ايشيائي ليکڪن سميلن کان موٽيس ته ڪلياڻ يارڊ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري
مليم. خوش ٿيس ته ريلوي جون پاسون ملنديون ته زال
۽ ٻارن کي سڄو هندستان گهمائيندس. ٻن ٽن مهينن بعد
منهنجي بدلي لوناولا ٿي. اها هل اسٽيشن سمنڊ کان
ساڍا ٽي هزار فوٽ مٿي آهي. ٻه سئو انچ کن برسات
پوي ۽ چار چار ڏينهن پوري زور سان پوي ۽ بند ٿيڻ
جي نه ڪري. جڏهن به برسات پوي ته سنڌ ياد اچي، جتي
برسات وڻندي هئي. سنڌ ۾ برسات سڌي پوي، پر هتي ڇٽي
رڳو مٿو ئي ڀڄائي سگهي.
لوناولا ۾ رهجي ڪٿي، اهو سوال اٿيو. آخر هڪ انگريز جوان عورت جي
بنگلي ۾ هڪ ڪوٺي ملي. مسواڙ پگهار جو ڏهون حصو.
ڊيوٽي ٽڪيٽ بابو، جنهن لاِءِ يوساول ۾ تربيت ورتي
هئم. اتي هڪ ڪلارڪ صلاح ڏني: ڪمائڻ جو هڪ طريقو
آهي ته گاڏي ايندي ته ماڻهو ڀڄندا آهن. سمجهه ڪنهن
رپئي جي ٽڪيٽ ورتي. هڪ رپيو ڏيئي چئينس ٻه، ان ريت
ٽي چار. . . . نو. مسافر هيلو ويندو ته تو کيس نو
روپيا ڏنا ۽ باقي رپئي جي ٽڪيٽ. يعني پهريون ۽
ڏهون انگ ڳڻڻو آهي.
”غريبن کي لٽڻ مان فائدو؟“
”جنهن کي جتي ملي ٿو، ٻئي جو گلو ڪٽي ٿو.“
”دنيا ۾ ڪا ايمانداري ٿيندي آهي يا نه؟“
”ايمانداري . . . هه هه ها. . . !“
اتي سخت ٿڌ هئي ۽ ٿڌ ۾ ڪام ستائڻ شروع ڪيو. مان به ڊيوٽي تان
لهي ڇوڪرين جي تلاش ۾ نڪرندو هوس ته ڪٿي ڪا ملي.
بيهي، مشڪي، سهمي. ٻانهن کي جهلي چوندومانس هل.
بنگلو ته پنهنجو آهي. اتي پارڪ به آهي. پينگهه به
آهي. سرجو منزل تي وٺي هلي، پر هن رستو ڪونه
ڏيکاريو هو.
هڪ دفعي ڊئم ڀرسان هڪ ڪرسچن ڇوڪري ملي.
چيومانس: ”تون سهڻي آهين.“
”مهرباني.“
”مون سان بنگلي تي هلندينءَ؟“
”ڏينهن جو، رات جو؟“
”پورو مهينو هل.“
”گهڻا پئسا ڏيندين؟“
”پئسا!“ مان پهرين عجب ۾. پوءِ مشڪي: ”پگهار!“
”پنج رپيا هڪ رات جا.“
”پنج رپيا! سڄو ڏينهن ويهي پنج رپيا ته ڪمائيندو آهيان.“
”اوهان جي مرضي.“
”ڀلا فقط هڪ رات جا؟“
”پنج روپيا.“
”تون پنهنجو جسم وڪڻندي آهين ڇا؟“
”مجبوري!“
مون هن ڏانهن چتائي نهاريو. ڪڻڪ رنگي ۽ جوان. ڇاتي ائين ڄڻ
اجنتا جي غفائن کان اڌاري ورتي اٿائين. وار ڪٽ.
بدن تي رڳو اسڪرٽ. نظرون ائين ڄڻ پاڪيءَ سان گهڙي
تيز ڪيون هئائين. پهرين خيال آيم ته کيس وٺي وڃان،
پر پوءِ مون کيس پنج روپيا ڏيندي چيو، ”توسان غلط
ڳالهايم، ان جو ڏنڊ وٺ. مون کي پريم ڪرڻو هو. پوءِ
ان ۾ ڪجهه به ٿئي.“
هن انگريزيءَ ۾ چيو، ”مان بکارڻ نه آهيان.“ هن پنج روپيا واپس
ڪيا ۽ هوءَ هلي ويئي.
سوچيم ته کيس روڪيان. جسم
ڄڻ واسنا وچان جليو پئي.
وري چيم: هن ديش مان هيءُ سڀ ڪڏهن ختم ٿيندو؟ مان
جيڪڏهن
راجا ٿيان ته ملڪ مان پهرين فقيرن ۽ طوائفن جو
طبقو ختم ڪريان. کين اسڪول ۾ موڪلي تعليم ڏياريان
۽ کين ڪم تي لڳايان.
مان اڪثر رات جو دير تائين لکندو هوس. انگريز عورت
کي ڪو ٻار نه هو ۽ مڙس به
شايد
ريلوي حادثي ۾ مري ويو هئس. ڪڏهن هن ڏانهن وڌڻ تي
دل ٿيندي هئي. ڪيتري
جوان
آهي. هڪ اک ۾ شيلي، ٻئي ۾ بائرن.
بنگلو
ائين ڄڻ ورڊس ورٿ جو ”ساليٽري-
ريپر.“ مون کان ٿوري وڏي آهي. پوءِ ڇا؟ نياضيءَ ۽
سرجو به ته وڏيون هيون. شيڪسپيئر ۽ جانسن به ته
پاڻ کان وڏين سان محبت ڪئي آهي.
راڌا به ڪرشن کان وڏي هئي. پر مارگريٽ جي اکين ۾
”نو وئڪنسي“ جو بورڊ لڳو پيو هوندو هو. البته
سوچيندي هوندي ته هيءُ آهي ڪير جو رات جو دير دير
تائين بتيون ٻاري لکندو رهي ٿو. جوان آهي، پر
جواني لفظن ۾ خرچ ڪري رهيو آهي.
هڪ دفعي اتم لوناولا جو پتو پڇيو. چيومانس:
”اروشي
ڀون رتي روڊ لوناولا.“
هن ائڊريس نوٽ ڪئي.
اندر سڀا جون ٽي نرتڪيون مشهور
آهن.
اروشي، مينڪا ۽ رنڀا. رتي سونهن جي ۽ ڪام ديوتا
مدن جي پتني آهي. ڪاليداس انهن تي ڪافي گهڻو لکيو
آهي.
ٻئي دفعي ادبي ڪلاس ۾ اتم پڇيو، ”نئين دنيا
مليئي؟“
”نه.“
”توکي
لونا ولا جي پتي تي موڪلي هئم.“
”پوءِ
ته اها سڌو سرڳ ۾ ڪاليداس کي ملي هوندي.“
مان کلڻ لڳس ته اتم به کلڻ لڳو ۽ ايستائين کل بند
نه ٿيس،
جيستائين
پنهنجو وات نه بند ڪيائين.
مان هر
ڇنڇر ڏينهن دفتر مان ٽي ڪلاڪ گهت
هڻندو هئس. ريلوي جي دائمي پاس هئي ۽ ادبي ڪلاس
پهچي ويندو هئس. هڪ دفعي ڏسان ته مون کي سسپينڊ
ڪيو ويو آهي. هٿ ۾ ميمو مليو. ويس اسٽيشن ماسٽر
وٽ: ”منهنجو ڏوهه؟“
”تو
ڪئش مان ست روپيا ڇهه آنا چوري ڪئي آهي.“
”پر
مان چوري نه ڪندو آهيان، سر“
”تون
ٽيون ڏينهن بمبئي وئين، ڪئش ڳڻي وئين؟“
”پر
سر چوري ڪندس ته ايتري ننڍي ڪئين ڪندس!“
”وڏي
چوري ڪرڻ لاءِ جرئت کپي.“
مون کي چيو ويو ته وي ٽي تي فلاڻي تاريخ وڃج.
جتي
ريلوي انٽيليجنس جا ٽي آفيسر توکان آڏي پڇا ڪندا.
اتي ويس ته اکين ۾ ائين ٿي نهاريائون جو ڄڻ سندن
خاندان جي ڪنهن عورت سان ناجائز رستو رکيو هئم.
”تون
ڀڳوان کي مڃيندو آهين؟“ هڪ پڇيو.
”ها.“
”ان
کان ڏڪندو آهين؟“ ٻئي پڇيو.
”نه.“
”ڇو؟“
”ڀڳوان
کان فقط گناهگار ڏڪندا آهن.“
بس
ان سوال جواب تي مون کي ڏوهه کان آجو ڪيو ويو. مون
کي چيو ويو ته تون فلاڻي تاريخ ڪم تي چڙهج. وري
آڊٽ جي رپورٽ آئي ته ڪلارڪ پئسا ڳڻڻ ۾ غلطي ڪئي
آهي.
ڪابه
چوري ٿيل نه آهي. مان مارگريٽ جي بنگلي تي رهيل
هوس ۽ هن ئي اها خبر ٻڌائي ته اسٽيشن ماستر خود
آيو هو. تون بي قصور آهين.
مان اندر روم ۾ ويس، اتي استعيفا لکيم ۽ اسٽيشن
ماستر وٽ ويس ۽ کيس ڏنم.
”تون
پاڳل آهين. اسان وٽ تنهنجي عزت وڌي آهي.“
”نه
سر، اوهان کي ميمو نه ڏيڻ کپندو هو. اوهان منهنجي
شڪل ڏسو. موهن جي دڙي جو رهواسي آهيان. مان هتي
رهي نه سگهندس. هر چيز چوندي: چور. . . چور. . .“
”پر
تون چور ڪونه آهين.“
”سڄي
زندگي مان تلوار جي ڌار تي هليو آهيان ۽ ڪويتائن
سان پنهنجو پيٽ ڀريو اٿم. هي ديش هلي ٿو جو اوهان
جهڙا ماڻهو هتي رهن ٿا.“
هو عجب ۾ منهنجو منهن تڪيندو رهيو ۽ مان هليو ويس.
ان
بعد
چار پنج دفعا لوناولا ويو آهيان ۽ مارگريٽ جي
بنگلي ٻاهران بيهندو آهيان. هوءَ
ڪڏهن
به ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. جڏهن مان اتان سامان کڻي
نڪتس ٿي ته هن چيو، ”ڪڏهن به
لوناولا اچين، مون وٽ رهج. تون ويندين ته هيءُ
گهر مون کي کائڻ ايندو.“
”ڇو؟“
”تون
جڏهن بتي ٻاري لکندو هئين ته مون کي تنهنجي
زندگيءَ ۾ اوندهه ڏسڻ ۾ ايندي هئي. پر جڏهن تون
اوندهه ڪندو هئين ته روشني ڏسڻ ۾ ايندي هئي.
تو
ڪڏهن هتي ڪا ڇوڪري نه آندي.“
”ڪوشش
ڪيم،
پر هن پئسا گهريا.“
”عياشيءَ
لاءِ پئسا ته کپندا
آهن.“
”اوهان
کي مون مان ڊپ نه لڳو؟“
”ٻن
گهڙين جي موج آهي عياشي،
پوءِ پڇتاءُ آهي. توکي ڏسي لڳم ته تو زندگيءَ ۾ ڪو
پڇتاءُ نه ڪيو آهي.“ هن اڳيان وڌي ڀاڪر پاتو.
”ڪلاڪار
استرين کي ڪڏهن به هيٺ نه ڪندا آهن. منهنجو هي
ڀاڪر. انگلينڊ جو هندستان جي شرافت کي سلام آهي.“
بئگ
۽ بسترو کڻي نڪتس ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
هن جي جسم جي گرمائش مون کي خاطري ڏني ته،
جن
سان پيار ڪجي، مان تن مان هوس. ان بعد ڪافي انتظار
ڪيم ته ڏيڍ سال جي نوڪريءَ جو ڪٽيل پراوڊنٽ فنڊ ۽
هر مهيني
15
روپيا هل اسٽيشن الائونس ضرور ملندو. پر اڄ تائين
اهو مون کي نه مليو آهي. شايد آفيسرن کي ليکڪن
بابت اهو تصور آهي ته هو ڄاڻي ٻجهي ڪنگالپڻو گهري
وٺندا آهن.
باقي
سڀ پگهار ڀاڀيءَ کي ڏيندو هوس، پر پهريون پگهار
دادا کي ڏنو هئم ته خوش ٿئي ته پٽ ڪمائڻ شرو ڪيو
هو.
جڏهن
به ٻاهر ويندو هوس ته منهن تي هلڪيون ۽ سنهيون ٽڪون
هڻندو هو ته جيئن مون کي نظر نه لڳي ۽ کيس هميشه
ياد پوان.
دادا جا پير سُڄي
پيا.
هڪ دفعي لوڪل ۾ چڪر آيس. هو هڪ ڏينهن سخت بيمار
ٿيو. هڪ ڊاڪٽر چيو: کيس بلڊ پريشر آهي. ٻئي چيو:
هارٽ ٽربل اٿس. ٻنهي الڳ دوائون لکيون ۽ ان ئي شام
28
آگسٽ
1958ع
۾
دادا آخرين ساهه
کنيو.
گهر ۾ بجلي ۽ ٽي پلنگ اچي چڪا هئا.
آخرين
ساهه کڻڻ وقت دادا
جو
منهن ڳاڙهو ٿيو ۽ ٿورا ڏند ڪرٽيائين. ڄڻ اندر ۾
شينهن جو مقابلو ڪيائين. پوءِ هو ٿڌو ٿي ويو. مان
دادا جي بدن مٿان سمهي پيس: دادا. . . منهنجا
دادا. . . دادا.
مون کي ياد آهي ته سال ٻن جو هوس ته داد مون کي
هنج ۾ کڻي صدر وٺي هلندو هو ۽ چانديءَ جي رپئي
جيڏو چاڪليٽ وٺي ڏيندو هو. ڀاڀيءَ بيروزگاريءَ وقت
پنهنجو سون وڪڻي ڇڏيو هو ۽ سوچيو هئم ته گهڻا پئسا
ڪمائي،
ماءُ کي سون جون چوڙيون وٺي ڏيندس. پر هاڻ ته اهي
کيس پائڻيون نه هيون. سمجهيم ته هن دنيا ۾ جو ڪجهه
آهي،
جو
گم ٿي ويو آهي
۽
پوري سنسار جي سونهن مون لاءِ بي معنيٰ ٿي ويئي
آهي. دوستن مان
فقط آنچل
ئي آيو. آنچل ڏاڍو وڏو انسان آهي. مان جڏهن
1968ع
۾ سخت بيمار
ٿيس ۽ ٽيويهه ڏينهن نيشنل هاسپيٽل بمبئي ۾ هئس ته
هو روز اتي ايندو هو. گنو هڪ نه ٻئي ڏينهن. لعل
پشپ هڪ دفعو آيو ۽ راجن چاولا هڪ فعو به نه. اُتم
۽ سندري به پيا ايندا هئا. پر مالهي ۽ ڪيرت ڪڏهن
نه آيا.
جي
جي هاسپيٽل ۾
نوڪري هئم ته صبح جو ستين لڳي ڍڳي گاڏي پڪڙڻي
پوندي هئم. اٽڪل ٻه ميل ڊوڙ. سو هڪ دفعي سخت بيمار
ٿي پيس. آنچل کي خبر
پئي ته گهر آيو. مون کي پليورسي
ٿي پيئي هئي ۽ ڊاڪٽر ماکيجاڻيءَ کيس چيو ته موهن
جو بچڻ مشڪل آهي. پوءِ جڏهن ويو ٿي ته گهر ۾ کيس
ڏيڻ لاءِ في نه هئي.
آنچل
کيس پنهنجي واچ ڏيندي چيو: في الحال هيءَ رکو ۽
اسان جي دوست کي بچايو،
پر ڊاڪٽر اها واچ کيس واپس ڪندي چيو: هن ديش جا
ڪلاڪار اڪثر غريب ٿين. مان ته اوهان سڀني جو فئن
آهيان. مان هن جو علاج مفت ڪندس. هو روز ايندو هو
۽ انجيڪشن هڻندو هو. ان ئي بيماريءَ ۾ ڊاڪٽر شيام
پرساد مڪرجي گذاري ويو هو. کيس وڏا ڊاڪٽر بچائي نه
سگهيا، پر ڊاڪٽر ماکيجاڻي مون کي بچائي ويو. دادا
جي موت وقت اهو سوال اٿيو ته ڪفن وغيره لاءِ پئسا
ڪٿان ايندا. مان پنڌ ڪري ٽئين نمبر ۾ هڪ بڪ سيلر
دوست هيراسنگهه وٽ ويس، جوئي نرگس اخبار جي چئين
آني جي هڪ ڪاپي رپئي ۾ وڪڻندو هو
۽
مون کي وڏو ليکڪ مڃيندو هو.
”پر
تون هميشه غريب پئسا واپس ڪيئن ڪندين؟“
”منهنجي
سيني ۾ به هڪ جارج واشنگٽن آهي. تون خيال نه ڪر.“
هن سو روپيا ڏنا. پوءِ ڪڏهن پئسا اچن ته هو ياد نه
اچي ۽ جي کيسا خالي هجن ته اهو قرض ستائي.
آخر
مئي
1981ع
۾
هڪ ڏينهن
هن وٽ ويس ۽ کيس سئو روپيا ڏنم. چوويهن سالن بعد.
هٿ جوڙي چيومانس: ٻن روپين جي حساب سان ان جو وياج
567
روپيا ٿئي ٿو. مان ته فقط توکي مور ٿو ڏيان.
هو وٺي ئي نه. اها رات ويئي، اها ڳالهه ويئي، پر
مون زوريءَ اهو نوٽ هن جي کيسي ۾ وڌو ۽ هليو آيس. |