آزاد سنڌو هلچل جا ميڙ. ياترائون. اخبار ”سوجهرو“ ۾ لڳاتار
مضمون. نئين ڪم جي ڪمائي، ٽن مان اڍائي هزار، پوءِ
ٻه، ڏيڍ، هڪ. پنج سئو ۽ آخر ختم ٿي ويئي. هڪ وڏو
انقلابي، پر ڪڏهن بس جو ڀاڙو نه هجي جو گهر وڃي
سگهان.
ڪاليج ۾ اجهل ڪنهن چڪر ۾ اچي ويو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کيس بچايس نٿي
ته ممڪن هو سڌو جيل ۾ وڃي ها. مان تن ڏينهن ۾ اڪثر
بيمار رهندو هوس ۽ ڪاليج مان ڪافي گسائيندو هوس.
اجهل چيو: احمد آباد ۾ فساد ٿيا آهن، سو جئرامداس
دولترام، گورنر سريمن نارايڻ وٽ سندس بنگلي تي لٿو
آهي. جيڪڏهن تون لعل پشپ سان رات اتي وڃي، صبح ڪم
ڪري، سڀاڻ رات موٽي اچين ته، ڪنهن کي خبر نه
پوندي. لعل پشپ ته محمد تغلق روڊ دهليءَ ۾ وٽس
گهڻائي دفعا زيارت ڪري آيو. مون چيو: ٺيڪ آهي، پر
گهر هڪ وڳو ته کڻڻ وڃان. چي نه! پنهنجي قميص لاهي
ڏنائين. چيائين: هيءَ قميص ٻه ڏينهن ميري نه
ٿيندي. مون کيس پنهنجي لاهي ڏني. هن گهر وڃي ڪمل
کي چيو ته موهن ٻه ڏينهن ڪاليج جي ڪم سان پوني ويو
آهي. ۽ مان لعل سان احمد آباد، جئرامداس سان
گڏياسين.
جئرامداس جي زبردست شخصيت، صاف، اجرو، موجودگيءَ ۾
وڏي قد جو احساس ڪندڙ. وچ ۾ چوندو: ڇو موهن، لڄ ٿو ڪرين، سگريٽ
ڇڪ. اڌ ڪلاڪ ٿيو آهي توکي ٽائليٽ ۾ وڃڻ جو خيال نه
آيو آهي؟ ڀلا، هان، چانهه پي. ڏاڍو متاثر ڪيائين.
سوچيم ته حق تي لکيڪ چريا ٿيا اٿس. ڳالهه ٻڌي
چيائين: تنهنجي دوست کي شڪ جو فائدو ڏئي سگهجي ٿو.
ڪاليج اختياريءَ وارن کي تار ڪيائين ته، هن تي ڪو
قدم نه کڻو. ڪاليج جي پرسرام پارومل کي، جنهن کي
انڊيا جو پهريون فوڊ منسٽر هوندي کنڊ جون پرمٽون
وغيره وٺي ڏنيون هئائين، ان کي به تار ڪيائين، سو
اجهل بچي ويو.
ڪم جي پڪ ڏيڻ بعد هن لپيءَ جو بحث ڇيڙيو. مون کيس چيو ته لپيءَ
جي مسئلي سنڌين جو ٻيو ورهاڱو ڪيو آهي. هن ڪافي
تفصيلن سان ڳالهايو. مون کيس چيو: اهو اصول ته
ياعمر قبول نه ڪندس. چيائين: ويهه سال پوءِ تون
منهنجو نظريو سمجهندين. چيومانس: ٽيهه سال اڳ به
اوهان اها ڳالهه ڪئي هئي. لعل پشپ به چيس ته سنڌي
ٻوليءَ لاءِ سنڌي لپي ئي موزون آهي. ديوناگريءَ
لپي ٽنگن ڀڳي آهي.
اجهل عزت سان نوڪري ڇڏي. چيائين: تون به ڇڏ. ڪاليج ۾ ڪنهن کي
پتو نه پيو ته اجهل کي ڪنهن بچايو ۽ جئرام داس کين
ڪيئن تار ڪئي. مون به نوڪري ڇڏي ڏني. مون کي بمبئي
مان رايل ويسٽرن انڊِيا ٽرف ڪلب جي ريس سان واسطو
رکندڙ انگريزي اخبار جي ايڊيٽريءَ جي آڇ آئي.
پگهار ڇهه سئو ۽ فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ. مون کي فقط
اهو ٻڌائڻو هو ته ريس ۾ ڪير کٽندو. ٽن مهينا ۾
اڍائي سئو رپيا کن بچيا ٿي. گهوڙن جي صحت، خاندان،
بار کڻن جي طاقت، فاصلي ۽ ڊڪڻ جي صلاحيت، ٻين
گهوڙن سان ڀيٽ وغيره. ايم ڏبي لالا جي نالي سان
سڄي هندستان ۾ نالو ڪڍيم. منهنجي اخبار جي ٽپس تي
ماڻهن لکين روپيا ڪمايا. مان ته خود پهرئين هفتي
سترهن سئو روپيا هارائي ويس، جي لاهڻ ۾ وقت لڳم.
پوءِ قسم کنيم ته سڄي ڏينهن ۾ سٺ روپئي کان وڌيڪ
راند نه ڪندس. ريس ۾ ماهوار ڪمائي جي ڏهين حصي کان
وڌيڪ نه لڳائڻ گهرجي. هونءَ شوق جي خيال کان راند
ڪيم ٿي جو محبوبا سان ملجي ۽ هن جو منهن نه چمجي
ته ضرور ڪا ڊاڪٽري خرابي هوندي.
مون پهرئين مهيني کان تار ديوي ايئرڪنڊيشنڊ مارڪيٽ ۾ مسواڙ تي
آفيس ورتي. مسواڙ ٻه سئو چاليهه روپيا ۽ ٽن مهينن
جي ڊپازٽ. آفيس ستين ماڙ تي. هيٺان هڪ ڪلارڪ رکيم.
منهنجي آفيس جي هيٺان راجن چاولا جي آفيس هئي. جا
لنڊن وڃڻ بعد جلا آغا، شيام بينگل، ۽ ساڌو مهر کي
ڏنائين، جن انڪور، نشانت ۽ ٻيون ڪافي تجرباتي
فلمون ٺاهيون آهن.
مون ٽرف ڪلب جي قاعدن ۾ ڪافي سڌارا آندا. هڪ دفعي اسٽيورڊس لاءِ
لکيم: هيءُ پنهنجن غلط فيصلن تي ائين لٽڪندا آهن،
جيئن باندر ٽاريءَ تي. منهنجو ڪلب ڏانهن ساڍا
سورنهن سو روپين جوبل رهيل هو. اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ
۽ ڪلب جي جج گهرايو ته ڪاميٽيءَ ۾ راجائون
مهاراجائون، تيل ڪمپنينن ۽ ڪارخانن جا مالڪ آهن.
هڪدم معافي وٺ، نه ته بل نه ملندئي. مون چيو:
معافي جو ته سوال نٿو اٿي، ۽ بل مان ڪورٽ رستي
وصول ڪري سگهان ٿو. چيائين: اسان جو وڪيل نانا
پالڪيوالا آهي. لک روپيا خرچ ڪنداسين، پر بل نه
ڏيندس. چيومانس: سنڌي ٻچو آهيان. اخبار بند ڪندس،
پر معافي نه وٺندس. مون کي ڪلب مان ڏهن پندرهن
هزارن جا اشتهار ملندا هئا. ڇهه ڇهه سئو جا ٻه
اشتهار ڪلڪتو، بئنگلور، دهلي، حيدرآباد ۽ مدراس
ٽرف ڪلبون به ڏينديون هيون. فقط هڪ ڊربي پرچي مان
پندرهن هزار فائدو پوندو هو. ضد ۾ مون اخبار بند
ڪري ڇڏي. معافي نه ورتم.
هونءَ ڪم ٽي ڏينهن. ٻه ڏينهن پريس ۽ هڪ ڏينهن ريس ڪورس تي. ريس
ڪورس تي ماڻهن جو هڪ مجموعو منهنجي پٺيان، مسٽر
لالا، مسٽر لالا، بس هڪ سالڊ ٽپ. گواليار جي
مهاراجا ساڌو راءِ جي گهوڙي اسٽارم تي ڪروڙن جي
راند ٿي. مون ڊربي پرچي ۾ لکيو: اسٽارم کي سنجيو
خان جو گهوڙو پرنس خارطوم ڪتو ڪري ماريندو. اوهين
ان تي پنهنجي قميص لڳايو. اگهاڙا واپس نه موٽندا.
سڄي هندستان جي اخبارن ڊربي لاءِ مهاراجا جو گهوڙو
پسند ڪيو. مان ان ڏينهن گني کي ريس تي وٺي ويس.
منهنجن سڀني پوئلڳن پرنس خرطوم تي شرط لڳايو. هزار
تي ساڍا ٽي هزار فائدو. گهوڙي کٽيو. ريس بعد سنجيو
سان گڏيس. گنو گڏ هو. هن ڀاڪر پائي مون کي ٻن هزار
روپين جو اشتهار ڏنو. اشتهار مون ڇپيو: بل نه
ڏنائين. هڪ دفعي مون فون به ڪيومانس. جوڻس چيو: تپ
اٿس. پوءِ خبر پيئي ته پاڻ مهاراجا جي گهوڙي تي
راند ڪئي هئائين ۽ شايد ويهه لک روپيا هارايا
هئائين. جا ڪي ڊبليو سوربرن ۾ مون سان گڏيو.
چيائين: اوهان جي ججمينٽ پرفيڪٽ آهي. مالڪ به، پر
مون لک روپيا ان گهوڙي تي هنيا. ان وقت سنجيو فلم
ائڪٽر ۽ مان ساڳئي دڪان تان ڪپڙا سبائيندا هئاسين.
اسان جو قد بت ساڳيو. کٽي ويو ته اتان ڇهه قميصون
نه کنيائين، درزيءَ کي چيائين: وڪڻي ڇڏ. هڪ ڳاڙهي.
هڪ پيلي، هڪ ڪاري، هڪ خاڪي، هڪ واڱڻائي ۽ هڪ اڇي.
هن اهي مون کي وڪريون. گواليار جي مهاراجا سان سٺي
واقفيت ٿيم. هن جي ٽرينر ميجر وي ايم لاڊ کي خبر
پئي ته مان هڪ مشهور ليکڪ به هئس ته مون کي
چيائين: بهتر آهي ته تون گواليار جي مهاراجا جي
چونڊن ۾ ڪم ڪر. مون انڪار ڪيو. هو هن وقت به
پارليامينٽ جو ميمبر آهي. پر دوستي الور جي
مهاراجا يوراج پرتاب سنگهه سان ٿيم.
1970ع ۾ الور سميلن وقت مون کيس فون ڪيو. هن چيو: هينئر اچ. وشنو ڀاٽيا کي ٽانگي
۾ چاڙهي، اتي وپس. ڦاٽڪ کليو. اسين پنڌ اندر
وياسين. ڏسون ته پنج هاٿي بيٺا آهن. مهاراجا جي
ماڻهن هاٿين جي سلامي ڪرائي. وشنو حيران. چيائين
مون سنڌي ليکڪ جي ايڏي عزت نه ڏٺي آهي مون
چيومانس: پنج هاٿي بيٺا آهن، ڇهون تون به وڃي سندن
پاسي کان بيهه. مهاراجا وڏي عزت ڏني. سورهن سئو
روپين جو اشتهار ڏنائين. چار سئو ائڊوانس ڏنائين
ته مان ڪمل ۽ گيتا کي هردوار ۽ رشيڪيش مان گهمائي
آيس. هن پوءِ اشتهار جي قيمت ٻه هزارڪئي. مان جڏهن
به دهليءَ وڃان ته الور ضرور وڃان. الور جو مائو
سڄي هندستان ۾ مشهور آهي. مهاراجا چئي ته محل ۾
رهه، مان انڪار ڪريان. مهاراڻي به سٺي نموني پيش
ايندي هئي.
هڪ دفعي مهاراڻي تاج محل هوٽل مان پريس ۾ فون ڪيو. چيائين:
تنهنجي لاِءِ ٻن هزارين جو ڊرافٽ آندو اٿم، وٺي
وڃ. اچي چانهه به پي. مون کي وقت ڪونه هو، سو
پنهنجي سالي جي سيڪريٽري پشپا، جا مون کي پريس ۾
پروف ڏسڻ ۾ مدد ڪري رهي هئي، کي ٽئڪسيءَ ۾ تاج محل
موڪليم ته فلاڻي سرٽ ۾ يوراج پرتاب سنگهه رهيل
آهي، هن کان ڊرافٽ وٺي اچ.
هن تاج ۾ بٽڻ دٻايو. مهاراڻي پاڻ ٻاهر آئي.
پشپا پڇيس، ”يمراج جي آهي؟“
هاڻ يمراج ته ان کي چئبو آهي جو نوڙي کڻي ماڻهوءَ جو ساهه ڪڍندو
آهي ۽ مينهن تي چڙهي، ماڻهوءَ کي گهليندو، سرڳ نرڳ
وٺي ويندو آهي.
”يمراج! ڪير يمراج؟“
”مون کي مسٽر لالا موڪليو آهي.“ کيس منهنجو ڪارڊ ڏنائين، جنهن
تي هڪ سٽ لکي هئم. رت جو ڍڪ پي مهاراڻي کيس اندر
وٺي ويئي ۽ کيس ڊرافٽ ڏنائين.
ايمرجنسي بعد اخبار ۾ خبر ڇپي ته مهاراجا آپگهات ڪيو آهي؛ پر
پوءِ دهليءَ ۾ خبر پيم ته هن هند سرڪار کي الٽ ڪرڻ
لاءِ دهشت پسندن جي هڪ زير زمين فوج ٺاهي ۽ هڪ
فوجي مقابلي ۾ مارجي ويو. سچ جي ته ڪا خبر نه پئي
آهي. جوان هو ۽ مون کان عمر ۾ پنج ست سال ننڍو هو.
منهنجا ان سال ٻه هزار روپيا رهيل هئس. مون
مهاراڻيءَ کي همدرديءَ جو خط لکيو، پر بل جو ذڪر
نه ڪيومانس. سوچيندي منهنجو مڙس مري ويو آهي ۽ هي
ويٺو بل لاءِ لکي. ليکڪ هئڻ ناتي مون انساني جذبن
کي ڪافي سمجهيو آهي. ڪلب سان ضد اچڻ سبب اخبار بند
ڪيم. ان بعد چار پنج دفعا دهليءَ ويو آهيان. الور
اتان پنجن ڪلاڪن جي بس مسافري آهي. اتي سنڌ وانگر
اٺ گهڻا آهن، ميدانن تي مور به ڏاڍا. پر فقط ٻه
ڳالهيون سوچي نه ويندو آهيان. هڪ ته هوءَ اڪيلي
آهي. منهنجو کيس گڏجڻ الائي ڪيئن لڳي ۽ ٻيو اهو
خيال نه اچيس ته پنهنجو بل وٺڻ آيو آهي. ڏاڍي ڀلي
۽ شيرين. هڪ دفعي چيائين: مون کي بمبئي مان ٺڳيءَ
جا پتا آڻي ڏي. پڇيومانس: مون ڪونه ڏٺا آهن. اهي
ڇا ٿيندا آهن؟ چيائين: ڪن پتن تي ڪي خاص ڇپيل نشان
رهندا آهن. مهاراجا کي خبر نه پوي ته مان راند ۾
ڇو ٿي کٽان!
”مهاراڻي جي، اوهان کي ته سڀ ڪجهه آهي، پوءِ ٺڳي ڇو؟“
”تو شادي ڪئي آهي؟“
”ها ۽ هڪ ڌيءَ به اٿم.“
”پوءِ کيس هتي مهل ۾ وٺي اچ نه.“
”نه مهاراڻي، اسين ڏاڍا ننڍا آهيون.“
”ڀلا ماڻهو ته ڪڏهن ننڍا نه ٿين. ڀلا، اوهان جي زال اوهان کي
ڪڏهن بيوقوف نه بڻائي؟“
مشڪي چيومانس، ”بيوقوف ان کي بڻائبو آهي، جو نه هوندو آهي. جو
هوندئي بيوقوف آهي، ته فقط بيوقوف ثابت ڪبو آهي.
بيوقوف ته بيهڻ مان بيوقوف لڳندا آهن.“
بمبئيءَ ۾ مهاراجا سا گڏ گهوڙا وڪڻڻ آئي. گواليار جي راجڪماريءَ
سان بيٺي هئي. مان ويومانس.
”چئو ته اها تاش آڻي ڏيانوَ.“
”تاش؟ مان تاش ڇا ڪنديس!“ ٿورو پرڀرو ٿي چيائين، ”ڀائي صاحب اها
گهر جي ڳالهه هئي، راجڪماري ڇا سوچيندي! مون کانئس
معافي ورتي.
سردار پٽيل هندستان جون ڇهه سئو رياستون هندستان ۾ شامل ڪيون ۽
اندرا گانڌيءَ راجائن جون پرسون ڪٽيون ته راجائن
مهاراجئن هوٽلون ۽ گهوڙن جا اسٽڊ کوليا. مون ان
ماحول تي الڳ ڪهاڻي ”گهوڙن جي شرط“ لکي آهي.
راجا، مهاراجا، اڳواڻ، وزيراعظم، ساڌو، طوائفون، شاگرد،
سرمائيدار، ليکڪ، ماستر، ڊاڪٽر، مزور، طرح طرح جي
ماڻهن سان مليو آهيان. ماڻهو جيڏو وڏو، ايترو مون
کي پيش اچڻ ۾ سهوليت.
هڪ دفعي ڇوڄراج ناگراڻي، نارايڻ ڀارتيءَ کان پڇيو ته، تو ڪرشن
چندر جي ”مهالڪشميءَ جي پل“ ڪهاڻي پڙهي آهي، پل جي
کاٻي پاسي غريب آهن، ساڄي پاسي شاهوڪار آهن. تون
ڪهڙي پاسي ويندين، اهو سوال خود ڪرشن چندر پڇيو
آهي. ڀارتيءَ چيس: مان غريبن پاسي ويندس. مون کان
پڇيائين: تون موهن؟ تڏهن منهنجي عمر ويهه سال مس
هئي. چيومانس: ”مان ساڄي پاسي بورجئا سوسائٽي ۾
ويندس. غريب مان آهيان. مون غريبن جي زندگي ڏٺي
آهي. مان اميرن جي زندگي ڏسڻ چاهيان ٿو. انهن جا
تضاد سمجهڻ چاهيان ٿو. ڪامريڊ ڀوڄراج جو وات ڦاٽي
ويو.
مهالڪشمي ريس ڪورس ۾ ٽي ڪلاس آهن، ميمبرن جا فرسٽ ۽ سيڪنڊ
اينڪلوزر. ميمبر پيڊڪ کان جهڪي رنگ ۾ ايندا . هزار
پنج هڻندا. چاهي ڪيتري به گرمي هجي، فل سوٽ ۾
هوندا. وات ۾ جروٽ. چپ چاپ دونهان ڪڍندا ويندا.
خوبصورت زالون، ائڪٽر، راجڪپور، محمود، ارونا
ايراني، بندو، وحيده رحمان. کين اتي ڪير نه نهاري.
گهوڙا، اگهه، رڙيون. سمجهو ٻه گهوڙا آهن. هڪ جو
نالو: آيو لعل. ٻئي جونالو جهولي لعل. پنجن هزار
ماڻهن آيو لعل ۽ ٻين پنهنجن هزارن جهولي لعل تي
لکن جي راند ڪئي آهي. گهوڙا ڊڪندا. وڪڙ کائي ڇهه
سئو ميٽر ميدان ۾ ايندا. پوءِ هڪڙا پنج هزار ماڻهو
چوندا: آيو لعل. آيو لعل. ٻيا پنج هزار ماڻهو
چوندا: جهولي لعل جهولي لعل. اوچتو ٽيون گهوڙو
ايندو: رام رام رام رام. اوچتو آواز بند. ماڻهو
جهڙا هسٽريا جا مريض. ٽنگون ٻانهون هلائيندا ۽
اوچتو غلط فيصلي جي صليب تي مسيح جيان لٽڪي پوندا.
اهي ساڌو مهاتمائون به وقتي گيڙو رتا ڪپڙا پائي
اچن. ڪي ڪروڙ پتي ٻاهر پل تي بيهن، جن ريس ۾
ڪارخانا لڳائي ڇڏيا هوندا. ۽ هاڻ اندر اچڻ جا کين
پئسا نه هجن. مون هڪ انٽرويو ۾ ريس ڪورس جو نالو
”اگر تگرچٽ ميدان“ رکيو آهي. هڪ دفعي هيرو شيوڪاڻي
۽ اجهل هليا. مون سئو چاليهه روپيا کٽيا. هنن
گهوڙن جا سٺا نالا ڏسي راند ڪئي ۽ پندرهن پندرهن
روپيا هارايائون. ٻاهر اچي شيوڪاڻي نڪ تي آڱر رکي
جانا ڀرڻ لڳو ته توبهه، ساهه ئي نڪري ويو.
چيومانس: خوشي اٿم ته ريس توکي سنڌي بڻائي ڇڏيو
آهي.
مرڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ عزيز به چيو، ”ٻڌو اٿم ريس ڪندو آهين.“
”ها عزيز صاحب.“
”شينهن جو پٽ آهين.“ عزيز چيو، ”هن کان اڳ سنڌي اديبن ۾ فقط مون
ريس ڪئي آهي. ان انگريز عورت سان جا روز ريس تي
هلندي هئي. ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي. هوءَ
انگلينڊ ويئي ۽ پوءِ مون شادي نه ڪئي.“
منهنجي شاديءَ تي هتي جا لڳ ڀڳ سڀ ليکڪ آيا ۽ راجن چاولا به
آيو، جو ڪنهن ڳالهه تي رسي ويو هو ۽ ٻه ٽي سال
ڳالهائڻ بند ڪيائين. ساڳئي هنڌ آفيس هئڻ سبب اسين
گڏجندا هئاسين. هن به مون سان ريس تي هلڻ شروع
ڪيو. هڪ دفعي اسان اڌو اڌ ڀائيواري ۾ اسي رپئي جو
جئڪ پاٽ ڪڍايو: يعني پنجن ريسن ۾ اسان جا چونڊيل
گهوڙا کٽن ته جئڪ پاٽ لڳي. پهرئين کٽيو. سئو تي
هزار فائدو. ٻئي کٽيو هزار تي ڏهه هزار فائدو.
ٽئين کٽيو. ڏهن هزارن تي ٻه لک فائدو. چوٿون فوٽو
فنش ۾ ٻيون نمبر ٿيو ۽ پنجين کٽيو. ڪل اسي روپين ۾
اٺيتالهه لک فائدو. پر اسان جو چوٿون نمبر گهوڙو
نڪ جي پڇڙيءَ تان هار کائي ويو. ان ڪري پائي به نه
ملي. فقط ٽن گهوڙن جي ٽربل ڪريون ها تڏهن به ٻه
لکن ملن ها. اسين مڪائي جا سنگ وٺي گاهه تي ليٽي
پياسين. ڏاڍو افسوس پئي ٿيو. اوندهه ٿي ويئي، پر
راجو اٿڻ جي نه ڪري. ڪاش چوٿين گهوڙي جي مڇ اڳيان
ٿئي ها. ان ڏينهن بعد راجن وري ريس ڪورس تي نه
آيو.
لالائن جي ڏينهن ۾ راجن چاولا منهنجي کيسي ۾ پندرنهن سئو روپيا
وڌا ته سٺا ڪپڙا ٺهراءِ. قرض وغيره لاهه. مون
کانئس اهي پئسا ورتا. پوءِ کيس ڌنڌي ۾ لک ٻن جو
نقصان پيو ته پئسا گهريائين. مان مخزنون وغيره ته
وٺندو هوس، پر مسواڙ ڀري نه سگهندو هوس. شادي لاءِ
ٻيو قرض پڻ کنيم. ان بعد زندگيءَ جون هئبتناڪ
تڪليفون ڏٺم. هن کي انهن ڳالهين جي خبر نه پئي،
اهو شخص جو ڪڏهن جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ان مون
وٽ اچڻ بند ڪيو. شاديءَ تي آيو. ڪلاڪ کن ويٺو. هٿ
ملايائين. هليو ويو. گيتا جا مون کي فرشتو سمجهندي
هئي، اها شاديءَ تي نه آئي. ”ائنڊ آ هائوس ٽو لاج
آ فرينڊ. . .“ اهو راجو.
ٽن سالن بعد راجن دفتر ۾ آيو. چيائين، ”مون کي خوشي آهي ته تو
پنهنجي آفيس کولي آهي.
تنهنجو قرض لاهيندس!“ ٽن سالن بعد اسان جي پهرين گفتگو.
”هاڻ ضرورت ڪانهي. جڏهن هئي تون چپ رهئين.“
”مان ڳالهائي نه سگهيس. منهنجي منهن تي ماٺ جا دستا لڳا. سڀ ڏند
ڀڃي ويا. رت اندر ئي وهيو. ٻاهر ڪنهن ڏٺو نه.“
هن چتائي منهنجي منهن ۾ ، مون سندس منهن ۾ نهاريو.
هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. چيائين، ٽي سال موهن، توکان سواءِ
مون اڪيلائي ۾ گذاريا آهن. مون تنهنجو انتظار
ڪيو.“
مون ڪجهه وقت هن جي ڳوڙهن کي ڏٺو. منهنجو جاني دوست، چيومانس،
”مون ٽيويهه ڏينهن اسپتال ۾ تنهنجو انتظار ڪيو.“
وقت آهستي گذرڻ لڳو. چيائين، ”هل گهر ٿا هلون. گيتا کي وشواس ئي
نه ايندو آهي ته ٻه دوست ائين الڳ ٿي سگهندا آهن.
هاڻ سمجهي ٿي ته تون اسان وٽ ڪڏهن به نه ايندين.“
”مان سچ پچ نه ايندس.“
”ڇو؟“
”گيتا منهنجي شاديءَ تي ڇو نه آئي؟“
”ڇا اسين پنهنجي ناراضپي ۾ ايماندار ٿي نٿا سگهون؟“
”پوءِ تون ڪيئن آئين؟“
”ڪونه اچڻو هوس. مگر هيءَ دل. . . “
”چڱو اُٿ. هلون ٿا، ”مون به پنهنجي ڇاتيءَ تي هٿ رکيو. گيتا
چيو، ”اوهين ۽ هتي؟ اسان به اوهان کي ياد ايندا
آهيون؟“ اسين ته اوهان لاءِ مري وياسين، پوءِ ڪيئن
آيا. رڪارڊ ٻڌو. وسڪي پيو. پر اوهان کي منهنجي
چانهه نه ملندي.“
مون ڪرسيءَ تي ويهي سگريٽ دکايو. راجو هٿ منهن ڌوئڻ هليو
ويو.”اوهان کي ڪمل بوتل ۾ بند ڪيو آهي! ڪنهن
ڪانفرنس سيمينار ۾ نٿا اچو.“
”مان ان چيچ جي تلاش ۾ هئس، جنهن ۾ مان منڊي بڻجي پئجي وڃان.“
”۽ انهن کي وساري ڇڏيو، جن توهان کي سنيهه جا گل ڏنا، دکن کان
پناهون ڏنيون.“
”سڀ ته نه چئبو آهي گيتا، ۽ تون ئي چوندي ويندينءَ؟“
”وڃو، هتان وڃو. مون کي خبر آهي ته اسين اوهان کي نه کپون.“
”ڪير ڪنهن کي ڪيترو ٿو کپي. اهو تون نه سمجهين سگهندينءَ.“
”هن مشڪيو. هوءَ پنهنجي فنڪار دوست، ڏير کي سڃاڻي ويئي. نه
بدليو آهي موهن. موهن ئي ته آهي جو بدلجي نٿو
سگهي. راجو جو اچي ته ڏسي مار! گيتا ۽ موهن ويٺا
چانهه پيئن ۽ کلن. اکين ۾ ڳوڙها به
اٿن. گيتا کي چيائين، بس، هاڻ ٻڌاءِ، ٻيو ڇا کپيئي؟“
بس، ٻيو ڪجهه نه کپي. موهن هوندو آهي ته ٻيو اسان کي ڪجهه کپندو
به ڪونهي.“
اها شام ڏاڍي ملهائتي هئي.
پوءِ هو هڪ دفعو اسان جي گهر به آيا. راجو پوءِ لنڊن ويو ۽ پوءِ
گيتا ۽ ٻارن کي اتي گهرايائين. گيتا هڪ دفعو چيٽي
چنڊ جي ميلي تي باندرا ۾ ملي. ٽئڪسيءَ ۾ گهر وٺي
هلي. چانهه پياريائين. چيائين: ”هر شام سج لهندو
آهي. من اداس ٿيندو آهي. دل ۾ ڏاڍو درد ٿيندو
آهي.“
”جن جا صبح روشن، تن جا من ته اڪثر شام جو اداس ٿين.“
”اوهان جون ڪجهه سڪون راجيش کنا لاٿيون. بلڪل ئي اوهان جيان
آهي. اڪثر اداس. شانت. اوچتو مشڪي ڏيندڙ.“
”مينا ڪماري مري ويئي ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ منهنجي من جو ڪو
حصو ڪٽجي ويو آهي.
”اوهان شايد سوچيو: گيتا راج مري ويئي آهي.“
”تون مينا لڳندي آهين، انڪري ائين محسوس نه ڪيم.“
”ٻڌم ته مينا پٺيان به پيا.“
”مان ئي رڳو پٺيان نه پوندو آهيان.“
”نه، مينا ڪماري پوندي آهي.“
”اياز سان تون ۽ مان مينا وٽ هليا هئاسين. گهڻو پوءِ هن ڪمال
امروهيءَ کي ڇڏيو. هڪ دفعي ڪئپيٽال ٻاهران هڪ ڪار
چيڪاٽ ڪري بيهجي ويئي. مان سندس ڪار هيٺيان اچڻ
کان بچي ويس. پر ڪو هراس پئدا نه ٿيم. ڏٺم ته مينا
ڪماري هئي. مون کيس ڏسي مشڪيو.
”هن پوءِ اوهان کي لفٽ ڏني.“
”لفٽ ته مون زندگيءَ کي ڏني آهي.“
”ته پوءِ ٿيو ڇا؟“
”پوءِ راجوءَ چيو ته مينا شراب ٿي پيئي. مينا کي هڪ مڙس کپي.
ڊگهو. قداور. بهادر. آرٽسٽ ۽ اهو تون آهين.“
”اوهان کي هن وٽ وٺي هليو.“
”نه.“
”ان جو ارمان اٿوَ؟“
”نه مان خوش آهيان.“
”ته پوءِ اوهان جي من جو حصو؟“
”ان کي حصا گهڻا آهن.“
”اوهين ايندا اسان وٽ لنڊن؟“
”ايندس.“
شايد ڏهه سال ٿيا آهن، هو لنڊن ۾ آهن. انهن ڏهن سالن ۾ مون وٽ
راجوءَ جو فقط هڪ خط آيو آهي، گيتا اهو به نه
لکيو. کين انڊيا اچڻ جو ڪو خيال ڪونهي. مان لنڊن
وڃڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهان.
منهنجو دفتر ادبي ڪلاس. هيرو شيوڪاڻي پهريون سال روز اتي اچڻ
لڳو. پوءِ مون سنڌو دل کوليو ته اچڻ گهٽايائين.
مون وشنو ڀاٽيا کي ڪم تي رکيو.
1978ع ۾ دهليءَ ويس. ان کان اڳ جنتا سرڪار اندرا گانڌيءَ کي جيل ۾ وجهڻ لاءِ
ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته، ان تي اعتراض طور اندرا ڪانگريس
۾ شامل ٿيس ۽ انگريزي اخبارن ۾ جنتا سرڪار خلاف ۽
اندرا جي فائدي ۾ ڪافي خط لکيم. مون کي تعلقه
ڪانگريس جو سيڪريٽري ڪيو ويو. مان دهليءَ ۾ اندرا
گانڌيءَ سان گڏجي واپس موٽي بلڊنگ ۽ پنهنجو دفتر
ڇڏيم. سيڪريٽريءَ جي عدي تان استعيفا ڏنم. وري
بيروزگار. وري سالي جي چوڻ تي فلم ڊسٽريبيوشن ۾
آيس. هڪ فلم کنيم: ”ميري همدم ميري دوست.“ سال ۾
ڪئي ڪمائي چٽ ڪيم. هڪ ڪهاڻي لکيم: ”ڦاسي گهاٽ“ جا
ڪونج ۾ ڇپي. منهنجي هر پيشي، هر پيار،
بيروزگاريءَ، زندگيءَ جي ناڪاميابين، ذلتن،
بيوسين، مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪهاڻي ڏني ٿي. وري
اهي ئي غير مسلسل روزا. ڀارتيءَ، سوينيئر آرڪيٽيڪٽ
وٽ نوڪري وٺي ڏني. مون ٽن ڏينهن ۾ سوينيئر جون ٻه
بلڊنگون وڪيون. شهر ۾ نالو نڪتو. پاڻ هڪ ننڍي موٽر
سائيڪل وٺي ڏنائين. ماهتاب محبوب آئي ته مون هن وٽ
نوڪري ٿي ڪئي. ان ڏينهن تائين ستن مهينن ۾ هڪ
ڏينهن به موڪل نه ڪئي هئم. ان بعد پنهنجو ڪاروبار
شروع ڪيو اٿم. پوڻا ٻه سال ٿيا آهن. ٺيڪ آهي، دال
روٽي ملي پيئي. هونءَ به اسين کائڻ لاءِ ته جيئون
نه ٿا. باقي پنهنجو فلئٽ اٿم. ٻيون به سهوليتون
اٿم. فون آهي. فرج آهي. گرام آهي. رڪارڊر، اسپيڪر
آهي. موٽر سائيڪل آهي. سون، بئنڪ بئلنس آهي. پر
اهي سک آهن. خوشي من سان واسطو رکي ٿي. گهر جي
خوشي اٿم، پر هڪ درد ۽ هڪ خواهش اٿم. درد اهو ته
سنڌ وڃي نه ٿو سگهان ۽ خواهش اها ته مرڻ کان اڳ
فقط هڪ دفعو ئي سهي، سنڌ وڃان. حيدرآباد پاسي پٺي
ڏيئي، ڪمل ۽ گيتا سان سنڌوءَ ۾ پير وجهي ان کي
پرڻام ڪريان. پٺيان ڪمل جي حيدرآباد. اڳيان موهن
جي ڪوٽڙي. وچ ۾ ٻنهي جي ڌيءَ آهي، جا آهي، سنڌي،
پر هن سنڌ ڏٺي ئي نه آهي ۽ هڪ وصيعت ٿو ڪريان.
جيڪڏهن منهنجا اديب دوست، هند ۾، سنڌ ۾، ائين ڪري
سگهن ته مهرباني. مرڻ بعد منهنجي رک کي سنڌوءَ يا
گنگا ۾ ڦٽو نه ڪيو وڃي. ڪوٽڙيءَ ۾ ڪٿي به ڪنهن ٽين
جي دٻي ۾ وجهي زمين ۾ پوريو وڃي.
مرڻ جي ڳالهه تي ماءُ ٿي ياد اچي. هن آڪٽوبر
1986ع ۾ ساهه ڇڏيو. اسپتال ۾ ائين مُئي، جيئن ”جلاوطني“ ۾ ٻه سال اڳ هڪ ماءُ جو
موت بيان ڪي هوم. هن ساهه ڇڏيو ۽ پوءِ گئس سئلنڊر
ڏنو ويو. جو به خالي هو. هڪ سوشلسٽ انڊيا ۾ ٻيو ٿي
به ڇا ٿو سگهي. ڪجهه ڪري نه سگهيس ۽ ماءُ جي پيرن
تي ڪري پيس. ڪمل ۽ گيتا به اتي هيون. ان کن لڳم،
هاڻ مان يتيم ٿي ويو آهيان. آسيس جو ڪو هٿ مٿي تي
نه ايندو. انهن پيرن ۾ ڪري مون ڏاڍو رنو. ڪڏهن به
ته نه روئندو آهيان. مان چيو: ماءُ. تون مري وئين.
ان بعد هڪ ٻي ماءُ هئي جا به مري ويئي. طارق اشرف جي امي.
منهنجي خواهش موجب، سنڌ مان سنڌ جي مٽي ۽ ان جو جل
کڻي آئي. مون کي چيائين: تون منهنجو ٻيو پر وڏو پٽ
آهين. هميشه دعائون سلام موڪليندي هئي. طارق اشرف
منهنجي ڪتاب ”جلاوطني“ سبب ڏاڍو سٺو هو ۽ حڪومت جي
اک ۾ هو. ان ڪري هن امي جان جي موت جو اطلاع نه
ڏنو. مون کي خبر پئي ته مون طارق کي هڪ خط لکيو،
پر هن ان جي پهچ به نه ڏني.
مون ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ خط لکيو. ڪن ماڻهن کي چيائين ته
موهن ڪلپنا خط لکيو آهي. مون کيس چيو: سنڌ ۾ اچڻ
لاءِ اتي ڪنهن رت جي رشتي جو مائٽ هئڻ گهرجي، مان
سنڌ ڪيئن اچان؟ تون به سنڌي آهين، مان به سنڌي
آهيان. سنڌ اسان ٻنهي جي ماءُ آهي، ڇا اسان جو اهو
سنٻنڌ گهٽ آهي، جو مادر وطن سنڌ اچي نه سگهان؟
جواب نه ڏنائين البته خبر اٿم ته ”جلاوطني“،
جوانگريزي ترجمو پڙهائين ۽ وسڪيءَ جو نشي ۾،
منهنجي هڪ دوست قربان علي شاهه کي چيائين: بڪواس
آهي اها جنهن کي ڪو ڪلچر، ڪو اتهاس، ڪو پرمپرا نه
آهي. پر ان غلطيءَ کي درست ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. قربان
علي شاهه اها ڳالهه روبرو مون کي، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ۽
پرشوتم سانولاڻيءَ اڳيان چئي.
ڀٽي منهنجو خط پڙهيو، نه پڙهيو، ”جلاوطني“ ڪتاب پڙهيو نه پڙهيو،
مونکي ان جي ڪا ذاتي ڄاڻ نه آهي. پر اڳواڻ پنهنجي
ٻوليءَ جي ليکڪن کي پڙهندا ضرور آهن ۽ مون کي
پنهنجن دوستن تي وشواس ڪرڻ جو حق ڪونهي.
گجرات کان الڳ مهاراشٽرا لاءِ هتي وڏي هلچل هئي. پوليس ڪافي
ماڻهو ماريا. ڄڻ اها گهر ڪري ڏوهه ڪيائون، جنهن
حڪومت جي پوليس هنن کي ماريو؛ ان ئي حڪومت فلورا
فائونٽين ۾ انهن شهيدن جي يادگار قائم ڪيو. مان
نٿو سمجهان ته انگريز لنڊن ۾ هيموڪالاڻيءَ جو
يادگار قائم ڪندا.
هتي حڪومت جي نظر ۾ ڌاريو.
هڪ دفعي ديشمک پارليامينٽ ۾ ٻوليءَ وارن فسادن تي زبردست تقرير
ڪئي. نهروءَ کِلي اڪبر الهه آباديءَ جو شعر چيو:
ڼڶ
آێێ بێڎۑڼ
جۆ
ڼۆجڌ
ڼۑڼ بڈڷإڶ
ۆۏ
ڤجڵ
بێۑ ڦڎۑڼ
جۆ غڎغإ
ڷڼۑڼ
ڼۆجإ.
ديشمک اٿي بيٺو. چيائين: ”شايد نهروءَ جو مطلب اهو آهي ته
بمبئي ۾ قتل مون ڪرايا آهن.“
نهرو جنم ڏينهن جو جشن ٿيو. سهراب موديءَ جي زال، نهروءَ کي هار
پاتو. ماهتاب چيو: خوش رهو هزار برس.
نهروءَ چيو: اور هر برس ڪي دن هون پچاس برس.
سهراب مودي حيران ته ڇا غالب ايڏو وڏو شاعر آهي، جو نهروءَ
حوالو ڏنو اٿس. اتي ئي ظاهر ڪيائين ته هو مرزا
غالب جي زندگيءَ تي فلم ڪڍندو ۽ فلم ڪڍيائين جنهن
۾ ثريا، رت روئي راڳ ڳايا آهن. البته هن سوال تي
بحث هليو ته جڏهن غالب ٻڍاپي ۾ ڏاڙهي رکائي ۽ هتي
ڀارت ڀوشڻ جواني ۾ ڪيئن منهن ۾ جهنگل کڻي پيو
گهمي.
غالب ته واقعي وڏو شاعر آهي. پر اڳواڻ اديبن کي، ننڍن کي ۽ وڏن
کي پڙهنداآهن. جان ڪئنيڊي، آمريڪا جو جوان ۽
جارحانه صدر، خود ليکڪ هو، پر صدر ٿيو ته خواهش
ڪيائين، جشن وقت رابرت فراسٽ هڪ ڪويتا پڙهي. فراسٽ
جشن ۾ آيو، پر ڪويتا گهر وسري ويس، پر هو درٻاري
شاعر نه هو. اتي ڪا ته ڪويتا ضرور پڙهيائين.
يونان جي هڪ بادشاهه هڪ شاعر کي چيو: تون هيڏو وڏو شاعر، پر
جڏهن به توکي ڪنهن مدد جي ضرورت هوندي آهي، تون
منهنجن پيرن تي ڇو ڪرندو آهين؟
شاعر چيس: ان ڪري جو بادشاهه سلامت جا ڪن سندس پيرن ۾ هوندا
آهن.
ٿي سگهي ٿو ڀٽي ائين نه ڳالهايو هجي. هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾
ڪئين ڀيرا المستائيءَ جون گهڙيون اچن ٿيون. ڪارل
مارڪس جو گڏهه تي چڙهي بورجئا ڪلاس کي ستائڻ ان ۾
شامل آهي. ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ميڙ ۾ ڪنهن کي ننڊ
اچي ته نهرو طول کڻي ان مٿان پٽا ڪندو.
المستائيءَ جون اهي گهڙيون من هيٺ دٻيل خواهش کي ظاهر ڪنديون
آهن. ڪلا جون سرجڻ گهڙيون من اندر دٻيل دنيا جا
دڙا کوٽي ظاهر ڪن ٿيون. اهو ڪم شراب ۽ جواني به
ڪري. ڪوبه جذبو. اکيون بند ڪريان ته حيدرآباد جا
منگهه سلامي پيا ڪن. سائين
ڀلي ڪري آيا!
رستن
تي
ٽانڊا. وطن وڃان ته ٽانڊا گل ٿين. اوچتو ڪنهن
غائبانه ڀت سان ٽڪر
ٿي وڃي. يا مان انڌو ٿي وڃان. هٿوراڙي ڏيئي مٿي
چڙهڻ جي ڪوشش ڪريان. اها ديوار منهنجي قد کان شايد
وڏي آهي.
ڏسان
ته موٽرون پيون وڃن. رڳو انهن جا ڦيٿا آهن. موٽرون
الائي ڪٿي آهن. دروازن جا چير. اندر اوندهه ۽
دروازي جي ان مختصر وٿيءُ مان ايندڙ روشنيءَ ۾
جوان عورتن جا اگهاڙا شرير جاري تي رجهيل گلاس ۽
خالي ٿيل شراب جون بوتلون. پٽ تي رت جا داغ ۽
وساميل سگريٽ.
ٻاهر مايوسين جا پردا، دلاسن جا جلسا، اميدن جا
ڦاها. هڪ گهري ڦهليل رڃ ۽ ان ۾ ڊڪندڙ ڀڄندڙ
ڦهليل
پاڇا. ٽي وي اسڪرين تي ڄڻ ست فلمون هلن. هڪ ٻئي ۾
سمائجي ويل چوڏهن چهرا. چوڏهن گفتگو. رنگ رنگن سان
ملي رنگ بدلائين. ڄڻ قوميت جا نظريا آهن.
ڪلهه
جتي هوس اهو هندستان هو. پوءِ اهو پاڪستان ٿيو.
جڏهن
مان جوان ٿيس ته مون کي ٻن ماڻهن سان گڏجڻ جي
زبردست خواهش جاڳي. آئنسٽائين ۽ جواهر لعل نهرو.
نهروءَ جي سامهون ٿيس، پر ڪا گفتگو
ٿي نه سگهي. آئنسٽائين تمام پري هو. کانئس پڇان ها
ته هن پرڪرتيءَ
کي
نيم سان هلائڻ واري نظام ۽ ماڻهوءَ جي پنهنجي زبان
۽ ذهن سان ڪو واسطو آهي، نه آهي. ۽ تو ائٽم بم جي
گهڙت ڪيئن ڪئي، ڇو ڪئي.
پاڻ نه ڪري ها، ڪو ٻيو ڪري ها ته ان کان سوال پڇان
ها! ان جو استعمال ته انساني ترقيءَ سان وابسته
ٿيڻ گهرجي.
ڪلاڪار
۽ وگيانين کي هڪ ٿيڻ گهرجي. وگيان دنيا کي هڪ شهر
۾ تبديل ڪيو آهي، پر سياست ٻن ڀائرن کي هڪ ٻئي کان
الڳ ڪيو آهي. ڪلا ته ٻن دشمنن کي هڪ ئي ٿلهي
ويهاري ٿي. جيڪڏهن ڪلاڪار ۽ وگياني هڪ ٿي وڃن ۽
مختلف سياسي نظامن جا تضاد ۽ لچايون ظاهر ڪن ته،
ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ٿئي ۽ پوءِ راڄ
ڪاروبار
جون واڳون مائرن کي ڏنيون وڃن. دنيا ۾ کير ۽
ماکيءَ جون نديون وهن، نه وهن، پر ڪٿي جيڪر
جنگ نه لڳي. سرحد تي
بحث
ٿئي ته هاڪي مئچ ڪن. جا ٽيم
کٽي،
ان کي ٻه چار ڳوٺ ڏين. پر هارائيندڙ ٽيم جا ماڻهو
اتي وڃي سگهن، ڪرڪيٽ ڪن.
ساسر
ڪن. اٽي ڏڪر راند ڪن. |