هڪ دفعي سڀ کان ننڍي ڀيڻ آشا چيو، ”ڀائو، تون ته
وڏو ليکڪ آهين. منهنجو هڪ ڪم ڪر.“
هوءَ فقط سورهن سالن جي. جوان ۽ سهڻي. خط ۽ خال
ڪشش ڪندڙ. ڪملا کي ڀاڀيءَ ان شخص سان شادي ڪرائي،
جنهن کي اسان جي غريبيءَ جي دک کان وڌيڪ ان ڳالهه
جي خوشي ٿي ته سندس سالا ڏاڍا سٺا هئا ۽ هڪ ته
ليکڪ به هو.
”ڪهڙو
ڪم“
”مون
کي فلم ۾ ڪم وٺي ڏي.“
”ائڪٽنگ
ڪندينءَ؟“
”ها.“
”بيوقوف،
ڪڏهن مون به ائڪٽر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. راجن
چاولا سان گڏ مون اسٽوڊين جا چڪر کاڌا. آخر اسان
کي مٽي چٽڻي پئي. ائڪٽنگ ڪرڻ ڇا چرچو آهي؟“
”نرگس
جو ڪندي آهي.“
مون کيس ٻانهن کان جهلي چيو، ”آشا، نرگس تمام وڏي
ڪلاڪار آهي.“
”ڀائو،“
هن چيو، ”تون ڏسج، مان ٿي ڪريان. منهنجو سڄي
هندستان ۾ نالو نڪرندو. توکي جام پئسا ڏيندس. تون
آرام سان لکج.“
ڏاڍو
ڏک ٿي پيم. بس،
رڳو پئسا ڪمائڻا آهن؟
ته
مان ڇو ٿو لکان؟ آهي ڇا ان ۾. ڇڏي ڏيان لکڻ.
ڪجهه وڌيڪ ڪمايان. کيس ڪجهه آرام ڏيان. چيومانس.
”تون بي فڪر ٿي. مان راجڪپور سان گڏجندس.“
ڀاڀيءَ
پوءِ کيس پاسي واري گهر ۾ سلائي جو ڪم سکڻ ۽ ڀرڻ
تي رکيو. پوءِ خبر پيم ته ان مائي گونگيءَ
کيس
ڀنگ ۾ ڌاتورو کائڻ سيکاريو هو. ان ڪري ڀاڀي ڪنهن
هنڌ هن جو مڱڻو
ڪري
ڇڏيو.
شاديءَ
رات ڏسون ته اڌ بوتل شراب پي اچي ويٺي آهي.
گونگيءَ کيس شراب پياريو هو. هوءَ لڏي لمي پيئي،
مڙس شاديءَ رات ته غم پي ويو، پر صبح جو ڏسان ته
نئين گهر جي ٻاهران بيٺو آهي. چيائين، ”اوهان جي
ڀيڻ ڀاڳل آهي. رات جو پيرن ۾ ڇير پائي چنبا کڻي
مون کي ڏڪائڻ لڳي ته هٿ نه لڳاءِ. بئگ مان به
ڌاتورو ۽ ڀنگ نڪتي اٿس.
شايد
کيس ڀوت آهي،
اوهين کيس وٺي وڃو. ڀڳوان جو قسم مون کيس ڇهيو
ڪونهي.“
لڳم ته ڇاتيءَ ۾ ڇرو کپي ويو. مان هن سان وڃي آشا
کي وٺي آيس. ڀاڀيءَ، جا پهريون گهر ڇڏي، ڀائو
گلوءَ سان ٻئي هنڌ رهڻ لڳي هئي، اتي وٺي ويومانس.
اکين ۾ اڃا به نشو هئس،
سمجهائين
پئي ته مڙس کيس ڇڏي ڏنو آهي. مون کيس چيو، ”آشو،
گهٻراءِ نه. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي. ڏس ڏاهي ٿي.
اسان جي خاندان ۾ ڪنهن به نشو نه ڪيو آهي. غريب
آهيون،
پر عزت ۽ مانَ وارا آهيون. تون اهي نشان ڪرڻ ڇڏي
ڏي. پوءِ مان تنهنجي ٻي
شادي
ڪرائيندس.“
هن ها ڪئي.
ان ئي سال ڀاڀيءَ کيس هڪٻئي جوان سان شادي ڪرائي،
جنهن کي ٻه ٻار هئا ۽ زال جوانيءَ ۾ گذاري ويئي
هئس.
کيس
سڀ ٻڌايائين.
هن چيو: شاديءَ بعد پهرئين هن جو علاج ڪرائيندس ۽
پوءِ کيس گرهست ۾ آڻيندس ۽ هن ائين ڪيو. هاڻ آشا
اتي آهي ۽ خوش آهي.
وري انهن ئي ڏينهن ۾ باقي هڪ ئي ڪنواري ڀيڻ چيو،
”ڀائو، هڪ مدد ڪر مون لڪي شادي ڪئي آهي. منهنجو
مڙس بيروزگار آهي. چوي ٿو: نوڪري ملي ته شادي ڪري
گهر وٺي هلانءِ. انٽرميڊيٽ آهي.“
”پيٽ
سان ته نه آهين نه؟ مون پڇيو.
هن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو، ”ٽيون مهينو آهي.“
”ٻڏڻ
ياد نه آيئه؟“
”ڀائو،
قيمتي حياتي وڃائي ڇڏيان! هڪ غلطيءَ
جي
ڪري.“
”مون
گهر ڏانهن ڌيان نه ڏنو ته
تو
شرم
حيا ڇڏي ڏنو.“
هن روئڻ شروع ڪيو. وري سوچيم: انسان آهي خطا ڪئي
اٿائين. چيومانس، ”چڱو، ڇوڪري کي سڀاڻ منهنجي آفيس
۾ موڪلج.“
ٻئي ڏينهن اهو جوان آفيس ۾ آيو.
”ڏس،
هي
ڪهڙو
پريم آهي تنهنجو جو پنهنجي پريمڪا جي حياتي تباهه
ڪري رهيو آهين؟ تون ستن ڏينهن جي اندر هن سان شادي
ڪر. نه ته مان هن جو آپريشن ڪرائي ڇڏائيندس. مون ۾
ايڏي طاقت آهي جو ڀيڻ جي عزات بچائي ويندس.
”غلطيءَ
لاءِ معاف ڪريو. مون کي هڪ نوڪري وٺي ڏيو.“
مون به سوچيو هن شادي ته ڪئي آهي. رڳو بيروزگار
آهي. مدد ڪيانس ته شايد زندگي ٺهي پئيس. مون اتي
ٽائيم ائڊوٽائيزرس ڪمپني کولي هئي. پگهار پنج سئو
هئم ۽ الڳ اسي روپيا ان جي لکپڙهه جا ملند اهئا.
مون رام دادلاڻي سان ڳالهه ڪئي. هن ڀلي مانس ان ئي
ڏينهن ٻه سئو
پگهار تي رکيس. ۽ هنن ٻنهي هفتي اندر شادي ڪئي.
مون آفيس مان ٻن مهينن جو پگهار ائڊوانس ورتو ۽
ڀاڀيءَ کي ڏنم. ان هڪ رات مون کي ڏاڍو ڪمزور ڪيو.
مون ڪڏهن به قلم کڻي فهرست نه بڻائي ته شاديءَ ۾
ڇا ڪبو، وٺبو آهي.
ڪل
ساڍا ٽي هزار روپيا خرچ اچي ويو، جو اجمير واري
ڀيڻ ليلان کان قرض ورتم ۽ ٻه ٻه سو ڪري سالن بعد
کيس واپس ڪري سگهيس. هن جو مڙس رام ڪشن زميندار
هو. ٻه لک کڻي هندستان آيو هو. پوءِ خط مٿان خط ته
پئسا واپس ڪر. هڪ دفعي تار آئي ته ليلان مري ويئي
آهي. اهو صدمو مان برداشت ڪري نه سگهيس. تمام گهڻي
دک سبب گاڏيءَ ۾ ننڊ اچي ويئي. اکيون کولي ڏسان ته
دنيا ۾ ڪجهه ٻيو به آهي، جو دادا جيان گم ٿي ويو
آهي.
وري ڏسان ته هفتي بعد رام ڪشن آفيس ۾ ويٺو آهي.
”ليلان
کي ڇا ٿيو؟“
”سال
ٿيو آهي تو قرض واپس نه ڪيو آهي.“
”مان
اوهان کي هن مهيني کان ٻه سئو هر مهيني موڪليندس.
ڏياريءَ تي سڄو بونس موڪليندس. وشواس
ڪجو.“
”مالڪ
کان لکائي ڏيندين؟“
”عزت
ويندي.“
”مان
چوانس؟“
”ڇا
اوهين رشتي ناتي جو لحاظ نه ڪندا؟“
”ڇا
جو رشتو. تون ته ڀيڻ جي موت جو ٻڌي به اتي نه
آئين.“
”هوءَ
ته رهي ڪانه. اتي ڇا اچي ڪريان ها!“
”مون
ليلا کي چيو: تار پڙهي به موهن نه ايندو.“
”ليلان
کي چيو؟ ڇا ليلان جيئري آهي!“
”ها،
مون کيس ڏيکارڻ ٿي چاهيو ته موهن ڪيترو خودغرص
آهي.“
”توهان
کي خبر آهي ته ڀاڀيءَ ڪيڏو رنو آهي.“
هو چپ.
” ۽
گلو ۽ راجوءَ.“
”سڀني
رنو پر تو ڪونه رنو.“
”ڏاڍا ڪريل ماڻهو آهيو اوهان. زميندار آهيو. اوهان ئي صدين کان
سنڌي مسلمانن کي لٽيو ۽ آخر اسان کان سنڌ ڇڏائي.
مان توهان کي اوهان جي پئسن جي گئرنٽي دادلاڻيءَ
کان وٺي ٿو ڏيان. لکت ۾ کپيوَ.
هو روز گروگڙ جو پاٺ ڪندو هو ۽ شاستر واڻيون برزبان ياد هئس.
چيائين، ”زباني به ڪم هلي ويندو.“
دادلاڻي مون ڏانهن نهاريو. پر هن جون نگاهون پهاڙ نه بڻيون،
جتان مان ڪري سگهان. چيائين ته، ”سڀ پئسا ڏيانس.“
”نه،“ مون چيو، ”فقط کيس خاطري ڏيو.“
هن کيسي مان هزا روپيا ڏيندي چيو، ”موهن، تون آهين منهنجو
مئنيجر، پر تون منهنجو آدرش آهين. توکي خبر ڪانهي
ته مان به ساڳي اسڪول ۾ پڙهندو هئس، جتي تون
تقريرون ڪندو هئين. تو لکڻ پسند ڪيو ۽ مون ڌنڌو.
مان تنهنجي حالت سمجهي سگهان ٿو.“ مشڪي چيائين،
”همت نه هار، هزار روپيا بونس وقت ائڊجسٽ
ڪندوسانءِ.“
رام ڪشن کي هزار روپيا ڏنم. هو دادلاڻيءَ جي الڳ روم ۾ اندر نه
هليو. ان بعد قسطون ڏيڻ شروع ڪيون مانس. ڪڏهن گسان
ته لکندو: مان تنهنجي گهر ٻاهران بک هڙتال ڪندس.
ماڻهو جمع ڪندس. هن جي شڪل ڏسندو هوس، سمجهندو
هوس، هفتو بستري تان نه اٿندس ۽ ٿيندو به ائين هو.
هن جو قرض لٿو ته تندرستي بهتر ٿي. هڪ سبق سکيس ته
غريبيءَ ۾ فاقا ڪڍجن، ڳرجي، مرجي، پر قرض نه وٺجي.
دهلي ايشيائي سميلن ۾ سندريءَ ڏٺو ته موهن ڪجهه کائي نٿو، سگريٽ
نٿو ڇڪي ۽ چانهه به نٿو پيئي، پاسي کان اچي بيٺي ۽
منهنجي پينٽ جي پٺئين کيسي ۾ هڪ نوٽ وڌائين.
چيائين: ڪامريڊ، اسان جي الڳ برادري آهي! پوءِ
نارائڻ ڀارتي ڪٿي لکيو آهي ته، ڪنهن ننڍڙي ميڙ ۾
اهو ذڪر نڪتو ته موهن ڪهاڻيون ته سٺيون لکي ٿو
وڃي، پر هن اڃا سندريءَ کي ڏهه روپيا ڪونه موٽايا
آهن. اتي ڏاڍي کل ٿي. ڀارتيءَ لکيو: پر جڏهن رات
بستري تي ليٽيس ته مون کي ڏاڍو روئڻ اچي ويو. موهن
هن کان پئسا ورتا ئي ڇو؟ اسان موهن تي کليو، شايد
ان ڪري جو موهن اسان کان سٺو ٿو لکي.
منهنجو پراڻو گهر ۽ ان جو پتو هند سنڌ جي سنڌي اديبن ۾ مشهور
هو. هڪ دفعي موتي جوتواڻي چيو: هيءُ هڪ سرشٽا جو
گهر آهي. هيءُ هڪ مندر آهي. مان هن کي نمسڪار ٿو
ڪريان. هتي هڪ ڪلاڪار، هڪ رشي ٿو رهي.
مڪان مالڪ سنڌ جو هڪ سنڌ ورڪي هو، جنهن جو اڪبر علي ڀرسان
شاليمار نالي هڪ وڏو دڪان هو. ان جو هڪ ملازم سڳن
آهوجا جي پاسي کان رهندو هو ۽ مون کي خبر نه هئي
ته، منهنجي گهر ۾ اک هئس. مون کي وڪيل جو نوٽيس
آيو. ڌيان ڪونه ڏنم. ڪورٽ جو سمن به نه مليو ۽ ايس
ڊگري پاس ٿي ڪڙڪي گهر ۾ آئي. سڄو سامان ٻاهر ڦٽو
ڪيائون. پوليس گهر کي پنهنجو قلف لڳايو. ڊسمبر جون
ٿڌيون، اڃا آشا ۽ مايا جي شادي نه ٿي هئي.
گلو آفيس ۾ ڪڏهن به نه آيو هو. هن نون ورهين جي عمر کان نوڪري
ڪئي ۽ گهر هلايو هئائين. مسواڙ فقط ايڪيهه رپيا
هئي، پر ٻه چار مهينا ڀري نه سگهيو هوس. ٻڌو هوم
ته قاعدي موجب مسواڙيءَ کي اٿاري نٿو سگهجي. ان
ڪري اينڪائونٽر وغيره مخزن وٺي پنهنجي دنيا ۾ گم
سم رهندو هوس.
گلو ڳالهه ٻڌائي. وايون بتال ٿي ويون. چيومانس، ”تون گهر وڃ،
مان مالڪ سان ملي اچان ٿو.“
گلو ويو ته مون آفيس مان موڪل ورتي. لفٽ تان هيٺ لٿس ۽ ميڊوز
اسٽريٽ مان هلڻ لڳس. مون کي لڳو ته منهنجي سڄي
زندگي بي معنيٰ هئي. مون ڪوبه ڪم سوچي سمجهي نٿي
ڪيو. مون پنهنجي حيثيت نه سڃاتي آهي. دک ئي ڏٺو
آهي. بک، بيروزگاري، ڇا سوچيندي ڀاڀي! منهنجو پٽ
ايشيا جو وڏو ليکڪ آهي ۽ عزت اها جو گهر جا ٽپڙ
کڻي ٻاهر ڦٽا ڪيا اٿائون. اڄ هن پار يا هُن پار،
لکاپتيءَ جو پٽ، پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو. چوندومانس:
وري لڳم، ائين هلندي هلندي پٽ تي ڪري پوندس. ختم ٿي ويو موهن
ڪلپنا. پوري دنيا کي ستايو اٿم. ۽ ٿيندو ائين:
پوءِ پنهنجي سوچ تي غالب پيس. ٽاءِ ٽيڪ ڪيم. قميص پينٽ ۾ ٺاهي
وڌيم. هڪ سگريٽ دکايم. ڇڪي پورو ڪيم. پوءِ دڪان ۾
اندر گهڙيس. عاليشان دڪان جي مالڪ جي سامهون بيهي
انگريزيءَ ۾ چيم، ”مون کي مسٽر ڊئش سان گڏجڻو
آهي.“
”مان آهيان، ويهو.“
”مون ويهي چيو، ”اوهان کي ڪا ماءُ ڪا ڀيڻ، ڪو ڀاءُ آهي؟“
”سڀ آهن.“ هن عجب مان پڇيو، ”ڇو؟“
”وڏو ڪاروبار آهي اوهان جو. هزار ٻن جي ته اوهان کي پرواهه نه
هوندي.“
”برابر، پر ڇو؟“
”پوءِ اوهان کي ڪهڙو حق آهي ته اوهان منهنجي گهر پوليس موڪلي
سڄو سامان ٻاهر ڦٽو ڪرايو؟ گهر کي تالو لڳرايو؟
ڊسمبر جي ٿڌين ۾ اسين ڪيڏانهن وينداسين.؟“
هن هاڻ مشڪيو، ”ته تون ئي ليکڪ موهن ڪلپنا آهين؟“
”اوهان ليکڪن جي ڪهڙي عزت ٿا ڪريو، اها ته اڄ خبر پئي.“
”تو منهنجي ماڻهوءَ کي ڪپ ڇو ڏيکاريو؟“
”ڪپ، مون! ڪنهن کي؟“
هن سڳن آهوجا جي پاڙيسريءَ کي سڏ ڪيو. هڪ دفعي ٻارن جي ڳالهه تي
هن سڳن آهوجا کي بجو ڏنو هو. سڳن مون کي چيو:
موهن، تو هن کا منهنجو بدلو ضرور وٺج. هڪ ڏينهن هو
مون کان مسواڙ وٺڻ آيو، چيومانس: تون ڪير آهين،
مان توکي ڪونه سڃاڻان. چيائين: پينٽ پائين ٿو، پر
مسواڙ نٿو ڀرين. مون کي سڳن جي ڳالهه ياد آئي.
ٿلهي تان هيٺ لهي چيومانس: ڪتي جا پٽ، بيهه، اتي
بيهه ته، اها پينٽ هٿ ۾ ڏيانءِ. هو وٺي ڀڳو. پٺيان
به ڪونه نهاريائين ۽ ضرور ڪٿي منهن ڀر ڪريو به
هوندو.
مون ڏانهنس نظر ڪئي ۽ مالڪ کي چيو، ”هي شڪل جو به ڪارو آهي ۽ من
جو. اوهان کي ڪوڙ ٻڌايائين. ڪپ ته مون ڪڏهن هٿ ۾
نه کنيو آهي. هن کي هڪ چماٽ هڻان ته هڪدم پري پهچي
ويندو.“
”تون بدتميز آهي. توکي هٿ ٻڌي معافي وٺڻ گهرجي.“
”اوهين وڏا لارڊ جا پٽ آهيو.“ مان اٿي بيٺس. مون پنهنجو پير مٿي
ڪيو ۽ سندس منهن ڏانهن جوتو ڪري چيم، ”توهان کي
ڏيکاريندس ته توهان جي شان ۽ شوڪت کان، اوهان جي
دڪان ۽ دولت کان منهنجي جوتي جي مٽيءَ جي وڏي
اهميت آهي.“ مان هليو ويس.
حق تي وڏن چيو آهي: سڃو ماڻهو الله کان ڏاڍو. مون نه ڳالهايو ڄڻ
منهنجي سچائيءَ ڳالهايو. يا شايد منهنجي غيرت
ڳالهايو ۽ مان ڊپلومئٽ نه ٿيس ۽ هيٺائين نه ورتم.
مون سندس سٺن جذبن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
گفتگو هڪ بيهودو پلٽو کاڌو. مٿان ڪمل سان شادي
بيٺي آهي. هوءَ ڇا سوچيندي؟ پاڙي ۾ بدنامي ٿيندي.
شايد هيءَ شادي رد ٿيندي. منهنجي شادي ٿيندي ڪٿي
آهي! رد ئي ته ٿيندي آهي. ٺيڪ آهي. مان غلط آهيان.
ڀليل آهيان. ڪمزور آهيان، مغرور آهيان، پر ڪڏهن
ڪنهن کي نقصان ڪونه پهچايو آهي مون. مون ته ماڻهن
کي زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاريو آهي. راجڪماريءَ
ٺيڪ چيو هو: سٺو لکندس ته ماڻهو ڪلهن تي کڻندا:
موهن ڪلپنا زندهه باد. موهن ڪلپنا زندهه باد. موهن
ڪلپنا. . . دادا بعد سڄي جوابداري منهنجي هئي.
ڪويتائن سان مسواڙ نٿي ڀري سگهجي. ڪويتائن سان پوليس کان بچي
نٿو سگهجي.
مونجهه جي احساس سان گهر پهتس. مون ڀاڀيءَ کي هٿ جوڙيا،
”ماءُ، تون مون کي معاف ڪر.“
هن جي اکين ۾ پاڻي آيو. چيائين، ”پٽ، مون کي ته ڪو ڏک ڪونهي.
پڻهين بعد مون کي ڪجهه سٺو نه لڳندو آهي. مونکي ته
تنهنجو خيال هو. چنتا نه ڪر. مون ٻي جڳهه مسواڙ تي
ڪئي آهي. ساڳي ايڏي وڏي آهي. مسواڙ به چاليهه
روپيا.“
”سڄي عزت مٽيءَ ۾ ملي ويئي.“
”عزت شرافت سان جيئڻ ۾ آهي.“ ماءُ چيو.
”نه ڀاڀي، زمانو شرافت جو ڪونهي. مون به تنهنجو کير پيتو آهي.
ائين بيغرتو ٿي هتان نه نڪرنداسين.“
وي ٽي کان سوائين ستين لڳي ڪلڪتا ميل پڪڙ هئم ته جيئن گهر جلدي
پهچان، پر رستي تي گاڏي ڪلاڪ ڏيڍ بيهي رهي. مان
يارهين لڳي گهر، يعني ان ٻاهران پهتو هوس. گلوءَ
ڪجهه نه ڳالهايو. رت جي، رشتن جي مضبوط اندروني
ايڪتا ٿيندي آهي.
مان سڌو اديب گوبند ڀاٽيا وٽ ويس، جو هاءِ ڪورٽ جو وڏو وڪيل هو.
شراب ڪونه پيئدنو هو، پر رات جو بيوس جي ڪويتا
پڙهي سٺي ننڊ ڪندو هو. اٿاريومانس تڏهن به ننڊ جي
نشي ۾ هو. مون چيو، ”پوليس منهنجي گهر کي تالو
هنيو آهي.“
”ڇو؟“
”مون مسواڙ نه ڀري. سيٺ مون تي ڪيس ڪيو. ڪيس کٽيائين. اڄ ڪورٽ
اٽئچمينٽ آرڊر ڪيو آهي.“
”تون ڪيس لڙئين؟“
”نه!“
”ڇو؟“
”مون کي ڪيس جي خبر ئي نه هئي.“
”مون سمجهيو. تون ڪلف ڀڃي وڃي گهر ويهه. سڀاڻ مان پاڻهي منهن
ڏيندس.“
”اوهان جي في؟“
”يارن کان ڪهڙيون فيون.“ هن مشڪي چيو، ”تون گوئا ۾ وئين ڪتاب
لکئي، ڪنهن تنهنجا هٿ چميا؟ مون.
ڏک اٿم جو تون بيوس کي سٺو شاعر نٿو سمجهي.“
سندس شريمتي گفتگو ته نه ٻڌي، پر چانهه رکيائين. ساڍا يارهن ٿي
ويا هئا. مان چانهه پي نٿو سگهان، کيس اهو سمجهائڻ
۾ منٽ کن لڳي ويو ۽ ”ورق“ انعامي ڪتاب جي ليکڪ
ڀاٽيا صاحب کي ننڊ کڻي ويئي. ٻاهر نڪري مون هڪ وڏو
پٿر کنيو ۽ ڊڪ پاتم. گهر پهچي ڪلف ڀڳم. سڄو سامان
اندر رکايم. سوچيم، گوبند ڀاٽيا سپريم ڪورٽ ۾ به
ڪيس لڙندو آهي. مان ان سوئر جي پٽ سان پُڄي رهندس.
منهنجو هڪ سالو گيا ۾ هو، باقي ٽي اتي پهچي ويا،
جو کين ڪنهن ڳالهه ڪئي.
هنن به چيو ته، ڪيس لڙبو.
ٻئي ڏينهن آفيس ڪونه ويس، پر نياپو موڪلي ڇڏيم. صبح جو گوبند
ڀاٽيا وٽ ويس. چي: ”اچ موهن، ڪيئن آيو آهين؟“
“مون ڪلف ڀڃي ڇڏيو!“
”ڇاجو؟“
”پنهنجي گهر جو.“
”پنهنجي گهر جو، چريو ٿيو آهين ڇا؟“
”سائين، رات جو اوهان وٽ آيو هئس!“
”خواب ٿو لهين.“
”ڀاڀيءَ کان پڇو.“
ڀاڀيءَ چيس، .رات اوهان ”شيرين شعر“ پڙهي سمهيا ته موهن آيو.“
هن پنهنجي يادداشت تي ڏک ظاهر ڪيو ۽ سڄي ڳالهه نئين سر ٻڌائين.
چيائين، ”ڳالهه ڏاڍي خراب ٿي. توکي تالو نه ڀڃڻ
کپندو هو. ڪيس ته مان کڻندس پر کٽڻ جي پڪ نٿو
ڏيانءِ.“
”پرواهه ناهي سائين. هاڻ جڏهن اُکرين ۾ منهن وڌو آهي ته مهرين
کان ٿوروئي ڏڪندس.“
مون ٻاهر اچي هڪ سگريٽ دکايو. هڪ ڏينهن ۾ ڇا ٿي ويو.
ليکڪ مليو ليکڪ سان ٻيڙي غرق! منهنجي گهر جا ڀاتي بي گهر ۽ شاعر
صاحب بيوس تي پيو ڳالهائي ۽ صبح ياد ئي نه پيس ته
رات گڏيو هومانس، پر جو هن رات چيو، اهو صحيح آهي.
مون ڪلف پنهنجي گهر جو نه، پر پنهنجي گهر تان هڪ
سيٺ جو ڪلف ڀڳو آهي. گوبند مالهي ٺيڪ چوندو آهي ته
بورجئا خواه نيم بورجئا طبقي جو ڪو ڪردار نه ٿيندو
آهي. هنن وٽ ڪا انسانيت نه ٿيندي آهي.
شام جو چار پوليس وارا گهر آيا. ٽي ٻاهر بيٺا ۽ هڪ اندر آيو.
مون کيس ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ مايا کي چانهه ٺاهڻ
لاءِ چيم.
”حڪم ڪريو، ڪيئن آيا آهيو؟“
”اوهان کي گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.“
”منهنجو ڏوهه؟“
”اوهان پرائي گهر جي حد دخلي ڪئي آهي ۽ اوهان هتان سامان چورايو
آهي.“
”سامان ته سڀ اسان جو آهي. ان ۾ چورائڻ جهڙو ڪجهه ڪونهي ۽
پنهنجو سامان ته ڪير به چوري نه ڪندو. گهر اسان جو
آهي، فقط مالڪي ڪنهن ٻئي جي آهي.“
”اوهان شاليمار دڪان جي مالڪ کي خون جي ڌمڪي به ڏني آهي. اسان
کي بمبئي جي پوليس ڪمشنر جو اهڙو ليٽر آيو آهي.“
”ڇا توهان کي منهنجي شڪل مان لڳي ٿو ته مان چور يا خوني آهيان
يا ٿي سگهان ٿو.“
”اوهين بلڪل شريف ٿا لڳو. شريفن تي ئي اهڙا الزام لڳندا آهن، پر
اسين ڇا ڪريون.“
”اوهين مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهندائي“
”ڪير اوهان جو ضامن پوندو؟“
”ڇاجو؟“
”پنجن هزارن جو.“
”يعني اوهان وٽ پنج هزار جمع ڪرائڻا پوندا.“
”نه ڪوبه ماڻهو، جنهن کي پنهنجي جائداد هجي، لکي ڏئي ته اوهان
جي ڀڄي وڃڻ جي حالت ۾ هو پنج هزار ڀري ڏيندو.“
”مان ڀڄي ڇو ويندس؟“
”مون اوهانکي قاعدو ٻڌايو.“
”هڪ مصيبت مان نڪري ٻئي ۾ ڦاٿو آهيان.. بچڻ جو اوهان ئي اپاءُ
ٻڌايو.“
”چڱو، اسين اوهان کي گرفتار نٿا ڪريون. ڪلاڪ اندر ضامن جو
بندوبست ڪري، هل لائين پوليس اسٽيشن تي اچو. اسين
اوهان کي لاڪ اپ ۾ به نه رکنداسين. سڄي زندگي چورن
ڊاڪن کي پڪڙڻ ۾ گذاري اٿئون، اوهان اهڙا نه آهيو.“
هو ۽ ٽي پوليس وارا هليا ويا. رات وانگر ٻاهر ڪي ماڻهو گڏ ٿيا ۽
کين خوشي ٿي ته پوليس هٿين خالي موٽي وئي. ٿوري
وقت بعد منهنجو چترڪار سالو چندرو آيو. ان سان
ڳالهه ڪيم. چيائين، ”اسان جي جڳهه ڪمل جي نالي سان
آهي. تون اتي هل اسين پهچي ٿا وڃون.“
ڪمل ڀائرن سان پوليس ٿاڻي تي آئي. هن منهنجي ضمانت ڏني. چندرو
پنهنجي دوست فوجداري وڪيل روچي ۽ روپي کي ڪيس کڻڻ
لاءِ چيو. روچيراءِ شاليمار جي مالڪ کي لکيو ته
اوهين جيڪڏهن موهن تي لڳايل ڪوڙا الزام واپس نه
وٺندا ته، اوهان جا فرشتا به اوهانکي بچائي نه
سگهندا. سيٺ ضد ۾ ويو. بمبئي جو وڏو وڪيل ڪيائين.
ان مون تي الهاس نگر ۾ ڪيس ڪرڻ لاءِ هتي ٻه مڪاني
وڪيل ڪيا. اهي به پوليس اسٽيشن تي هئا ۽ کلي کلي
چيائون ته، توکي ست سال جيل ۾ نه وجهايوسين ته
وڪالت ڇڏي ڏينداسين. مون چيومان، ”اوهان ڪوڙا ڪيس
کڻو ٿا، وڪالت ڇڏيندا ته شريف ماڻهن جي عزت رهجي
ايندي. اوهان منهنجي مجبوري ته ڏسي ڇڏي آهي. هاڻي
طاقت ڏسجو. خود ئي گهر معافي وٺڻ ايندا.“
ڪمل کي چيم، ”تو ضمانت ڏني، ڏاڍي خوشي ٿيم. ان کي ئي ته رفيق
حيات چئبو آهي. مون ته سمجهيو ته تون شايد منهنجون
مجبوريون سمجهي نه سگهين ۽ مون کي ڇڏي ڏين.“
”مجبورين کي منهن ڏئي سگهبو آهي ۽ انهن کان بچي سگهبو آهي.“
”ڪيئن؟“
”اهو اوهان کي شاديءَ بعد سيکارينديس.“
”ڇا لکڻ بند ڪرائيندينءَ؟“
”نه، اوهان جو لکڻ مون کي وڻندو آهي.“
”سگريٽ ڇڪڻ ڇڏائيندينءَ؟“
”نه، اوهين سگريٽ ڇڪڻ وقت مون کي ڏاڍا وڻندا آهيو.“
”ته ڇا سيکاريندينءَ؟“
”ڪجهه دنيا داري.“
مان اتان اٿي ڪمل جي گهر ويس. اتي ان پهرينءَ ڪاميابيءَ تي وسڪي
جي بوتل کوليائون. مون به پيگ پيتو. مون کي لڳو
ته، مصيبتون ختم ٿيڻ کان اڳ واڳوءَ وانگر پڇ جو
ٺڪاءُ ڪري رهيون آهن.
ٻئي ڏينهن مون جئرامداس دولترام کي دهلي جي پتي تي خط لکيو.
مڪان مالڪ جو پتو به لکيومانس. هن جي سياسي نظرئي،
ڪارج ۽ سندس ديوناگري لپي خلاف ته مون تمام گهڻو ۽
سخت لکيو هو. مون کيس پنهجو سڄو مقدمو لکيو ۽ کيس
چيم ته اميد ته ان سماجي ڪم لاءِ اوهين سياست جي
مت ڀيدن کي خيال ۾ نه آڻيندا.
شري جئرامداس ٻه تارون ڪيون. هڪ مڪان مالڪ کي، ان جو نقل رام
پنجواڻي ۽ مون کي. ٻي رام پنجواڻي کي ۽ ان جو نقل
مون کي. پهرين تار ۾ لکيائين: موهن ڪلپنا خلاف
ڪوبه قدم نه کڻو. وڌيڪ اوهان کي رام پنجواڻي
سمجهائيندو. رام پنجواڻيءَ کي لکيائين: رام ڏسج،
جيئن موهن جيل ۾ نه وڃي ۽ مٿس ڪو ڪيس نه ٿئي. هو
اسان جو بيحد پيارو ليکڪ آهي.
پهريون دفعو مون کي جئرامداس لاءِ شرڌا جاڳي، چاهي سندس مرڻ
تائين، مان سندس نظريه سياست سان شامل نه ٿي
سگهيس. گنو وري عزيز سان گڏيو. حيدرآبادي سنڌ
ورڪي، عزيز کي گرو ڪري مڃيندا هئا. عزيز گني کي
چيو: ”موهن آهي بي خيالو، ان ڏينهن ميٽرو ٻاهران
هلندڙ بس مان لهي پيو. پر چئينس، عزيز جي هوندي
تنهنجو وار ونگو نه ٿيندو. چرين پنج اٺ سئو روپين
لاءِ ايڏو هنگامو مچايو آهي.“ گني منهنجي شڪل ڏسي
چيو، ”مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به توکي نروس ٿيندي نه
ڏٺو آهي. گهٻراءِ نه. سڀ ٺيڪ ٿيندو.“
رام پنجواڻي مڪان مالڪ جي دڪان تي ويو. مان مالڪ جي
وڪيل وٽ. هن جي آفيس به ميڊوز اسٽريٽ ۾ هئي. پنهنجي واقفيت ڏيڻ
بعد چيومانس، ”اوهان وڪيلن وٽ ڇا دل نه ٿيندي
آهي!“
ڪافي پڙهيل هو چيائين، ”جي دل جو سوچيان ها ته ’آرٽس‘ کڻان ها،
’لا‘ نه کڻان ها.“
”جيڪڏهن آرٽس کڻو ها ته پنهجي ڪلائينٽ کي غلط صلاحون نه ڏيو
ها.“
”مون ڪيترين ليکڪن جون جيونيون پڙهيون آهن. سڀ ائين هوندا آهن.
گولڊ سمٿ کي مڪان مالڪ جيل ۾ وجهايو ته کيس بچائڻ
لاءِ جانسن هڪ گيني موڪلي. مگر ضمانت ڏيڻ بدران
گولڊ سمٿ گني پڙ تي رکي. جڏهن جانسن جيل ۾ گڏجڻ
ويس ته، ڏٺائين ته هن جيلر سان جوا ويٺي ڪئي“
”اوهان انهن جيونين مان ڪجهه سکيا به آهيو؟“
”اوهان جهڙن ماڻهن کي سهوليت سان جيل موڪلڻ جي ڄاڻ ملندي آهي.“
”اوهان ۽ وئشيائن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ وئشيائون جسم وڪڻڻ ۾، وڪيل
پنهنجو وويڪ.“
”ڳالهاءِ ٻچا، آخر تنهنجي جنازي جي سرگس ۾ مان ئي شامل ٿيندس.“
”ڏسجو.“ ڪٿي مون بدران اوهان کي ڪلهو نه ملي وڃي.“
ٻئي ڏينهن رام پنجواڻيءَ جئه هند ڪاليج ۾ پنهنجي روم ۾ گهرايو ۽
ارجن شاد اڳيان چيائين، ”مون کي ڏسي ڀائي حيران ٿي
ويو. ڳالهه ڪئي مانس. چي:
ليکراج عزيز به ٿي ويو آهي. آخر اهو آهي ڪهڙي بلا جو جئرامداس
جهڙي بزرگ نيتا هن لاءِ تار ڪئي آهي ۽ اوهين
منهنجي دڪان تي چڙهي آيا آهيو؟ مون چيومانس: موهن
ڪلپنا اسان جو پيارو ليکڪ آهي. خوددار آهي. ذهين
آهي. بيباڪ آهي. ٿورو گستاخ به آهي، پر ڏنگو ماڻهو
اصل ڪونهي. چي: منهنجي عزت جو سوال آهي. هن مون کي
جوتو ڏيکاريو. پنجواڻي صاحب، بيئرر چيڪ کڻو. جيترا
پئسا کپن، ان تي لکو. پنج هزار. پنجاهه هزار اسان
کي توهان لاءِ عزت آهي، پر اسين هڪ غريب لکيڪ هٿان
هار کائڻ لاءِ تيار نه آهيون. چئو ته سڄو دڪان لکي
ڏيانوَ. مون چيومانس: منهنجي ڳالهه نه مڃيوَ ته
باقي منهنجي ڪهڙي عزت ڪيئي. آخر هو جهڪيو، ان شرط
تي ته ٻي جڳهه ملڻ تي تون اها خالي ڪندين. هو سڀ
ڪيس واپس وٺندو.“
هي اهو ئي رام پنجواڻي هو، جنهن کي مون دنيا اسٽيج تان ڀڄايو
هو. چاهي ها ته ٿورو وڌيڪ مصيبت ۾ آڻي سگهي ها.
سنڌي ماڻهو ته کيس پوڄيندا آهن. مون لاءِ هن
ڪيتري تڪليف ورتي. هاڻ مان جيل نه ويندس. مون کي
ڏاڍي خوشي ٿي. سندس مهرباني مڃيم، پر ان احسان جو
الائونس کيس مون ادب ۾ اڃا تائين نه ڏنو آهي، نه
يا عمر ڏيڻ وارو آهيان. ساڳئي وقت سندس ان احسان
لاءِ ذاتي طور سندس زندگي ڀر شڪرگذار رهندس.
هڪ فراخدل دوست چيو، ”موهن، مان جيل ۾ وڃڻ پسند ڪريان ها، پر
جئرامداس جو احسان نه کڻان ها.“
چيومانس، ”واهه، ڇا شان آهي! تون جيل ۾ به ڪونه وئين ۽ اهو به
ثابت ڪيئي ته تون مون کان وڌيڪ خوددار آهين.“
شاديءَ کان اڳ، اهو تناءُ، سڳن آهوجا جي بيماري ۽ موت، شادي بعد
هڪ ڀيڻ جي موت جي ڪوڙي خبر، ڀيڻيوي صاحب جو پئسن
جي سوال تي سوڙهو گهٽڻ، هڪ ڀيڻ جو پاڳل ٿيڻ ۽ کيس
هڪ رات ۾ طلاق ملڻ، ٻي ڀيڻ جو پيٽ سان هئڻ جو درد
مان سهي نه سگهيس. هڪ ڏينهن آفيس ۾ ڏسان ته اکين ۾
اڇي روشني ۽ تارا پيا ڏسڻ ۾ اچن. ڄڻ انڌو پئي ٿيس.
هڪدم پاسي ۾ بمبئي ڪلينڪ ۾ ويس. مٿو ڦرڻ لڳو. ساهه
منجهڻ لڳم. سسٽر کي چيم: مون کي بچايو، پر اندران
ڊاڪٽر چيو: يو ويٽ پيلز. مان بينچ تي ليٽي پيس.
اڃا شادي ڪئي سال مس ٿيو هو. بس خدا اها تنهنجي
زندگي! سمجهان ته بدن ۾ طاقت نه اٿم. پگهر سان گڏ
ڄڻ ماس به وهڻ لڳو آهي. پورو ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
ٿوري هوا کپي. بس، مان ائين مري ويس، نه! مان اٿيس
۽ ڊوڙڻ شروع ڪيم. سينٽرل لئبريري. پرنس آف ويلز
ميوزم. اوول پارڪ، فائونٽين. ٿوري ٿوري طاقت ايندي
وڃي. آخر گاڏيءَ ۾ ڪنڊ کان وڃي ويٺس. هوا لڳي ۽ هڪ
دفعو وري مون کي ننڊ کڻي ويئي.
هوش ۾ آيس ته ڏٺم ڪن ماڻهن سس پس ٿي ڪئي، پر گاڏيءَ ۾
ڪير به نه هو. تن ڏنهن ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪو مشڪول ئي
هوندو. مون کي من ئي من ۾ پاڻ سان ڳالهائڻ جي عادت
هئي. پر موت جي منهن ۾ ويندي منهنجو وات ئي بند ٿي
ويو. ڪير ٿو ڳالهائي؟ ڏٺم ته بنا منهنجي دماغي
اجازت جي، ذهن اندر ڪا گفتگو جاري هئي. مان ٿورو
گهٻرائجي ويس. ڇا مان پاڳل ٿي رهيو هوس! وري چاهيم
رڙ ڪريان لڳم ته سامهون ڪو ماڻهو ويٺو آهي. جنهن
کي ته ضرور منهنجو ڌڪ لڳي ويندو. ڏٺم من ۽ بدن تان
ضابطو ٽٽندو ٿو وڃي. مان آڪاس ۾ نهاريندو هوس ته
لڳندو هو ته جيڪڏهن مان نظرن جو زور هلايان ته،
پوري قدرت جي سرشتي کي ٽوڙي سگهان ٿو. هينئر دريءَ
کان ٻاهر نهاريان ته تارن جي روشنيءَ جو بار سهي
نٿو سگهان. ڏاڍو بيوسيءَ جو احساس ٿيم. هن
پرڪرتيءَ جو مان هڪ خسيس ساهه وارو آهيان. وري
ڏسان ته چار ٽنگون ٿي ويون اٿم. پٺيان پڇ نڪري آيو
اٿم. بدن مينهن جيان ٿي پيو آهي. مان سانُ ٿي پيو
آهيان. بدن کي ڏٺم. ٽنگون ٻانهون سلامت هيون. ڇا
مان سچ پچ پاڳل ٿي رهيو آهيان! پر مون کي شادي ڪئي
اڃا ڏيڍ سال به نه ٿيو آهي. مان وڏو ليکڪ به نه
ٿيو آهيان. ڪيترا ليکڪ پاڳل ٿيا آهن، پر هنن ادب ۾
نالو ڪڍيو آهي. مان ته اڃا ادب جي پهرئين ڏاڪي تي
آهيان. ادب جي ڏاڪڻ ته آسمان ڏانهن وڃي ٿي. مان
پهرين ڏاڪي تان ڪري پوندس.
مان ڪلياڻ ۾ لٿس. مون کي لڳو ماڻهو مون ڏانهن نهاري رهيا آهن.
ڏٺم ته ڪنهن نٿي نهاريو. سمجهيم ته ڏاڍي ڀيڙ آهي ۽
مان هلي نٿو سگهان. من کي ذلت جو احساس ٿو ٿئي. اڌ
جواني ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائي نه سگهيو هوس.
چمٽا کڻي جڳهه مان ڪڍي ڦٽو ڪيائون، ڄڻ
ميونسپالٽيءَ ڪنهن ڪتي کي جهيلو. من ۾ خوف آهي،
مان اندروني طور ٽٽي رهيو آهيان ۽ منهنجي هستي ختم
ٿي رهي آهي. مان ڇا ڪريان، مان ڇا ڪريان؟ گهر وڃان
۽ اتي دؤرو پوي ته؟ مندر ۾ وڃان ۽ پرڀوءَ جي
مورتيءَ سامهون ڪري پوان. بخش مون کي ڀڳوان! يا
هليو وڃان شمشان ڀومي، اتي ليٽان ۽ اکيون بند ڪري
ڇڏيان. کيل ختم. ڇا ڪريان مان؟ هڪ دفعو وري ڊوڙڻ
شروع ڪريان. مان ڊوڙندو رهان. ڏينهن راتيون، صبح،
شام. اوهه ڪوٽڙي! منهنجي پياري ڪوٽڙي!! هيءَ
سيوهاڻي گهٽي ۽ هيءُ ڪرڻ. ساهه بند! ويهه سال ٿيا
آهن وطن ڇڏئي. ڇا ان کي ڏسڻ بنا مري ويندس! چنڊ
جهڙي ڌيءَ کپي مون کي. ڪمل اميد سان آهي. پنجن ڇهن
مهينن کان پوءِ کيس ٻار ڄمندو. ڇا کيس پيءُ جي چمي
به نصيب نه ٿيندي. جيڪڏهن مون کي ايترو جلدي مرڻو
هو ته مون شادي ڇو ڪئي. ڇا پنهنجي پتنيءَ کي سڄي
عمر جو درد ڏيئي ڇڏيندس. مون ۾ ته ڪا طاقت ڪانهي.
پوءِ ايڏي طاقت ڪٿان ايندي جو دنيا ڇڏي هليو
ويندس. مان شايد سوچيان گهڻو ٿو. شايد دماغي رڳون
منهجي سوچ جو بار کڻي نٿيون سگهن. مون گلاب جي
پنکڙين تي سوچ جا ائٽم ڇو رکيا آهن. مان يوگ
پچايان؟ سوچڻ ڇڏي ڏيان، پر اتي به ته مان بيوس
آهيان.
مون ٽئڪسي ڪئي. ٽئڪسيءَ ۾ ننڊ کڻي ويم. ڏسان سمهيو پيو آهيان ۽
ڪا ڌاري طاقت بدن ۾ گهڙي رهي آهي. مان هٿ پير
هلائي نٿو سگهان. آواز ڪڍي نٿو سگهان. مان نستو
ٿيندو وڃان ٿو. شرير مٿان زور وڌندو وڃي ٿو. مان
آتما جو پورو زور لڳائي چوان ٿو: او_ م. . . اوم!
اوم نمو شوا. اوم نمهه شوايه! آهستي آهستي ان ڌاري
طاقت جو اثر گهٽجي ٿو. منهنجون اکيون کلن ٿيون.
ڏسان ٿو ته ٽئڪسي ڦاٽڪ ٻاهران بيٺي آهي. ٽئڪسيءَ
واري سگريٽ دکائي آرسيءَ مان مون ڏانهن ڏٺو. مون
مشڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏٺم ته مشڪي نٿي سگهيس. مان
کاٻي هٿ سان منهن جو هيٺيون حصو مهٽڻ لڳس. لڳو ته
هاڻ بهتر ٿيندو ٿو وڃان. لڳم ته اهو ڦاٽڪ ڪڏهن نه
کلندو ۽ مان منزل تي ڪڏهن نه پهچندس. مون کي لڳو
ته اها ٽئڪسي اتي بيٺي هوندي ۽ ميڻ جيان رجڻ
لڳندي. مان ٽئڪسيءَ جي دروازي کولڻ جي ڪوشس ڪندس ۽
کولي نه سگهندس. رستو تلاءُ بڻجڻ شروع ڪندو، ۽ مان
پنهنجي مرضيءَ خلاف آهستي آهستي ان ۾ ٻڏندو ويندس.
اکين ۾ تارا چمڪڻ لڳندا ۽ مان ڪجهه ڏسي نه سگهندس.
”ڀائي، هيءُ ڦاٽڪ کلندو يا نه کلندو؟“
”ڪهڙو ڦاٽڪ سائين؟“
ڏسان ته ٽئڪسي هلي رهي آهي. ته ڇا اهو به خواب ڏٺم. ڀلا هاڻ به
ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو آهيان يا اهو به خواب آهي؟ مون
پرارٿنا ڪئي، اهو به خواب هو؟ ته سچ ڇا آهي. جبل
ڏانهن ويندڙ هڪ شاهي رستو. اوندهه سنسناهٽ. او
ٽئڪسيءَ وارا، ٽئڪسيءَ کي بيهارين نٿو. رستو به ته
نٿو کٽي اوهه. . . . جبل جي چوٽي ۽ ٽئڪسي بولاٽيون
کائي هيٺ ڪري رهي آهي. مان ڪرندو ٿو وڃان. ختم
ٿيندو ٿو وڃان. ڄڻ سنڌن جا اسڪرو ڍلا ٿي رهيا آهن.
ماس وهي رهيو آهي. هيٺ اڀو سمنڊ آهي. ان جي چوڌاري
آسمان کي ڇهندڙ گولائي ۾ شاهي ديوارون آهن. سمنڊ ۾
فقط چنڊ آهي. هيءَ ڌرتي چوني جو هڪ گول ٽب آهي ۽
هڪ ٻلي ان ۾ اندر ڪري رهي آهي. اندر پيئي وڃي،
ٻاهر پيئي نڪري ۽ مان هيسجڻ لڳان ٿو.
مان ڊاڪٽرماکيجاڻي وٽ ويس، جنهن اندر چڪاس روم ۾ وهاريو. ڀيڙ
گهٽ هئس. هن ڪئپسٽن سگريٽ دکايو ۽ هڪ مون کي ڏنو.
ان بعد هن وٽ جڏهن به ويس، هن ٻه سگريٽ ڪڍيا. هڪ
پاڻ کڻي، هڪ مون کي. ٻه ٽي سال ٿيا ته هو ڪار جي
حادثي جو شڪار ٿيو. جي مهينا جيئرو رهيو ۽ هڪ
ڏينهن مري ويو. |