح جو پنجين لڳي اڪثر خالصن وارو وڏو گلاس کڻي دادا لاءِ
چانهه وٺڻ وڃان. سخت اوندهه. ته واچ مئن پڇندو:
ڪير؟
اڙي موهن آهين. وڃ وڃ.
پئسي ۾ هڪ گلاس. پئسي پلو مون ورتو. پنجين پئسي سير کير، هڪ
پائي ۾ نوَ يعني پيسي ۾ ستاويهه مرچن جا پڪوڙا.
پئسي ۾ سٺ ننڍا بسڪيٽ، مون کي ياد آهي. ٿلهي تان
چانهه وٺي ايندو هوس. اهي ڏينهن هئا. سکر ۾ ڀڳتون
به ٿينديون هيون. رام ليلائون به. مشاعرا، راڳين
جون محفلون مون ڪونه ڏٺيون.
ڪنهن دوريش جي مائٽ کي ڪن خبيث هندن ماري ڇڏيو. ٻين خبيثن بدلي
۾ ڀڳت ڪنور جو خون ڪيو. تيرٿ بسنت ڪنور تي زبردست
ڪتاب لکيو. سال کن ٿيو ته وري پڙهيم: ڪنور نه هندو
هو_ نه مسلمان هو. ۽ اڃا سنڌ جي قومپرستن ڪنور جو
ڏينهن نه ملهايو آهي.
کين رهڙڪيءَ ۾ ڪنور جي سماڌيءَ اڳيان گوڏا کوڙي پنهنجن وڏن جي
گناهن جي معافي وٺڻ گهرجي.
مان ان سرگس ۾ شامل ٿيو هوس. ٻيا رنا پئي. مون نه رنو. ڪجهه
سمجهيم به نه ته ڪنور کي ڇو مارايو اٿائون. مون
سندس کليل شڪل ڏٺي. منهن ۾ نور هئس. ماڻهن ڳايو
پئي: ڪجهه هن ريت:
هئه هئه اسان جا سنت سچا ڪنور ڪسي وئين
اڄ اوچتو ئي اوچتو . . .
ان سرگس ۾ مسلمان به هئا. هندن ۽ مسلمانن جي شڪلين ۾ فرق صرف
ڏاڙهين مڇن ۽ ڪپڙن جو هو. ساڳيا مهانڊا، خط و خال.
قد بت. ڳالهائڻ جو انداز. مسلمانن جي ڇاتين ۾
ڪعبا، هندن جي ڇاتين ۾ ڪاشيون، سنڌ ته ڄڻ ڏسڻ ۾
نٿي آئي. سنڌ ته فقط لطيف جي ڪلام ۾ هئي.
مان ڪن خاص حالتن ۾ آر. ايس. ايس. ۾ ڀرتي ٿيس. ڪراچي ۾ شايد
11 سالن جو هئس.
1942ع کان 1951ع
تائين. پر مان هر مسلمان کان نفرت ڪري نه سگهيس:
بلڪه مون هندن کان وڌيڪ مسلمانن سان محبت ڪئي، جو
سنڌ ڌرتيءَ مسلمانن ۾ ڏاڍا سٺا ماڻهو، فنڪار،
درويش پيدا ڪيا آهن، پر هاءِ پير علي محمد راشدي،
جنهن مسلمانن کي سٺو انسان بنائڻ بدران غلط مسلمان
بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ جي. ايم. سيد ڪافي مدد
ڪيس.
سو مون هوش سنڀاليو ته مون کي ٻڌايو ويو ته مان هندو هئس.
|