مون آگري اسٽيشن تي ٺڪر جي گلاس ۾ کير پيتو. گلا
ڦٽو
ڪيم
ته هڪ ٻار ان کي کنيو ۽ ان کي چٽڻ لڳو.
ڪپڙا
ڦاٽل. هڪ ٻار او هنيري جي چترڪار ڏٺو. کيس
ٻه چتر ڪڍڻا هئا. هڪ ان ٻار جي جنهن ۾ مسيح جي
منهن جي معصوميت هجي، جيئن هو ان کي خدا ڪوٺي. هڪ
ان وحشي مرد جو، جيڪو شڪل مان شيطان لڳي.
هن هڪ ٻار ڏٺو.
کيس
اسٽوڊيو ۾ وٺي ويو. ڏهه ٻارنهن ڏينهن محنت ڪيائين.
خدا
جو چترتيار، پوءِ پندرنهن ويهه سال
ڪو
ماڻهو نه مليس
جو
کيس تسلي ڏئي ته هن جي شڪل شيطان جهڙي آهي. آخر هڪ
ڏينهن کيس اهڙو ماڻهو به مليو.
کيس
ساڳئي اسٽوڊيون ۾ وٺي آيو.
ساڳي
ويهڻ جي جڳهه.
ماڻهوءَ پڇيس، ”سائين، پندرهن ويهه سال ٿيا، اوهان
ان کي اسٽوڊيو ۾ هڪ ٻار جو چتر ڪڍيو. اهو ڪير هو؟“
”اهو
منهنجو خدا هو.“
”منهنجو
چتر ڪهڙي نالي هيٺ سڏبو؟“
”شيطان.“
”سائين،
مان ئي اهو ٻار آهيان.“
او هنيري ڪجهه ان ريت اُتي
ڪهاڻي ختم ڪئي آهي. هو ترقي پسند نه هو جو لکي ته
ٻار غريب ۽ يتيم هو.
هن کي حالتن خدا مان شيطان بڻائي ڇڏيو. اسان جي
لڙائي حالتن سان آهي. حالتون بدلايو. هڪ به ڪنگال،
اڻپڙهيل ۽ بيمار ٻار يا ڪو ماڻهو نه هجي هن دنيا
۾.
ماڻهوءَ کي پهرين پاڻ سان جدوجهد ڪرڻ گهرجي ته
مان،
مان حالتن جو مقابلو ڪندس ۽ پنهنجي خدائيءَ
۾ فرشتن
جيان هلندس. ڪا وڏي قرباني نه آهي. اوندهه دور ٿي
ويندي ۽ رستا صاف ٿي ويندا. هزار
سال
لڳي ويندا. مالهي ته پنهنجن پوٽن لاءِ به وڻ
پوکيندو آهي. جو ڌرم. مذهب، سياسي نظام، فلسفو يا
واڌ،
ڪابه
جماعت، ڪي به شخص، انسانن، قومن، جاتين، فرقن،
رنگن ۽ جنسن جا فرق ٻڌائين ته کين نه ٻڌو. اوهين
اڳيان
نٿا
هلي سگهو ته، ان ماڻهوءَ پٺيان هلو جو هر طرح جي
برابري، انساني برادري، امن،
اتحاد ۽ ترقيءَ جو حامي آهي. جي ماڻهو فقط ٻه چور
آهن ۽ اوهان کي انتخاب نه آهي ته،
ننڍي چور پٺيان هلو. اهو ننڍو چور جڏهن اوهان
کي
ڏسندو ته کيس پاڻ بدلڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو. پر جي
ٻئي ماڻهو سٺا آهن ته وڌيڪ سٺي ماڻهوءَ پٺيان هلو.
گهر ۽ گهٽيون سنڀالبا ته شهر ۽ ملڪ
ٺهي پوندا ۽ دنيا آرام سان ساهه کڻي رهڻ لائق
ٿيندي.
سپنن
۽ حقيقتن ۾ وڏو فرق آهي. حقيقتون اڪثر سپنن کي مار
ڪڍن.
سڄو
ادب ان مار جي شاهدي آهي. پر حقيقتون سپنن ۾ تبديل
ٿي سگهن ٿيون. روس جي
انقلاب جي وات مان اڃا ڇٺيءَ جو کير وهي رهيو آهي.
اهو انقلاب خود انسان
جي
آزد سوچ جو محافظ ٿيندو، جو اڃا نه ٿي سگهيو آهي،
جو
ان انقلابي ٻار جي چوڌاري واڳو وات کولي بيٺا آهن.
اهي واڳو ڌرم مذهب، اڳئين جنم جي ڪرم، قيامت جي
خوابن وغيره جا چهرا پائي،
اسان کي ٺڳي رهيا آهن. اها ڳالهه اسان کي ضروري
سمجهڻ گهرجي. هيءَ
سڄي
ڌرتي خوبصورت
۽ سڀ
ماڻهو ڏاڍا سٺا آهن، پر مختلف نظامن جي اثر هيٺ،
اسين سڀ هڪ ٻئي لاءِ گونگا ٻوڙا ۽ انڌا آهيون.
جرمن
مري يا انگريز، ماڻهو ته
ٿا مرن!
قوميت
تاريخ جي بيهودگي آهي. اسين ڀت جي ڪنهن خسيس نشان
تي نظر ڄمائي تاريخ تي ڪجهه غور ڪريون ته،
ان نشان مان هڪ آدرش جو جنم ٿي سگهي ٿو ۽ ان آدرش
لاءِ ڪيل جدوجهد اسان جي زندگيءَ کي معنيٰ بخشي
سگهي ٿي.
ذاتي زندگيءَ ۾ مون ڏٺو ته دنيا لاءِ نه، ته
هندستان لاءِ هڪ اندرا گانڌي، آهي، جا ماڻهن جو
ڀلو ڪري سگهي ٿي. پر جنتا سرڪار کيس جيل ۾ وجهڻ
لاءِ آماده آهي. سوچيم ته ان عورت جا هٿ مضبوط ٿيڻ
گهرجن. ڄار ۾ ڦاٿل شينهن کي ڪڏهن ڪوئا به ڪم ايندا
آهن.
ڪا
ته انتر راشٽريه
سازش
ضروري هئي جو شيخ مجيب جو خون ٿيو. انڊيا ۽
سريلنڪا ۾ اندرا
گانڌيءَ، سريمائون بندرا نائيڪي جو
راڄ
ختم
ٿيو ۽ اسان جي پاڙي ۾ به اهڙا واقعا ٿيا. اهو سڀ
اٽڪل ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾
ٿيو. انهن چئني ملڪن ۾ جمهوريت جو راڄ
هو ۽ چارئي ملڪ آمريڪا ۽ روسي بلاڪ کان ٻاهر. چئني
ملڪن جا اڳواڻ عوام ۾ نهايت مقبول. ۽ مان اندرا
گانڌيءَ سان گڏيس. پهرين اندرا گانڌيءَ کي الهاس
نگر وٺي آيس،
۽ پوءِ سندس گهر ونسينٽ ڪريسنٽ ۾ گڏيس. مارچ
1978ع
۾ مهاراشٽرا ۾ اسمبليءَ جون چونڊون هيون. الهاس
نگر مان پرچو وديارٿي اميدوار بيٺو. هتي جنتا جي
لهر. اندرا گانڌيءَ کي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٿي گاريون
مليو. مان اندرا ڪانگريس جو سيڪريٽري. هتي جي صدر،
بمبئيءَ لکي موڪليو ته جي اندرا هتي اچي ته، اسين
کيس سٺ هزار روپين جي ٿيلهي پيش ڪنداسين. اهو،
نائب صدر ۽ مان ڪار ۾ بمبئي اليڪشن آفيس ۾ وياسين،
جا سي سي آءِ چئمبرس ۾ هئي. مون ٻنهي ليڊرن کي چيو
ته اندرا کي الهاس نگر آڻڻ لاءِ مان ڳالهائيندس،
باقي ڳوٿريءَ وغيره جي ڳالهه اوهان ڪجو. اُتي صدر
رام راءُ آدڪ ۽ مهاراشٽر اليڪشن ڪاميٽيءَ جو
سيڪريٽري موهن پنجابي ويٺا هئا، جن ٻنهي سان مان
ڪڏهن گڏيو نه هوس.
”اوهان کي ڇا کپي؟“ رام راءُ پڇيو.
”اسين چاهيون ٿا ته شريمتي اندرا گانڌي الهاس نگر اچي.“
”هوءَ بمبئي اچي ٿي. سندس گشت ۾ الهاس نگر جو پروگرام ڪونهي.“
هن خنڪيءَ مان چيو.
مون تيز ٿي پڇيو، ”ڇو؟“
هو وائڙو ٿي ويو.
”ڇو اندرا گانڌيءَ جو الهاس نگر ۾ پروگرام ڪونهي؟ ڇو ته اسين
پناهگير آهيون؟ الهاس نگر سڄي انڊيا ۾ وڏي رفيوجي
ڪئمپ آهي. ڇو اڄ تائين اتي هندستان جو ڪوبه
وزيراعظم، مسٽر نهرو، لعل بهادر شاستري ۽ اندرا
گانڌي نه آيا آهن، ڇا اسين انڊيا جا سيڪنڊ ڪلاس
سٽيزن، هڪ بي گهر قوم آهيون. ڇو اوهان کي سنڌين جي
جذبات جو قدر نه آهي؟“
هو چپ. موهن پنجابيءَ پڇيو، ”اوهان جو نالو؟“
”موهن ڪلپنا.“
”اوهين ته اسان جي ٻوليءَ جا وڏا ليکڪ آهيو!“
”اوهان جو نالو؟“
”موهن پنجابي.“
”اوهان به ته ڪراچيءَ ۾ ڪتاب گهر کوليو ۽ ڪافي انقلابي ڪتاب
ڪڍيا.“ هو خوش ٿيو. مون کي ڀاڪر پاتائين. صدر آدڪ
کي چيائين، ”هن جي دليل ۾ وزن آهي. سندس ڳالهه
مڃو.“
”مون کي گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه هزار ماڻهو کپن. فئبروريءَ جون ٿڌيون
آهن. اندرا جي رات جو ڏهين کان اڳ اچي نه سگهندي“
”مان لک ماڻهن جو بندوبست ڪندس.“
سو ها ڪيائين. چيائين، ”اوهان وڏي چندي لاءِ لکيو هو.“
چيومانس، ”اندرا اچي ٿي، مون لاءِ ايترو ڪافي آهي. باقي ٻين
ڳالهين لاءِ هنن ٻن سان ڳالهايو.“ هنن به جذبي ۾
سٺ هزار رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ٻن ڏينهن بعد
اندر الهاس نگر اچڻي هئي. اڳواٽ ئي مون گول ميدان
بوڪ ڪرائي ڇڏيو هيو، جتي ٻن لک ماڻهن جي ويهڻ جو
بندوبست هو. تاريخ اهائي، جنهن تاريخ تي اندرا
اچڻي هئي، جو اندرا جي گشت جا پروگرام مهينا اڳ
طئه ٿيندا آهن. مون ساڳي بمبئي گشت جي تاريخ واري
تاريخ لکي. پٺيان جنتا پارٽي وارن پرڏيهي وزير
باجپاءِ لاءِ به ساڳيو ميدان، ساڳي تاريخ، ساڳئي
وقت بوڪ ڪرايو ۽ ان جي ڏاڍي پبلسٽي ڪيائون. واپس
موٽي اسين ٽيئي ميونسپل ائڊمنسٽريٽر سان گڏياسين.
مون کانئس وڙهي، تحريڪ هلائي، الهاس نگر ۾ شاهه
لطيف جي نالي رستو ورتو هو. چيائين، ”ڪلهه اهو
گرائونڊ جنتا پارٽي وارن باجپاءِ لاءِ ورتو آهي.
راڄ هنن جو آهي، مان ڇا ڪريان؟“
چيومانس. ”هي منهنجو خط ۽ پنهنجي رسيد ڏس. اسان ميدان اڳواٽ بوڪ
ڪرايو آهي. اسان جو ميڙ اتي ٿيندو. هڪ وقت ٻه ليڊر
ساڳي جڳهه تي ايندا ۽ لکين ماڻهو هڪ هنڌ جمع ٿيندا
ته، ڪافي دنگو فساد ۽ مارڪٽ ٿيندي. غلطي تنهنجي
ظاهر ٿيندي. نوڪري به وڃائيندين ۽ شايد جيل به
وڃين.“
صدر دينچند ڪالاڻيءَ چيس، ”اسين اڄ ئي توکي گهيرائو ڪنداسين ۽
اخبارن ۾ خبرون ڏينداسين.“ نائب صدر هريرام بهراڻي
چيس، ”راج برابر جنتا پارٽيءَ جو آهي، پر اسين
مقابلو ڪنداسين. هوش کان ڪم وٺ ۽ انصاف موجب هل.“
هن جنتا پارٽيءَ وارن کي کلي موڪليو ته ميدان اندرا گانڌيءَ جي
ماڻهن اڳواٽ بوڪ ڪيو آهي. شهر ۾ ٿرٿلو مچي ويو.
باجپاءِ کي لاچار چاندي ٻائي ڪاليج ٻاهران وڃي
تقرير ڪرڻي پئي. مان پبلسٽي انچارج به هئس. مون
سنڌيءَ ۾ هڪ پترو لکيو ۽ ان جو هندي، مراٺيءَ ۽
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرايم. چاليهه کن آٽو رڪشائون
هڪ ڏينهن لاءِ ڀاڙي تي ڪرايم ۽ ڊومبليوي، ڀيونڊي،
ڪلياڻ، الهاس نگر، امبرناٿ ۽ ڳوٺن ۾ موڪليم. ان
شام اتي اٽڪل ٻه لک ماڻهو جمع ٿيا. باجپاءِ جو
پنهنجو جادو آهي، سو وٽس پنج ست هزار ماڻهو ويا،
جنهن لاءِ چيائون ته پندرهن ويهه هزار ماڻهو آيا.
اسين اسٽِيج تي فقط ڇهه ڄڻا. پرچو وديارٿي،
دينچند، هريرام، سٽيزن فرنٽ جو گوپ بهراڻي، جنهن
وديارٿيءَ کي مدد ٿي ڪئي، والنٽير پارٽيءَ جو
نارائڻ ڪالاڻي ۽ مان. مهارشٽر جو سابقه مکيه وزير
وسنت دادا پاٽل به آيو ۽ ڌوتين ۾ هٿ وجهي ڏاڪڻ تان
هيٺ لٿا ۽ چڙهيا ٿي. آسمان ۾ هڪ گونج: اندرا گانڌي
زندهه باد! اندرا آگي بڙهو، ديش تمهاري ساٿ هئي!!
ڇهين لڳي کان ماڻهن اچڻ شروع ڪيو. اٺين لڳي ٻه لک ٿي ويا، جو
تخمينو به ٽائيمس آف انڊيا جي ضلعي انچارج پترڪار
سهسر لڳايو. ماڻهو ماڻهن سان لڳي ويٺا هئا. رستا
ماڻهن سان ڀريل. ٿڌ ۾ ماڻهن کي هلڪي ٿيڻ جو خيال
اچي ته اٿي نه سگهن. اسان به مختصر تقريرون ڪيون.
هرڪو پنج ڏهه منٽ ڳالهائي. اٽڪل ويهن ڄڻن ڳالهايو.
ڳالهائيندڙ کٽي ويا، پر اندرا جو پتو نه ٺهي.
اسٽيج تي ماڻهو تقرير ڪرڻ بعد اتي ويهندا وڃن.
اسٽيج کي ويهه کن ماڻهن کڻڻ جي طاقت هئي. زمين کان
ويهه فوٽ مٿي، هيٺ اَٺَ ڏنڊا ۽ بينچون. جيئن ته
اسٽيج ڌڏڻ لڳي، سو مون نارائڻ ڪالاڻيءَ جي انقلاب
پارٽيءَ جي ڪن جوانن کي چيو ته، اندرا ايندي ته ڪي
ٻيا به ماڻهو مٿي چڙهندا ۽ شايد ڪي مخالف زورلڳائي
اسٽيج هيٺ ڪيرائي ڇڏين، سو اندرا اچي ته اوهين
بئنچن مٿان ويهي پنهنجا مضبوط ڪلها اسٽِيج کي ڏجو.
جيئن اندري ڪري ته ڇا لڏي به نه. اندرا گانڌي رات
جو ٻه لڳي ويهن منٽن تي آئي. اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو
اهو سوچي ته هوءَ ڪڏهن هتي نه آئي آهي، هاڻ به نه
ايندي.، موٽي ويا. سندن گهر به پري هئا ۽ ٿڌ سبب
شايد پائليٽ به وڃڻو هئن. ڪٿي هلڪو ٿيڻ جي جڳهه ئي
نه بچي. ماڻهو پاڻ خراب اثر کڻي ويا ته سندن قيمتي
وقت وڃايو ويو آهي، پر اهو نه سوچيائون ته هوءَ هڪ
عورت ٿڌ ۾ آڌي رات جو آئي ته سهي، اتان چيمبور ۾
صبح جو چئين لڳي تقرير ڪيائين ۽ صبح جو جهاز ۾
چڙهي دهلي هلي وئي.
هوءَ آئي ته ڏاڍا نعرا هنيائون. دينچند ڪالاڻي کيس وٺڻ لاءِ هيٺ
لهي ويو. مٿي مان کيس نمسڪار ڪري گڏيس. هن جي
ڀرسان بيٺس ۽ ويٺس. ڪافي فوٽا به نڪتا. هوءَ جڏهن
مائيڪ اڳيان بيٺي ته مون چيومانس، ”اندراجي، سڄو
ديش اوهان سان گڏ آهي. اسين ڪڏهن به اوهان کي ڪِرڻ
نه ڏينداسين.“
مون ڏانهن نهاري چيائين، ”ڏسو هيءَ اسٽيج ڌڏي رهي آهي.“
چيومانس: ”اسان اسٽيج هيٺيان به پنهنجا ماڻهو ويهاريا آهن. اسان
جي ڀارت ماتا هيٺ نه ڪِرندي.“ شايد هڪ کن هن مون
ڏانهن گهور ڪري نهاريو ۽ شايد منهنجي چهري جي
اُڪار ريکا پنهنجي من جي ڪنهن خالي حصي ۾ اتاري
ڇڏي، جو جڏهن دهليءَ ۾ گڏيومانس ته هن مون کي ڏسي
مشڪيو ۽ مون سان بي تڪلفيءَ سان اهي ڳالهيون ڪيون،
جن مان ڪي انتر راشٽيه اهميت رکن ٿيون ۽ اڃان
تائين ڪٿي ڇاپي هيٺ نه آيون آهن.
اندرا گانڌيءَ به فقط نوَ منٽ تقرير ڪئي. ڪافي ٿڪل هئي.
ڪيتريون راتيون جاڳي هئي ۽ بعد ۾ به جاڳي آهي.
ماڻهو به هن تي چريا آهن، پر سندس اوسي پاسي
گهڻائي گهٽ دماغ ماڻهن جي آهي. کيس عام ماڻهن جي
درد جو احساس آهي. وڏو دماغ. چٽي سوچ. جرئت، ظرافت
۽ بي ڊپائي هن جون خاص خوبيون آهن. هن جي شخصيت کي
پنهنجو جادو آهي. من جي ڳالهه مشڪل چوي. ڪسنجر ۽
نڪسن به هن جو من پڙهي نه سگهيا. خود برزنيف به
کيس صحيح معنيٰ ۾ پرکي نه سگهيو. جيتوڻيڪ هندستان
۽ روس ويهه سال دوستيءَ ۽ صلح جو عهدنامو ڪيو آهي.
هندستان ۾ پٺتي سوچ واري جنتا پارٽي راڄ ۾ آئي ته
ان راڄ آڻڻ ۾ ڪجهه برزنيف جو به هٿ هو، پر کيس
پنهنجي ان غلطيءَ جي خبر تڏهن پئي هوندي، جڏهن
جنتا سرڪار جي پرڌان منتريءَ پهرين ڪانفرنس ۾ چيو،
”اسان کي ته نه کپي، روس کي کپي ته ڀلي صلح ۽
دوستيءَ جو عهد نامو قائم رکي، اسان جي پرڏيهي
نيتي سچي پرڏيهي نيتي ٿيندي.“ جا اجائي ٻٽاڪ
هنيائين ۽ پنهنجي مختصر راڄ ۾ نهروءَ ۽
اندراگانڌيءَ واري بنهه ساڳي پرڏيهي نيتي قائم
رکيائين.
ڇهن مهينن جي اندر ڪانگريس جي ميمبري دوران ميونسپل اليڪشن ۾
بيٺس. گهر گهر ويس. تقريرون ڪيم. ان وقت گيتا ڏهن
سالن جي هئي، هن به آٽو رڪشا ۾ ويهي مائيڪ تي
تقريرون ڪيون. ٻين اميدوارن رات جو گتا کوليا. ووٽ
خريد ڪيائون. منهنجو خرچ فقط ست سئو چاليهه رپيا
آيو. سمجهيم ته کٽندس ڪونه ۽ هٿ کڻڻ تي مون کي سٺن
پئسن جي آڇ به ٿي، جا مون قبول نه ڪئي ۽ مون
اليڪشن هارائي. مون کي افسوس ٿيو ته پارٽيءَ طرفان
اتي هڪ به ميڙ نه ٿيو ۽ ميمبرن جي گهڻائي چڱن
ماڻهن جي نه هئي، ان ڪري دهليءَ کان موٽي استعيفا
ڏنم، ان ڪري جو پاڻ سان واعدو ڪندس، اهو پورو ڪيم
ته اندرا سزا کائي جيل ۾ نه وڃي. اندرا شاهه ڪميشن
۾ قسم کڻڻ کان انڪار ڪيو ته ڀارت جي پرڌان منتريءَ
هوندي، مون وڌان موجب ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ رازن
کي ڳجهه ۾ رکڻ جو قسم کنيو آهي، ان ڪري مٿس ڪا
ڪارروائي ٿي نه سگهي ۽ هوءَ عوام کي پنهنجي پاسي
ڇڪي ويئي. کيس چونڊن ۾ زبردست ڪاميابي ملي، ان بعد
هوءَ اڃا ڀارت جي پرڌان منتري آهي. |