سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: بک عشق ادب

باب: --

صفحو : 23

هوءَ پمناڻيءَ وٽ ويٺي ته هن چيس: هٽ. هتي نه! مون چيومانس: تون مون وٽ اچ، هتي. هوءَ آئي. گوڏا کوڙي اڳيان ويٺي. مٺيون مٿي طرف ڪندي، چيلهه لوڏي، هن ٺونٺيون مون ڏانهن وڌايون. نظرن، پلڪن ۽ ڀرن سان قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. وري اٿي. پٺيان ويئي. هڪ چڪر کاٻي، هڪ چڪر ساڄي. پمناڻيءَ ۽ مون هڪ ٻئي مٿان رپئي رپئي جا ڪافي نوٽ گهوريا ۽ پوءِ ٻيءَ ڪوٺيءَ مان هڪ ٻار جي روئڻ جو آواز آيو. هوءَ ٿورو ٿڙڪي ۽ پاڻ سنڀالي ويٺي.

مون سوچيو: هن سنسار ۾ اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن اهي عورتون پئسن يا معاشي سلامتيءَ لاءِ نه نچنديون، جسم نه وڪڻنديون. لعنت آهي مون تي. مان هڪ عورت جي  مجبوريءَ کي پنهنجي عياشيءَ جو شڪار بڻايان. مون ته ڪا ٻي دنيا بنائڻ جو سوچيو هو. عورتن جي پوڄا ڪجي. عورتن سان پيار ڪجي. ڪابه مهرباني نه. هڪ اهو نظام جتي کين اقتصادي آزادي هجي. پنهنجي مرضيءَ سان هو ڪجهه به ڪن.

”برسات“ فلم ۾ اهڙو ئي هڪ منظر آهي. راجڪپور، پريمناٿ کي ٻاهر ٿو وٺي وڃي ۽ چوي ٿو: هوءَ ماءُ آهي.

مون ۾ به ساڳيو احساس جاڳيو. دنيا ڪڏهن ٿي بدلجي. اهو ته دعويٰ سان چوڻ مشڪل آهي، پر مان اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته باوجود سماجڪ نابرابريءَ ۽ ارٿڪ غير سلامتيءَ جي ماڻهو پاڻ کي بهتر بڻائي سگهي ٿو. ان بهتريءَ جي آدم سان گڏجي نظام بدلائڻ جي شعوري ۽ اجتماعي جدوجهد ڪجي ته وڏو انقلاب برپا ٿي سگهي ٿو. انقلاب جي شروعات ماڻهوءَ کي پاڻ وٽان ڪرڻي آهي.

نظام نٿي بدليو ۽ ائين مون لکنؤ ۾ لعل پشپ سان، بئنگلور ۾ اڪيلو، ڪيترن شهرن ۾ ڪيتريون شامون ان تاريڪ دنيا ۾ گذاريو. مدن جماڻيءَ شڪيلا بابو ڀوپاليءَ سان واقفيت ڪرائيم، جنهن کيس ڀاءُ بنايو هوم. شڪيلا ڳائيندي ائين ڪري، ڄڻ پٽ تي ريشمي رئو ڪريو.

ان ڪري ”سرءُ جا پن، پيلا پوپٽ“ ۾ موهن پشپا کي چوي ٿو: ”هو عورتون نه آهن. لاش آهن.“ ۽ هڪ هنڌ: ”مون هنن جو زهر ۽ هنن منهنجو رت پيتو آهي.“

ان طرح ڪيترن شهرن ۾ مون زهر پيئڻ جي خواهش ڪئي، ۽ ان ڪري مون ”آئيني اڳيان“ ۾ لکيو: ڪيترين حالتن ۾ مون زهر پيتو آهي ۽ مون اهي گلاس به کاڌا آهن ۽ انهن شيشن سان منهنجو سڄو اندر چيرجي ويو آهي ۽ مون به مجاز جيان چوڻ چاهيو ٿي:

إۑ ڡڶ ڈڵ ڦۑإ ڦڎۆڷ ۆقڛج ڈڵ ڦۑإ ڦڎۆڼ

ڐۑښج ڦۆ آۆإڐ ڈۆڼ ۑإ ڶۆج ڦۆ آۆإڐ ڈۆڷڼ!

مون کين ”هٽو، مون کان پري ٿيو“ ۾ ايوننگ وائيوز ۽ هڪ ڪوتا ۾ ”اڌ ڪلاڪي پريتمائون“، ڪوٺيو آهي. مون ڪڏهن به هنن کان نفرت نه ڪئي آهي ۽ منهنجو من هنن لاءِ رنو آهي.

شڪيلا بانو ڀوپاليءَ سينگار ٿي ڪيو. مدن جماڻي هن روم ۾ ويو. کيس مون بابت ڪجهه چيائين ۽ پوءِ اپٽا جي ريهرسل لاءِ هليو ويو. مان اڌ ڪلاڪ کن اوطاق ۾ ويٺو هوس، جتي منهنجي واقفيت ڪن شاعرن سان ٿي، جي شڪيلا لاءِ ڪلام لکندا هئا. مون بابت ٻڌايائون ته ليکڪ آهي ته هڪ شاعر پڇيو،

”سنڌيءَ ۾ غزل ڪيئن ٿو لکيو وڃي؟“

چيومانس، ”سنڌي شاعرن، غزل مان مئنا ۽ ساغر، گل ۽ بلبل، شمع ۽ پرواني، چنڊ تارن، ساقين ۽ رقيبن کي ڪڍي ڇڏيو آهي. سنڌي غزل ۾ تغزل بدران سوشلزم جو رنگ آهي.“

هڪ شاعر ڪرسيءَ تان ڪري پيو. کاٻي هٿ جون پنج ئي آڱريون ائين بند ڪيائين ڄڻ هٿ ۾ گلاس هوس. اهو هٿ مٿي ڪري اڌ اکيون ٻوٽي چيائين: ”غزل گلاب جي پنکڙي جيان نازڪ ٿئي ٿو ۽ جا پنکڙي فقط شبنم جو بار کڻي سگهي ٿي. پر سوشلسٽن انهيءَ مٿان ائٽم بم رکي ڇڏيو آهي.“

مون تمام وڏو ٽهڪ ڏنو. ان بعد ڪافي کليم. سوچيم اسان جي ادبي ڪلاس ۾ هجي ته، اسان جا ترقي پسند دوست سندس ڌڄيون اڏائي ڇڏين. مان حملي کي اڪثر رانديگر جي جذبي سان وٺان ۽ جلد تاءُ نه کاوان. اندران هڪ عورت آئي ۽ جنهن مون کي جهڪي آداب ڪيو. مون به کيس ان انداز سان سلام ڪيو.

چيومانس: سالن کان تنهنجو غزل ٻڌڻ چاهيان ٿو. چيائين: هوءَ اندر آهي. اوهان کي اندر سڏايو اٿائين. هينئر اوهان پئي کليو نه؟

 

 

ماهتاب محبوب، اڪبر علي دوڪان تان ڪافي چيزون ورتيون. هري موٽواڻي ۽ ڪلا جوهر به گڏ  هئا. کيس حيدرآباد جي ڪنهن اديب لاءِ دوا کپندي هئي ۽ مان هوا ۾. ڪيمسٽ بدران جنرل اسٽور ويس، سيلسمئن مشڪي چيو، ”هتي نه، سامهون!“ مون ان ريت ئي البته آهستي کليو هو، جو ماهتاب چيو: ”ڪاش، ڪئيسٽ ۾ اوهان جي کل ڀري وڃان“ شايد اهڙي کل عصمت چغتائي موهن راڪيش جي ٻڌي، جا ڳالهه ٽي ويءَ تي ٻڌايائين.

مون سمجهيو ته شڪيلا کي منهنجي اها مڪت کل وڻي هوندي. وري سوچيم ته اعليٰ سماج ۾ زور سان کلڻ کي بدتميزي سمجهبو آهي، سو شڪيلا شايد ناراض ٿي هجي. اسان وٽ باقي کل ئي ته بچي آهي. کل درد جي زال آهي. درد من ۾ هجي ته ڪنهن به ڳالهه تي کل اچي. هن اردو شاعر ائٽم بم جي ڀيانڪتا کي پنکڙيءَ جي نزاڪت جي ضد ۾ پيش ڪيو، ڄڻ خطرو ان جي بار مان آهي، خطرناڪ بارود مان نه.

مان چپ چاپ شڪيلا جي سامهون بيٺس. منهن تي ڪابه مشڪ نه. اکين ۾ سادگي، ڄڻ ڪا وڏي تمنا پوري ٿي هئي.

هن هٿ اڳيان وڌايو ۽ مون هٿ ڏنومانس ته، ان کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري اکين ۾ ائين نهاريائين، ڄڻ امبر محل ٿي ڏٺائين. شايد کيس ڏاڍو سٺو لڳس.

چيائين، ”اڄ ولڀ ڀائي پٽيل اسٽيڊيم ۾ منهنجو پروگرام آهي. تون مون وٽ اچج. مان تنهنجي سامهون ويهنديس. توکي غزل مٿان غزل ٻڌائينديس.“

پوءِ مون سان گڏ ئي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿي. ڪار ۾ ويٺي. خدا حافظ چيائين ۽ ائين به: پنهنجو خيال رکجو.

مان هڪ ڪنگال. هن کي ته مون مان ڪجهه ملي نٿي سگهيو. مدن جماڻيءَ، اسٽيج آرٽسٽ جي چوڻ تي ملي. پر ان ادب آداب ۽ دعا جو ڇا؟ انهن چند لمحن ۾ مان هن کان ڏاڍو متاثر ٿيس. پنهنجو خيال رکجو. ڪيڏي تهذيب، ڪيڏي شفقت.

ائين لعل پشپ ڪنهن شاردا نالي پرائيويٽ وي آءِ پي سان واقفيت ڪرائي ۽ هڪ دفعي هن چيو، ”ماڻهو اسان وٽ ڇو ٿا اچن؟ اهو سڀ ته کين گهر ۾ به ملي ٿو. پر اتي ان رشتي جي مرضي، ڪي جوابداريون آهن، جنهن سبب ماڻهو اڪثر پاڻ کان خفا رهن ٿا. هتي نه ڪلهه جي شڪايت، نه سڀاڻ جي جوابداري. نه موهه، نه ان جو درد. هتي ڪجهه به ڳالهائڻ ۽ ڪرڻ جي آزادي. ماڻهو ان چيز جو قدر ڪن ٿا ۽ اسان وٽ اچن ٿا.“

”اها ته هڪ طرفي آمد و رفت آهي. تون ڪجهه ڪرين ٿي، ٻڌين ٿي. ڇا هميشه ان ۾ تنهنجي مرضي شامل هوندي آهي.“

”اسين ته لاش آهيون. اسين هر رات جنم وٺون ۽ هر صبح مري وڃون. اسان جي ڪابه مرضي نه ٿي ٿئي. اسان جي ڪابه خواهش نه آهي. اسان کي ڪو خواب، ڪا اميد نه آهي. اسان وٽ ڪنهن جو انتظار ڪونهي. ڪوبه اسان وٽ نه ايندو. اسين آريسون آهيون، جتي ماڻهو پنهنجون تنهائون ڏيو وڃن. هو اسان سان نه، پنهنجين تنهائين سان ڳالهائيندا آهن. هو پاڻ سان مشغول رهندا آهن ۽ خوش ٿيندا آهن.“

۽ هن مشڪي ڏنو هو.

مون ڏٺو آهي ته هر ماڻهوءَ کي پاڻ ۽ زندگيءَ لاءِ ڪو نظريو ضرور هوندو آهي. ڪارل مارڪس چيو آهي: هر ماڻهوءَ جو شعور، هن جو سماجڪ وجود طئه ڪري ٿو. جيڪڏهن سماج تبديليءَ جي اصول تي ٻڌل نه هجي ته، سڀ ماڻهو ساڳيون ڳالهيون ڪن ۽ جيئن ته سماج ۾ ماڻهو الڳ پيشن ۾ ورهايل آهن ته هنن جو شعور به هڪ ٻئي کان الڳ ٿئي. ان ڪري ئي شايد تلسيداس چيو: تُلسي اس دنيا ۾ ڀانت ڀانت ڪي لوگ! موچي جوتن، حجام وارن جي ڳالهه ڪندو. شراب وڪڻندڙ چوندو: مان ماڻهن کي ننڊ ٿو ڏيان. پر زندگيءَ جي الڳ شجن ۾ ماڻهوءَ جو ڪهڙو شعور بيهندو؟ چيخوف جي ”ڊارلنگ“ ڪهاڻي ان جو مثال آهي. هن پنج اٺ مڙس بدلايا ۽ هر مڙس جي فلسفه حيات کي، ان گڏ گذاريل وقت ۾ پنهنجو فلسفو ظاهر ڪيو. اسين فنڪار ته سچ جي تلاش ۾ نڪري پئون ۽ الڳ الڳ جڳهين تي الڳ الڳ انڀو حاصل ڪريون. فنڪار ڪي پوليس وارا نه آهن جي ٿاڻي مان ڏنڊو کڻي نڪرندا ۽ چور کي پڪڙي، کيس ڏنڊا هڻي، پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪرائيندا. هو اهي جڳياسو آهن جي جبلن ٽڪرن تي ساڌو مهاتمائن جا قدم جهلي، امر سچ جا گفتا ٻڌندا ۽ ڪرتارٿ ٿي ويندا. فنڪار زندگيءَ کي ڏسڻ ماڻڻ چاهيندا آهن ۽ هو ڀوڳيندا آهن. هو جڳياسو آهن. سندن دل دماغ هميشه کليل رهندا آهن. اصول هڪ ته سچ سمجهڻو آهي. اصول خود ۾ ڪو سچ ڪونهي. مون کي اهي ماڻهو لنگڙا لڳندا آهن، جي زندگي ڀر هڪ اصول جو ڏنڊو کڻي هلندا آهن. ڪوبه واءُ يا نظريو زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري نٿو سگهي. زندگي ايتري وسيع، ايتري ڦهليل ۽ پيچيدي آهي، جو ان جا مختلف روپ ڏسڻ، ان جا ضد، اختلاف ۽ بيهودگيون سمجهڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي. مون ”رڃ ۽ پاڇا“ جي مهاڳ ۾ فقط هڪ سٽ لکي: زندگي ائين آهي، جيئن آهي. مون ان ۾ زندگيءَ بابت سڀ ڪجهه چيو آهي ۽ ڪجهه به نه چيو آهي، ڇو ته اها جيئن ۽ تيئن، پر آهي.

 

 

پنهنجي حالت ائين ته، خرچ کاءُ ۽ ڏئي الله! آهي ته ڪڍؤ، ناهي ته روزو. آفيس طرف اچ وڃ ٽئڪسيءَ ۾ ڪريان. ڀاڙو هڪ ميل جو اٺ آنا. روز رپيو ان تي خرچ. آفيس ۾ چانهه سنئڪس مفت. چار رسالا باسلسلي پڙهڻ لڳس: اينڪائونٽر، ٽائيم، ريڊرس ڊائجيسٽ ۽ انٽرنيشنل افيئرس. ڪيترا سال آمريڪي رسالو ”دي پرابلمس آف ڪميونزم“ پڻ وٺڻ لڳس ۽ راڄنيتي ۽ انترراشٽري مسئلن ۽ سوالن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. ڪڏهن ميران ٽئڪسيءَ ۾ لفٽ وٺندي هئي. هڪ دفعي کيس چيم ته، هاڻ گهڻو وقت ڪنوارا رهيا آهيون، اچ ته هڪ ٻئي سان شادي ڪريون. هوءَ ڳاڙهي ٿي ويئي. هن چيو، ”مون کي ان مڙس جي تلاش آهي، جيئن توکي چيو اٿم، جو ڇهه فوٽ ڊگهو هجي ۽ هن جو سورهن سو روپيا پگهار هجي.“ مان به پنج فوٽ ڏهه انچ هئس، پر پگهار فقط ٽي سئو. ڏک ٿيم ته شبانا کي ڇڏڻ بعد پنهنجي فيصلي تي قائم نه رهيس ته، مان ڪڏهن به شادي نه ڪندس. ٻن چئن مهينن کان پوءِ ميران منهنجي آفيس ۾ آئي. چيائين لنچ کاراءِ. مان کيس ڇايا ريسٽارنٽ فورٽ ۾ وٺي ويس. اتي هن چيو، هوءَ مون سان شادي لاءِ تيار آهي. مون چيومانس، ”ڇڏ ميران، اسين دوست ئي سٺا آهيون.“ شايد هن کي پنهنجي خواب کان منهنجي صداقت وڌيڪ اثرائتي لڳي. شايد مون چاهيو ته هوءَ پنهنجي ان خواب سان وفادار رهي. من وٽ پنهنجي ان وهنوار جي ڪابه منطقي سمجهاڻي نه آهي.

الهاس نگر ۾ ضيا صدر ۽ ڀارتي سيڪريٽري. ڀارتي قائم، ضيا جي موت بعد آنچل صدر. آخر ۾ سڳن صدر ۽ مان سيڪريٽري. پوءِ سنڌي ساهت سڀا گوبند ڀاٽيا جي هٿن ۾ ويئي ۽ ديال آشا ان جو دائمي سيڪريٽري. ان سڀا جو ڪم ورسي ملهائڻ رهيو ۽ اها ساهت بدران ورسي سڀا ٿي ويئي. گوبند ڀاٽيا به طرح طرح جا پکي پالڻ شروع ڪيا. سندس اوطاق ۾ ادبي ڪلاس بدران پکي ڪلاس لڳڻ لڳا.

اسان ٻي سنسٿا سنڌي رائيٽرس گلڊ ٺاهي ۽ ليکڪن کي سندن رچنائن تي اجورو ملي، اهو سوال هٿ ۾ کنيوسين. مان سيڪريٽري صدر، نائب صدر ڪير به نه. آنچل، ڦتن ۽ ايم سڳن، گنو، راجو ۽ سڳن آهوجا ان ۾ ڪافي سرگرم رهيا. بمبئي جي هڪ ميڙ ۾ موتي پرڪاش سٺي تقرير ڪئي: ”اوهين پنو وٺڻ لاءِ واپاريءَ کي، ڪمپوزنگ لاءِ ڪمپازيٽر کي، ڇپڻ لاءِ پريس واري کي، جلدبنديءَ لاءِ بائنڊر کي ته پئسا ڏيو ٿا، پر ليکڪ کي ڇو نه؟ ڪوبه پبلشر گهاٽي ۾ نه آهي. سڀ ليکڪ اسٽرائيڪ تي ويندا، جي اوهين اجورو نه ڏيندا، اسين اوهان کان ڪي لک ته نٿا گهرون. اسين ادب رستي رزوي نٿا گهرون، پر ايترو اجورو ته ضرور ملڻ گهرجي جو ٻيو نه ته ٻارن لاءِ ڪجهه وٺي سگهون. جيڪو به رسالو اسان کي اجورو نه ڏيندو، اسين ان کي پنهنجي رچنا نه ڏينداسين. اسان جو فيصلو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنج رپيا ڏنا وڃن.“

اهو اصول اي جي اُتم قبول ڪيو، پر متان مٿس الزام لڳي ته گلڊ جي تحريڪ جي اثر هيٺ آيو آهي، ان کان بچڻ لاءِ پنجن بدران چار رپيا ڏيڻ شروع ڪيائين. هڪ دفعي لعل پشپ مون ۽ گني وٽ آيو. چيائين: اُتم کي ادب جي وڏي ڄاڻ آهي. مون کيس ڪهاڻي ڏني. هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهو خاڪو آهي ۽ ايندڙ پرچي ۾ ڇپي ٿو. گني ڏاڍو کليو ۽ چيائين: چريا، اُتم کي ڄاڻ ڪونهي، يا تون بيوقوف آهين. هن توکي بنائي پنهنجا رپيا بچايا آهن ۽ جيئن ٻلي بجي تي، تيئن تون ان تي خوش ته تنهنجي رچنا نئين دنيا ۾ ڇپجي ٿي! لعل به استاد آهي. چيائين: اهي چار روپيا ڏاڍا مهنگا پوندس. دنيا کي چوندو آهي ته لعل پشپ ليکڪ ڪونهي. هاڻ پنهنجي ڌنڌوڙي ذهنيت سان پنهنجي پرچار کي پاڻ ٻنجو ڏيندو ۽ ٻلي جيڪڏهن هڪ بجي سان خوش ٿيندي آهي ته کيس چار ڏيڻ سان مونکي ڪو نقصان نه پوندو.

مان ڪونج جو ايڊيٽر ٿيس ته مون هر شاعر کي پنجويهه رپيا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ٻي رچنا لاءِ ڏهه پيا. (1960ع) مون هڪ پرچي ۾ فقط هڪ شاعر کنيو ۽ ان جا اٺ ڏهه شعر کنيا. پهرين آنچل. پوءِ راهي کنيم. ائين شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جا شعر به ڇپيم. راهيءَ جي شعرن ۾ ڪي پروفن جون چڪون ٿيون ته ساڳيا شعر وري ڇپيم. پوءِ مون گني ۽ راجوءَ کي به پاڻ سان کنيو. مون سوال جواب جو ڪالم سڳن آهوجا کي، تحريڪ جو ڪالم نارايڻ ڀارتيءَ کي، ادبي شخصيت جو ڪالم پاڻ کي ڏنو. مون جڳت آڏواڻي، منگهارام ملڪاڻي، عزيز، ڪيرت، اُتم تي ڪافي سٺا خاڪا لکيا، پر مالهي، شيام، سڳن ۽ آنچل تي لکڻ جو ارمان رهجي ويو. پوءِ سڳن تي ڪتاب ۽ مالهيءَ تي ليک لکيم. باقي شيام ۽ آنچل تي لکڻ جو ارمان اڃا پورو نه ٿيو اٿم.

گوبند مالهيءَ سان گفتگو ۾ راجن چاولا ادب ۾ طوفان پئدا ڪيو. گني، ادب تي ڪميونسٽ پرچار جي غلط عناصر خلاف بدليل زبردست سمپادڪي ليک لکيا ۽ ڪرشن راهيءَ جڏهن هند چين سرحد تي اوچي معيار جو ليک لکيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسنديءَ پنهنجي مناسبت وڃائي ڇڏي ۽ ٻه سال پوءِ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اُتم، ”سنڌو ڌارا“ ۽ ”نئين دنيا“ ۾ منهنجي خلاف وڏا ليک لکيا ته مون ”سنڌي اديبن ۾ نظرياتي ڪمشمڪش“ ڪتاب لکيو، جنهن کي پريم ابيچنداڻي سنڌي تحريڪ جو بائبل سڏيندو آهي. اهو ڪتاب پڙهي ڪيرت ٽي مهينا بيمار ٿي پيو، اهو ڏسي اُتم اهو ڪتاب پڙهيو ئي ڪونه ۽ سندس چوڻ موجب هن اڃا تائين اهو ڪتاب نه پڙهيو آهي.

هري موٽواڻي منهنجي ذهانت ۽ جرئت سبب مون ڏانهن ڇڪيل هو. پر وڏا اجورا ڏيڻ سبب کيس نقصان هڪ طرف، ته ترقي پسندن جي پڇ لٽڪائڻ جي بڇ ٻئي طرف پريشان ٿي ڪيو. هري موٽواڻي ننڍي هوندي اردو ليکڪن جي دوستيءَ ۾ رهيو ۽ سنڌيءَ ۾ سڳن آهوجا ۽ جيوت چاولا سان گهڻو وقت گذاريائين. ان ڪري هن ۾ تمام سٺو ادبي ذوق پئدا ٿيو ۽ هن ڪونج پبليڪيشن طرفان تمام سٺا ڪتاب ڇپايا آهن. منگهارام ملڪاڻي جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، راهيءَ جو ”ڪماچ“ گني جو ”اپراجتا“ ۽ مالهيءَ جو ”پيار جي پياس“ ساهت اڪادميءَ جا انعام حاصل ڪري چڪا آهن. ڪونج ۾ کيس جيوت چاولا هڪ ٻه اشتهار روسي ايلچي خاني ۾ وٺي ڏيندو هو، پر جو ظاهري ليک لڳندو هو.

ڪيرت هڪ دفعي ادبي ڪلاس ۾ ڪونج تي بحث رکايو ته ان ڪيئن ادب ۾ غير ترقي پسند لاڙا پيدا ڪيا. ڪيرت چيو: مان ڳالهائيندس. مون چيو: مان به ڳالهائيندس. ڪيرت منهنجي چهري جو ٽامو ڏسي چيو ته، مون کي ڳالهائڻو ڪونهي، مان فقط ٻڌائيندس ته مان ڇو ڪونج تي ڳالهائڻ کان انڪار ٿو ڪريان. مون چيو ته مان جواب ڪونه ڏيندس، پر ٻڌائيندس ته مان ڇو ٿو جواب ڏيان. ڪيرت کلي چيو: تون سڌرندين ڪونه. مون چيو: نديءَ ڪناري رهي واڳن سان وير نه رکجي، ته بهادري ڪهڙي! مالهيءَ چيو: تون پٽيءَ جي هيٺان ڌڪ ٿو هڻين. چيومانس: مون تي چيتو حملو ڪندو ته مان کيس گولي هڻي ماريندس ۽ مان اهو نه ڏسندس ته کيس اها گولي پٽي جي  هيٺان ٿي لڳي يا مٿان.

مان هڪ سال، منگهارام ملڪاڻي ٻيو سال، ليکراج عزيز جي صدر پڻي هيٺ منڊل جو سيڪريٽري ٿيس. ادبي ڪلاس ۾ جدا جدا ڪمن لاءِ جدا جدا ڪاميٽيون ٺاهيم. ناٽڪ ڪاميٽي، ڪنوينر ڪرشن راهي، ساهت اڪادمي ڪاميٽي، پوپٽي هيراننداڻي. اجورو ڪاميٽي، راجن چاولا. هند سنڌ فنڪار گشت ڪاميٽي. سنڌي ٻولي تسليمي ڪاميٽي، وغيره. ڀارتيه گيان پيٺ سان به لکپڙهه ڪئيسين ته، اهي سنڌي ٻوليءَ کي به هڪ لک انعام لاءِ تسليم ڪن وغيره.

منڊل بمبئيءَ ۾. مان پهريون پناهگير هوس جو ڇانوڻيءَ ۾ رهندي، منڊل جو سيڪريٽري ٿيس. مون ليکڪن جون شامون ملهائڻ شروع ڪيون. پوءِ ان جو عنوان شامت بنجي ويو. سڳن آهوجا جي شام وقت عزيز صاحب، سڳن تي سخت تنقيد ڪئي. هن سڳن جي زبان، فن ۽ گرامر جون چڪون ٻڌايون. سڳن شعر پڙهيو:

منهنجي غم جي توکي خبر آ

حال نه پڇ، گر اڄ بهتر آ!

عزيز چيو، ”ڇا بهتر آهي، حال، يا غم؟ هن شعر ۾ اِهام آهي.“

لعل پشپ چيو، ”اِهام سان شعر صديون زندهه رهندو آهي.“

عزيز جوش ۾، ”توکي ٻوليءَ جي خبر آهي؟“

لعل پشپ کلي، ”مون کي ٻوليءَ جي خبر هجي ها ته مان ليکڪ ڪيئن ٿيا ها؟“

”تون ليکڪ آهين؟ اڃا طفل مڪتب آهي.“

لعل پشپ ماٺ ٿي ويو، جو کيس شايد طفل مڪتب جو معنيٰ نه آئي ۽ شايد اهو مطلب ڪڍيائين ته عزيز جي راءِ ۾ هن ادب ۾ اڃا طبلا ٿي وڄايا جا ڳالهه شايد کيس غلط طور صحيح لڳي. لعل  لاجواب ٿيندو آهي ته سگريٽ دکائي کنگهڻ شروع ڪندو.

عزيز چيو، ”سڳن شاعري ٿو ڪري يا هاٿيءَ تي چڙهي ڇيڻا ٿو ميڙي!“

مون، راهيءَ ۽ گني، سڳن جي ڪلام جي اهميت ٻڌائي، پر عزيز چوي ته اوهين جاهل آهيو. اڃا اوندهه ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻو. عزيز چيو، ”اِهام چئن قسمن جو ٿيندو آهي.“ هڪ لفظ ٻه معنائون ٻڌائي. مرهم ڪي لئي گئي مرهم ڀي گئي. اتي شعر چٽو آهي. هڪ لفظ هڪ هنڌ ملم ته ٻِئي هنڌ اسين مري وياسين آهي. ٻيو اِهام اظهار جو خبر نه پوي ته شاعر چوڻ ڇا ٿو چاهي. جيئن سڳن جو شعر آهي ته حال بهتر آهي. ٽيون اهام نڪتن جو ٿيندو آهي ته آخر شاعر خيال ڪهڙي نڪتي ته ٻڌو آهي. چوٿون اِهام بيان جي اهميت تي هوندو آهي.

مثلاََ: هن هفتي هئزيز، بيوس تي سخت نڪتچيني نه ڪئي! يعني اڳئين هفتن ۾ ڪئي هئائين. اهو شعر جو سقم آهي.“

عزيز جي ڄاڻ به زبردست ته شخصيت به. ان ڪري ڪڏهن ارهه زورائي به ڪري. آنچل جو هڪ شعر آهي:

تو جڏهن تڙپندو ڏٺو هوندو مون کي

تو منهنجي ميز کان تصوير هٽائي هوندي.

عزيز چيو، ”پهرين  ڳالهه ته تصوير ڀت تي ٽنبگي آهي، ان ڪري اها اتان لاهبي آهي. ۽ ٻي ڳالهه ته عاشق معشوقا کي موڪليو ڇا آهي: تصوير يا ميز؟ جي تصوير ته ڇو ٿو چوي ته تو منهنجي ميز تان تصوير هٽائي هوندي. منهنجي لفظ تصوير سان وڃڻ گهرجي. منهنجي ميز لکڻ مان لڳي ٿو ته شاعر ڊکڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ معشوقا کي ان قسم جو نذرانو ڏنو اٿائين.“

سڳن آهوجا به ”روشن ڇانورو“ جي مهاڳ وارا ٻه چار نڪتا، سنڌي شاعري بابت پيش ڪندي، ظاهر ڪيو ته هن عزيز کي سٺو شاعر ۽ سٺو نقاد ته ڇا پر سٺو پاٺڪ به نٿي سمجهيو. عزيز صدر جي عهدي تان استعيفا ڏني ته منڊل جي هڪ ميمبر سندس بيعزتي ڪئي آهي. مون اهو رخ ورتو ته جهڳڙو صدر ۽ ميمبر وچ ۾ نه، پر هڪ نقاد ۽ شاعر وچ ۾ آهي. ڪاروباري ڪاميٽيءَ استعيفا منطور ڪئي. ڪيرت آئين جي ڪنهن فقري موجب رڪئيزيشن وڌي ته، ان استعيفا جو فيصلو جنرل باڊي ڪري سگهي ٿي. اهو ميڙ به ٿيو ۽ هڪ شاهي تاريخي بحث بعد جنرل باڊي هڪ ووٽ جي گهڻائي سان عزيز جي استعيفا منظور ڪئي. ان بعد منڊل ڪيئن بند ٿيو، ان جو احوال ”نظرياتي ڪشمڪش“ ۾ مون لکيو آهي ته، ترقي پسند منڊل ڇڏي هليا ويا ۽ جڳهه کسجڻ بعد مون ان جا ميڙ اوول پارڪ ۾ سڏائڻ شروع ڪيا.

سڳن ۽ مان عزيز جي گهر پوءِ به ويندا هئاسين. عزيز جي موت کان فقط هڪ ٻه ڏينهن اڳ به مان اجهل سان هن وٽ ويو هوس. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر کيس گوشت مڇي کائڻ کان منع ڪئي هئي. ”ڀلا گوشت مڇي نه کائجن ۽ ائين رکو جيئجي ته ان جيئڻ کي ڪا معنيٰ ڪانهي. اهي کائجن. موج مزا ڪجن، پوءِ ڀل مري وڃجي.“

آخرين سوال جو ڪنهن اديب کانئس پڇيو، سو منهنجو هو، ”سنڌي سنڌ ويندا؟“

چيائين، ”ڏسان ٿو، آسمان ۾ قافلن جا قافلا سنڌ وڃي رهيا آهن.“

عزيز جي موت تي هڪ به اسڪول، هڪ به ڪاليج بند نه ٿيو. عزيز روايتي شاعر هو، صحيح آهي: پر مسلمان نقادن هندن ۾ کيس ئي وڏو شاعر مڃيو. خود پير حسام الدين راشدي مرحوم ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ ائين لکيو آهي. سڳن به ائين گمناميءَ ۾ مري ويو. سندس صرف ڪهاڻين جو هڪ ئي ڪتاب نڪتو ۽ ڪوتائن جو مجموعو ۽ ناول پوءِ اُتم ڇپايس. ضيا مئو ته اسڪول ۽ دڪان سڀ بند ٿيا، جو ڪاليج ته هتي هئا ڪين، ماڻهن کي گل نه ملن جو ضيا کي مالهائون چاڙهين. ضيا عوامي شاعر هو ۽ عوام ۾ مشهور هو. ماستر چندر به سندس گهڻو ڪلام ڳايو آهي.

ادبي هلچل ۾ منهنجو هڪ هراس هو ته هڪ هيءُ شخص آهي، جو ذهين ۽ بيباڪ آهي ۽ منصوبابنديءَ جي خلاف آهي. ادب ۾ هن ڪنهن به واڌ جو نعرو نه هنيو آهي ۽ فن سان انساني من جي ٽٽل حصن کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين.

 مان المست. مان جيترو نوڪرين جي پٺيان ڊڪندو هوس، ڇوڪريون مون کي اوتريون حسين لڳنديون هيون. ڇوڪرين پٺيان پوندو هوس ته نوڪريون ڇڏائجي وينديون هيون. ان ڀڄ ڀڄان کان بچي، ساهي پٽڻ جو مون وٽ رڳو هڪ رستو هو: لکڻ. ٻي چيز جنهن پاڻ ڏانهن ڇڪيو، اها ئي قدرت. آڪاش، تارا، بادل پهاڙ، واديون، دريا جا ڪپ، بن، کيت. ڪٿ به ٻه هٿ پٺيان ڪري، ان مٿان مٿو رکي ليٽي پوندس. سڀ تارا اولهه ۾ لهن ٿا، پر سپت رشي ته ابتا ٿي به قطب تاري جي چوڌاري ڦرن. اونداهي رات ۾ تارا ائين نڪري اچن ڄڻ جلاوطن ٿي ڪنهن پناهگير ڇانوڻيءَ ۾ ڌاٻو ڪيو هجين. پرڪرتي منهنجي ماءُ آهي. ڌرتي پرڪرتيءَ جي هنج آهي. اتي وڏو سڪون آهي. عجب، اسان پرڪرتي ڏانهن نهارڻ ڇڏي ڏنو آهي. اهڙا گهڻا ماڻهو آهن، جن وٽ زبردست بئنڪ بئلنس آهي، پر جن چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ جو امرت نه پيتو آهي. سمنڊ کي پنهنجو مزاج، پهاڙ کي پنهنجي شخصيت، پرڪرتيءَ کي ماٺ جو سنگيت آهي، جنهن کي ماڻڻ لاءِ ڪا انڪم ٽيڪس نه ڀرڻي پوندي آهي.

مون اوندهه ۾ قلم کنيو ۽ تنهاين ۾ آڪاش ڏانهن نهاريو. منهنجي گهر طرف نظر نه ويئي، جا منهنجي پنهنجي دنيا هئي. ڪمل سان پريم ڪيم، لالائن جي نوڪري ڇڏي، وڏي پگهار تي رام دادلاڻي وٽ ويس ۽ ان دوران منهنجي خانگي زندگيءَ ۾ ٽي حادثا ٿيا، جن منهنجي دماغ جي نسن کي ٽوڙي ڇڏيو. مان 1965ع کان 1970ع تائين سنڌي تحريڪ کان الڳ ٿي ويس، ان جا ٽي سبب هئا. سڳن آهوجا جو موت، گهر ۾ گهوٽالو ۽ هڪ لنبي بيماري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org