سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 20

 

”سنڌ ۾ راڻيپور کان ڌاٻر کوٽا ٻه گاڏيون وينديون آهن. هڪ گاڏي هڪ هڪ اسٽيشن تي بيهي ۽ ٻي سڌو ڌاٻر کوٽا. هندو شروع ڪندو. هلندو. بيهندو، وري هلندو. ۽ مسلمان؟ ڀٽيءَ آواز کي وڏو ۽ ڳالهائڻ جي رفتار ميل جهڙي ڪئي. ”مسلمان شروع ڪندو. هڪ اسٽيشن راڻيپور. ٻي ڌاٻر کوٽا. نان اسٽاپ، راڻيپور ڌاٻر کوٽا. راڻيپور ڌاٻر کوٽا. راڻيپور، ڌاٻر کوٽا. مڙس پوءِ ساڻا ٿيو پون.“ وات مان گجي نڪري آيس. اياز ڏاڍو کليو. مون به کلي ڀٽيءَ کي چيو، ”اوهان طهر ٿا ڪرايو نه، شايد ان ڪري اوهان جي گاڏي ڪٿي بيهي نٿي. ان ڪري ئي توهان وٽ شرنگار- رس گهٽ آهي.“

”اها وري ڪهڙي رس آهي؟“

”اوهان وٽ جلادن جو جهٽڪو آهي، اسان وٽ ميناڪاري آهي.“

 

هڪ دفعي نشي ۾ رشيد ڀٽِي وڃي گٽرن پاسي کان ويٺو.

راجوءَ چيس، ”ڀٽي، هتي ڇا ويٺو ڪرين؟“

”ڀارت ماتا جي پوڄا ٿو ڪريان!“

”هتي، گٽرن ۾؟“

”ڀارت جتي ڪٿي ڀارت آهي.“ ڀٽيءَ چيس.

سڳن جي گهر ٻاهران رات گذاريسين. اهو منهنجي گهر کان هڪ منٽ پنڌ تي هو، جيئن ته سڀ ڪنهن اياز کي ڇڪيو ٿي، مون اياز کي گهر هلڻ لاءِ نه چيو. پر ڀٽيءَ چيو:

”موهن، مون کي ڏاڙهي لاهڻي آهي ۽ اها تنهنجي گهر لاهڻي آهي.“

مان کيس گهر وٺي آيس. هو منهنجي غربت جو اندازو لڳائي ويو. افسوس جو ان ڏينهن آرسيءَ سان گڏ بليڊ به ڀڳل هو. صابڻ به ڪونه هو. هن ڪپڙن ڌوئڻ جو صابڻ گهريو. ڀڳل بليڊ سان ڏاڙهي لاٿائين ته ڪافي ڪٽ آيس. اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس.

ڀاڀيءَ کي هٿ جوڙ ڪيائين ته مون کيس چيو، ”وڏو پٽ هوندي به مون کيس ڪو سک نه ڏنو آهي. اسان وٽ اها اوندهه اٿئي، ڀٽي.“

ڀٽيءَ جذبي ۾ چيو، ”ان اوندهه مان هڪ ڏينهن کير جهڙو سوجهرو ڦٽي نڪرندو.“

اسان جي حالت: آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا!

دادا جي موت بعد لڳم ته هڪ وڏي جوابداري منهنجن ڪلهن تي پيئي آهي. ريلوي جي نوڪري ڇڏڻ بعد لالا سؤٽن وٽ ويس، جن پهرين ڪلارڪ ۽ پوءِ سترهن ڪمپنين جو مئنيجر ڪيو. انجنيئر سوٽ، ڪيول لالا مون کي هڪ شارڪ اسڪن جو اڇو ڪوٽ ٺهرائي ڏنو ۽ هڪ ڪاري پينٽ.

اياز ۽ ڀٽيءَ وقت گهڻائي دفعا اهو ڪوٽ پاتم. ڀٽيءَ منهجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ اهو ڇهاءُ هن وقت به محسوس ٿو ڪريان. مان شيخ اياز جي شاعري ۽ ڀٽيءَ جي شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيس.

شيخ اياز جي مون سان قرب جا شايد پنج سبب هئا.

هڪ ته مڃيو ويو ته مون سٺو ٿي لکيو.

ٻيو ته ادبي ڪلاس ۾ ترقي پسندن کي شڪست بندر جون هوائون کارايون هئم.

ٽيون ته هري موٽواڻيءَ مون کي ان دؤر جو بهترين، خوددار، غير موقعي پرست، ايماندار فنڪار سمجهي، ”ڪونج“ رسالي جو ايڊيٽر ٿيڻ لاءِ چيو ۽ مون ها ڪئي هئي. ڪونج هڪ پاسي سڳن، آنچل، گني، راهيءَ ۽ سنڌ جي اديبن جون بهترين رچنائون ڇپيون، ٻئي طرف ان وڏا ادبي بحث ۽ طوفان پئدا ڪيا، جنهن سبب ترقي پسندن جا هنڌ هنڌ ڦهليل پاٺڪ ان جو اڀياس ڪندي، ترقي پسندن کان بدظن ٿيڻ لڳا.

چوٿون اسان جو رام پنجواڻيءَ کي نئشنل ڪاليج مان ڀڄائڻ جو زلزلائي واقعو.

پنجون ته مون به ٻين جيان سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ ڪم ڪيو ٿي ۽ مان ديوناگري لپيءَ جي ديوتائن لاءِ مهاڪال هئس.

۽ هونءَ سنڌ سان محبت ڪيم ٿي. اتي هند جي مڙني اديبن کان مقبول هئس. جيل ۾ ويو هوس. گولين جو مقابلو ڪيو هوم ۽ مهراڻ رسالي طرفان ڪهاڻي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اياز کان هڪ درجو مٿي انعام کٽيو هوم.

جيئن ته اسان ادب کي زندگيءَ کان وڌيڪ گنڀيرتا سان کنيو هو، ان ڪري ”انوکا آزمودا“ جهڙي خسيس ڪتاب تي جڏهن ساهت اڪادميءَ جو انعام مليو ته اسان جو جوش جاڳيو. تڏهن اسان ان انعام کي وڏي اهميت ڏني هئي. هاڻ ته اڪثر للو پنجو اهي انعام کٽن ٿا. بوٽ پالشون ڪن ٿا ۽ ڪميشنون ڏين ٿا. ان انعام سان گهڻيون بيهودگيون وابسته ٿي چڪيون آهن.

مون هڪ ميڙ سڏايو. اتي فيصلو ٿيو ته رام پنجواڻي جي مرحبا جشن ۾ بغاوت ڪجي. مون زهر جون گوليون کائي اهو ڪتاب پڙهيو هو ۽ پاڻ کي گهٽا ڏيئي، گهٽا ڏيندڙ تنقيد لکي هئم. لعل پشپ اها تنقيد پڙهي وڌيڪ جوش ۾ آيو ۽ هن وڌيڪ سخت تنقيد لکي. آرتوار ڏينهن اسان جو ”آپريشن رام پنجواڻي“ جو پروگرام هو. ان ڏينهن وري ’هندواسي‘ ۾ اها خبر ڇپي ته آل انڊيا سڀا طرفان به رام پنجواڻي جو سنمان ٿي رهيو هو. ان ڏينهن سڀا جي ڪاروباري ڪاميٽِيءَ جو ميڙ جئه هند ڪاليج ۾ رکيل هو. مان ۽ رام پنجواڻي ان جا ميمبر هئاسين. ڀوڄراج ناگراڻي پرڌان ۽ اُتم جنرل سيڪريٽري. مان ’هندواسي‘ جو اهو پرچي کڻي ان ميڙ ۾ ويس. اتي مالهي، ڪيرت ۽ پوپٽي ۽ ڪافي ٻيا اديب هئا.

مون اخبار مٿي ڪري پڇيو، ”صدر صاحب! رام پنجواڻي جي مرحبا جو فيصلو اوهان خود ڪيو آهي؟“

”ها.“ ڀوڄراج ناگراڻي فلڪ سان وراڻيو.

”اوهان اهو ڪتاب پڙهيو آهي؟“

”نه“، هن چيو، ”سنمان ته انعام سبب آهي.“

”سوال آهي ته بنا ڪتاب پڙهڻ جي اوهان سڀا طرفان مرحبا جو اصول ڇو قبول ڪيو؟ ڇا اوهان ماڊرن ادب پڙهيو آهي؟ هن ۾ ته جادن منترن ۽ ڪرامتن جون ڪهاڻيون آهن، سڀا ۾ اسين به آهيون. اوهان کي اسان جي راين لاءِ ترسڻ کپندو هو.“

مان ان پوري ميڙ ۾ اڪيلو هوس، جنهن سڀا جي فيصلي جي مخالفت ڪئي.

پوپٽيءَ چيو، ”ڪلپنا برابر آهي. سڀا کي پڪچر ۾ نه اچڻ کپندو هو.“

مون چيو، ”ڪنوينئر لعل سنگهه اجواڻي آهي. مون ٻڌو آهي ته ان انعام جي سودي ۾ رام پنجواڻيءَ بمبئيءَ يونيورسٽي سنڌي بورڊ فار اسٽڊيز جي ڪرسي اجواڻي صاحب کي ڏيڻي ڪئي آهي.“

پوپٽيءَ چيو، ”ڪلپنا بلڪل صحيح ٿو چئي.“

پوءِ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ به منهنجو پاسو کنيو ته، ناگراڻي مٿان ادبي ڦٽڪار جا فانوسا ڦٽا ڪيا ويا. رام پنجواڻيءَ جو منهن ڳاڙهو. اتي يڪراءِ فيصلو ٿيو ته سڀا طرفان رام پنجواڻيءَ جو ڪو سنمان نه ٿيندو ۽ ناگراڻي ۽ اتم اسٽيج تي، نه هيٺ ڪرسين تي ويهندا.

رام پنجواڻيءَ چيو، ”ڪلپنا! هيڏانهن اچ.“

هو مون کي ڪتابن جي ٻن ٽن ڪٻٽن پٺيان وٺي هليو ۽ هٿ جوڙي چيائين: موهن، اعتبار ڪر ته ان ڪتاب جو وڏو معيار اٿئي، ۽ ان لاءِ مون ڪا سوديبازي نه ڪئي آهي. مان تنهنجو وڏو ڀاءُ آهيان، ان ڪري تنهنجو فرض آهي ته منهنجي عزت ڪرين ۽ هونءَ به: ”ڍڪين تون ته ڍڪجي اگهاڙن شرم.“

مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هند، سنڌ ۽ ولايت جي مشهور سنڌي پروفيسر جي حالت رحم جوڳي هئي. پر ان وقت مون لاءِ انعام وڏي ڳالهه هئي، جو اسان وٽ ادبي شفقت هئي.

”اوهين مونکي هٿ ڇو ٿا جوڙيو؟“

”شايد اڄ ميڙ ۾ ڪو دنگو ڪرين.“

”اهو ته ٿي سگهي ٿو.“

”ان لاءِ ٿو هٿ جوڙ ڪريان. بس، تون چپ رهج، باقي مان سنڀالي ويندس.“

اسين باندرا جي هوٽل ۾ گڏياسين. آنچل، راهي، گنو، راجو، ڦتن، ايم سڳن، وشنو ڀاٽيا، چترو ناگپال، لعل پشپ، برج موهن وغيره. . .

رستي تي نارايڻ ڀارتيءَ کي برج موهن گڏيو. ڀارتيءَ پڇيس:

”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“

”رام پنجواڻيءَ خلاف مظاهرا ڪرڻ!“

”تو هن جو ڪتاب پڙهيو آهي؟“

هوٽل ۾ مون کين چيو: شروعات مان نه ڪندس. گوڙ ٿئي ته وشنو اسٽيج کي پٺي ڏيئي، راڪاس وانگر رڳو ها ها ها واڪا ڪري. برج کاٻي ته چترو ساڄي، ڀت ڏانهن منهن ڪري ڪيڪون ڪن. مقدمي جي دليل بازي راهي ڪندو. لعل پشپ مفت ۾ ”پرهه ڦٽيء“ جا پرچا ورهائيندو.

نيشنل ڪاليج باندرا جو هال سڄو ڀريل. ترقي پسند اڳين بينچن تي ويٺا، جتي ڪي ديوناگري وارا به ويٺا هئا. مالهي ”هندستان“ جي مئنيجر ٻلديو موٽواڻي جي ڀرسان ويٺو هو. لڳ ڀڳ سڀ ليکڪ، ماستر، پروفيسر ۽ وڏا ماڻهو آيل هئا. ڪتاب اڃا پبلڪ ۾ ظاهر نه ٿيو هو. اسٽيج تي ٽي ڄڻا ويٺا: اجواڻي، رام پنجواڻي سيتا رام پنجواڻي. رام پنجواڻيءَ جي اک ڪانو وانگر ٿي ڦري ۽ ڦري ڦري مون وٽ ڄمي ٿي بيٺي. هال ۾ عزيز ڪونه هو، جنهن کي اڃا اهو انعام ڪونه مليو هو.

اجواڻيءَ، رام پنجواڻي جي ڪتاب جي ساراهه ۾ سيرس آسڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين، ”رام پنجواڻي کي انعام جنتا ڏنو آهي.“

مون اديبن کي هڪٻئي کان پري ويهاريو هو، جيئن انتظام مان بدانتظامي ڦهلائجي. ڏٺم ته راهي اڃا ماٺ هو ۽ اُٿيو ڪونه. مان ڪافي پٺيان ويٺو هوس. مون اٿندي بلند آواز ۾ چيو، ”جنتا اهو ڪتاب ڏٺو آهي؟“

سڀ سسيون ابتيون ٿي، منهنجو منهن تڪڻ لڳيون.

اجواڻيءَ به رڙ ڪئي، ”يو سٽ ڊائون، مسٽر ڪلپنا.“

مون وڌيڪ رڙ ڪئي، ”دس از ناٽ يوئر ڪاليج! يو سٽ ڊائون.“

سسيون وري اسٽيج طرف. وري واپس مون ڏانهن. سسين جي ان انتظامي ’ابائوٽ ٽرن‘ جي ايڪتا جيڪڏهن سنڌين ۾ اچي ته شايد کين ڪوبه ڪٿي جهڪائي نه سگهي، حيرت ۾ سڀ اکيون ڦاٽل.

هاڻ راهي دليل بازيءَ لاءِ اٿيو. هن ڪافي سوال جواب ڪيا. پر ان وچ ۾ وشنو، چترو ۽ برجوءَ اهي رنڀو ڪيون، جو راهيءَ جو ليڪچر ٻڌڻ ۾ نه آيو. رام پنجواڻيءَ مائيڪ تي اچي پنج ئي آڱريون نڪ تي رکي، هٿ وڌائي چيو: اوهان کي لڄ ڪانهي. شرم ڪونهي. حياءُ ڪونهي. اوهين غنڊا آهيو. غنڊا آهيو. غنڊا آهيو. هٿ نڪ تي ۽ وري کولي اسان ڏانهن ڪري. آواز بند ٿي ويس، پر ڦٽ لعنت جي ادا قائم رهيس. مون کي به لڳو جوش، سو اڳيان وڌي اسٽيج تي ويس ۽ ٻه فوٽ مٿي ٽپو ڏيئي، ٽيبل تي مڪ هنيم: بند ڪروي هي تماشو ۽ پوءِ ماڻهن ڏانهن منهن ڪري چيم: هي ليکڪ آهن؟ ٺڳ آهن. چور آهن. هنن ئي سنڌي ادب کي زوال تي پهچايو آهي. اديب اسين آهيون. اسانکي ٻوليءَ سان محبت آهي.

مان موٽيس ته ٻلديو موٽواڻي غصي ۾ چيو، ”يو ڪميونسٽ!“ رڙ ڪري چيومانس، ”ڪال مي اَ ڊاگ، بٽ ناٽ ڪميونسٽ!“ مالهيءَ جو منهن لهي ويو، ڄڻ اها گار مون کيس ڏني. هن ئي هڪ چيو: موهن نيشنلسٽ آهي ڪاش سوشلسٽ ٿئي.

لعل پشپ به چيو: پڙهو رام پنجواڻيءَ جا ڪارناما. ائين چئي هن ’پرهه ڦٽي‘ جا ڪيترا پرچا نوٽن جيان هوا ۾ ڦٽا ڪيا ۽ رام پنجواڻيءَ جا پرستار منگهي پير جي فقيرن جيان هيٺ جهڪي جهپا هڻڻ لڳا ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏيڻ لڳا. ميڙ ڦٽي ويو. رام پنجواڻيءَ جو سنمان ٿي نه سگهيو، آپمان ٿي ويو.

ان واقعي تي سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني ليکڪن افسوس ظاهر ڪيو آهي ۽ انهن به جن بغاوت ۾ شرڪت ڪئي. هڪ مون ئي دک ظاهر نه ڪيو آهي. رام پنجواڻي اسان جي قوم جي هڪ وڏي شخصيت آهي ۽ ڳالهه به هڪ انعام جي هئي، پر مان دک ان ڪري نٿو ڪريان جو ان هڪ واقعي مان اسان جي پنهنجي ادب طرف صداقت ظاهر ٿي ٿئي. رام پنجواڻيءَ ادبي دنيا ۾ ڀرشٽا چار جي روايت قائم ڪئي. حق، لائقي ۽ ايمانداريءَ موجب ڪنهن کي انعام عهدو ڪجهه به ملي ته مان ان جو قدر ڪندو آهيان. سنسٿا واد فنڪار جي انقلابي جذبن کي ڪچلڻ لاءِ ٿيندو آهي. فنڪار اهو جو پنهنجا جائز حق وٺڻ بعد ڳالهه پنهنجي ڪري.

هڪ خيال کان ڏک ٿيندو اٿم ته رام پنجواڻيءَ جو اهو ادبي حشر سندس پتني سيتا اڳيان ڪيوسين. مهذب شخص مرجاتا جي گهيري اندر رهندا آهن. پر اسان جي حالت پانڊوَن جهڙي، جي ڏينهن جو ڪوروَن کي ماريندا هئا ۽ رات جو اعذا پرسي ڪندا هئا.

سمجهان ٿو، هڪ غلطي ٿو ڪريان. اهو واقعو شيخ اياز جي وڃڻ بعد ئي ٿيو. ڳالهيون اڳيان لکان يا پٺيان، انهن جو پنهنجو تسلسل آهي. ادب ڪا اسڪولي ڪتاب جي تاريخ نه آهي، جتي سن ۽ واقعا سلسلي وار ڏنل هجن. مون کي جيئن ياد ٿو اچي تيئن ٿو لکان.

ڳالهه گني ۽ منهنجي هئي ته ٻئي شادي هڪ ڇوڪريءَ سان ڪنداسين، پوءِ ان احمقپڻي تي کلياسين. هن ديپتي سان شادي ڪئي. هو کيس شاديءَ کان اڳ انپورڻا چوندو هو، ديپتيءَ ريلوي ۾ ۽ پاڻ بيروزگار. الهاس اسٽيشن ڀرسان، او ٽيءَ پاسي، نديءَ ڪناري ليٽي ائڊولف هٽلر جي جيوني پڙهندو. ديپتي ايندي. گهر ويندا. گني کي پوءِ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ملي، جتي هو هن وقت انڊر سيڪريٽري آهي. شاديءَ جي سال ٻن بعد بمبئي لڏي ويو. هن وقت چرچ گيٽ ڀرسان رهندو آهي. ديپتي ڏاڍي کل مک ۽ ذهين آهي. هڪ دفعي آفيس ۾ ڪنهن کيس چيو: يو آر اي فلاور. ديپتيءَ چيس: بٽ يو آر ناٽ بٽر فلاءِ. (تون هڪ گل آهين! ها پر تون پوپٽ نه آهين.)

 

 

لالا آرڪيٽيڪٽ آفيس. روز فرسٽ ڪلاس ۾ الهاس کان بمبئي. سڳن گڏ هوندو هو. اتان نيوا ايمپاير رسٽارنٽ. صنوبر جي وڻن جي وچ ۾ چانهه. ادبي سوچون.

هڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ جڳت آڏواڻيءَ جي زال پتليءَ چيو، ”موهن هٿ مٿي ڪر.“

مون هٿ مٿي ڪيو. هوءَ هڪ جوان ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ کي اتي وٺي آئي هئي. شايد کيس مڙس جي تلاش هئي ۽ مون کي زال جي. اسان کي پنهنجي گهر چانهه تي گهرايائين.

مون هن جو نالو راجڪماري رکيو، جا اڃا به بمبئي اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا فورٽ ۾ نوڪري ڪندي آهي، جڳت آفيس. پتلي ٽيوشن تي ۽ اتي سندس سورهن سالن جي ڌيءَ شوڀا. راجڪماري ۽ مان. هڪ دفعي راجڪماريءَ شوڀا کي ڪلاڪ ٻه ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ در بند ڪري اچي پلنگ تي ويٺي.

”تون روپ جو پوڄاري آهين يا آتما جو؟“

”شاديءَ کان اڳ روپ جو.“

”ڇو؟“

”شادي ٿي. ڳالهه ختم. پوءِ آتما پرماتما جون ڳالهيون.“

”توکي شايد ننڊ ٿي اچي.“

”سو تنهنجي ڀرسان ليٽان اچي.“

هن جو منهن شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو.

”تنهنجو پگهار گهٽ آهي.“ هن شڪايت ڪئي.

”ٽي سئو آهي.“ مون فخر مان چيو.

”رهين به الهاس نگر!“

”ته ڇا ڪريان.“

”چاچي کي چيمبور ۾ هڪ فلئٽ آهي. هو اهو مون کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن.“

”تنهنجي لاءِ گهر ڇڏيان.“

”اڄ نه سڀاڻ توکي اهو ڇڏڻو پوندو.“

مان چپ.

”تارا مير چنداڻي ڪير آهي؟“

”هڪ ليکڪا، بنارس ۾ رهندي آهي.“

”تو ’درد ۽ سپنا‘ ڪهاڻي هن تي لکي آهي.؟“

”ها.“

”ڪهاڻيءَ ۾ تون کيس هٿ به نٿو لڳائين.“

”هوءَ شادي شده آهي.“

”پر تون ته روپ جو پوڄاري آهين.“

”ان روپ جي اگنيءَ ۾ جلي منهنجي سڄي آتما سوني ٿي ويئي آهي. پريم هڪ شخص کي فقط بستري تائين محدود نٿو ڪري.“

”ڀائي تنهنجون ڳالهيون ته ڳوڻين ۾ ڀرڻ جهڙيون آهن.“

”تون نٿي ڄاڻين راجڪاري.“ مون چيو، ”مون سڄي زندگي پنهنجو پيٽ ڪويتائن سان ڀريو آهي. توکي به بک لڳي ته مون کان ڪوتائون گهرج.“

هوءَ کلڻ لڳي.

پتلي، سندس ماسي هئي ۽ جڳت منهنجي ڪهاڻي ’درد ۽ سپنا‘ ڇپي هئي، جنهن لاءِ مالهيءَ چيو ته عورت، مرد تي ان سنٻنڌ جي ڪا اعليٰ ڪهاڻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ نه پڙهي هئائين. آنچل اها ڪهاڻي هڪ ئي وقت ٽي دفعا پڙهي.

تارائون به ٻه آهن: هڪ اجمير ۾ قيصر گنج ۾ ڀيڻ ليلا جي ڀرسان رهندي هئي. جيا ڀارتيءَ وانگر قد جي ننڍي. هن منهنجو گوئا وارو ڪتاب پڙهيو هو ۽ پنهنجي قد جي حساب سان منهنجي قد جو اندازو لڳائي، هن هڪ سوئيٽر مڙهيو هو، جو مون کي ڏنائين. راتيون راتيون ويهي ڪهاڻيون ٻڌندي هئي. اهو سوئيٽر مون کي پورو نه ٿيو ۽ پوءِ اهو ڀاڀيءَ پائڻ شروع ڪيو.

تارا مير چنداڻي جهڙي موناليزا. مون سان ڪافي گهري ٿي. ادبي بيٺڪ، ڪلچرل پروگرامن ۽ مشاعري ۾ مون سان گڏ رهي. هوءَ بمبئي سميلن (1958) ۾ آئي هئي ۽ هڪ شام هن چيو، مون ۾ نهايت گهرو درد، پر چهري ۾ گوتم ۽ ڪرائيسٽ وارو نور آهي. مشاعري جي صدارت ساحر لڌيانوي کي ڪرڻي هئي ۽ کيس آڻڻ جي جوابداري مون مٿان. مان ٻه چار دفعا هن جي گهر ويو هوس. مشاعري جي شام مان کيس ڪي سي ڪاليج جي ڪئنٽين ۾ وٺي ويس. تارا گڏ هئي. ساحر جو مزاج ڪافي خراب هو. تارا لاءِ پڇيائين:

”تنهنجي پتني آهي؟“

”نه، دوست آهي.“ مون چيو.

”دوست ئي ته پتنيون ٿينديون آهن.“

”نه ساحر“ مون چيو، ”هوءَ شادي شده آهي.“

ساحر پنهنجي غلطيءَ تي پشيمان ٿيو.

”اوهان جو مزاج ڪجهه خراب  آهي!“ مون پڇيو.

”ها دوست، اڄ مون زندگيءَ جو هڪ فيصلو ڪيو آهي.“

”ڪهڙو؟“ تارا پڇيس.

”ته فلم لائين ڇڏي ڏيان.“

”ڇو؟“ وري به تارا پڇيس.

”اديب دوست چون ٿا ته فلم ۾ اچڻ بعد مان ادبي نه رهيو آهيان. اڄ وري ٽائيمس آف انڊيا ۾ مون تي سخت نڪته چيني ٿي آهي.“

”اوهان جو فيصلو غلط آهي.“ مون چيو. ”اوهان جي فلم ”پياسا“ جا شعر لکين ماڻهن کي اردو سکڻ لاءِ مجبور ڪندا. فلمون ادب ڏانهن وڃڻ جو رستو آهن. اوهان جي فلمن ۾ اچڻ سان فلمن جي گيتن جو معيار وڌيو آهي. ٽئگور چيو آهي: کين موقعو ڏيو نه ڏيو، گلا ڪرڻ وارا اوهان جو ڪو ڪيس ڳولي ئي لهندا.“

تارا چيو، ”موهن ٺيڪ ٿو چوي.“

هن اسان ٻنهي ڏانهن نهاريو. اسان جا چهرا ڏسي مشڪي پيو. پوءِ اُتم به اچي ڪيفي ۾ پهتو ۽ چانهه ۽ سنبوسو کاڌائين. ساحر چيو، ”اوهين صحيح آهيو. مان پنهنجو فيصلو بدلايان ٿو.“ ان ئي شام هن اٽڪل ڏهن هزار سنڌين اڳيان پنهنجي هڪ لنبي ڪوتا ”تصورات ڪي پرڇايان“، پڙهي:

ان بعد نه تارا گڏي ۽ نه ساحر. ٻه سال ٿيا ته ساحر مري ويو. تارا ٻه چار دفعا بمبئي آئي آهي، مون سان گڏجڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. هڪ ٻه دفعا فون به لڳايائين. مون کي به دل ٿيندي آهي ته بنارس ۾ گڏجي اچانس. اسان جون ڪيتريون ملاقاتون مون هوبهو ’درد ۽ سپنا‘ ۾ ڏنيون آهن. ائين اسان جو صبح شام گڏجڻ گهڻن کي ٺيڪ نه لڳو. منگهارام ملڪاڻيءَ پڇيو: ٻئي هڪٻئي سان ٻڌجي ته نه ويا؟ مون چيو: فنڪار ته هڪ ٻئي سان هميشه ٻڌا پيا آهن، باقي اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي.

هن نگاهن سان خدا حافظ چيو ۽ ان بعد سندس خدا منهنجي ڪافي حفاظت ڪئي آهي.

راجڪمار ۽ مان. صبح به پنهنجا ته شامون به. ڪڏهن فلم تي، ڪڏهن آرٽ گئلري، ڪڏهن عجائب گهر ۽ راڻي باغ. ڪڏهن مرين ڊرائيو جي ٿلهي تي ويهون. هڪ دفعي ڏاڍي برسات پئي. هوءَ منهنجي ڇٽيءَ جي هيٺان اچي بيٺي. وڏيون اکيون کڻي چيائين: ”منهنجا سائين.“

سندس اهي لفظ ڏاڍو وڻيا. پوءِ ته عادت پئجي ويس. چاهيندي هئي ته ڪو ڌنڌو ڪريان. ڪار وٺان.

”ڀلا آکاڻين ۾  ڇا آهي؟ ڀلا لفظن سان پيٽ ڀرجي سگهي ٿو؟ ڪا لپسٽڪ، پائوڊر هڻي سگهجي ٿو؟ زال ڪنهن جي به ٿجي، پر ليکڪ جي نه ٿجي. پر تون سٺو آهين. تومان ڪا ساڙهي، چوڙين جي اميد رکي نٿي سگهان. لفظن جو طلسم آهي تو وٽ. بس، تنهنجو اهو ڳالهائڻ ٿو مون کي ماري.“

”پر منهنجيون ڳالهيون ته ڳوڻين ۾ ڀرڻ جهڙيون آهن.“

”ڳالهين سان ته ڳوڻيون ڀربيون، پيٽ ٿورو ئي ڀربا.“

”توکي خبر آهي، هندستان ۾ چاليهه ڪروڙ ماڻهو آهن. جن کي ٻه ويلا ماني نصيب نه ٿيندي آهي.“

”هو پنهنجو پيٽ رامايڻ جي ڪويتائن سان ڀريندا آهن.“

”توکي خبر آهي، وان گو ڊٻروٽيون کائي پينٽنگ ڪندو هو؟“

”ان ڪري جوڻهس ضروري دکي هوندي؟“

”ته ڇا ڪلا کي ڪا اهميت نه آهي؟”

”ڪلا هڪ بلا آهي، جا ماڻهن جو سک ڳڙڪائي ٿي.“

”اهو ڄاڻي به منهنجي زندگيءَ ۾ آئينءَ.“

”مون کي خبر آهي شاديءَ بعد تنهنجو لکڻ بند ٿي ويندو.“

شاديءَ بعد ليکڪ لکڻ بند ڪندا آهن ۽ هنن جون زالون ليکڪائون ٿي وينديون اهن.“

”اها فقط وانڪائي جي وندر آهي.“

”ڇا؟“

”لکڻ.“

مون کي لڳو ته شايد اسين گڏ هلي نه سگهنداسين. هونءَ هوءَ دفتر ۾ ايندي هئي. پٽيوالي کي رپيو خرچي ڏيئي چوندو هوس ته ٻاهران لاڪ ڪري وڃ. اسين ايئرڪنڊيشن آفيس ۾ هڪ ٻئي کان آزادي وٺندا هئاسين. هوءَ گيتا راج جي ساهيڙي بنجي ويئي ۽ هن کي چيائين ته، ”موهن حوص جي سوال ۾ ڏاڍو وحشي آهي. گيتا پڇيو، ”پر اوهين اهي لڳندا ته نه آهيو؟“

چيم: ”هن منهنجي وحشت اڃا ڏٺي ته نه آهي. منهنجي جسم ۾ لاوا آهن.“

منهنجي آفيس جي رسيپشنسٽ هڪ انگريز مس بليڪ هئي.

اسين لنچ ٽائيم ۾ هڪٻئي سان چرچا ڪندا هئاسين. هڪ دفعي هن چيو:

”تون شادي ڇو نٿو ڪرين؟“

”ڪندس.“

”ڪنهن سان؟“ هن مشڪيو.

”توسان!“ مون به مشڪيو.

”ته پوءِ هيئن ٿا ڪريون“ مس بليڪ چيو، ”اسين ڇهن مهينن لاءِ شادي ٿا ڪريون. خوب موج مزا ڪنداسين ۽ پوءِ طلاق.“

”طلاق ڇو؟“

”شادي بعد زال مڙس هڪ ٻئي کي وڌ ۾ وڌ ڇهه مهينا پيار ڪري سگهندا آهن. پوءِ پيار جون ڳالهيون ختم. سچا روپ ظاهر. ڪمپليٽ بورڊم.“

”ته پوءِ شادي ئي ڇو ڪجي!“

”ڇو ڪجي؟“ هن چيو، ”اوهين انڊين ته هر ڳالهه جو مرڪز شادي بڻائيندا آهيو. شادي هڪ مدي خارج رسم آهي. بس گڏ رهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org