موجب صحيح هو، ان ڪري ان جي تعريف ۾ مون کيس لکت ۾ رايو ڏنو.
مان شامل راءِ نه هومانس، پر جواب نه ڏنومانس جو
اها منهنجي ڪتاب تي لکيل هئي. آنچل جو ڪتاب آنچل
جو آهي. منهنجو ڪونهي.“
”تون جيڪڏهن اها ڇپائيندين ته اسان جي دوستي ختم!“
تمام سختيءَ سان چيومانس. ان جي ڪنهن کي پرواهه آهي. ادب
۾ دوستي دشمني ڪجهه نه ٿيندي آهي. تون ٻين جي ڪتابن تي سهوليت
سان نڪتچيني ڪرين ٿو، پر پاڻ تي هڪ لفظ به برداشت
ڪري نٿو سگهين.“
هن چانهه پيئندي چتائي منهنجي منهن ۾ نهاريو. چيومانس، ”مون کي
غلط سمجهين ته جواب ڏج. هلندو هل، جيستائين هلي
سگهين.“
هن ان ليک جو ڪو جواب نه ڏنو. بلڪ ”ڇوليون“ رسالي ۾ ڪنهن فرضي
نالي هيٺ اعتراف ڪيائين ته هيرو شيوڪاڻي موهن
ڪلپنا کي جواب ڏيڻ ۾ اسمرٿ رهجي ويو آهي. سندس ان
بيان مون کي ماري ڇڏيو. ان لاءِ وڏو ڪليجو کپي، ان
بعد مون هميشه هن جي عزت ڪئي آهي. چاهي اسان ۾
وڏا مت ڀيد رهيا آهن. هو پهرين فنڪار آهي. ٻولي ۽
ادب سان بي پناهه محبت اٿس. ادب ۾ منصوبا ڪونه
سٽي، جو صحيح سمجهي، لکي. ڪنهن کان ڏڪي ڪونه. تمام
گهڻو اڀياس ڪيل اٿس. سندس ويچارن سان شامل راءِ نه
هوندي به مون هن لاءِ لکيو آهي ته، سنڌي قوم هيري
شيوڪاڻيءَ جي معيار جو نقاد پئدا ڪرڻ ۾ پنجاهه سال
لڳايا آهن. مان پنهنجي ان راءِ تي اڃا به قائم
آهيان. هيل تائين هن ٻه سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن:
”پورٽريٽ هڪ پيءُ جو“ ۽ ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ ادبي
محفلن ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو ڀرپور احساس ڪرائي
سگهندو آهي.
رام ڪشن جو قرض اڃا ٿورو چڙهيل هو، سو اهو به ٻه پٽ وٺي مهيني
ٻئي ڪاليج ايندو هو. هن منهنجو سٺو گهر، زال جو
مڻيو، اسان جو شان شوڪت ڏنو، سو سمجهيائين ته لک
اٿم. پر هن دفعي بيهودگي نه ڪيائين. ايندو هو ته
ڄڻ تپ چڙهندو هوم. کيس آسرا ڏيئي لنوائيندو هوس ۽
ٻئي سال هڪ ڌڪ سان قرض لاهي ڇڏيومانس. ٻئي سال مان
بمبئي ۾ هڪ انگريزي اخبار جو سپمادڪ ڪيو ويس.
پگهار ڇهه سئو. پوءِ اها اخبار مون کنئي ۽ مهيني ۾
سراسري طور اڍائي هزار ڪمائڻ لڳس. اها ڪهاڻي
1969ع
کان
1975ع جي مارچ مهيني تائين هلي.
بيمار ته پوءِ به پوندو هوس. ڪاليج ۾ سپرنٽينڊنٽ سينٽرل هاسپيٽل
۾ ڊاڪٽر وٽ موڪليو. ڊاڪٽر پچيو: ڇا ٿو سمجهين.
چيومانس: ڪڏهن ڪڏهن ڪرنگهي ۾ سور جي سٽ ٿي اڀري.
چيائين: قيمص گنجي لاهي مٿي ليٽ. هن ڪرنگهي تي
اسپرنگ يا ڪا دوا هنئي. ڌوڏن مان ٺڪ ٺڪ ڪيائي. وچ
۾ ٿورو هيٺ ڀرو آواز ڪجهه مختلف لڳو. چيائين: اتي
ڪرنگهو پوَرو آهي. اسڪرو ڊرائيور جيان هڪ تيز
اوزار کڻي آيو. نه هم نه تم، اندر گهيڙي ڇڏيائين.
مون کان رڙ نڪري ويئي: الله!
هي شاعر ڪيئن لکندا آهن، تنهنجي نظرن جي تيرن گهايل ڪيو آهي. .
. ڇاتيءَ ۾ خنجر لڳا آهن. سور ناقابل برداشت هو.
ڊاڪٽر پڇيو، ”هندو آهين“ مسلمان آهين؟“
”هندو آهيان.“
”تو الله ڇو چيو؟“
”مان سُک ۾ هندو، دک ۾ مسلمان ٿي ويندو آهيان.“
دوائن تي بحث هجي ته ڳالهائي نه سگهي. ليکڪن سان ٻيون ته
ڪيتريون تعديون ڪري سگهجن ٿيون، پر کين بحث ۾ هيٺ
ڪرڻ لاءِ وڏو حوصلو کپي. اتي هنن جي سلطنت آهي.
لفظن جا ڪاڪ محل آهن، جن جا محل ڪوڙ، پر ڪاڪ سچا
هوندا آهن.
ڊاڪٽر چيو، ”ننڍي هوندي راند ڪندي ڪو وار ٻاهر اسري نه سگهيو
آهي ۽ اندر گهڙي ويو اٿئي. ان وار تنهنجي ڪرنگهي
جي ان حصي جو ڪو ٽڪر کائي ڇڏيو آهي، تون ان جو
آپريشن ڪراءِ. زخم جهونو اٿئي. ڇهه اٺ مهينا ترسي
ڪرائين ته حرڪت ناهي.“
ڪمل نئشنل هاسپيٽل مهيم جي فرسٽ ڪلاس روم ۾ هئي. سامهون سندس
ماسيءَ سندري شهاڻيءَ جو گهر هو، جا پوپٽي
هيراننداڻيءَ سان سال ٻه گڏ پڙهي هئي. منهنجي سالي
سنڀال لاءِ اتي وڃي رهي. وسپت
12
جولاءِ
1968ع
تي صبح جو ساڍي پنجين گيتا جنم ورتو. مونکي ڪاليج
۾ ٽرنڪ ڪال آيو. مان هونءَ به روز چئين لڳي ڪاليج
کان ڇٽي، بمبئي زال وٽ ويندو هوس. مون هڪ فوٽو
گرافر دوست کي اڳواٽ موڪلي ڇڏيو ته، منهنجي زال ۽
ڌيءَ جا ڊزن ٻه فوٽا ڪڍي، جي ڪڍيائين. مون ڌيءَ کي
هنج ۾ کڻي کيس پيار ڪيو. مٿي تي چمي ڏيئي، آهستي
ڪن ۾ چيومانس: شل خوش رهين. جواني ماڻين. آڏي ٻڍي
ٿين. پر ڪجهه به ٿج. ليکڪا نه ٿج. ڊاڪٽر ٿج. غريبن
جو مفت علاج ڪج.
اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻهن ليکي ملڪ جو والي. اتي سورهن سئو بل
نڪتو، جو ساليءَ ڀريو ۽ جو ٻئي سال چڪايومانس.
ڊسمبر ۾ مون به آپريشن ڪرايو. ٽيويهه ڏينهن اسپتال
۾ هئس. آپريشن ڊاڪٽر سرجن موٽواڻي ڪيو. پهرين
ڪرنگهي ۾ هڪ وڏي سئي هنيائون. ڏاڍو سور ٿيو. ان
بعد حاتم طائي جيان هيٺين اڌ جسم ۾ ڄڻ ڪو ساهه نه
رهيو. مون کي ليٽايو ويو. منهنجون اکيون کليل هيون
۽ سامهون رکيل نئين ٽين مان ڏٺم ته ڊاڪٽر موٽواڻي
ڇري کڻي منهنجي ماس کي چيرڻ لڳو. ڳاڙهو ڳاڙهو ڪافي
رت نڪتو. سور بنهه محسوس نه ٿيو. پر ڏسڻ سان ٿورو
گهٻرايس. آپريشن چاليهه منٽ هليو. اڌ ڪلاڪ وٺي هلڻ
۾ لڳايائون. اڌ ڪلاڪ هيٺ لاهڻ. ڪل چوٽيهه ٽوپا
لڳا. اسٽريچر تان جڏهن هيٺ آندائون ته ڪمل انتظار
مان نهاريو. مون کيس ڏسي مشڪيو. جيئن سمجهي ته ڄڻ
باغ مان گهمي آيو آهيان.
ان ئي دؤر ۾ جئرامداس ديوناگري ۾ ڪتاب آڻڻ لاءِ وڏي رقم جي آڇ
ڪئي. مون اها قبول نه ڪئي. اسين مري وڃون ته ڀلي
پر اسين پاڻ کي بچائي ٻوليءَ کي مرڻ ڪيئن
ڏينداسين. جئرامداس کي شايد اها خبر هئي ته جڏهن
آزاديءَ کان اڳ ڪانگريس سڀني ٻولين لاءِ
ديوناگريءَ جو اصول قبول ڪيو ته، اردو ڳالهائيندڙ
لکين شخص ڪانگريس کان ڪٽجي ويا. جنهن سبب پڻ مسلم
ليگ انڊيا ۾ زور ورتو. مان آدرشن لاءِ جي رهيو هوس
۽ جيئن جئيس ٿي، ان ۾ پڻ آدرش شامل هئا.
ان بعد جسم ۽ من جا گهڻا ئي دک ڏٺا اٿم، پر بيماريءَ جو اهو ڏيڍ
سال ڏاڍو خراب گذريو. مشڪل سان اهڙو ڏينهن هوندو
جڏهن اهو خيال نه آيو هوندو ته اڄ مان خلاص ٿيندس.
سو موت ته اڻٽر آهي ئي، ان کي سهج سڀاويڪ قبول
ڪجي. جيڪڏهن اهو سهج سڀاويڪ اچي. پر اڪثر ائين ٿئي
نٿو. البيئر ڪامؤ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، اها انساني
زندگيءَ جي ڪيڏي ائبسرڊٽي آهي، جو هو جنهن زندگي
کي معنيٰ بخشڻ چاهي ٿو، اها بنا اطلاع جي اوچتو
ختم ٿي وڃي.
ان بيماريءَ ۾ مون هڪ چيز وڃائڻ شروع ڪئي. مٿي جا وار. مان نٿو
سمجهان ته منهنجي انتر من ۾ ڪي خانداني عناصر
هوندا، جن منهنجو مقدر طئي ڪيو هوندو. دادا ۽ بابا
کان ٻڌو هوم ته لالا خاندان جو پهريون پٽ پنجٽيهن
سالن ۾ پير رکڻ بعد ٽڪلو ٿيڻ شرو ٿيندو آهي. ٻي
ڳالهه اها ٿي جو ڏيڍ سال اڪثر هر وسپت تي جو
سورداس ٿيڻ جو وهم پوندو هو ۽ اکين ۾ ڌنڌ ڦهلجندو
هو، سو نظر گهٽ ٿيم ۽ چشمو پائڻ شروع ڪيم. پرين
نظر اڃا به تيز اٿم. خبر ناهي وياس ۽ ڪاليداس بنا
چشمن جي لکين ڪوتائون ڪيئن لکيون.
هڪ دفعي ميران چيو: تنهنجي لاءِ ڪمل سٺي ٿيندي. مون ڪمل جي گهر
طرف رخ رکيو. هڪ دفعو ڏٺومانس. ميران کي چيم: اها
زال ملي ته پاڻ کي خوش نصيب سمجهندس. چيائين: ڏاڍي
نيڪ ۽ بااخلاق آهي. ڪتابن جي به شوقين ڪنهن وڏائي
جي رعب نه چڙيس. چيومانس: ٻيلي ڪو ٻوٽو ٻار. عشق ۾
منهنجون مڙيئي ناڪاميون کيس پائڻ جون تياريون آهن.
ميران، ڪمل سان ڳالهه ڪئي. ڪمل چيس: اڄ ڪلهه جا
ڇوڪرا هاڪٽ ٿين ٿا. ذهين ڇوڪريءَ لاءِ شادي ڪرڻ
مشڪل آهي. پر مان کيس ڏسان. هڪ دفعي هن مون کي
سئلون ٻاهران اخبار پڙهندي ڏٺو. ميران چيس: ڏاڍي
سٺي سڀاءُ جو اٿئي. ٿورو غريب آهي. ڪمل چيس: اهو
ڪو عيب ڪونهي. هڪ دفعي نيتاجيءَ تي ڪمند جي رس
ويٺي پيتم. ان ڏينهن شيڪسپيئر جو ڪمپليٽ سيٽ وتو
هئم. خبر نه هئم ته مسواڙ نه ڀرڻ سبب شيڪسپيئر
مهانگو پوندو. هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان اتي آئي.
سانوري. ڪٽيل وار، سلوار ۽ ڪرتو، ڪجهه گنڀير ۽
شانت. مون من ۾ چيو: يا خدا بس، اها ڏي. زندگي ڀر
تنهنجو ٻانهو ٿي رهندس. درگاهن تي پوڄا ڪندس.
مندرن ۾ جاپ ڪندس. بس، پاڻ سان ويٺو ڳالهايان. من
۾ ڏاڍا ڪومل ڀاوَ پئدا ٿين ٿا.
چندرو به فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. مون فوٽو گرافر دوست کي چيو
ته چندروءَ کي تيار ڪر ته ماٿيران پڪنڪ ڪجي. ڀل
فئملي سان هلي. ماٿيران معنيٰ موهن. سٺو گائيڊ
آهي. ماڻهو به ماشاالله لکن ۾ هڪ آهي.
فوٽو گرافر منهنجي ۽ ماٿيران جي ساراهه ۾ سيٽ تان ڪري پيو.
چندروءَ پڇيو: تون اسان کي وٺي هلندين؟ مون چيو:
هڪ شرط تي. ڪهڙو؟ اوهين مون سان وڏا وڏا پنڌ ڪندا.
اسين
13
فيبروري
1965ع تي مٿيران وياسين.
16
صبح جو موٽياسين. مان ڊارڪ ڪلر جا ڪپڙا پائي ويس.
اتي وڃي هڪ بنگلو مسواڙ تي ڪيم، جو پوءِ ڪنهن
گجراتيءَ خريد ڪيو ۽ جو هاڻ گجرات ڀون جي نالي سان
سڏجي ٿو. ريگل پٺيان مولانا آزاد روڊ تي. مان ڏاڍو
خوش. شبانا وارو فيصلو خيال ۾ آيم ۽ ٽي ايس ايليٽ
جي ڪوتا به: ”پل ۾ وقت آهي، بصارتون ۽ فيصلا، جو
پل برعڪس ڪندو.“
نيزل کان گاڏي ننڍي. تيرهن ميل وراڪا کائي مٿي چڙهي. ڪنهن کي
کپي ته هيٺ لهي، باندر کي پاپڙي کارائي، يا پاڻ کي
ان کان چڪ پارائي، ڊڪ پائي وري اچي ان ۾ چڙهي.
ڪالڪا کان شملا جا ريرل ويندي هئي سا به ايڏي
ننڍي.
مون کين گاڏي ۾ ٻه ڪوتائون ٻڌايون. هڪ جپاني هائڪو:
عدن جي باغ ۾ لکيل آهي ته هتي گل پٽڻ منع آهي:
پر هوا پڙهي نٿي سگهي.
هڪ بورس پيسٽرنڪ جي:
زندگي سرءُ جيان، پنهنجن تفصيلن ۾ گهري آهي.
اتي سنان پاڻي ڪري، لکنوءَ جو چوغو ۽ پتلون پاتم. پيرن ۾ اڇي
موجري. ماٿيران جي مٽي ڳاڙهي. رستن تي ڏامر ڪونه
ٿئي. موٽرن ڪارن جي اتي اجازت نه آهي. اوچا پهاڙ،
ميدان، ساوڪ، پکي، ڀولڙا، گهوڙا، گل، خاموشي، ٿڌي
هوا.
ٽوليءَ ۾ فوٽو گرافر ۽ سندس ڪا پريمڪا، چندرو ۽ جوڻس، جانڪي،
ڪمل ۽ سندس ٻه ٻيا ڀائر گوبندر ۽ نانڪو ۽ سندن
پريمڪائون. گوبندي جو اهو فيصلو هو ته جيستائين
پنهنجي ڀيڻ جي ڪنهن سٺي ڇوڪري سان شادي نه
ڪرائيندو، پاڻ اوستائين ڪنوارو رهندو. اسين ڪپڙا
مٽائي ٻاهر هوٽل ۾ آياسين. چانهه پيئڻ شروع
ڪئيسين. ڪمل اڃا تائين هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو.
نه هن مون ڏانهن گهڻو ڌيان ٿي ڏنو، پر کيس خبر هئي
ته مون کي خبر هئي ته ڪنهن اسان ٻنهي سان اسان
ٻنهي جي شاديءَ جو ذڪر ڪيو هو.
گوبندي چيو، ”اچ ته گهوڙن تي چڙهون.“
”مون چيو، ”نه.“
”ڇو؟“
”شينهن تي چئو ته چڙهان، ڇو ته شينهن تان ڪرندس ته ڪچو کائي
ويندو، جا ڪا وڏي ڳالهه نه ٿيندي. مان نه هوندس ته
منهنجا مسئلا به ختم ٿي ويندا، پر جي گهوڙي تان
ڪرس ته ٽنگ ٻانهن ڀڄي پوندي، پوءِ مون سان شادي
ڪير ڪندو؟“
سڀ کليا. مان به ڪافي کليس. سوچيم ته هاڻ پراڻا طريقا ڇڏيان. سو
اٿي ٻاهر ويس. اندر آيس. ڪمل کان هڪ ڪرسي پري
ويٺس. ٻيءَ چانهه جو حڪم ڏنم. پڇيومانس، ”تو
منهنجو ڪو ڪتاب پڙهيو آهي؟“
”هڪ پڙهيو اٿم. موهي نرموهي.“
”ڪيئن لڳئي؟“
”سٺو.“
”اوهان کي ڪتاب سٺا لڳن ٿا، ليکڪ سٺا نٿا لڳن؟“
هن پهريون دفعو چتائي نهاريو. آهستي چيائين، ”اوهين به سٺا
آهيو.“ |