”هوءَ نياضي!؟ سال ٿيا ته هلي وئي الائي ڪيڏانهن
پڻهس کي شايد ڪابل ۾ سڪي ميوي جو دڪان آهي. شايد
اتي ويئي هجي.“
ڀالو ته مون نه کاڌو آهي پر ڏاڏيءَ جا لفظ ڄڻ نشترن جيان ڇاتيءَ
۾ گهسي ويا. هن وقت نياضي، دليپ ڪمار جي سس نسيم
جي عمر جي هوندي. يا شايد هن کان پنج اٺ سال گهٽ.
شڪل نسيم کان به سٺي هئس. ڏهن سالن جي عمر بعد مون
کيس وري ڪونه ڏٺو. آرزو اٿم ته کيس ڏسان. ٻڍي
هوندي. شايد سڃاڻي به نه. مان به شايد نه سڃاڻانس.
الائي جيئري به هوندي يا نه. ضرور ٿورو مون کي به
ياد ڪندي هوندي. مون کان ڪو حياتيءَ جو سال کسي
وٺي ۽ هڪ منٽ نياضيءَ سان ملاقات ڪرائي ته، مان
وڌيڪ سال ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃان. شايد اهو منهنجو
پهريون پيار هو. معصوم. الڙ. نادان. پر مان اهو
دعويٰ سان چئي ٿو سگهان ته هن جي پيار ۾، ڀاڪر ۽
چمين ۾ هڪ شفقت هئي. اها چمي جا ماءُ، زال ۽
پريمڪا جي چميءَ کان مختلف هئي. هينئر پنهنجو هٿ
ڳلي تي رکيو اٿم. قلم به رکان ٿو ۽ پلنگ تي ليٽان
ٿو. چاهيان ٿو، ٿورو هن جي ياد ۾ روئان. نياضي
منهنجو پيار!
عشق مون گهڻا ڪيا آهن ۽ مان اڪثر صادق ۽ ثابت قدم رهيو آهيان.
اڪثر ماڻهو پيار ڪن ۽ سمجهن ته سچو پيار ٿا ڪن ۽
پوءِ جڏهن اهو پيار ختم ٿي وڃي ته ان کي دوکو ڪوڙ
چون ۽ ٻئي پيار کي صحيح معنيٰ ۾ سچو چون. ٻيو، اها
انسان جي فطرت آهي ته هو چاهيندا آهن ته کين هر
جڳهه چاهيو وڃي ۽ ڪير ڪٿي سندن انتظار ڪري. اهي
جذبا به صادق آهن. دائما جوان هئڻ جا امنگ. مان
ٻئي پيار ۾، شخص جي ٻئي پيار ڪرڻ جي وسعت ڏسندو
آهيان. درد ماريندو آهي، اکيون ڪڍندو آهي؛ مگر
پيار ديوداس بڻائي، ان ۾ مون کي انسان جي محدودگي
ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڪي ماڻهو ساڳيا ساڳيا چهرا ڏسي
بور ٿيندا آهن ۽ نون چهرن جي تلاش ڪندا آهن، جي
لازمي طور اڳين چهرن کان بهتر نه هوندا آهن. اها
فقط حوس نه آهي، مگر هن جي اُمنگن جي ٺهراءَ خلاف
بغاوت آهي ۽ ان ۾ ماڻهوءَ جي تخليقي قوت سمايل
آهي. ڪي مون جيان اهڙا تخليقي ٿين جو پتنيءَ ۾ به
هميشھ نئون روپ ڏسن ۽ انهيءَ تخليقيت جي موٽ زال
وٽان به ملين ۽ زال کي هميشھ وڻڻ لڳن. اسان انسان
جي ٻئي پيار ڪري سگهڻ جي خوبصورت قوت کي ڏسي، شخص
جي مٿان بي وفا، مڪار جو الزام لڳائيندا آهيون،
حالانڪه مڪاري ۽ بي وفائي دنيا ۾ گهٽ آهي، ’ائين‘
به ڪونهي، پر ماڻهن جون ڪيتريون خرابيون، اسان جي
غلط سماجڪ شعور موجب به آهن. اسان کي صحيح پڙهائي
نه آهي. پيار آهي هڪ هئڻ جو احساس، جو ٽٽڻ بعد
ٽڪرا ٿي جيئندو آهي.
گهڻا پيار گهڻا ٽڪرا. يادون. من عجائب گهر ٿيو وڃي.
مون ڪوٽڙيءَ ۾ ڪافي ڪتاب پڙهيا ۽ ڪراچيءَ جون گهڻيون لئبريريون
خالي ڪيم. ڪراچي آيس ته هڪ ناول به لکيم، جنهن ۾
بلئڪ جاسوس جو موت ڏيکاريم ته هيءَ ڪهڙي چريائي
آهي ته رڳو چور بدمعاش پيا مرن ۽ بلئڪ نٿو مري. سو
کيس رائمرڪيو هٿان مارائي ڇڏيم. ڪي خاڪا به ڪڍيم.
عمر اها ئي ڏهه يارنهن. ڪتاب دوستن کي پڙهايم. خبر
ناهي ان جو ڪهڙو حشر ٿيو.
ڪراچيءَ ۾ منهنجو گهر پرنس روڊ تي هو. لا ڪاليج جي ساڄي، ڪراچي
ٽيليگراف آفيس جي پٺئين گيٽ جي بلڪل سامهون.
پٺيان، کاٻي آزاد پريس هئي. منهنجو گهر ٽماڙ تي،
اتر اوڀر ڏکڻ ۾ هو. بلڊنگ جو نالو ڪرم نارائڻ هو،
جو ڦري رگهومل تولا رام مئنشن ٿيو. منهنجي ڀرسان
هڪ پنجابي ڇوڪري راڻي ڀاٽيا رهندي هئي، جا هن وقت
آل آنڊيا ريڊيو بمبئي ۾ وڏي عهدي تي آهي. هوءَ
اردو شاعريءَ جا ڪتاب پڙهندي هئي ۽ مون کي به
ڏيندي هئي. ڪراچيءَ ۾ اردو ائين هلندي هئي جيئن
لنڊن ۾ فرينچ.
اسين پاڙي جا ڇوڪرا هندو مسلمان سنڌي پنجابي رانديون ڪندا
هئاسين ۽ لورس برج جي درن پاسي ڪلفٽن ويندا
هئاسين. سائيڪل تي ريسون ڪندا هئاسين. لڙائي سبب
ڪراچيءَ ۾ بلئڪ آئوٽ ٿي هئي. اسين ڳائيندا هئاسين:
ٺڪ ٺو ٺا جليبي کا
_ جرمن مئو اسان جو ڇا!
ڪانگريس جا جلوس ڏسي، رستن جا بلب به ڏسندا هئاسين. هڪ هئنڊل
تي، هڪ اڳيان، هڪ پٺيان، هڪ بيٺل ۽ ڪڏهن هڪ ڪلهن
تي ويهاري سائيڪل هلائيندو هوس. مون ان ۾ گهڻيون
اسڪولي چٽا ڀيٽيون کٽيون. ڪراچي ملير ڪراچي شرط ۾
اول آيو هئس. سنهو هوس. ڊوڙڻ ۽ ٽپو ڏيڻ ۾ هوشيار.
مان سورهن فوٽ مٿان کان هيٺ ٽپو ڏيندو هوس ۽ بعضي
ٽپ به سورهن سورهن فوٽ هئم. هڪ کير واري جي پٽ مون
کي گار ڏني. مون مٿي تي زور سان ٺونشو هنيومانس ته
ان وقت ڳوڙهو نڪري آيس. وڃي پيءُ کي وٺي آيو چي:
هن مون کي پٿر هنيو آهي. مون ان وقت کيس مٿي تي
ٻيو ٺونشو هنيو ۽ پڻهس کي چيم: ڏسو ڪوڙ ٿو ڳالهائي
ٻيو ڳوڙهو ڏسوس.
صدر ۾ منهنجي هم عمر انگريز ڇوڪري مون سان ريس ڪئي. پنهنجو پاڻ
ٿي ويئي. ريگل کان مي فيئر طرف. هو کٽي نه سگهيو ۽
ڪنهن سان ٽڪرائجي ڪري پيو. مون کي ڏک ٿيو. ان بعد
آرام سان سائيڪل هلايم. هو ڀڳو. اڳيان پڻهس جو
دوڪان هو، سو ڏسان ته پيءُ پٽ ٻانهون کنجي بيٺا
آهن. مون کي پهرئين انگريزي چڱي سمجهه ۾ ايندي
هئي، جو ماءُ به پڙهيل ۽ پيءُ به مئٽرڪ تائين
پڙهيل هو ۽ مامي موهن خاص شوق وٺي، مون کي
حيدرآباد ۾ انگريزي سيکاري هئي. مون چيو: سر، ون
باءِ ون! پڻهس چيو: هي تنهنجي عمر جو آهي. تون
لڙينس. سو اسان جي باڪسنگ چالو ٿي. ٽرئفڪ جئم ٿي
ويئي. مان ڌڪ روڪڻ ۾ ماهر ۽ حملي جي خبر نه پوندي
هئي ته اهو ڪٿي ڪندس، سو جوان جي نڪ ۽ وات مان رت
وهڻ لڳو ۽ پٽ تي ڪري پيو ۽ هو انگريز پيءُ. پٽس پٽ
تي ڪريو پيو هو، پر هو مون ڏانهن وڌي آيو. هٿ
ملايائين ۽ پيشانيءَ تي چمي ڏيندي چيائين:
”يو آر اي هيرو. نيڪسٽ. فائيٽ فار يوئر نيشن.“ (تون سورمو آهين.
هاڻ تون پنهنجي قوم لاءِ لڙ.) واقعي ڪو عظيم
انگريز هو.
ڪاش ان وقت ڪو مون کي قوم جو وگيانڪ تصور ڏئي ها. مان يارهن
سالن جي عمر ۾ انقلابي ٿيس. سورهين سالين انڊر
گرائونڊ به ويس، ارڙهين ۾ ٽي مهيني جيل ۾ بند به
ٿيس. پر ان وقت مون کي خبر نه هئي ته قوم ڇا هئي ۽
ڪهڙي قوم لاءِ لڙڻو هو. منهنجي جيون جو اهو اهم
دؤر غلط آشيرواد جو شڪار ٿيو. مون ڄڻ پاڻ خلاف
لڙائي ڪئي. پاڻ کي زخمي ڪيم. ڪنهن جڳهه تي بندوقن،
ڪارتوسن ۽ ڪرچين جي سنڀالڻ جي جوابداري کنيم ۽ ان
وچ ۾ هڪ دفعو ڪوٽڙيءَ مان به ٿي آيس، جتي فقط هن
جي ياد هئي، نياضي نه هئي.
يارهن سال ڪا وڏي عمر نه آهي. پر ان وقت مان پاڻ کي ڪافي وڏو ۽
سمجهندو هوس. هاڻ جڏهن ان عمر جا ٻار ڏسندو آهيان
ته، هنن جا امنگ ۽ خواب سمجهي سگهندو آهيان. مٿي ۾
ٿوري خرابي هئم، جو مارڪٽ گهڻي ڪندو هوس. دوستن به
چيو ته مان پاڙي جو دادا هئس، سو انگريزيءَ ۾ کاٻي
ٻانهن تي اکر لکايم: پي. ڊي. يعني پاڙي جو دادا،
جي اڃا به قائم آهن ۽ ڪن دوستن جا مختصر نالا، جن
به ٻين جا ۽ منهنجو لکايو.
ماڊل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. هڪ دفعي ڪلاس وارن رسيس ۾ ڪٻٽي
راند ڪئي. مون کين چيو ته مون کي به ڪرايو، پر نه
ڪرايائون. مان وچ ميدان تي بيهي رهيس. مون کي راند
نه ڪرائيندؤ ته راند نه ٿيندي. ٻه چار ڇوڪرا اڳيان
وڌيا. مون کين مار ڏني. هو سڀ ڀڄي ويا. مون کي
ماستر سڏايو ۽ چيائين ته مار ڏيڻ کان بهتر آهي ته
تون ناٽڪن ۾ ڪم ڪر، سو سالياني جشن ۾، ناٽڪ ۾ ڀارت
ماتا جو رول ڏنائين. ائين هڪ ناٽڪ ڪلياڻ رفيوجي
ڪئمپ جي سنڌ نئشنل هاءِ اسڪول
1949ع
۾ ڪيم. جتي مون کي حيدرآباد دکن جي خاڪسار اڳواڻ
قاسم رضويءَ جو رول ڪرڻو پيو.
1959ع
۾ هڪ روپ گوبند مالهيءَ جي ”گستاخي معاف“ ۾ به
ڪيم، جنهن ۾ سندري آتمچنداڻي مون سان گڏ هئي. پر
اداڪاري مان زندگيءَ ۾ ڪري سگهيس، ناٽڪ ۾ ڪري نه
سگهيس ۽ اها به جيئڻ ادا.
ڪراچيءَ جو مئڪلوڊ روڊ اتان پرنس روڊ جو رستو ڦٽي ۽ جو پريميئر
هاءِ اسڪول بعد بندر روڊ تي ختم ٿئي، جنهن کي اڳ
مهاتما گانڌي روڊ به چوندا هئا ۽ هاڻ اهو جناح روڊ
آهي. مئڪلوڊ روڊ هاڻ چندريگر روڊ آهي ۽ پرنس روڊ
جو نالو چون ٿا؛ محمد بن قاسم رکيو اٿن. سو انهن
ٻن رستن جي ڪنڊ تي برٽش اوورسيز ايئرويز ڪارپوريشن
جو خالي پلاٽ، ان بعد هڪ بلڊنگ، جتي منهنجو گهر،
اوڀر طرف.
اسين اُن ميدان تي ڪرڪيٽ راند ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن ڏسون ته
اتي ٽيهه چاليهه پنجاهه ڇوڪرا قطارون ۽ چڪرا ٺاهي
رانديون ڪري رهيا هئا. منهنجا دوست راند ڪرڻ ويا
ته کين ڇڙٻون ڏيئي واپس ڪيائون. اها آر. ايس. ايس
جي هڪ برانچ هئي ۽ ميدان تي ٻن ڪنڊن وارو ڪيسرري
جهنڊو لهرائي رهيو هو. دوست مون وٽ آيا: موهن، هي
ظلم آهي، بغداد آهي، آر. ايس. ايس آهي ۽ تنهنجي
هوندي! هڪ پنجابي. هڪ سنڌي هڪ گجراتي. هڪ مرهٽو.
ڌرمپال، لعل، ڪشن ۽ بالڪشن. مون، نڪر تي پٽو ٻڌو ۽
هنن سان اُن ميدان تي آيس. ٻيا دوست بيٺا، جو
سنگهين اُتان لنگهڻ تي به روڪ لڳائي هئي. مان
ميدان مان لنگهيس ته ان جو انچارج اڳيان وڌي آيو ۽
چيائين، ”هتان لنگهڻ جي منع آهي!“
هو اٽڪل پنجويهن سالن جو جوان هو.
هي ميدان تنهنجي پيءُ جو آهي؟“ مون جوش ۾ چيو.
”ڀڄ نه ته مار کائيندين.“
مون اسپين جي ڍڳي جيان هن تي حملو ڪيو. منهنجا ٻئي هٿ هن جي گلي
۾، مٿو ڇاتيءَ ۾ وجهي، اهو ڌڪو ڏنومانس جو ڇهه فوٽ
پريان وڃي ڪريو ۽ مان هن جي مٿان ڇاتيءَ تي چڙهي
منهن ۽ لوندڙيءَ تي مڪون هڻڻ لڳوسانس. هن رڙ ڪئي،
”ڪُرو“ ينني مارو! بس پوءِ ته سڀ ڇوڪرا منهنجي
مٿان اچي، ٽنگن ٻانهن گلي ۽ وارن کان جهلي هوا ۾
کڻي پيا هيٺ ڦٽو ڪن. مان به اٿي هڪ ٻن کي ڌڪ هڻان
ته ورري جهلي پٽ تي ڦٽو ڪن. منهنجا دوست ڀڄي ويا.
آخر ڪافي مار ڏيڻ بعد هنن مون کي ڀت پاسي ڦٽو ڪيو
۽ وڃي راند تي لڳا. هڪ ڇوڪرو شايد گاڏي کاتي، ڪجهه
رپورٽ ڪرڻ ويو. منهنجي وات ۽ نڪ مان رت وهي رهيو
هو. ڪپڙا ڦاٽي پيا. منهن ۽ سڄي بدن ۾ زخم ٿي پيا.
مان اٿي بيٺس. هٽيس ڪونه ۽ رنم ڪونه. هڪ طرف هو
انگريز پيءُ ۽ ٻئي طرف هي هندو بهادر. سوچيم ته
اهو انچارج به اڄ گهر نه پهچندو ۽ جي گروپ ۾ ويو
ته رات جو گهر مان ڪڍي ڪٽيندوسانس.
ان وچ ۾ نيرين اکين سان هڪ جوان اتي پهچي ويو، جنهن جو نالو
پريو بٽاڻي هو. هو هن وقت ناگپور رهندو آهي ۽
ناگپور سميلن جي
1959ع جي مشاعري ۾ منهنجي زبردست ڪاميابي ڏسي، مون وٽ آيو هو. هو ڳري ڪنڊا تي
پيو هو. کيس فخر ٿيو ته ڪڏهن هو منهنجي راڄنيتي
گرو ٿيو هو ۽ ٻڌايائين ته هن منهنجون ڪهاڻيون ڪافي
پڙهيون هيون. هن اچڻ شرط ڪجهه هن ريت چيو، ”تون
وير آهين. ننڍي هوندي رام ۽ ڪرشن به ائين هوندا
هئا. راڻا پرتاب ۽ شواجي به. نالو ڇا آهي؟ موهن
لالا. ته موهن جي. تون هن ميدان لاءِ لڙين ٿو، ڇو
ته اهو تنهنجو آهي. اسين به هڪ ميدان لاءِ لڙون
ٿا، جو اسان سڀني جو آهي. ان ميدان جو نالو آهي
ڀارت. اڄ ڀارت ماتا انگريزن وٽ غلام آهي. اسان کي
پنهنجي ماءُ کي آزاد ڪرائڻو آهي ۽ ميدان به پنهنجي
قبضي ۾ ڪرڻو آهي. اڳي ڀارت ۾ کير ۽ ماکيءَ جون
نديون هيون. هاڻي مٽيءَ جون به نه. . . ڀارت هندن
جو آهي. جي اسين سڀ هندو ملي هڪ ٿيون ته انگريز هڪ
ڏينهن به هتي رهي نه سگهندا. تون به هندو آهين.
تون به روز هتي اچ ۽ ڀارت ۾ ڪرانتي آڻ.“
هن ڪلهي تي هٿ رکيو. پيار ڪيو. ٻانهن کان جهلي اڳيان وٺي آيو.
چڪرا ۽ قطارون بند ڪرائي، اتي منهنجي واقفيت
ڪرايائين. هنن مون کان معافي ورتي ۽ سڀني گڏجي هڪ
راڳ ڳايو:
ڀارت مان تيري جيه هو وجيه
تو شڌه تو ٻڌه تو پريم آڪار
تيرا وجيه سوريه ماتا اُديه هو.
1941ع
۾ مان سنگهه ۾ داخل ٿيس ۽
1952ع ۾ ان کي ڇڏيم. يارهن سالن جي عمر ۾ داخل ٿيس ۽ ٻارهن سال اُن
۾ رهيس
1952ع
۾ مون ”آواره“ ناول لکيو. هونءَ
1949ع کان مان سنگهه کان ٽٽي رهيو هوس، پر صفا ڪٽجڻ ۾ ٽي سال لڳي ويا. ورهاڱو ان
وچ ۾ ٿيو. جيڪڏهن مان سنگهه ۾ نه هجان ها ته شايد
مان سنڌ ڪڏهن نه ڇڏيان ها. مون سپنن سان پيار ڪيو
۽ سپنا ڀارت جي آزاديءَ جا هئا، ڀارت آزاد ٿيو، پر
سنڌ ان ۾ ڪانه هئي، ان ڪري مون سنڌ ڇڏي. مان اهڙو
ڪو بهانو نه ٿو ڏيان ته مان ننڍو ٻار هوس ۽ مون
کي ڪا سمجهه نه هئي، پر مان غلط رستي تي هليو ويو
هئس.
صبح اسڪول، شام جو شاخا. آرتوار صبح جو شاخا ۽ ڪتاب. ان ۾ مون
ايتري ترقي ڪئي جو ٽن چئن سالن ۾ هڪ شاخا جو
اسسٽنٽ انچارج ٿيس ۽
1948ع ۾ ڪلياڻ رفيو جي ڪئمپ يعني الهاس نگر ۾ ان جو پايو وڌم ۽ ان وقت گني
سامتاڻي ۽ راجن چاولا کي آندم، جن به پوءِ ان کي
ڇڏي ڏنو. هن وقت الهاس نگر جا وڏا اڳواڻ، عهديدار،
آفيسر منهنجا جهونا شاگرد آهن ۽ اڃا ان پارٽيءَ ۾
آهن ۽ منهنجي ڪافي عزت ڪند اآهن، ڇو ته فنڪار جي
جتي ڪٿي عزت ٿيندي آهي ۽ چاهي هو عمر فاقا ڪشيءَ ۾
گذاريندا هجن، پر وڪامجندا نه آهن.
راڳ، رانديون، ڪرانتيءَ جا گيت. سنگهه جا آدرش ڪجهه هن ريت هئا:
هندستان هندن جو ملڪ آهي.
هندي اسان جي راشٽر ڀاشا آهي.
هندو ڌرم اسان جو راشٽر ڌرم آهي.
هندستان ۾ سڀ رهي سگهن ٿا، پر اهي هندستان جي قومي سورمن کي
پنهنجا قومي سورما سمجهندا ۽ هندستان سان وفادار
رهندا.
ان لاءِ هندن ۾ ٻڌي هئڻ ضروري آهي. ڪٿي ڪو هندو مار کائي ته ان
تي گڏجي حملو ڪيو ۽ کين مار ڏيئي وري وچ ۾ پئي
ٺاهه ڪرايو. ڪانگريس جي اهنسا ڪانئرتا آهي.ظلم جو
مقابلو هنسا سان ڪبو، جيئن روس ۾ بولشيوڪين ڪيو.
مسلمانن جي گهڻائي انهن ڪانئر هندن جي آهي، جي
اسلام جو سج اڀرندو ڏسي، ان ۾ هليا ويا ۽ انهن کان
ڏڪڻ نه گهرجي. جي راجا مان سنگهه، پرتاب جو ساٿ
ڏئي ها يا جئسنگهه ڇتر پتي شواجيءَ کي مدد ڪري ها
ته ڪڏهن جو هندستان ۾ هندو راڄ هجي ها. هندستان جي
غلاميءَ جو ڪارڻ هندن جي ڦوٽ آهي. فرق وساريو ۽
ملڪ مٿان قربان ٿيو.
مان اخبارون پڙهندو هوس ۽ ان زماني ۾ چاهيندو هوس ته هٽلر جنگ
کٽي ۽ سباش چندر بوس، جرمنيءَ ۽ جپان جي مدد سان
هندستان کي آزاد ڪرائي. پر جنگ انگريز ۽ سندن
ساٿين کٽي. هٽلر شايد پاڻ کي شوٽ ڪيو ۽ سباش بابو
به هوائي حادثي جو شڪار ٿيو، جنهن جو اڃا تائين
وڏو صدمو اٿم. جنگ جو سبب سامراج وادي ۽
سرمائيداري مفاد پرستي هئي. سڀ سامراجي ملڪ روس جي
انقلاب جي خلاف هئا، پر ڪنهن حد تائين روس سبب هنن
جنگ کٽي ۽ هن وقت سوشلسٽ روس جي وجود سبب دنيا
عالمگير جنگ کان بچيل آهي ۽ هندستان به صحيح طور
بي طرفدار ملڪن جي رهبري ڪري رهيو آهي.
سنگهه ۾ مون نالو ڪڍيو. سنڌ انچارج راجپال پوريءَ سان واقفيت
ٿيم. هڪ ٻيو به به پرڀداس بٽاڻي هو، جنهن چيو ته
پاڪستان ضرور ٿيندو. اسين اوچتو سنڌ جي پوليس
اسٽيشن، ايئرپورٽ، ريڊيو اسٽيشن وغيره تي قبضو
ڪنداسين. ان خيال کان مان اڃا به ننڍو هوس ۽ خبر
نه هئم ته هٿيار ڪٿان ٿي آيا. ڪرم نارائڻ پنهنجي
بلڊنگ رگهومل تولا رام کي وڪي ۽ پاڻ الائي ڪيڏانهن
ويو. سندس جوان ڌيءَ پپن وري ڪانه ڏٺي اٿم. ان
فلئٽ خالي ڪيو، جنهن جي چاٻي مونکي ملي. اتي سنگهه
جا ڪي انقلابي ايندا هئا. اڪثر شري شواجي سنگهه
ايندو هو ۽ هڪ پنجابي چرن جيت سنگهه. هن پوءِِ
دهليءَ جي سينٽرل بئنڪ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ٻه ٽي خط
لکيائين. دادا مونکي خط ۾ نورچشم لکندو هو. اکين
جو نور. مان ان جو اهو مطلب ڪڍندو هئس: پيارا
پيارا موهن! سو مون کيس لکيو: نور چشم چرن جيت. هن
لکيو: نور چشم تون منهنجو يا مان تنهنجو؟
50, 49
۾ اديب مون کي برخوردار سڏيندا هئا، جو مان سڀني ۾
ننڍو اديب هئس ۽ هڪ ڏينهن مون ”مجري ڪولهڻ“، جي
ليکڪ ليکو تلسياڻي کي چيو: هلو برخوردار. چئي:
برخوردار تون منهنجو يا مان تنهنجو؟ مان پوکيان ۽
تون لڻين يا تون لڻين ۽ مان پوکيان!
هي اهو وقت هو، جڏهن ذهن ٺهندا آهن، من کي ريچڪ ايندا آهن ۽
خوابن لاءِ لڙي پئبو آهي. نوان پور. نوان اٺسٺا.
آزادي، آزادي آزادي. ڪڏهن من مايوس ٿئي ته اندران
آواز اچي: ڪرانتي. اسين رات جو مشعلون کڻي ڳائيندا
هئاسين. هنديءَ ۾ ڪجهه ويدن جو اڀياس ڪيم ۽
رامايڻ، مهاڀارت ۽ ڀاڳوت پڙهيم. مهاڀارت چرن جيت
سان پڙهيم جو گورکپور جي ڪلياڻ رسالي ڇپايو هو.
اهو پورو ڪرڻ ۾ ٽي سال لڳايم. ٻه يا ٽي راتيون سڳن
آهوجا وجريشريءَ جي چشمن ۾ هليو. مون کيس مهاڀارت
جون اُهي حيرت انگيز ڳالهيون ٻڌايون جو مارڪسوادي
سڳن آهوجا چيو: جيڪڏهن مان ڪڏهن به پنهنجو گهر
ٺاهي سگهندس ته اتي ديوار تي فقط ٻه تصويرون
ٽنگيندس: هڪ مهاڀارت جي ليکڪ ويدوياس جي ۽ ٻي ڪارل
مارڪس جي.
سنڌ ۾ ڪهڙي وزارت ٺهي يا ڊٺي ٿي، اهو ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيم.
بس: هندي، هندو، هندوستان! مونکي جا خالي فلئٽ
ملي، ان ۾ مون کي ڪي ڪارتوس ۽ ڪرچون به ڏنيون
ويون. ڪرچون ڄڻ هٿ ۾ ننڍي لٺ. کولي هڻ ته خنجر.
مون کي چيو ويو ته تون شڪل مان معصوم ٿو لڳين،
تنهن ڪري خفيه وڀاڳ ۾ اچ ۽ جاسوسيءَ جو فن سک.
آزادي ڄاڻ ملي، پر پاڪستان ضرور ٿيندو. تون فهرست
۽ پتا وٺ ۽ فلاڻن فلاڻن جو پيڇو ڪر ته ڪيڏانهن ٿا
وڃن، ڪنهن سان ٿا ملن ۽ ڇا ٿا ڪن. اها خبر تون
فلاڻي هنڌ راجپال پوريءَ کي پهچاءِ، جنهن کي اسين
شري جي چوندا هئاسين. |