گوبند مالهي سڀا جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ته، هن من کي ”سنڌي ٻولي
تسليمي ڪاميٽي“ جو ڪنوينئر ڪيو، جا جوابداري آل
انڊيا ليول تي پهريون دفعو کنيم. ان ڪري لکنؤ ۾ به
ڪجهه ڪم ڪيم. هونءَ گهوڙن ۽ شينهن وارو چرچو ٻئي
ڏينهن اردو اخبار انقلاب ۾ ڇپيو ته سرڪار کي شينهن
۽ گهوڙن جو خيال آهي، پر سنڌين جو فڪر ئي نه اٿن.
شينهن جو ذڪر نڪتو آهي ته ڪرشن راهيءَ بابت هڪ ڳالهه ٻڌايان.
اسين جئپور (1962ع)
۾ سميلن تي وياسين، جو چين جي حملي سبب رد ڪيو
ويو. اسين احمد آباد جي راڻي باغ ۾ وياسين. مان،
راهي، مايا، ڀارتي، جئوير ۽ ڪو مڪاني ليکڪ، اسين
ببر شينهن جي سامهون بيٺاسين جو اٺ فوٽ هيٺ وڻ
هيٺان ويٺو هو. چوڌاري وڏيون شيخون ۽ پرڀرو سندس
نقلي غفا. راهيءَ چيو: موهن، مڃيندو ماءِ
جيڪڏهن تون هن شينهن کي هتان اٿاري سگهندين.
مون چيو: ٺيڪ آهي. مان ٻن منٽن ۾ اٺين آني جا گانٺيا وٺي آيس ۽
نهايت سنڀال سان اهو پڙو شينهن جي منهن وٽ ڦٽو
ڪيو. شينهن ان کي سنگهيو. ڪنڌ مٿي ڪيائين ۽ اٿي
هليو ويو. مايا راهيءَ تاڙيون وڄايون: موهن کٽيو.
موهن کٽيو.
ڪرشن راهي: موهن، شينهن مٿي ڇو نهاريو ۽ ڇا چيائين؟
مان: هن اسانکي ڏٺو ۽ چائين: يو سنڌي فولس. (اوهه، سنڌي
بيوقوفو!)
مان سمجهان ٿو راهيءَ ايڏو ته وڏو ٽهڪ ڏنو، جو موٽ ۾ شينهن به
گجگوڙ ڪري چيس: آهيو ته اوهين به شينهن، پر رڍن جي
دوستيءَ ۾ پنهنجو اتهاس وساري ويٺا آهيو. اهو انڀو
ڏاڍو ملهائتو اٿم. مان سمجهان ٿو ته ڪرشن راهيءَ
جا ان دؤر ۾ تجرباتي شاعري ڪئي، ان سان ان احمد
آبادي شينهن جي ڪا وابستگي ضروري آهي.
ڏسجي ته ليکڪن وٽ آپو ٻين کان وڌيڪ ٿئي ٿو. ”سج چنڊ آهي. ڇو ته
مان آهيان. آڪاش، سمنڊ، پهاڙ، ڪڪر، نديون، وادوين،
بن، غفائون، گلن جي مرڪ، مورن جو نچڻ، سڀ مون لاءِ
آهن. ڪم به سڀ مون ڪيا. . .“ مون وٽ اهڙي ڪابه
خوشفهمي نه آهي. تحريڪ اجتماعي ٿيندي آهي، جنهن ۾
ننڍا وڏا پنهنجي ڀومڪا پنهنجي قوت ۽ شفقت موجب
نڀائيندا آهن.
جڏهن ڪن ڪانگريسين، ڪن ليکڪن کي هٿ ڪري، سنڌي ٻوليءَ لاِءِ
ديوناگري لپيءَ جو ٺهراءُ بحال ڪيو ته ان مان سندن
اهو خيال پڌرو هو ته هنن سنڌين کي ٻه فرقا ۽ نه هڪ
قوم ٿي سمجهيو. انگريزن جڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ
عربي لپي قبول ڪئي ته اهو جمهوري اصول هو، چاهي
سياسي طور اهي شخص مڪار هئا، پر تاريخ ۾ پهريون
دفعو هنن سنڌي ٻوليءَ کي صوبائي زبان بڻايو، جنهن
سبب سنڌي ٻوليءَ ڪافي ترقي ڪئي. اها اسڪولن،
ڪاليجن، واپار، ٽپال، ڪورٽ وغيره ۾ هلڻ لڳي.
اسٽيشن جا بورڊ به سنڌيءَ ۾. اهو ورهاڱو سياسي هو
۽ نه ڪلچرل. ڪيرت ٻاٻاڻي شايد ڪراچي جيل ۾ بند هو
۽ اُتم ادبي ميدان جي بالڪنيءَ ۾ اڃا بيٺو ڪونه
هو. اڪيلو گوبند مالهي ڇا ڪري؟ هو موهن ڪلپنا ته
نه هو. مان ڪجهه ڪچو ۽ اڻ گهڙيو آهيان. مان رڙيون
۽ واڪا ڪريان ها. ميڙ ڦٽايان ها. مار کائي به ان
جهڳڙي کي اخبارن تائين ڇڪايان ها. اسين سنڌ مان ڇا
کڻي آياسين؟ ڪلچر. اهو ”ان- ٽئڪٽ“ رکڻو هو. اسين
هندي هندو هندستان نه، سيڪيولر هندستان آيا
هئاسين. سنڌي اڃا اکڙيل هئا، ان وقت لپيءَ جو
سوال! وزير تعليم مولانا آزاد، هڪدم اهو ٺهراءُ
بحال ڪيو. شايد ڊپ ٿيس ته جي قبول نه ڪندس ته سندس
قوم پرستيءَ مٿان داغ اچي ويندو. ان ٺهراءَ پٺيان
ڪا عوامي هلچل نه هئي. ٻيو ته حڪومت کي ڪو حق نه
هو ته ديوناگري لپيءَ جو اصول قبول ڪن، ڇو جو هنن
سنڌي ٻوليءَ کي به اڃا تسليم نه ڪيو هو.
سنڌي وچولي طبقي جا، جي اڪثر ڪامورا شاهي ۽ راڄ ڪندڙ پارٽيءَ جا
پڇ لٽڪائو ٿين. سرڪار ڪانگريس جي ماڻهن کي حڪومت
جا ليسن ۽ پرمٽون کپندا هئا. خبر ناهي لالچند
امرڏنو مل، منگهارام ملڪاڻي ۽ آسانند مامتورا ان
هلچل ۾ ڪيئن ڦاٿا. ديوناگر وارا چون: ديوناگري
ديوتائين جي لپي آهي. اها اسان هندن جي اصلوڪي لپي
آهي. عربي قرآن جي لپي آهي.
دهليءَ ديوناگري سيمينار خلاف اسان مظاهرا ڪيا. هڪ ڪانگريسيءَ
جوش ۾ مون کي چيو: ”تنهنجي ترڪي ٽوپي ڪٿي آهي؟“
ڪنڌ ڀڃندي چيومانس، ”تنهنجي لنگوٽي ڪٿي آهي؟“
مڙس جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ وات مان ڄڀ گم ٿي ويس.
ايشورآنچل چوندو آهي ته، جيڪڏهن ڪير مون کي ائين چوي ته مان رات
جو پتلون ان ڪري پايان، ڇو جو اها سنڌي آهي ته مان
کيس ٿڦڙ هڻي ڪڍان. بس، ان ۾ سهوليت آهي. انگريزي
ڪپڙا پائڻ سان بدن ۾ چستي ايندي آهي. ڇاڪاڻ جو
راجا رامچند ڌوتي پائيندو هو، فقط ان ڪري ڌوتيءَ
کي قبول نٿو ڪري سگهجي. پوءِ اسان کي ٽرين ۽ هوائي
جهاز ۾ مسافري نه ڪرڻ گهرجي.
ترقي پسندن ڇا ڪيو جو سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ديوناگري
وارن سان هڪ محاذ تي آيا، ته پهرين سنڌي ٻولي
تسليم ٿئي، پوءِ لپيءَ جو سوال کڻبو.
مون پهرين سنڌي ليکڪ سميلن (1952ع)
وقت مالهيءَ چي
چيو، ”اوهان جو اهو ٺاهه سنڌي ٻولي کي ختم ڪندو. اڄ ديوناگري
پهرئين درجي ۾ آئي آهي. ڏهن سالن بعد اها مئٽرڪ ۾
ايندي. پوءِ اهو مسئلو پيدا ٿيندو جو اسين حل ڪري
نه سگهنداسين.“
سڳن آهوجا چپ رهيو.
مالهي چيو، ”هنن کي وڏي طاقت آهي. کين پئسو ۽ اخبارون آهن. اسين
اندران ڪم ڪنداسين. عوام اسان سان شامل ٿيندو.
مارڪس اسان کي سيکاريو آهي. ٻه قدم اڳيان. هڪ قدم
پوئتي.“
هر سال سميلن ۾ چونڊن تي ڇڪتاڻ ٿيندي هئي. ٻئي ڌريون گهڻا
ڊيليگيٽ ڪنديون هيون. ڀوپال سميلن (1961ع)
۾ مارڪٽ ٿي. هڪ ڊيليگيٽ اجواڻيءَ جو مائيڪ کسيندي
چيو: ڀارت ماتا ڪي جئه! لوڪناٿ جيٽلي هڪ ليکڪ کي
چماٽ هڻي ڪڍي. سميلن ڦٽي ويو. گنوسامتاڻي چوندو
هو: سميلن احمقن جي پارليامينٽ آهي؛ جيئن حشو
ڪيولراماڻي لکيو: هي سميلن ڪونهي، ڏاهرين جو ميلو
آهي. مان گني کي زبردستي دکن سميلن وٺي ويس. وچ ۾
جهانسي ۽ کاجو راهو وياسين. موٽندي لکنو کان
ڪانپور ۽ ڪانپور کان آگري بس ۾ مسافري ڪئي سين.
لعل پشپ لکنو ۾ رهجي ويو ۽ اتي جيڪو پريم ڪيائين،
ان تي ”هڪ سرد ديوار“ ۽ ”اها ديوار: آسمان تائين“
ناول لکيائين. موٽندي مايا، هري موٽواڻي، وشنو
ڀاٽيا اسان سان گڏ هئا. لکنو ۾ به زبردست چڪري
لڳي. گني ٻانهن کان جهلي چيو: ڇڏي ڏين.
پوءِ سميلن ٿيندي ٿيندي رد ٿيندا هئا. آخر مئي
1970ع ۾ الهاس نگر ڪنوينشن ۾ منهنجي رٿ تي، جيڪڏهن سميلن ديوناگري وارن جي
منصوبن سبب رد ٿين ٿا ته ان جي ميمبرن کي سڀا کان
ٻاهر ڦٽو ڪيو وڃي، يڪراءِ بحال ٿي ويئي. ديوناگري
وارن جئرامداس دولترام جي رهبري هيٺ سڀا ٺاهي ۽ ٻه
چار سميلن ڪوٺيائون، پر جئرامداس جي موت بعد اها
سنسٿا ڪينسر جي مرض ۾ ورتل آهي ۽ چند موقعي پرست
اديب، جي نوڪري، انعامن، ڪالمن يا اسانجا ستايل
هئڻ سبب، ان سنڌي دشمن تحريڪ ۾ ويا، تن واپس موٽڻ
شروع ڪيو آهي، يا هو ان سوال تي گونگا ٿي ويا آهن.
پر اها حقيقت آهي ته هڪڙو ورهاڱو سنڌي هندن ۽ مسلمانن جو ٿيو،
ٻيو ورهاڱو جئرامداس ۽ سندس پڇ لٽڪائن، سنڌي هندن
جو ڪري ڇڏيو. هڪ ته هندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل،
ٻيو سنڌي زبان جي يتيمي، مٿان لپيءَ جو وڏو واد.
ماڻهن سنڌي لکڻ ڇڏي ڏني. نه پنهنجي زمين، نه
پنهنجي حڪومت، ان ڪري اسان جي ٻولي هندستان ۾
آهستي آهستي مري رهي آهي. هڪ سنڌ وطن کان دور، ٻيو
پنهنجي زبان جي مرڻ جو احساس. نه اسان کي سياسي
طاقت. ڪير اسان کي کنگهي.
ايمرجنسيءَ وقت، آٿرس گلڊ سيمينار دهلي (1976ع)
وقت ڪيترا اديب وزير تعليم نور الحسن سان فوٽو
ڪڍرائي رهيا هئا. چندو لعل جئسنگهاڻي ۽ سندس
شريمتي، موتي پرڪاش ۽ ڪلا، لڇمڻ ڪومل ۽ ڪي ٻيا. هو
پيو ساڻن چرچا ڪري. مان گني سان اتي پهتس، ته وزير
چيو، ”سنڌي ليکڪن ۾ دم نه آهي.“
کيس ڏاڙهي هئي، سو شايد اتان ٿي ڳالهائين. مون کيس چيو، ”اوهان
سنڌي ادب پڙهيو آهي؟“
”اوهان ڪير آهيو؟“
”جنهن کي اوهان گار ڏني آهي.“ مون جوش ۾ چيو، ”وزير آهيو، ان
ڪري اوهان ڪابه بڪواس ڪري سگهو ٿا.“
ايمرجنسي ۾ وزيرن يا سرڪار خلاف ڳالهائڻ معنيٰ جيل. چندو لعل
چيو، ”موهن ڪلپنا، پليز، ڪيپ سائلنس.“
مون کيس انگريزيءَ ۾ چيو، ”ڇو؟ ڇا هن شاهه لطيف جو نالو ٻڌو
آهي؟ سچل جو ٻڌو آهي. اياز، سڳن آهوجا ۽ نارائڻ
شيام جو ٻڌو آهي؟ هي شڊ بي بلاسٽيڊ، رائيٽ نائو
ائنڊ هيئر.“
ڀائي مان ڏاڍو ننڍو آهيان. کيسي ۾ پنجاهه روپيا نه هئا، پر هو
منهنجي ٻوليءَ جي اديبن جي بيعزتي ڪري ۽ منهنجين
اکين ۾ نهاري سگهي، ايتري ٿوم هن ۾ نه هئي ۽ هو
شرمندو ٿي اتان هليو ويو. فقط گني ڪلهي تي هٿ رکيو
۽ ٻيا دوست ناراض ٿي ويا.
چئه تون ڇا ٿو چاهين؟
چئه تون ڇا ٿو چاهين؟
چئه تون منهنجي پٺيان ايندين
سک جي سيڄ ڇڏي.
ها اياز، مون سنڌ ڌرتي ۽ شاهه لطيف بعد توسان ئي گهڻي محبت ڪئي
آهي. ڪير ڪٽي ڇڏيندو ته ڪٽائي ڇڏبو، پر هيءُ سر
سنڌ جي شان ۾ هميشه اوچو رهندو.
چندو لعل جئسنگهاڻي چيو. ”موهن تون اسان لاءِ مصيبتون پيدا
ڪندين.“
”ٿورا گهٽ فوٽو ڪڍايو.“ مون چيو، ”مصيبتون عزت ۾ تبديل ٿي
وينديون.“
ان ئي سيمينار لاءِ مون لعل پشپ کي چيو: ان ميڙ جو مهوت اندرا
گانڌي ٿي ڪري ۽ جيڪڏهن هن اسان کي ويهه سوتري
پروگرام تي لکڻ لاءِ چيو ته، مان اٿي بيهندس ۽
پڇندس: ڇو؟ لعل اها ڳالهه ڪيرت سان ڪئي. دهليءَ ۾
ڪيرت چيو، ”ٻڌو اٿم دهلي ۾ آرٿر ڪوئلسر پهچي ويو
آهي.“
”جتي خدا ناڪام ويندو، اتي ڪوئسلر ضرور پهچندو.“
”گرفتار ٿي ويندين.“ ڪيرت چيو.
”اڳ ۾ نه ٿيو آهيان ڇا؟“
”پر فائدو؟“
”ادب ڇا ڌنڌو آهي؟ اندرا گانڌي اسان جي پرڌان منتري آهي. ڀل
هوءَ ڪانفرنس جو مهورت ڪري، پر هوءَ ادب تي
ڳالهائي نٿي سگهي. هوءَ اديبا نه آهي.“
پوءِ ٿيو ائين ته جڏهن اندرا گانڌي آئي ته هڪ ٽي وي ڪئميرا سڌو
مون تي. پردي پٺيان هٿياربند فوجي. پر نه اندرا
ويهه اسمي رٿا تي ڳالهايو، نه مان اٿيس. هن البت
ايترو چيو: هن ديش ۾ وهم ۽ جهالت گهڻي آهي، اها
اوهان کي دور ڪرڻي آهي. هن ملڪ ۾ ڪجهه سندر،
رهسميه آهي، ڪجهه سريشٽ ۽ مهان آهي، جو اوهان کي
بچائڻو آهي. اوهان جي وچ ۾ منهنجو ڪو درجو ڪونهي.
پوءِ به چاهينديس ته اوهين عالمگير امن، سماجواد ۽
جمهوريت جا طرفدار ٿيو ۽ لکڻ وقت اهو ياد رکو.
اهي ئي ڳالهيون جي مون ”جلاوطني“ ناول ۾ لکيون هيون. هوءَ مون
کي ڏاڍي وڻي. سمجهيم ته ايتري خوبصورت عورت ڪڏهن
نه ڏٺي اٿم. چاهيم ته ڪڏهن اڪيلي ملي ته گلي
لڳايانس يا شايد پير ڇهانس. ڪيترو هن کي ديش جو
خيال آهي.
اها لوڪشاهي آهي ته کوکلي، جتي فقط اظهار جي آزادي آهي. پهرين
ماڻهوءَ جي معاشي سلامتي آهي، جنهن جو حق حڪومت کي
تسليم ڪرڻ گهرجي. لوڪشاهي معنيٰ پنهنجي پسندي.
پسندي معنيٰ پنهنجي قسم جي سرڪار جي چونڊ معنيٰ
بدل. هتي حڪومت ته حڪومت، ماڻهو پنهنجي چونڊ سان
نوڪري به بدلائي نٿو سگهي. عزت سان اها جلدي ملي،
ان جي به خاطري نه آهي. ان ڪري جواهر لعل نهروءَ
ٽيبل جي شيشي هيٺان رابرٽ فراسٽ جي ڪوتا رکي هئي:
بن ڏاڍا گهاٽا ۽ گهرا آهن ۽ نهايت لمبو سفر آهي
منهنجو. مون کي ڪي واعدا به ته پورا ڪرڻا آهن.
ريلوي جي نوڪريءَ ۾ هئس ته اجمير ويو هئس؛
1958ع ۾. هري سندر، تيرٿ بنست سان ملاقات ڪرائي. هن جو ڪتاب پريس ۾ هو. بسنت
صاحب ٽي پيتيون اڻڇپيل ڪتابن جون ڏيکاريون. سنڌي
ٻوليءَ جو آئيندو! وطن ويو، آئيندو ڇا جو؟ موهن،
تنهنجا تلفظ غلط آهن. ڳالهائڻ جي پنهنجي موج آهي.
پاڻ کي ان موج کان محروم نه رک. اتي هريڪانت سان
به دوستي ٿي، جو ڏاڍا سٺا ترائيل لکي رهيو هو.
خبر پيم ته گورڌن ڀارتيءَ کي ٽي بي ٿي پيئي هئي ۽ پاڻ اسپتال ۾
هو. مان هن سان گڏجڻ لاءِ اسٽيشن تي ويس ۽ ڏٺم ته
ٽرين ڇٽي چڪي هئي. اسپتال اجمير کان اٺ ڏهه ميل
پري. ياد نه اٿم. بس پنڌ نڪري پيس. وچ ۾ جبل ٽڪر
به آيا ۽ پاڻيءَ جا واهه به. پنهنجي فطرت: يڪي
ٻولي يا حسين. ٽي بي سينيٽوريم پهتس ته چوڪيدار
اندر اچڻ نه ڏئي. اسپتال کي جيل جيان اٺ ڏهه فوٽ
وڏيون ديوارون هيون. مان پرڀرو وڃي گل موهر جي وڻ
تي چڙهيس جو ديوار جي لڳو لڳ هو ۽ اتان هڪ گل پٽي،
هيٺ ٽپو ڏنم. خبر پيم ته گورڌن جو هڪ ڦڦڙ ڊاڪٽرن
ڪٽي ڇڏيو هو.
مون کيس ڳولهي ڪڍيو. مون کيس گل ڏنو. هو تيز نظر سان مون ڏانهن
نهارڻ لڳو.
”تنهنجو نالو؟“ هن پڇيو.
”مان هڪ ساهت پريمي آهيان. مون کي تنهنجون ڪوتائون ڏاڍيون
وڻنديون آهن.“
”ڪهڙي گاڏيءَ ۾ آيو آهين؟ هن وقت ته هتي ڪا گاڏي نه ايندي آهي.“
مان چپ.
هاڻ کلڻ لڳو. ”مان توکي تنهنجو نالو ٻڌايان. تون آهين موهن
ڪلپنا.“
مان سخت عجب ۾ پئجي ويس. اسين ڪڏهن به پاڻ ۾ نه گڏيا هئاسين.
”ضرور تون موهن ڪلپنا آهين، متوالو. جذباتي. اهو جو گوئا ۾ سٺ
ميل پنڌ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻيو ڪو ليکڪ ايڏو
پنڌ ڪري نه ايندو. هڪ موهن ئي سخت موهي آهي.“
”ما، مان ئي اهو آهيان، موهي. جذباتي. متوالو. آوارهه. خانه
بدوش.“
هن مون کي هن سنگتڙو کارايو ۽ ڪ ٻه ڪوتا ٻڌائي. ان ئي سال ”هن
سئنيٽوريم ۾ هڪ رات“ زبردست ڪوتا لکي، جنهن سنڌي
ڪوتا کي هڪ دائمي موڙ ڏيئي ڇڏيو. ان ئي سال ڪرشن
راهيءَ ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڪلاس ڪوتا لکي ۽ آنچل ”هٿ“ تي
37 لفظن جي ڪوتا لکي: ٻه سٽون: چند لڪڙا/
جسم جي قيمت“ ۽ هڪ ٻي: زندگي
جي قمارخاني مان آخرين داءُ هارائي. . . ۽ ان ئي
سال سڳن آهوجا ڪوتا لکي:
زندگي تنهنجي ادائن کان ٿيو بر آهيان،
غم جا پهلو ته بدل نيٺ به شاعر آهيان. . .
۽ ان ئي سال هڪ ڪوتا مون به لکي: مان پري کان ئي سکي آهيان/ ڪجهه الڳ ۽ مختلف/ ڪجهه بلند ۽ ڪجهه ڪٽيل/ پنهنجن خوابن ۽ سراپن/ جي جوڙڪٽ ۽ سوچ ۾ گم سم.
ان ئي سال مون ادبي ڪلاس ۾ هڪ ڪوتا پڙهي:
مان ڪميونسٽ؟
ڪوڙ!
تهمت لعل پيلن جي
يا هڪ نئين ڀت.
ڳالهه ساڳي. . .
سڳن آهوجا، جنهن مون کي بحر وزن سيکاريو هو تنهن چيو: پهريون
دفعو مون کي لڳي ٿو ته سنڌيءَ ۾ هڪ ماڊرن پوئٽ
پيدا ٿيو آهي. آنچل به چيو ته ڪلپنا جي نئين ڪويتا
۾ مزاج جي شوخي ۽ زندگيءَ جو زهر آهي.
هڪ دفعي مون ايم ڪمل جي گهر عزيز ۽ سڳن اڳيان هڪ شعر پڙهيو:
تنهنجو فوٽو منهنجي کيسي ۾ پيو آ
پرس ۾
ڊگريءَ سان گڏ. . .
ايم ڪمل چيو: ”موهن، تو وٽ زبان جي چاشني آهي.“
”اها مون دٻن ۾ ڀري تاڪ تي رکي ڇڏي آهي.“ ايم ڪمل منهنجي ان
نادانيءَ تي ڏاڍو کليو ۽ اڄڪلهه هو پاڻ نئين ڪويتا
۾ اها ”ناداني“ ڪري رهيو آهي. |