ڪافي
خدا جي واسطي پرين، مون کان نه ٿئُ پري پري،
گهڙي نٿي سري سري.
حبيب سائين هجر ۾ تولاءِ روح ٿو رڙي،
فراق واري باهه ۾ سڄو سريُر ٿو سڙي،
بدن جو سنڌ سنڌ ٿو اُلا ڪري ٻري ٻري.
سڄو اڱڻ سجائِيان، اکيون ٻئين وڇائِيان،
پتاشا کير کنڊ ۾، مٺائِيون وِرهائِيان،
غريب جي اڱڻ اچيِن، اگر قدم ڀري ڀري.
بنا سبب جي ڇو رُسين ٿو روز روز دلربا،
اجايون ڪاوڙن ڪرين ٿو بار بار ڇو ڀلا،
اهو جحاب ۽ حَذر چڱو نه آ ذري ذري،
نه ساههُ اختيارَ ۾، نه وقت اختيار ۾،
متان وڃيم ٿي گذر حياتي انتظار ۾،
”مدهوش“ جي صدا ٻُڌي، ڪو قرب وڃ ڪري ڪري.
ڪافي
ڪريان هار سينگار، ڇا ڪاڻ سرتيون،
ڇڏي ويو ڇورئ کي، پنهل پاڻ سرتيون.
ڪجل سُرماسرخيون، ورائي وڃو سڀ،
مڃي منٿَ منهنجي موٽائي، وڃو سڀ،
اهي، تيل، خوشبو ۽ سرهاڻ سرتيون.
اندر ۾ عذابن جون جايون اڏي ويو،
سورن ۾ سلهاڙي، ڏکن سان گڏي ويو،
گوندر ۾ گذاريان، پئي هاڻ سرتيون،
وڃا شال تا ڏي، جانب آههِ جا ڏي،
جانب رئ جيڻ کي ڪنديس آءٌ ڪاڏي،
سُونهين ٿو مرڻ ڀِي سڄڻ ساڻ سرتيون.
پرين ياد ”مدهوش“ کي جيئن اچن ٿا،
پُورن جي مٿان پُورَ، پلپل پَوَن ٿا،
سُڪي، ٿي اکين جِي نه آلاڻ سرتيون.
ڪافي
ساهه ۾ تنهنجي سار اٿم،
سار به تارون تار اٿم.
آءُ اڱڻ او مور مکڻ، نازڪ پنهنجا نيڻ ته کَڻُ،
لاهه سڀئي لحظي ۾ سڄڻ، برههَ ڏنا جي بار اٿم.
خاص ٿو ڪيڏو خوب لڳين، مون کي مٺو محبوب لڳين،
تون ته سُٺو پر تنهنجو پرين!، سور به ماکئ لارَ اٿم.
ڪو ئي ڪري معلوم متان، تَنهن جي ڪري ٿي لڪندي وَتان،
ڪا ٿي لڪان ۽ ڪيئن لڪان؟ نينهَن ڪيو نِروار اٿم.
جهاتئ جو پهريون جهٽڪو، ياد يَڪو آ، يادِ يَڪو،
پيار سندو پيوَندُ پڪو، ميخ لڳل منٺار اٿم.
دوُ ڌ دکن ٿا دل ۾ دَل دَل، ڪاڏي ڪيان هِئ مَيل مَتل،
مَنَ اندر ”مدهوش“ لڳل، دردن جي درٻار اٿم.
ڪافي
آ ساري جهانَ ۾ سهڻو، محبوب مٺو مَن مُهڻو،
وي اهڙي يار جي، ساراهه ڇا ڪجي.
ٿيون حورون پريون مستان سڀئي،
هئي حسن مٿان حيران سڀئي.
وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي.
هُن زلف پکيڙي ڇانوَ ڪئي،
سڀني چيو ٿِي رحمت وئي.
وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟
هٻڪار گُلن آ ماڻي،
هڻي هُن جي پگهر جو پاڻي.
وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟
”مدهوش“ مٿس موهت پريون،
ڪيون ڪيئي دليون چاهت چريون.
وي اهڙي يار جي ساراهه ڇا ڪجي؟
ڪافي
اي قربدار قاصد، وڃ يار ڏي سگهو،
سڪ جو کڻي سَنِيهو، وڃ يار ڏي سگهو.
جهٽ ڪر اِهي دلاسا ڍرڙا ڍَرا نه ڏي،
ها، ها، وڃان، وڃان ٿو جا آسرا نه ڏي،
وڃ وڃ اُٿي اُٿي وڃ، دلدار ڏي سگهو.
ڪاٽي سڀئي ڪشالا ۽ منزلون هڻي،
لِ الله پيار جو هي پيغام وَڃُ کڻي،
محبوب منهنجي مٺڙي، منٺار ڏي سگهو.
سُورن ڇڏيو سُڪائي ساڻو ڪري ڪري،
محبوب کي وڃي چؤ، ”مدهوش“ ٿو مري مري،
دم دير ڪين ڪر اچي آڌار ڏي سگهو.
ڪافي
حسن آڏو،درد دم ڏيندي ڏٺم،
ناز سامهون نياز ڪم ايندي ڏٺم.
هُو نه هو هُن جا هزارين سُورَ ها،
هاءِ پُورَن جي مٿان لک پُورَ ها،
هڪ جَهلڪ سان سڀ ڀَسم ٿيندي ڏٺم.
هُونء ته مسروري نه هئي ڪا ئي ذري،
غمزده دل ۾ خوشي آئي وري،
پاڻ ڏي هُن جا قدم ايندي ڏٺم.
گهر اڱڻ ٻهڪڻ لڳو، مهڪڻ لڳو،
هر طرف هٻڪار سان سَهڪڻ لڳو،
قربَ واري جا ڪرم ايندي ڏٺم.
هر طرف ”مدهوش“ شڪ شُبها هُئا،
وِسوِسا سوداء ۽ خدشا هئا،
سڀ هليا ويا جيئن صنم ايندي ڏٺم.
ڪافي
ڪنهن کي نه چؤ اي دل چري،
هتي ڪير ڪنهن جو وفادار ڪونهي، وفادار ڪونهي.
هتي ڪير آ جو فرياد ٻُڌندو، هي زمانو نه ٺهندو نه سهندو،
تکا تير طعنن جا هڻندو ئي رهندو..... ڪنهن کي نه چو.....
هتي کوڙ فتنن جاکُورا ٿئي، اِهي سڀ مَطلبي سَمُورا ٿئي،
رڳو پنهنجي مقصد ۾ پُورا ٿئي ..... ڪنهن کي نه چؤ......
اهي ماڻهو محبت کي چرچو ٿا سمجهن، تماشو ٿا سمجهن ۽ رؤنشو ٿا
سمجهن،
اهي پيار وارن کي چريو ٿا سمجهن، ڪنهن کي نه چؤ......
سفر عشق جو اَڻاڻو ۽ اَهنجو، اي ”مدهوش“ ناهي هتي ڪير ڪنهن جو،
سنڀالي کڻي هل پڪو پير پنهنجو ......ڪنهن کي نه چؤ.....
ڪافي
جدا نه ٿي مون کان ڙي جدا نه ٿي تون،
جدا ئي عذاب آ، جدا نه ٿي تون.
رئڻ کان دل ڪين رهي ٿي،
ايڏو وڇوڙو ڪين سهي ٿي.
منٽُ پري هڪ مٺا نه ٿي تون.
آءُ ته گڏ جي گهاريون حياتي،
محب متان ٿئي هاءِ مَماتي،
موت کان اڳ ۾، خفا نه ٿي تون.
هر هڪ آٽو،تنهنجو مڃيو مون،
جيئن چيو تو، تيئن ڪيو مون،
ڪهڙي مرضي، ادا نه ٿي تُون.
پيار ۾ پلپل پُور ڏنا تو،
ساعت ساعت سور ڏنا تو،
”مدهوش“ تڏهن ڀي گِلا نه ٿِي تون.
|