سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 22

ان بعد اتي نه ويس. گهڻا سال پوءِ ٻڌم ته هوءَ آمريڪا ويئي آهي. چار پنج سال ٿيا ته هتي آئي. ستيه سائين بابا آيو. ڪمل چيو: وٺي هل. مان پريس باڪس ۾ ويٺس ۽ ڪمل اڳيان، الڳ طور زالن ۾. اتي لک کن ماڻهو آيا هئا. جڏهن بابا ويو ته هڪ آواز ٻڌم: موهن.

ڏسان شبانا بيٺي آهي. هٿ ملايائين.

”آمريڪا مان ڪڏهن آئينءَ؟“

”ڪلهه.“ مشڪي، ”ٻڌم تو شادي ڪئي.“

”تو نه ڪئي آهي؟“

هن ڪابه ائڪٽنگ نه ڪئي. ”شادي! ڪجهه بي معنيٰ لفظ آهي. تون ڪيئن آهين؟“

”تون پنهنجي ٻڌاءِ.“

”پنهنجو ٻنهنجو ڪجهه ڪونهي. زال سان ملاقات ته ڪراءِ!“

ڏسان ته آنچل پيو اچي. مشڪي آنچل سان گڏيس. هو گڏجي هليو ويو. مون سگريٽ دکايو، ”ترس هتي ئي آهي.“

”ڪيئن آهي؟“

”ڏاڍي سٺي آهي.“

هن مشڪيو. ٿورو ترسي پوءِ هلي ويئي. ان بعد ٻڌم ته ڪنهن ايرانيءَ سان شادي ڪئي اٿائين. آخر هن به ان بي معنيٰ لفظ کي ڪا عزت بخشي. کيس ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيم. منجهيل هوس ته مون جو ڪجهه ڪيو، اهو غلط ڪيو يا صحيح. ٻي ڪا ڇوڪري ٻوڪري ته هئي نه. پر اهو فيصلو ڪيم ته بس هاڻ عشق ٻشق بند، هاڻ مان شادي نه ڪندس ۽ سڄي عمر ڪنوارو رهندس. ڪڏهن ته کيس خبر پوندي ته مون شادي نه ڪئي هئي ۽ جيڪڏهن هن طرف منهنجو فيصلو غلط هو ته باوجود ان جي هن طرف منهنجا ارادا نيڪ هئا ته مون کيس ايترو چاهيو ٿي جو مان اهو تصور ۾ به برداشت ڪري نٿي سگهيس ته، هوءَ مون وٽ دکي رهي، پر جيئن ته هوءَ نهايت نيڪ هئي ۽ مون به کيس پيار ڪيو ٿي، تنهن ڪري جي هن سان شادي نٿي ڪيم ته ٻئي ڪنهن سان شاديءَ جو سوال به نٿو اٿي. بس پيو هوندس کٽ تي. آڪاش جا تارا ڏسندس ۽ محو، خواب ٿيندس. ڪڏهن تارن جي پيچري تان هوءَ منهنجي ذهن جي چائنٺ تي اچي بيهندي. پر منهنجي ذهن کي ڪا چانئٺ نه آهي. نياضيءَ کان شبانا تائين من جون غفائون آهن، جتي ڪيتريون مورتون روشن آهن. ۽ اها، انگريزي ڪويتا! منهجي پريمڪا! مان تولاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، پر مان تولاءِ ڪجهه نه ڪندس ۽ توکي خبر نه پوندي ته تولاءِ ڪجهه نه ڪرڻ جي درد ۾ مون ڪيترو ڀوڳيو، ڪيترو سٺو. لارينس به چيو آهي: تنهنجي پيار جو درد، پرين، منهنجي سهڻ کان ٻاهر آهي.

 

 

ڀڳونتي ناواڻي، سادي سودي ۽ سٻاجهي، نيڪ ۽ بااخلاق مهذب. گهٽ ڳالهائو. هن لوڪ گيتن سان سنڌين کي سنگيت جي ستن سرن ۾ ٻڌي رکيو آهي. ناگپور ايڪسپريس ۾ هوءَ به هئي. پر هن مشڪي اها هوشياري نه ڏيکاري ته هوءَ شبانا ۽ منهنجو سنٻنڌ سمجهي رهي هئي. اسين جڏهن ڀوپال کان سانچي (1961) وياسين ته مون گلي ۾ مفلر ۽ مٿي تي ڪنهن دوست جي جناح ڪئپ پاتي. ڀڳونتي چيو: سانچيءَ جا اسٽوپ ٻه هزار سال پراڻا آهن. موهن، مون کي تنهنجي لنبي ڪويتا ”اجنتا جون غفائون“ ڏاڍي وڻي. مان سانچيءَ جي ڪلا تنهنجي معرفت سمجهڻ چاهيان ٿي.

اسين ڪلاڪ ٻه اتي هئاسين. پوءِ لعل سنگهه اجواڻيءَ جي رهبريءَ هيٺ ڏاڪڻ تان هڪ اسٽوپ تي چڙهياسين ته اجواڻي صاحب گائيڊ کي چيو، ”اسان جو آرڪيٽيڪچر ۽ اسڪلپچر ۾ ڪو چاهه ڪونهي. تون موٽي وڃ.“

”مون چيو، ”اجواڻي صاحب، چار ڏاڪا مٿي بيٺا آهيو، ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان کي هيٺ ڪريو.“

”تون هيٺ سٺو آهين.“ هن جوش ۾ چيو، ”توکي کپي ته گائيڊ کي تون وٺي وڃ.“

گائيڊ، ڀڳونتي ۽ مان.

گائيڊ چيو، ”سانچيءَ جا اسٽوپ ٻه هزار سال پراڻا آهن. گوتم ٻڌ مورتي پوڄا خلاف هو، ان ڪري هن جي پوئلڳن وڻ جي روپ ۾ ٻڌ جي ڪلپنا ڪئي. هيءَ عورت ڏسو. وڻ کي هٿ جوڙيو بيٺي آهي ۽ هن جو ٻار، اهو به هٿ جوڙي بيٺو آهي، پر هن جي ڏنگائي، ماءُ جو نقل، هن جي معصوم بيهڪ مان ظاهر آهي. هي ٻڌ  جو پتلو آهي. اهو ڪنهن يوناني شلپڪار ٺاهيو. ٻڌ جا وار گول، گهنڊيدار آهن. وارن جو اهو فيشن نج يوناني آهي ۽ هيءُ وڻ ڏسو. ان کي هوءَ ننگي عورت هٿ لڳائي بيٺي آهي. هوءَ اگهاڙي نه آهي. چڱيءَ طرح ڏسو. موهن جي دڙي جي نرتڪيءَ جيان، ڪراين ۽ مرن وٽ پوشاڪ جو وڪڙ اٿس. يعني اسان وٽ اڳ اوچو ڪپڙو ٺهندو هو، پر ڇوڪري لڳي اگهاڙي ٿي. ڪيئن خبر پوي ته هوءَ پاڪيزه آهي؟ اڳي ڪنهن به شريف عورت ۾ ماڻهن کي بدچلنيءَ جو شڪ پوندو هو ته کيس هڪ خاص وڻ وٽ وٺي ويندا هئا. جيڪڏهن ڇوڪري وڻ کي هٿ لڳائي ۽ ان ۾ گل ڦل ظاهر ٿين ته معنيٰ عورت پاڪيزه آهي. هن وڻ ۾ گل ۽ ڦل آهن. يعني پاپ اگهاڙپ ۾ نه آهي.“

ڀڳونتي آهستي چيو، ”ڪاش، اهڙا وڻ اڃا به هجن.“

مون چيو، ”۽ اهڙا وڻ مردن لاءِ به هجن، پاڪيزگيءَ جو اصول مردن سان به لاڳو هجڻ گهرجي.“

ايتري مختصر گفتگو ۽ طوفان مچي ويو. هڪ فوٽو گرافر دوست چيو: ڇوڪرين کي ڦاسائڻ ۾ تون جادوگر آهين.

چيومانس: شرم اچڻ گهرجيئي. ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي بدنام ڪرڻ کان بهتر آهي ته پنهنجو ڌيان فوٽو گرافيءَ ۾ ڏين ۽ ڪي چڱا فوٽا ڪڍين. هڪ اديب بنا پڇڻ جي ڀڳونتيءَ جي وڏي ڀاءُ کي چيو ته، موهن هن لاءِ ٺيڪ رهندو ۽ پاڻ ئي ٻڌايائين ته هن کيس چيو: موهن؟ هو ته اوباش آهي. ڏينهن ڪٿي ۽ رات ڪٿي.

خبر ناهي ڀاڻس ائين چيو، نه چيو، پر جي چيائين ته اهو سچ هو. ائين ته شايد ان رٿ جي ڀڳونتيءَ کي به خبر پئي. مون ائين محسوس ڪيو. پر مون اڄ تائين کيس ڪنهن به قسم جي صفائي يا سمجهاڻي نه ڏني آهي. اسين ٻئي ادب آداب سان گڏجندا آهيون. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو: سنڌيءَ ۾ منهنجي پسند جا ٻه ليکڪ آهن: گوبند مالهي، موهن ڪلپنا.

۽ مان ڏينهن ڪٿي، رات ڪٿي، ڪنهن اونداهي ۽ تاريڪ رستي تي به هليو آهيان.

ايشيائي ليکڪ سميلن ۾، اسين ڪي ليکڪ رستو ڀلجي پياسين ۽ غلط رستي تي پياسين، جتي غلط عورتون به هيون. هونءَ نه ته رستا غلط ٿيندا آهن ۽ نه عورتون. اسان نظام جون لعنتون ماڻهن ۽ رستن مٿان وجهندا آهن.

هڪ جوان ڇوڪريءَ ڪهلي کي جهليو، ”وڃين ڪيڏانهن ٿو، اچ.“

مون ڪلهو ڇڏائي چيو، ”هٽ.“

بمبئي ۾ ضيا ڪنهن فلم لاءِ گانا ڏيڻ هليو. واپس اهڙي ڪنهن رستي کان لنگهيو. هڪ جوان ڇوڪريءَ اک هنئي.

ضيا پڇيو، ”ويندين؟“

”ڪيڏانهن؟“

”هن وٽ. پئسا کپني؟“

”اوهان وڃو.“

”مون وٽ هاڻي جواني ڪٿي!“

دهليءَ ۾ ڪن دوستن چيو: ڪناٽ طرف هڪ هوٽل آهي. پوري هندستان جي سونهن آهي اتي. مون به چاهيو ته اها دنيا ڏسان، جا ڪڏهن ڪٿي نه ڏٺي هئم. خرچ جي جوابداري جيوت جوت کنئي. ڄڻ جواهري جي دڪان تي وڏن بلبن جي روشني. عمر سورهن ارڙهن ويهه. ڪپڙا اوچا. صفائي. سينگار. مشڪڻ ۽ اکين جو چمڪڻ. ٻيا سڀ شادي شده هئا، ٻاهر ئي پئسا ڏيئي مون کي اندر موڪليائون. مون هڪ کي پسند ڪيو. هن اندر ٿي، دروازو بند ڪيو ته اتي ٺڪ ٺڪ ٿي. هڪ ماڻهو آيو. چي: روم جي مسواڙ ڏي. اها ته ڪنهن سوچي به نه. مون وٽ چار پنج رپيا. ٻه روپيا ورتائين ۽ هليو ويو.

هن دپٽو هوا ۾ ڦٽو ڪيو ۽ مون ڏانهن نهاريائين. مون ڪرسيءَ تي ويهي سگريٽ دکايو ۽ هن ڏانهن نهاريم. ”تون پڙهيل آهين؟“

”ها، مئٽرڪ پاس آهيان.“

”ته پوءِ نوڪري نه ٿي ڪرين؟“

”تون وٺي ڏيندين؟“

”مان ته خود بيروزگار آهيان.“

”تو ۾ مون ۾ ڪهڙو فرق! ٻئي ساڳيءَ جڳهه تي آهيون.“

”تون ڪيتري سهڻي آهي.“

”هاڻ پيار جو ناٽڪ نه ڪريو. مون کي پنهنجي زال نه سمجهو. وقت نه وڃايو.“

”نه، مان ان ڳالهه لاءِ نه آيو آهيان.“

”پئسا واپس نه ملندئي.“

”تون پنهنجي سونهن جي سهاري جي سگهين ٿي. پنهنجو جسم نه وڪڻ. مشين تي ڪپڙا سب. محنت ڪر.“

”مان اهو سڀ ڪنديس. تون مون سان شادي ڪندين؟“

مان هٻڪيس.

هن چيو، ”هتي ماڻهو اوهان وانگر ئي ڳالهائيندا آهن. پريم ڪندا آهن ۽ پوِءِ هنن جو ڪو پتو نه پوندو آهي.“ مون کي سرجو جي ڳالهه ياد آئي ته ”آوارهه“ ناول اڌورو آهي. ڪتابن ۾ ئي جوان وئشيائن سان شادي ڪندا آهن ۽ شادي بعد پئدا ٿيندڙ مسئلا نظرانداز ڪندا آهن.

کيس ٻئي هٿ جوڙي چيم، ”معاف ڪج، مون تنهنجي دل ڏکوئي. مان هڪ ڪمزور انسان آهيان. دراصل مان هڪ پرديسي آهيان. کيسا به خالي اٿم. مان ته پنهنجي لاءِ به ڪجهه ڪري نٿو سگهان.“

مان هليو آيس. ان رات مون گني کي هڪ ڊگهو خط لکيو. سڄي گفتگو لکي مانس. ڀاونا ۽ مطلب اهو ڇو جو ڪابه گفتگو لفظ به لفظ ته مشڪل ئي ياد رهندي آهي. منهنجي گفتگوءَ ۾ ڪابه اڻ چيل ڳالهه ڪانهي. لفظ بدليل ٿي سگهن ٿا. مان جيڪڏهن ڪورٽ ۾ ڪنهن هڪ ڳالهه جي ڏهه دفعا ساڳي شاهدي ڏيان ته، ڏهني بيانن جا ڏهه ئي اظهار هڪ ٻئي کان مختلف هوندا، جيتوڻيڪ حاصل مطلب ساڳيو هوندو.

ان بعد لوناولا جي هوءَ ڪرسچن ملي، جنهن جي اکين ۽ زندگيءَ ۾ اوندهه هئي ۽ مون سان ملي به اوندهه ۾.

جيپور ۾ گهنشام پمناڻيءَ سان ناچ ڏسڻ ويس. واچ ۽ منڊي نارايڻ ڀارتيءَ کي ڏنم ۽ کيس پرچي ۾ پنهنجو  ”واچ- منڊي سيڪريٽري، سڏيم، جو پاڻ نه هليو. اتي هڪ راجپوت نرتڪيءَ سٺو ناچ ڪيو ۽ راڳ ڳايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org