1978ع سيپٽمبر ۾ مسوري ۾ سيمينار ٿيو. مان گيتا ۽ ڪمل کي به وٺي
ويس. پر اهڙيون زبردست ٻوڏون پيون جو پليون ڀڄي
پيون. اسين دهليءَ ۾ ڦاسي وياسين. اتان آگري، مٿرا
۽ برندابن وياسين، جتي به ڏهه ڏينهن هئاسين ۽ تاج،
آگري جو قلعو، سڪندر آباد، ديال باغ، فتح پور
سِڪري ۽ ٻيا تاريخي آستانا ڏٺاسين. مٿرا جو دورا
ڪا دويش مندر به ڏاڍو وڻيو.
دهليءَ ۾ هفتو کن هوس. مان ته هونءَ ودرڀ نيما ڌوتي وٽ رهندو
هوس. دهليءَ ۾ هريڪانت ۽ راڌا، ڪمل ۽ گيتا کي
پنهنجي گهر وٺي ويا. راڌا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هن ۾
تمام گهڻو پيار، موهه، ممتا آهي. هريڪانت شاعر نه
هجي ها ته راڌا سبب ٿي پوي ها.
سيمينار مسوري بدران دهليءَ ۾ ٿيو ۽ ٽي ڏينهن هليو. شايد
11 تاريخ هئي. ساڍي نوين لڳي شروع ٿيڻو هو.
مون اندرا گانڌيءَ کي ڪافي خط لکيا هئا. جن مان
ڪيترن جا جواب سيڪريٽريءَ ۽ فقط ٻن جا جواب پاڻ
ڏنا هئائين. مان سڀا جو جنرل سيڪريٽري. سوا نو ٿيا
هئا. مون کي خيال آيو ته پنهنجي ڀارت ماتا اندرا
گانڌيءَ سان گڏجان. ان وقت ٽيليفون ڊائري ڪڍي هن
جو فون ڪڍيم ۽ لڳايم.
”اوهين ڪير؟“
”منهنجو نالو موهن ڪلپنا آهي. الهاس نگر مان آيو آهيان. سنڌي
ٻوليءَ جو هڪ ليکڪ آهيان. مون کي اندرا گانڌيءَ
سان گڏجڻو آهي.“ چيائين: ترس. فون تي چيائين.
”اندرا ڏينهن جو دهليءَ کان ٻاهر ٿي وڃي. چوي ٿي
پندرهن منٽن ۾ پهچي وڃو.“
مون سڀا جي صدر ڪيرت کي چيو، ”مان اندرا سان گڏجي ڪلاڪ اڌ ۾
اچان ٿو.“
”پر سڀا جي ڪارروائي توکي هلائڻي آهي.“
”منهنجو هڪ سپنو آهي، ڪيرت، مون کي وڃڻ ڏي.“
گني سامتاڻيءَ ڪيرت کي چيو، ”موهن کي وڃڻ ڏي. اهڙا موقعا
زندگيءَ ۾ ڪنهن کي ملن نه ملن.“
مون آٽو پڪڙيو. نو پنجويهه ونسينٽ ڪريسنٽ پهتس، جو ٽين موڙ تي
مارڳ ڀرسان. پنج منٽ سيڪريٽريءَ سان ڳالهايم. ٻاهر
هڪ ڪنڊ ۾ پارليامينٽ جا ڪي ميمبر، ٻي ڪنڊ ۾ هڪ
فوٽو گرافر، دروازي پاسي گاهه تي ڪي هاري اڳواڻ
ويٺا هئا. اڇو محل. هڪ زمين تي هڪ مٿي ماڙي. هوءَ
هيٺ هال ۾ ويٺي هئي. هڪ سيڪريٽري فائيل مان ڪي خط
پڙهي رهيو هو. کيس چشمو پيل هو. مٿان نهروءَ جو
مشڪندڙ فوٽو شيروانيءَ ۾ ڳاڙهيو گلاب جو گل.
مون کيس دروازي وٽان هٿ جوڙي نمسڪار ڪيو. هن سيڪريٽري کي وڃڻ
لاءِ چيو ۽ پاڻ ٻاهر دروازي تي اچي بيٺي ۽ پاڻ به
نمسڪار ڪيائين. گفتگو انگريزي ۽ هندي ۾ ٿي.
”هتي ڳالهايون يا اندر هلي ويهون؟“ اندرا گانڌيءَ پڇيو.
مون سوچيو متان فوٽو گرافر پنهنجي ليکي، سڀاويڪ هڪ سندر فوٽو
ڪڍي، جو ڪتي نه ڪڍيو. مون چيو.
”اندراجي، هتي ئي ٺيڪ آهيون.“
هوءَ اڏول ٿي بيٺي. قد ۾ مون کان ننڍي. سنهي. اکين ۾ ڪشمير جي
وادين جي گهرائي ۽ اوجاڳن خواهه گهري سوچ جي تلخي.
ساڄي پاسي کان، ڪارن وارن وچ ۾، اڇن وارن جي
ڪهڪشان. منهن ايترو سندر ڄڻ مکڻ ۾ چانڊوڪيءَ سان
گڏ گل به گهوٽي لڳايا هئائين. ڇاتي ساڙهيءَ ۾
ڍڪيل، پر لڳي ائين ڄڻ چاليهن جي قريب آهي. اکيون
چمڪندڙ ۽ ڀرون سنهيون. ڇڪ ٿي ته کيس ڇڪي ڇاتيءَ
سان لڳايان.
بيلچيءَ ۾ ڪن ٺاڪرن، هريجنن کي جيئري جلائي ڇڏيو. اتي ڪنهن کي
همت نه ٿئي ته وڃي سگهي. ڪوبه وزير اتي نه ويو.
اندرا ويئي ته رستي تي ڪار خراب ٿي پيس. اتان هڪ
ماڻهو هاٿيءَ تي چڙهي لنگهيو. اندرا هن کي التجا
ڪئي ته مون کي بيلچي پهچاءِ ۽ سڄي هندستان ۾ هڪ
عورت، اندرا گانڌي، هڪ ماءُ، سڄي رات هاٿيءَ تي
چڙهي، جاڳي بيلچي پهتي. هاٿيءَ تي اندرا کي ڏسي
لکين ماڻهو اتي جمع ٿيا ته هن ملڪ ۾ غريبن جو ڪو
ڌڻي سائين آهي ته اها اندرا گانڌي ئي آهي ۽ مون کي
خيال آيو ته ڪيئن پوليس کيس زبردستيءَ گرفتار ڪيو.
کيس هڪ رات جيل ۾ بند ڪيائون ۽ کيس ماني ته ڇا هڪ
ڪوپ چانهه جو نه ڏنائون، جا کيس سنجيه ۽ مينڪا
پياري ويا. وري چاهيم ته سندس پيرن تي هٿ رکان ته
ماءُ، هيءُ سر تنهنجو آهي.
”اوهان ليکڪن مٿان وڏي جوابداري آهي. هن ديش جا ماڻهو وهمن ۽
وسوسن ۾ جيئن ٿا، سندن اهي وهم ۽ سنسا دور ڪيو. پر
ماڻهن ۾ ايڪتا جو هڪ رهسيه آهي، اوهين خود ان کي
سمجهو ۽ ماڻهن کي سمجهايو.“
مون کي اڇي پتلون ۽ چوغو، پيرن ۾ ڪولها پورري چمپل. شايد منهن ۾
آتم وشواس. اندرا جي آواز ۾ هلڪي گونج هئي. ڄڻ بند
ڪمري ۾ مائيڪ اڳيان ڳالهائيندي هجي ۽ ان جو هلڪو
پڙاڏو به ان جو پيڇو ڪندو هجي.
”اندراجي، اوهين چئو ٿا ته غريبي هٽايو، پر جيستائين پونجيءَ جو
ورهاڱو نه ٿيو آهي، غريبي ڪيئن دور ٿيندي.“
”روسي انقلاب، چيني انقلاب نه، هندستاني انقلاب ۾ هڪ وڏو فرق
آهي. اسان جو پنهنجو هڪ الڳ اتهاس ۽ قومي هلچل
آهي. بندوق سان انقلاب نه ايندو. سڄي طاقت ماڻهن
جي پنهنجي اڇا شڪتي آهي. اسان زمينداري دور ختم
ڪيون. ريلون، جهاز، جيون ويما، بئنڪون قومي ملڪيت
بڻايون. راجائن جون پرسون کسيون. اوهين جو چاهيو
ٿا اهو خود ويهه سوتري پروگرام ۾ موجود آهي. هڪ
عجيب ٽرئجڊي آهي. اسان جا ماڻهو غريبن جون حالتون
ڏسي، هنن جا طرفدار ٿين ٿا، پوءِ کانئن جڏهن ووٽ
وٺي مٿي اچن ٿا ته کانئن اهي غريب وسري وڃن ٿا، جن
کين طاقت ۾ آندو آهي.“
”مان توهان جي اندرا ڪانگريس ۾ شامل ٿيس، جو اوهان هڪ تقرير ۾
چيو ته اوهان طبقاتي ڪشمڪش کي مڃو ٿا. پونجيءَ تي
حق مزدورن ۽ هارين جو ٿيڻ گهرجي.“
”مون اهو ڪرڻ چاهيو، پر پوءِ شاهوڪارن پنهنجو ڌن جنتا پارٽيءَ
جي چونڊن ۾ لڳائي، اسان جو راڄ ختم ڪيو.“
”ان حالت ۾ اهو طبقو ختم ٿيڻ گهرجي.“
مون ان طرح مشڪيو، جيئن هوءَ ها ڪري.“
”ان ۾ وقت لڳندو پر ڪافي پئسو آمريڪا خرچ ڪيو.“
”ڇا اهو سچ آهي ته جنهن رات اوهان ايمرجنسي ظاهر ڪئي، ان رات
صبح جو چئين لڳي، اوهان کي خون ڪرڻ جو منصوبو هو.“
”ها ۽ مون رات جو قدم کڻي، سڀني مخالفن ۽ ڪن فوجين کي گرفتار
ڪيو.“
”اوهان وٽ ان جو ثبوت نه هوندو؟“
”اهي ڪم زباني ٿيندا آهن. شيخ مجيب کي خون ڪيو ويو، ان جي کيس
هڪ ڏينهن اڳ خبر پئي. مون کي به پئي. پر اسين کيس
بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿياسين. مجيب وٽ ڪو ثبوت نه هو.
جيڪڏهن هو نه مري ها ۽ چئي ها ته کيس مارڻ جو
منصوبو هو، ته ٿورا ماڻهو اعتبار ڪنس ها. چليءَ جو
مثال سامهون آهي.“
”اوهان کي خاطري آهي ته اوهان جي هار ۾ سي آءِ اي جو هٿ آهي.“
”ها. ۽ ڪجهه روس جي ڪي جي بي جو به.“
مان سخت حيران ٿي ويس.
”پر روس ته اسان جو دوست آهي.“ مون چيو.
”روس هندستان جو ضرور دوست آهي، پر روس نه چاهيو ته
ڪانگريس مضبوط ٿئي. روس چاهيو ته مون کي پارليامينٽ ۾ ايتريون
گهٽ جڳهيون ملن، جو مون کي راڄ ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ
پارٽي آف انڊيا تي ڀاڙڻو پوي، جيئن
1969ع
۾ ٿيو. ثبوت ان جو به ڪونهي ۽ ڪڏهن اها ڳالهه ڪٿي
چئي نه اٿم. برزنيف شايد سوچي نه سگهيو ته، مرڳو
اسان جو راڄ ئي ختم ٿي ويندو.“
”ڪجهه مون کي چوڻ جي اجازت ڏيندا؟“
”چئو.“
”معاف ڪجو، ڪجهه شخصي ٿو چوان. مان به ماڻهن ۾ اٿان ويهان ٿو.
شري سنجيه گانڌي ڪميونسٽ پارٽيءَ تي سخت نڪته چيني
ڪئي، جڏهن ته ان پارٽيءَ ايمرجنسيءَ کي سپورٽ ڪيو.
شايد روس ان ڳالهه تي ناراض ٿيو. مون ٻڌو ته آر
ايس ايس تي بندش پئي ته ان جا گهڻا والنٽيئر يوٿ
ڪانگريس ۾ شامل ٿيا ۽ نسبنديءَ وقت هنن ئي مسلم
ڀائرن سان زيادتيون ڪرايون. ان جا مقصد هئا. هڪ ته
اسان جا مسلمان ڀائر ڪانگريس کان ڪٽجي وڃن ۽ ٻيو
ان تحت اوهان جو راڄ ختم ٿيندو. ٽي مهينا ڪنڀ جو
ميلو لڳو. اتي هندستان جا چارئي جڳت گرو گڏ ٿيا.
اتي ان دؤر ۾ پنج ڇهه ڪروڙ هندو سنگم ۾ ٽٻي ڏيڻ
لاءِ آيا، تن کي چيو ويو: اندري بچائو، اندرا
هٽائو! ثبوت مون وٽ به ڪونهي. هندو به اوهان کان
ڪٽجي ويا. ڏسو ڏکڻ هندستان ۾ ڪانگريس کٽيو جو اتي
آر ايس ايس لڳ ڀڳ آهي ئي ڪونه.“
ڳالهه ٻڌي کيس ڪجهه عجيب لڳو ۽ ڪا خوشي به ٿي ته، سندس ۽
ڪانگريس جي هار ۾ انتر راشٽريه سازش سان گڏ قومي
منصوبا بندي به هئي.
”اهي سڀ ڳالهيون ماڻهن کي سمجهائڻيون آهن.“
”اندراجي، اوهين خانگي ملڪيت جي خاتمي جو اصول قبول ڪريو. اسان
جو ملڪ شاهوڪار آهي، پر اسان جا ماڻهو غريب آهن.
هڪ ماڻهو روز ٻه لک ٿو ڪمائي، ٻيو ٻه رپيا ٿو
ڪمائي. ڪمائي جي وڇوٽي فقط پنجوڻي هجي. پئداوار ۽
ورهاست جا سڀ وسيلا سرڪار کڻي. شاهوڪارن جون
شاهوڪاريون ختم. اوهين مخالفت ۾ آهيو. شاهوڪار به
ڪم ڪن. کين ٿورو عيوضو ڏيو. مان ته ليکڪ آهيان ۽
ارٿ شاستر جو ماهر نه آهيان. اهو اصول شري جواهر
لعل نهرو قبول ڪيو، پر شري نهروءَ پهرين هندستان ۾
قومي استقامت قائم ڪرڻ چاهي، لڳي ته حڪومت آهي ۽
اها ڪم ڪري ٿي.“
”اوهان ڳالهه صحيح چئي. ان قومي استقامت سبب مون ڪي به تڪڙا قدم
نه کنيا. پهرين هندستان جي سلامتي ۽ ايڪتا آهي.
اهي شاهوڪار ويندا ڪيڏانهن؟ ٻاهرين طاقتن جي
منصوبن کان ساوڌان رهڻو آهي.“
مون ٻئي هٿ ٻڌي نمسڪار ڪري چيو، ”اوهان تاريخ جا تمام وڏا ماڻهو
آهيو. اوهان مون کي پنهنجو قيمتي وقت ڏنو، ان لاءِ
اوهان جي وڏي مهرباني.“
هن مشڪي فوٽو گرافر ڏانهن نهاريو جو شايد سمجهائين ته مون آندو
هو. فوٽو گرافر ڪنڌ هيٺ ڪري بوٽ جا ڌاڳا ٻڌي رهيو
هو. اندرا گانڌيءَ چيو، ”اوهين ڪڏهن به فون ڪري
مون وٽ اچي سگهو ٿا، پر هڪ ڳالهه سمجهو. اوهين
ليکڪ آهيو، جڏهن قلم کڻو ته ياد ڪجو هندستان جي
ماڻهن کي وهمن ۽ سنسن کان بچائڻو آهي. ياد ڪجو ته
ڪٿي ڪو غريب ڳوڙهو ٿو ڳاڙي.“ هن به هٿ جوڙيا.
مون چاهيو ته مان وڃان ته سندس پيرن کي ڇهندو وڃان، پر ائين مان
ڪري نه سگهيس. اکين ۾ ٿورو پاڻي آيو ۽ مان آهستي
سندس محل کان ٻاهر هليو ويس. اها رات، هريڪانت جي
گهر، گني، راڌا، ٻارن گيتا ۽ ڪمل منهنجون ڳالهيون
ٻڌيون. مون ۽ اندرا گانڌيءَ وچ جي پورا پندرهن منٽ
هڪ ٻئي سان ڳالهايو.
هڪ لنبي ياترا بعد واپس موٽي، مون اندرا کي خط لکيو، جنهن ۾
اسان ٻنهي جي ٿيل گفتگو جي روبڪار لکيم. جنتا
سرڪار جو راڄ ختم ڪرڻ جون ڪي صلاحون ڏنيون مانس.
پاڻ جواب ڏنائين، سندس سيڪريٽري ڏنو ۽ چيائين ته
شريمتي اندرا گانڌيءَ فيصلو ڪيو آهي ته اوهان جو
خط سوچ هيٺ آڻڻ لاءِ آل انڊيا ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي
ايندڙ ميڙ ۾ رکي.
سندس اهو خط مون سنڀالي رکيو آهي، ڇو ته جا اندرا ۽ منهنجي
گفتگو ٿي ان ۾ دُ رنگي چال جو ذڪر آهي.
مان گيتا ۽ ڪمل کي وٺي تاج ايڪسپريس ۾ آگري ويس. ٻنهي چاهيو ٿي
ته کيس هر دوار ۽ رشيڪيش وٺي وڃان. اتي وسيع گنگا.
شام جو ماڻهو دونن ۾ گل ۽ ڏيئا رکي گنگا ۾ وجهن.
ان دونن چوڌاري روشنيءَ جا گهيرا. گنگا ۾ اوندهه
ڌرتيءَ تي، آسمان ۾. ڄڻ انساني تاريخ ۽ اهي ڏيئا
ائين لڳن ڄڻ اهي اتهاس جا مهاپرش آهن، جن کي
پنهنجي سوچ جي روشنيءَ جا گهيرا آهن.
تاج ايڪسپريس ۾ اندرا گانڌي به هئي. ڏاڍا ماڻهو جمع ٿيا، مان
مٿرا اسٽيشن تي لهي ٻه گاڏا پاسي ۾ اندرا وٽ ويس.
هن مون کي ڏسي مشڪيو ۽ گيتا جي منهن ۾ نهاري کيس
هٿ لوڏيائين. گيتا ڏاڍي خوش ته اندرا ڏانهس نهاريو
۽ پيار مان هٿ لوڏيو. آگري ۾ سامان اسٽيشن تي
ڇڏي، ڪمل کي به هن وٽ وٺي ويس. ڪمل کيس ڀرسان
لنگهندو ڏٺو. اتي ماڻهو پلئٽ فارم تي، رستن تي
ڪارن، وڻن ۽ ڇتين مٿان چڙهي بيٺا.
لڳو، هو پشيمان ٿيا ته هنن اجايو اندرا کي طاقت جي تخت تان
لاٿو. هن کي ئي راڄ ڪرڻ گهرجي. هن وقت اها ئي ته
آهي جنهن کي پورو هندستان سڃاڻي ۽ دنيا به هن جي
عزت ڪري ٿي.
گاڏيون بمبئي نٿي ويون. رستا اڃا بند هئا. مون ڏهه ڏينهن دير
سان دهليءَ مان بمبئي رزرويشن ڪرائي ڇڏي. اهي ڏهه
ڏينهن اسين تاج جي ايوان ۾ ويٺاسين. انارڪلي جتي
سنان ڪندي هئي، اتي وياسين. فتح پور سِڪريءَ جي هڪ
ديوار تي هٿ لڳائجي
ته فرلانگ پريان ٻي ڀت مان ان جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي.
اندر جوڌا ٻائيءَ جو گهر ۽ مندر. کاٻي اڪبر جو
محل، جتي پوءِ جهانگير رهڻ لڳو. وچ ۾ حضرت خواجه
شيخ سليم چشتي جي سنگ مرمر جي تربت. چون: ان درويش
کان جيڪو گهُر، اهو ملي.
پاسي ۾ ٻه ننڍيون قبرون.
اڪبر بادشاهه کي ٻار کپندو هو ۽ اهو به پٽ. هن شيخ سليم چشتي
اڳيان گوڏا کوڙِيا. پر شيخ کيس نهاري ئي نه. ڇو ته
سندس خيال ۾ اڪبر کي پٽ ٿيڻو ئي نه هو. شيخ سليم
چشتيءَ جي پٽ اڪبر کي چيو: مان ٿو اوهان کي دعا
ڏيان ته اوهان کي پٽ ٿيندو . کيس هٿ ۾ هڪ طوطو هو.
شيخ چشتيءَ غصي مان پٽ ڏانهن نهاريو ته، هاڻ تون
ئي اڪبر جو پٽ ٿيندين، جو تو دعا ڏني اٿس. پٽس
امالڪ اکيون ٻوٽيون. اهو ڏسي طوطو به سندس هٿن مان
ڪري پيو ۽ اهو به مالڪ جو صدمو برداشت نه ڪري مري
ويو.
ان ياترا ۾ مون کي سنڌ جي ياد ڏاڍو ستايو. مون کي جهانگير جي ان
قدم تي خوشي ٿي ته، هن ان ٻار سان گڏ ان طوطي جي
به سماڌي ٺهرائي هئي. آهه! اهي ئي ته جذبا آهن جي
زندگيءَ کي معنيٰ بخشين ٿا.
مون به شيخ سليم چشتيءَ جي درگاهه ۾ گوڏاکوڙيا:
”اي درويش، تنهنجي مٽي به پوڄا لائق آهي. ان مٽيءَ کي به وڏي
طاقت هوندي. منهنجي ٽن جو ڪٽنب ٺيڪ آهي. هڪ آرزو
آهي منهنجي. مرڻ کان اڳ پنهنجو ملڪ ڏسان. اهو
ڏيکار. ان بعد تنهنجي درگاهه ۾ اچي ڪرندس ۽ تنهنجي
چائنٺ جو هڪ هڪ ڏاڪو چمندس.“
گوبند مالهي چوي ٿو ته، هو سنڌ واپس موٽڻ کان اڳ ڪڏهن نه مرندو.
مون کي اهڙي ڪابه خوش خيالي نه آهي. مان ائين
جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندس ۽ پوءِ شايد
ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا: ”هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو هو موهن
ڪلپنا. ٻنهي هڪ ٻئي سان ڏاڍي محبت ڪئي، پر ملي نه
سگهيا!“
موهن ڪلپنا
سومر
21
جون
1982ع
جوڙڪٽ
جمع
16
جولاءِ
1982ع
ڪٿا اڃا اڌوري آهي.
ڪوبه ڪتاب ٻه دفعا پڙهيو نه ويندو آهي. ڪوبه هڪ ڪتاب ٻه دفعا
پڙهندي ساڳيو نه لڳندو آهي. وقت جون نسبتون ۽
پڙهندڙ جو اندروني سنسار بدلجندا رهندا آهن.
ٺيڪ ان طرح ڪوبه ڪتاب مڪمل نه هوندو آهي ۽ ان ۾ ڪجهه جوڙڻ جي
گنجائش قائم رهندي آهي.
منهنجي آتم ڪٿا ”بک، عش، ادب،“ ڪتاب به اڌورو آهي، نه ان ڪري ته
مان جيئرو آهيان، ان ڪري ته اهو مڪمل ٿي نه سگهيو
آهي.
مون پنهنجي ڪٿا
1975ع
جي شروعات ۾ لکي. دوست مدد علي سنڌي اها پريس ۾
ڏني، پوءِ خبر نه اٿم ته ڇا ٿيو، جا اها نه ڇپي.
مدد ان جو هڪ ٽڪرو ڪٿي الڳ ڇپايو. تڏهن مرحوم پير
حسام الدين راشديءَ کي اهو ڇهي ويو. هن صاحب اصل
دستخط پڙهڻ چاهيو. مون ڀيڻ ماهتاب محبوب کي
درخواست ڪئي ته مدد کان اهو وٺي، ۽ هن شايد بزرگ
دوست محمد ا براهيم جويو جي معرفت اهو حاصل ڪيو ۽
دوست جئوير معرفت ڀارت ڏياري موڪليو.
مون سان مصيبت اها آهي ته مان ڪابه ڳالهه ساڳئي نموني ٻيهر لکي
نه سگهان. ڪا ڪهاڻي، ڪا ڪويتا نه لکي سگهيو آهيان.
مون وري قلم کنيو ۽ آتم ڪٿا کي
1978ع جي ارد گرد اڌ ۾ ڇڏيم يا چئجي ته پورو ڪيم. هونءَ پوري زندگي ٿيندي آهي،
ڪتاب نه ٿيندو آهي.
ان ڪري ان ۾ اڃا به گهڻو ڪجهه اڻ چيو رهجي ويو آهي. هونءَ به
ڪجهه نه ڪجهه اڻ چيو ڇڏڻ، مون اڪثر پسند ڪيو آهي.
اهو عيب آتم ڪٿا ۾ به هوندو. ماهتاب محبوب تي خاص
طور ڪجهه لکڻ چاهيم، پر هن مون تي ايترو ته لکيو
آهي جو ان سلسلي ۾ قلم ضد ڪري بيٺو ته ٿورو ترس.
ٽي سال اڳ ڀيڻ گل ٽالپر پنهنجي وڏي پٽ ارشد ۽ ساهيڙين سان گڏ
انڊيا آئي. بس ڳالهيون هيون ۽ سفر هو، اسين دهلي ۽
آگرو گهمي آياسين. کيس تاج محل ۽ لعل قلعو ڏيکاريم
۽ امرتا پريتم سان به ملايو مانس، جا سندس خواهش
هئي.
هن چاهيو ۽ مون کيس پنهنجو نئون دستخط ڏنو. ارمان اٿم ته ان
سندر ياترا ۽ هن پياري ڀيڻ گلشن جو پڻ ان ۾ ذڪر
ڪونهي.
مان دوست شوڪت حسين شوري جو مشڪور آهيان جنهن موجوده ماحول کي
خيال ۾ رکي ڪتاب کي صحيح نموني ايڊٽ ڪيو آهي.
موهن ڪلپنا
جمع
24
آگسٽ
1984ع |