منهنجو جنم ڇنڇر
22
نومبر
1930ع
ڪوٽڙيءَ ۾ صبح جو ساڍي پنجين لڳي ٿيو. ڏاڏيءَ جو
پهريون پوٽو، ناني ۽ نانيءَ جو پهريون ڏوهٽو ۽
ماءُ پيءُ جو پهريون پٽ هوس. چوندا آهن: پئسو هٿن
جي مير آهي. شايد جنم جي پهرئين ڏينهن منهنجا هٿ
ايترا ته چميائون، جو منهنجي هٿن ۾ اڌ صديءَ جي
عمر تائين ڪا مير ڄمي نه سگهي آهي. ديڳيون چڙهيون.
شرنائي وارا گهرايا ويا. ان ڏينهن هر رستو سيوهاڻي
گهٽيءَ لنگهن جي پاڙي ڏانهن ٿي ويو. ڪنڊ ۾ گهاڻو.
ان بعد اسان جو گهر. گهر وٽان سنڌوءَ طرف وڃجي ته
رستو مڱڻهارن جي پاڙي کان وڃي سنڌوءَ ۾ سماپت ٿئي.
ان جي ابتڙ رستو عيدگاهه کان ڦرندو بند ڏانهن وڃي،
يعني شيدين جي پاڙي ڏانهن ۽ بند به وراڪو کائي نور
محمد اسڪول جي ڀرسان وڃي ماڇين جي پاڙي ۾ ڇيڙو
ڪري. چوڪنڊي جو سڌو رستو، هڪ ته ان اسڪول طرف وڃي،
ٻيو مکيه بازار، مختيارڪار جي آفيس، حيدرآباد
ڏانهن ويندڙ بس اسٽينڊ. ان ئي بزار مان هڪ رستو
اسٽيشن ڏانهن جنهن جا ننڍا وڻ ۽ ڪنڊا اڃا به ياد
اٿم.
منهنجو دادا بولچند منگهارام لالا، اصل سيوهاڻي، ريلوي ۾ ڪلارڪ
هو ۽ هر پنجين ستين سال سندس بدلي ٿيندي هئي. ان
ريت ڪوٽڙي بعد ڪي سال سکر، ڪي سال لاهور، ڪي سال
ڪالڪا (سملا)، وري ڪي سال ڪوٽڙيءَ ۽ ڪي سال
ڪراچيءَ ۾ گذارياسين. ڏاڏو لالا منگهارام وڏو دهشت
وارو مڙس هو ۽ ماڻهو سندس وڏي عزت ڪندا هئا.
ناناڻا حيدرآباد ۾ اولهندي ڪچي ۾ رهندا هئا. جتي
کين بنگلو هو. مان ٻيو دفعو جڏهن ڪوٽڙيءَ آيس ته
پنڌ ئي حيدرآباد ويندو هوس ۽ ساڳئي ڏينهن واپس
ورندو هوس. منهنجو پڦڙ جيتورام ڀٽ شاهه ۾ اسٽيشن
ماسٽر هو. مان شاهه لطيف جي زمين تي پيدا ٿيس، پر
ياد نه اٿم ته ڪڏهن ڀٽ شاهه ويو هوس. منهنجي پيءُ
جو مامو تلسيداس به سيوهاڻي گهٽيءَ ۾ رهندو هو،
جنهن جون ٻه ڌيئرون رڪمڻي ۽ ليلان شهر جون خوبصورت
ڇوڪريون ليکيون وينديون هيون ۽ خاص طور ٻروچ سندن
گهر ٻاهران ٿڌا ساهه ڀري سڄي شهر کي ايئرڪنڊيشنڊ
ڪري ڇڏيندا هئا. نانو ميٺارام بٽاڻي، ڊپٽي ڪليڪٽر
هو. منهنجي ماءُ ڌمي ٻائي تعليم ڪانوينٽ ۾ ورتي ۽
مرڻ تائين ڀڳل ٽٽل انگريزي ڳالهائيندي هئي. دک ۾
اڪثر انگريزي ڪوتائون ڳائيندي هئي.
ڏاڏو به ريلوي ۾ هو. رٽائر ٿيڻ بعد هن چارلس ڊڪنس جا ناول پڙهڻ
شروع ڪيا. ٻيو هن وٽ ٽئگور جا ڪتاب هوندا هئا.
پڇاڙيءَ جو هو انڌو ٿي پيو. ان هوندي به ڪڏهن بزار
ويندو هو ته ٽانگي وارا پاسو ڪندا هئا ته لالا
منگهارام ٿو اچي. نالو سندس ياد نه اٿم: مگر مان
جڏهن ٻيو دفعو ڪوٽڙيءَ آيس ته هڪ ٽانگي واري هفتي
ٻئي مون کي اڳيان ويهاري، شهر گهمائڻ شروع ڪيو.
اهو زمينداري دور هو، ان ڪري صدين کان ماڻهن جي
زندگي ٺهر واري هوندي هئي. ماڻهن ۾ سادگي سچائي
هوندي هئي ۽ لڳ ڀڳ اندران ٻاهران ساڳيا هوندا هئا.
مان شڪل مان ذهين لڳندو هوس ۽ گهٽ پڙهڻ جي باوجود ياداشت تيز
هئڻ سبب، ڪچي ٻاراڻي کان مئٽرڪ تائين ڪلاس جو
مانيٽر رهندو آيس: چاهي ته في نه ڀري سگهڻ ڪري
مئٽرڪ ۾ اسڪول فقط ايڪويهه ڏينهن وڃي سگهيس. مان
سکر ۾ ٻئي درجي جو هئس جو ماستر رسيس ۾ سڏ ڪري ٽي
صلاحون ڏنيون ته مان شڪل مان کيس ائين ٿي لڳس ته
مان پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪندس، ان ڪري:
(1) تون هميشھ سچ ڳالهائج.
(2) ڪڏهن ڪنهن کي گار نه ڏج.
(3) روز اخبار پڙهج.
منهنجا ڪوڙ به اڪثر ڪلياڻڪاري هوندا آهن. دنيا ڀر جون اخبارون
پڙهندو آهيان ۽ اڄ تائين ڪڏهن هڪ گار نه ڪڍي اٿم.
غسي جي حالت ۾ گار ۾ غصو زوردار نموني ظاهر ٿيندو
آهي، پر جيئن ته مان گار نه ڏيندو هئس، ان ڪري
ننڍي عمر کان زوردار اظهار جي تلاش ۾ هوندو هئس.
ان سوچ منهنجي زبان توڙي ادب ۾ ڪافي سختي پيدا
ڪئي؛ ان ڪري ظرافت جو هنر ٻئي هن ڀلي اسڪول ماستر
جي صلاح سان حاصل ڪري ورتم. ان ظرافت وڏن ماڻهن
سان گڏجڻ ۾ مون کي ڪافي مدد ڏني آهي ۽ مان يا عمر
ان گمنام ماستر جو مشڪور رهيو آهيان. مون پنهنجي
شخصي مطلب يا فائدي لاءِ شايد ئي ڪوڙ ڳالهايو آهي؛
ان ڪري زندگيءَ جو گهڻو حصو فاقه ڪشيءَ ۾ گذاريو
اٿم، جيتوڻيڪ ان سوچ کان به واقف آهيان ته ماڻو
هميشھ سچ ڳالهائي نٿو سگهي.
سکر جي ڪَسينِ ۾ ڪانا وجهي، انهن جو پيڇو ڪندو هوس ته آخر اهي
ڪيڏانهن ٿا وڃن. اهي ڪٿي وڃڻ بعد خلاص ته نه
ٿيندا هوندا، مگر روپ ضرور بدلائيندا هوندا ۽ ڪنهن
ٻئي روپ ۾ قائم رهندا هوندا. وڏو ٿيس ته سوچيم
هندن جون چوراسي لک چوڻيون به ان ريت هونديون. لاش
کي باهه لڳي. رک نديءَ ۾ ويئي. ندي سمنڊ ۾. سمنڊ
مان ڪڪر. ڪڪرن مان مينهن. سو دنيا جي هر پراڻيءَ
جي وجود ۾ ان جو ڪو جزو سمائجي وڃي.
سکر ۾ زنده پير جي مقبري تي ويندو هوس ۽ پائي ڏيئي ساڌ ٻيلي ۾
ڍوڍو چٽڻي لسي وغيره ملندا هئا. سنڌو درياءَ ۾ اهو
ٻيلو ڏاڍو وڻندو هو. مان ننڍيءَ عمر کان رولاڪ
بڻيس ۽ دادا جي مسلسل ٻولي. مون کي وڻن تي چڙهي
وڏين ٽارين تي لٽڪڻ جي عادت پئجي وئي، سا اڃا به
اٿم. ڪوٽڙي توڙي سکر ۾ ٻيرن ۽ کجين جي وڻن جو ڪو
اوهي واهي نه هو. کجور ڏاڍي وڻندي هئم. ائين مون
ڪعبي جي کجور جو کاڌي آهي. مون هڪ ڪهاڻي به لکي.
امن حليلن لاءِ. کجور اهڙي سٺي آهي جو ان جي
حاصلات لاءِ هندوستان پاڪستان سان دائمي جنگبندي
جو عهدنامو ڪري سگهي ٿو. رلڻ پنڻ. ڀٽڪڻ. سوچ. سوچ.
سوچ. مان ڪٿان آيس. مان ڪيڏانهن ويندس. زندگي ۽
موت وچ ۾ ڇا غلط، ڇا صحيح آهي. ان کي ڪيئن بهتر
بنائجي. پهرين ٻن، ويدوياس ۽ والميڪي ۽ آخرين ڇيد
۾ ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائڊ ۽ رابرٽ آئنسٽائن
منهنجي سوچ کي وگيانڪ ڏانءُ بخشيو آهي. چاهي ٿورو
گهڻو، دنيا جي گهڻن مفڪرن کي پڙهيو اٿم.
سکر جي منزل گاهه منهنجي دل تي نهايت گهرو اثر ڇڏيو آهي. پر عمر
ننڍي هئم. مسئلو سمجهه ۾ نٿي آيو. اسان جا ماستر ۽
پروفيسر به سنڌي تاريخ بابت اڪثر جهڙا ڄٽ. ليکڪن
وٽ به خالي اڻ لکيل پٽي. ڏاهر کي شيخ اياز معرفت
محمت ابراهيم جويي مشهور ڪيو ته اهو سنڌي تاريخ جو
پهريون سنڌي سورمو آهي، جو پنهنجي زمين ۽ ماڻهن
لاءِ لڙيو. ان کان به وڏو مانُ مرتبو دودي جو آهي.
جو به سنڌ جي زمين ۽ ماڻهن لاءِ سنڌي غيرت لاءِ،
دهليءَ جي شهنشاهه علاؤالدين خلجيءَ سان لڙيو.
اڏيرو لعل کي اوتار مڃيو ٿو وڃي، مگر هن جي
زندگيءَ تي گهٽ کوجنا ٿي آهي ۽ اسين سندس سيڪيولر
ڪردار اڀاري نه سگهيا آهيون. ڇو ته اهو ئي مسلمانن
لاءِ زنده پير آهي، جو سکر ۾ آهي. مون گذريل اٺن
ڏهن سالن کان سنڌ جي تاريخ جو چڱو اڀياس ڪيو آهي؛
۽ سخت سياسي مت ڀيد رکندي به مان مڃان ٿو ته پير
علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ منزل گاهه
تي ڪافي سند سان ۽ صحيح لکيو آهي. جيڪڏهن ڪير
نارائڻداس ملڪاڻيءَ جي آتم ڪٿا ”نرالي زندگي“،
پڙهي، جا هن پير علي محمد راشديءَ کان اڳ لکي آهي
ته لڳندو ته منزل گاهه هڪ پراڻي مسجد ئي آهي.
سومرن ۽ سمن جي وقت کان، رياستي سطح تي سنڌ ۾ مذهبي نفاق ڏسڻ ۾
نٿو اچي. ترخانن جي وقت ۾ ٿوري سختي ٿي. مگر
انگريزن زور ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن تي آندو. پر مسلمان
مسلمانن سان وڙهڻ ۽ هندو هندن سان، اهڙا ڪيترا
مثال تاريخ ۾ موجود آهن. يعني روايات جي لعنت، مگر
سامراج وادين پنهنجي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ سنڌين ۾
نفاق جو ٻج وڌو. سنڌ جي تاريخ ۽ هندستان جي تاريخ
۾ وڏو فرق آهي. سنڌ ۾ تصوف جو گهڻو اثر رهيو آهي.
اڪبر بادشاهه
1574ع
تي بکر فتح ڪيو ۽
1591ع ۾ ٺٽو ۽ سيوهڻ. هُو پاڻ عمرڪوٽ سنڌ ۾
15
آڪٽوبر
1542ع
۾ راڻا ويرسال جي گهر ۾ ڄائو ۽ سنڌ محض ٻن خيالن
کان فتح ڪيائين ته اتي سيڪيولر راڄ برپا ڪندو ۽
سنڌ افغان ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ بفر اسٽيٽ ٿي ڪم
ايندو.
سنڌ جي مغل فتح کان اڳ هڪ صوفي شيخ مبارڪ سوچيو ته، سنڌ ۾ اهڙو
راڄ برپا ڪجي، جتي دائما صلح ۽ شانتي هجي، ان لاءِ
دهلي روانو ٿيو. اڪبر کي معلوم ٿيو ته سنڌ مان هڪ
وڏو صوفي آيو آهي، سو کيس گهرايائين ۽ چيائينس:
”مان سنڌ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مون کي ته رات جو
ننڊ به نٿي اچي!“
”ڇو عالم پناهه؟“
”هتي دهليءَ ۾ ڪابه سلطنت ڏهن ويهن سالن کان وڌيڪ نٿي هلي. مان
هندوستان لاءِ ڪيترو سوچيان ٿو. پر ٿيندو ڇا؟ مان
مري ويندس ته ماڻهو چوندا دهليءَ ۾ هڪ ان بادشاهه
راڄ ڪيو، جنهن جو نالو هو ابوالفتح جلال الدين
محمد اڪبر! اهڙو ڪو رستو نظر نٿو اچي، جنهن مان
هندستان ۾ مغل سلطنت قائم رهي.“
شيخ مبارڪ مشڪڻ لڳو. ”ان جو رستو ته منهنجا پٽ فيضي ۽ ابوالفضل
ٻڌائي سگهن ٿا. اوهان مون اڳيان ڪو وڏو مسئلو
رکو.“
جلال الدين اڪبر کي رستو سنڌي شاعر فيضيءَ ڏيکاريو، جنهن کي
اڪبر هندستان جو پوئٽ لاريٽ سڏيو. فيضيءَ چيو،
”شهنشاهه، هن ملڪ جا گهڻا ماڻهو هوندا آهن، جي ان
ڪري جزيو ۽ ٻيون ڍلون ڀرين ٿا جو هو مسلمان نه
آهن، کين پوري مذهبي آزادي نه آهي؛ ان ڪري اهي
اوهان سان ڪا همدردي نٿا رکن. حڪومت کان ڪٽيا رهن
ٿا. هندن ۽ مسلمانن کي ساڳي طرح برابريءَ سان
هلايو اوهان جو راڄ صدين تائين هلندو رهندو.“
اڪبر کي ڳالهه دل سان لڳي ۽ پيش پيش هن پنهنجي نئين مذهب دين
الاهي موجب صوفي متي کي قبول ڪيو. ڄائو سنڌ ۾.
صلاح سنڌيءَ جي. ۽ صوفي مت به سنڌ جي تاريخ جي
روايت.
دين الاهي جو تاريخي دستخط به سندس سنڌي وزير صوفي شاعر
فيضيءَ ٺاهيو، جنهن جا نقش مان خودپتني ڪمل ۽ ڌيءَ گيتا سان،
آگري جي فتح پور سڪريءَ جي شاهي ديوار تي ڏسي آيو
آهي.
22
جون
1579ع
۾ اڪبر بادشاهه فتح پور سڪري جي چوبتري تي بيٺو ۽
دين الاهيءَ جو خطو پڙهيو. ان ۾ هڪ هنڌ چيائين
”جيڪڏهن صحيح علم سڀني مذهبن ۾ موجود آهي، ته
پوِءِ سچ کي فقط هڪ مذهب تائين محدو ڇو ڪجي؟. . .“
(اي. ايل. سريواس جو ڪتاب ”دي مغل ايمپائر“ صفحه
167.)
ڏسجي ته هندوستان ۽ دنيا کي ”اڪبر دي گريٽ“ سنڌ ڏنو. سنڌ جي
صوفي روايت ڏنو ۽ ان ڌرتيءَ جي صوفي مت کي شهيد
ڪيو وڃي!
ڳالهه هيئن آهي ته جاچ ڪميشن ثابت ڪيو ته منزل گاهه پراڻي مسجد
ئي آهي. ڪانگريس جا سنڌي ليڊر، خاص طور جئرامداس
دولترام ۽ چوئٿرام گدواڻي، اڳ هندو مهاسڀا جا
اڳواڻ رهي چڪا هئا. هو مسلمانن کي جاهل، ڄٽ ۽ وهٽ
سمجهندا هئا. کين صبر نه هو. حڪومت ۾ سندن هلندي
هئي. وڏن عهدن تي هئا. مسلمان اڪثر گهٽ پڙهيل ۽
انهن جي گهڻائي ڳوٺن ۾ رهندي هئي. بس ساڌ ٻيلي جي
مهنت چيو: ٻيلي سامهون مسجد نه هجي. ان جو مطلب
اهو ٿيو ته جي هڪ گهر ۾ هندو آهي ته ٻئي ۾ مسلمان
نه رهڻ گهرجي. سکر ۾ هندن جي گهڻائي ۽ ان طرف جا
هندو لڙاڪو به هئا، جن بکر پٽ چڱيون جنگيون جوٽيون
هيون. مسلمانن کي مارڻ شروع ڪيائون. ڪانگريسي
اڳواڻن جا هندو سنسڪار جاڳي اٿيا. معاملو علي محمد
راشديءَ ۽ جناح هٿ ۾ کنيو. سنڌ جا مسلمان جي هندن
جي اڳواڻن ۾ وشواس رکندا هئا هندن کان ڪٽجي ويا.
سنڌ ۾ مسلم ليگ زور ورتو. هندو مسلم پاڻ کي الڳ
الڳ قومون سمجهڻ لڳا. ڪنور ڀڳت ماريو ويو. ورهاڱو
ٿيو. سنڌي هندن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو.
ساڌ ٻيلي جي مهنت شري هرنامداس ته ضرور ڪو وڏو مها پرش هوندو!
مگر پاڻ شايد سنڌ جي تاريخ کان واقف نه هو. کيس
تصوف ۾ ڪو اعتقاد نه هو.
مان آتم ڪٿا مان تاريخ ۾ انڪروچمينٽ نٿو ڪرڻ چاهيان. پر ڪوبه
شخص تاريخي طاقتن کان ٻاهر نٿو جيئي. هڪ ساڌو
مهاتما جي غلطي ۽ ان جي ايڏي سزا؟ منزل گاهه ته
ويو، سنڌ به ويئي. هاڻ چمڙن جيان آسمان ۾ ابتا
لٽڪيا پيا آهيون ۽ ويٺا سنڌ ڏانهن نهاريون. ڪڏهن
ماٺ ۾ منزل گاهه جا آواز ڪن تي پوندا آهن. هو هو.
دانهون ڪيڪون، ملٽري جي آمد ۽ هڪ لنبي کٽڪندڙ ماٺ.
ڄڻ سڀ ڪجهه مري ويو آهي. گهٽي. شهر. انسان. ائين
هر ملڪ جي تاريخ ۾ اهي ڳالهيون عام جام ڏسجن ٿيون.
بنگال، بهار، پنجاب جا فساد. هوڏانهن ٻي مهاڀاري
جنگ مون ڏٺي آهي. وڏا ننڍا ٿيندا آهن. تنگ دل. تنگ
خيال. تعصبي. مان هندوستان ۾ گانڌي، نهرو ۽ سباش
کي ائين نٿو سمجهان. جي اهي ئي ٺهن ها ۽ عبيدالله
سنڌي ۽ جناح کي پاڻ سان کڻن ها ته قصو ڪجهه ٻيو
هجي ها.
”جي، پر، ته. . .“ فضول لفظ آهن. اهي حقيقتن جي مٿان خوابن جو
ملمعو ٿا لڳائن.
شايد نون ڏهن سالن جو هوس، جو ڪٽنب سان لاهور ويس. اتي به
اسٽيشن تي: هندو چانهه، مسلم چانهه ڏٺم. مون ته
ٻيئي پي ڏٺيون. مون کي ڪو فرق نظر نه آيو. |