غزل
مان رهان نه مان ٻيو، تون رهين نه تون ٻِيو،
جي ڪرم ڪرين ته ڪَر، اي سڄڻ اِهيو اِهيو.
جي اکيون ملي پَون،
قسمت ٺهِي پَوَي،
جيڪڏهن لِڪي لِڪي پائين گُهنڊَ مان لِيو.
ذات جو ۽ پات جو، ٿو رکين حساب ڇو؟
تون به آهين ساڳيو، مان به آهيان ساڳيو.
تون به ساٿ ڏي سڄڻ، مان به ساٿ ڏيان سڄڻ،
جيستائين ساههَ جو ٽِمڪندو رَهي ڏيو.
آءُ آءُ هڪ ٿِيوُن، هن جهانَ ۾ جِيُون،
موڳڙو”مدهوشڙو“ آ اُداس ٿِي پيو.
غزل
پري ڇو ٿو ڊُڪين ڊوڙين، اچي ويجهو تماشو ڏس،
اندر واريون اکيون کولي، ادا پنهنجو تماشو ڏس.
پاڇُولن جي پُٺيان ڇالئه ڪرين ٿو زندگي ضايع،
بازيگر ٿي تماشي ۾ تماشي جو تماشو ڏس.
محبت سان مجازيءَ سان، اکين جي پاڪبازئ سان،
حسينن جي هٿان دلڙي ڦُرائي ڪو تماشو ڏس.
برههَ واري بتيلي تي، چڙهي لوڻا نه هڻ ڪاڏي،
يقينن جي سهاري تي، ٻَڌِي تُرهو تماشو ڏس.
مزو قادر جي قدرت جو، اگر ”مدهوش“ چاهِين ٿو،
ته پهريان پاڻ کي پَسُ پوءِ ڪنهن ٻئي جو تماشو ڏس.
غزل
عشق اڄ پڪڙيو وڃي ٿو، دُونهَن ڪارن ڪافرن ڏي،
ڪارڙن ڪاريهَرن ڏي، هُن جي وارن جي وَرن ڏي.
چاههُ چُهنڊيون هڻي ٿو، ساههُ ڀِي سِسڪي چوي ٿو،
سر ڪندو هل سانورن ڏي، بانوَرن جي ڇانوَرن ڏي.
نينهَن کان نادر نشانبر ڪيترن ڏاهَن جهليو پر،
دل چيو ڏِين ڌيان ڇو ٿو؟ بُزدلن جي مَشوَرن ڏي.
نيڻ بيهي آمهون سامهون، سي به آچِين ٿا صلاحُون،
هل هليو اڄ قاتلن ڏي، ڪوسَ جي ڪاريگرن ڏي.
جي ڪيا ها ڏيئي گوگها، زلفَ جي زنجير سوگها،
سي وري سالم نه پهتا، دوستو پنهنجن گهرن ڏي.
عشق منهنجو نوجوانو، مان ڪراڙو ناتوانو،
ته به ڇڪيندو ٿو وڃي، ”مد هوش“اهڙن منظرن ڏي.
غزل
دنيا جي درشنئ ۾ جيڪا صفاتَ آهي،
اُن جي ذري ۾ مولاجي ذات آهي.
هِي حيرتون هزارين، ۽ ڪثرتون ڪروڙين،
دراصل هڪ حقيقت، هڪ حاصلات آهي.
جيڪو به ڪجهه ڏسو ٿا، اوري پري پسو ٿا،
اثبات جي ادائُن جي وارڌات آهي.
دلبر جي دَرشنن کان محروم ڇو نه رهندا،
جن جي نظر ۾ ويٺل لات و منات آهي.
آفاق کان ٿي اڳتي اُن جي نگاهه پهچي،
”مدهوش“ جنهن جي ڀاڪُر ۾ ڪائناتَ آهي.
غزل
تون تخت نشينئ ۾، مان خاڪ نشينئ ۾،
تون پنهنجي محل ۾ رهه، مان پنهنجي مَڪِينئ ۾.
سادو ئي چڱو هان پر، محتاج نه ٿيندُس مُور،
مان پيٽ بکيو بهتر، تون کا، پيءُ چينِئ ۾.
عرشن تي اُڏامڻ جا، تون خواب ڀلي لَههُ پيو،
خوش منهنجو کُتل آهي، هئ ذهنُ زمِينئ ۾.
مان مومنُ مولائي، تون لوڀَ جو شيدائي،
ظاهر ۾ ٻئي ساڳيا هون، آ فرقُ اَمِينئ ۾.
”مدهوش“ ڪڍان ڇالئه، پرواهه اميرن جِي،
هُو خوش ڌَنَ دولت تي، مان خوش مِسڪِينئ ۾.
غزل
سرڌارڪيم، ڌڙ ڌار، ڪيم تنهنجي خاطر،
ڇا ڇا نه ڀلا اي يار ڪيم تنهنجي خاطر.
سڀ هار ڇڏي، سينگار ڇڏي، وهنوار ڇڏي،
ويسُ فقيري اختيار ڪيم تنهنجي خاطر.
هئ پار ڏنم، هُو پار ڏنم، سنسار ڏنم،
اهڙو به سچڻ واپار ڪيم تنهنجي خاطر.
دڙڪا سڙڪا، طعنا تُنڪا، اونا اُلڪا،
سڀئي سرتي هسوار ڪيم تنهنجي خاطر.
هن لوڪ گهڻو ئي ٽوڪ ڪئي ۽ روڪ ڪئي،
درياههُ تري ته به پار ڪيم تنهنجي خاطر.
مدهوشئ ۾ ”مدهوش“ سڄو پنهنجو دامن،
چيري ڦاڙي اڄ تار ڪيم تنهنجي خاطر.
غزل
مان محبت جو اُهو آهيان مثال،
جنهن انا الحق جي وڄائي آ ڌمال.
چيري چيري آسمانن جو جگر،
ٿو لتاڙيان ڪهڪشائن جو ڪمال.
منهنجي رفتارن کي ڪو پڪڙي سگهي،
آ ڪِٿي اهڙي فِرشتن کي مجال.
ٿو نکاريان حضرتِ انسانَ جي،
عظتُن جو ڪار نامو لازوال.
راز جا پردا ڇڏيم ڦاڙي صفا،
مون اچي کوليا جَلالت ۽ جلال.
مون ئي خود ”مدهوش“ ٿي آهي ڏنو،
هن زماني کي اِهو سارو جمال.
غزل
پاڻ کي تون پساءِ آئينو،
پوءِ ٻئي ڏي وڌاءِ آئينو.
جي گُهرين ٿو مشاهدو ماڻيان،
آئيني سان مِلاءِ آئينو.
جيڪڏهن ڪامياب ٿيڻو اٿئي،
دل کي ڌوئي بناءِ آئينو.
حوصلي سان سنوار صورت کي،
مُرڪي مُرڪي سجاءِ آئينو.
هر نظارو چِٽو پِٽو ڏسبئي،
اَندران مانڃراءِ آئينو.
اولڙو اولڙي کي پڪڙيندو،
هيڏي هوڏي گُهماءِ آئينو.
تُنهنجي صورت پڙهي پڙهي پُرجهڻ،
آههِ ”مدهوش“ لاءِ آئينو.
غزل
بِيههُ ڪريان ڪتابَ جو درشن،
دلربا بابَ باب جو درشن.
حسنَ عاليجناب جو درشن،
آههِ مون لاءِ ثواب جو درشن.
مون جڏهن کان ڏٺا لُعابِي لب،
ياد آيو گلاب جو درشن.
ساري محفل ۾ لاجواب آهي،
هاءِ تو لاجواب جو درشن.
هوش ”مدهوشَ“ جو وڌي ويندو،
ماڻي تنهنجي شبابَ جو درشن.
غزل
اکِ تُنهنجي ٻَکي جنهن کي، آ اُن جو چُرڻ مشڪل،
چَپُ تنهنجو چکي جنهن کي، آ ان جو چُرڻ مشڪل.
نانگن جا ڏنگيل هوندا، دنيا ۾ هزارين پر،
ڳُتِ تنهنجي ڪکي جنهن کي، آ ان جو چرڻ مشڪل.
مهميرُ زماني جو ڪيڏو به سڏائي ڪو،
هَٿُ پيار رکي جنهن کي، آ ان جو چرڻ مشڪل.
هڪ تنهنجي نظارن جي ٻيو تنهنجي اشارن جِي،
ٿي لارَ لکي جنهن کي، آ اُن جو چرڻ مشڪل.
ايمانَ عقيدي سان، وعدي جي سچي خوشبو،
”مدهوش“ مکي، جنهن کي، آ ان جو چرڻ مشڪل.
غزل
تنهنجو درشن ثواب ٿو سمجهان،
منهن مقدس ڪتاب ٿو سمجهان.
نيڻَ تنهنجا حجابَ جا پيالا،
چَپ طهُورا شراب ٿو سمجهان.
ٻول تنهنجا مٺا مٺا شيرين،
گفتگو لاجواب ٿو سمجهان.
مُرڪ تنهنجي ائين لڳي ٿي ڄَڻُ،
ساري محفل گلاب ٿو سمجهان.
پير تنهنجا غريب خاني تي،
ڪا دعا مُستجاب ٿو سمجهان.
تو سواءِ هئ جهانُ هيڪاندو،
ڄڻ ته ”مدهوش“ خواب ٿو سمجهان.
غزل
دل رڳو منهنجي نه آ پيار ۾ شامل سهڻا،
ديد تنهنجي به آ ديدار ۾ شامل سهڻا.
مان گنهگار خطا ڪار سزاوار سهي.
حسنُ تنهنجو به آ سَهڪار ۾ شامل سهڻا.
جيڪڏهن پاڻ لڪائڻ جي ضرورت هُيَڙئي،
ڇو رکيئ پاڻ کي اظهار ۾ شامل سهڻا.
تون سرِ عام ڀلي سوڀَ جو سرواڻ هُجين،
مان هُجان تنهنجي هٿان هار ۾ شامل سهڻا.
درد سهندي، به دعائون پيو ڏيندس هر دم،
”رهه ڀلي موج مزيدار ۾ شامل سهڻا.“
جنهن سان ”مدهوش“ کي معراج محبت جو ملي،
ڪر اُنهئ شوقَ جي شهڪار ۾ شامل سهڻا.
غزل
جدا جنهن ڪيو ٿئي، اِها تون ۽ مان ڪڍُ،
اَنا کي اِتان ڪڍ، وِٿينُ کي وچان ڪڍ.
کلي ڇو نه خوش ٿِين، ملي ڇو نه هڪ ٿِين،
رڳو غير بد نام پنهنجي گهران ڪڍ.
ٿيڻ سان ٿئي ٿو، پراڻو به پنهنجو،
اِها جوڙ ۽ ڪٽ رڳو واتَ مان ڪڍ.
زمانو ستم نئين نموني جا آڻي،
ته تون ڀي سَهپ جا طريقا نوان ڪڍ.
وڏائيء جي وائُن ۾ وائُر جي ويندس،
انهئ واءُ جي اُف نه ڪنهن ڀاءُ سان ڪڍ.
جي چاهين ته ”مدهوش“ خود کي سڃاڻان،
دغا، دوڌ، دولاپُ، اَندر منجهان ڪڍ.
غزل
اکين جي آرَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو،
دلين جي پيارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
نظر جو وارُ لڳا تار اُلاري ڪو جڏهن،
ته وار وارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
ڪُسڻ جي ويلَ شهيدن به هئ ڏني فتوا،
ڪجل جي ڌارَ ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
سچي ڪري نه ڪري ڪوئي پر حقيقت آ،
ته دم ديدار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
ڏٺم جهان کي ”مدهوشَ“ غورَ سان گُهوري،
ته هر نهار ۾ آهي، مزو مزو ئي مزو.
غزل
چؤ هِتي يا هِتي، مٺي ڏيائين،
تون جتي چئين اُتي مٺِي ڏيائين.
تون سرا پا حسين تر آهين،
اي مٺِي مان ڪٿي،مٺِي ڏيائين.
جيڪو گل قندَ کان مٺو آ، اُن،
گُل نما واتَ تي مٺي ڏيائين.
ڪجهه ادب ڪجهه حجاب ٿو ماري،
نيٺ مان ڇا سنڌي مٺي ڏيائين.
ويهه ”مدهوشَ“ جي اچي ڀر سان.
پيرڙن تي ڀري مٺِي ڏيائين.
غزل
سارو کسي وئين هوش، او منهنجا مَنَ!
ڪو نه ڏنئي دل گوش، اومنهنجا من.
چَينُ سمورو ساڻ کڻي وئين!
مان ڪيئن رهان خاموش، او منهنجا من.
آءُ اچِي رهه دل جي اَندر!
ڪريان اکڙيون آغوش، او منهنجا من.
ڍوليا منهنجو ڍڪُ ڍڪي وڃُ!
ڏيئي پردو پوش، او منهنجا من!
سُورَ ۾ ساڙي راک ڪري وئين!
مون کي ڪري ”مدهوش“ اومنهنجا من.
غزل
تون نه هوندين هيءَ زندگي ڇا ڪبي،
زندگي ڇا ڪبي ۽ خوشي ڇا ڪبي.
شال ويٺو هجان، تنهنجي دَرڙي اڳيان،
خوبتر جاءِ فردوسَ جِي ڇا ڪبي؟
جنّتي حُورَ ڪيڏي به سهڻي هجي،
پر صدين کان وڏي، اَڻ ڏٺِي ڇا ڪبي.
روز ميثاق کان پياسَ تنهنجي اٿم،
عارضي شربتُن جي ندي ڇا ڪبي،
ڪو اکين کي چُمين جو ته ڍُءُ ڏي مٺا.
هڪڙو ڀاڪُر ۽ هڪڙي چُمي ڇا ڪبي.
تنهنجو ”مدهوش“ تي هر گهڙي هَٿُ هُجي،
پوءِ طُوبا سندي ڇانوَ ڀِي ڇا ڪبي؟
غزل
اي اڪيلا مسافر ڪو اُلڪو نه ڪر،
هل هليو، پاڻ کي دلشڪستو نه ڪر.
عشقَ جي آگ ۾، ڪيم هلندءِ گڏيو،
آسِرو ڌاسِرو دوستن جو نه ڪر.
ڪيتريون اڻ ڪٿيون مُشڪلاتون اچن،
شوق پنهنجي سندو بَند رستو نه ڪر.
ماڳ ماڻڻ گُهرين ٿو اگر، هِيئَن ڪر،
پير تي پير ڏي ڪو ئي کڙڪونه ڪر.
عشق اڻ موٽ جي آ تقاضا اها،
بارُ سر تي کڻي، بار هلڪو نه ڪر.
هلندي هلندي اگر واٽ تي سُج لهي،
ڪائي اوندهه اچي،خوفُ ڪنهنجو نه ڪر.
مست ”مدهوش“ ٿيءُ، ڪنهن فرشتي اڳيان،
پنهنجي عظمت سندو هيٺ رُتبو نه ڪر.
غزل
حَسينُ اهڙو ڏٺو نه مون آ، حسين تنهنجي شبابَ وانگر،
نه آسماني شُهابَ وانگر، نه باغ جي ڪنهن گلاب وانگر.
نگاههَ سان ترڇڙو نهاري،ڪُهين ٿو عاشق سوين بيهاري،
وِجهين ٿو ماري وري جياري، مسيحَ ڪنهن لا جواب وانگر.
هئ منهن مبارڪ مٺا لِڪائڻ، چڱو ته ناهي صفا سِڪائِڻِ،
حجاب وارو نِقابُ لاهي،پڙهڻ ڏي چهڙو ڪتابَ وانگر.
مڃي مڃي يا نه ڪو مڃي پر، خدا جي تخليق آهين بهتر،
خدا جي تعريف ڏوهه آ اگر، ته ڏوهه ڀي آ ثواب وانگر.
اکين جو هڪڙو ڪري اِشارو، اچي ڏي ”مدهوش“ کي سهارو،
سواءِ زيارت متان ويچارو ڀُڄِي وڃي ڪنهن ڪبابَ وانگر.
غزل
هن عشقَ جي وحشت کي، صحرا نه جهلي سگهيا،
پُر شوق خيالن کي، خطرا نه جهلي سگهيا.
ڪيڏيون نه اُٿيون ڦڪڙيون، ڪيڏا نه لڳا الزام،
اڻ موٽ ارادن کي، طعنا نه جهلي سگهيا.
سوراهه مسافر هان، جنهن راهه مسافر کي،
دولاب دَلا دَلبا، دوکا نه جهلي سگهيا.
جنهن جاءِ لڳيون اکڙيون، سا جاءِ تڪي ويٺُس،
جنهن ڪنهن جي نظارن جا، پاڇا نه جهلي سگهيا.
جن ساههُ مٺو سمجهيو، سي راههَ ۾ رهجي ويا،
جن چاههُ چکيو تن کي، پهرا نه جهلي سگهيا.
مئي جون مهيني ۾، زلفن جو پيو جُهڙياد،
ڪاڇي جي پٽوڙن جا، جهولا نه جهلي سگهيا.
”مدهوش“ کي جنهن ويلي، محبوبُ اچي سڏيو،
دنيا جي طوفانن جا، ڌڙڪا نه جهلي سگهيا.
غزل
يار يار يار نه ڪر،
جي ڪرين ته ڌار نه ڪر.
پيارو آ شفاف شيشو،
اُن کي داغدار نه ڪر.
وقت پيو ڪري ته ڪري،
تون ته ڪوئي وار نه ڪر.
باربار دل ڪنهِن جِي،
درد جو شڪار نه ڪر.
غير جي ڳالهه ۽ غير تي،
ڪوئي اعتبار نه ڪر.
ڪجهه ته هوش ڪر ”مدهوش،“
ڪنهن کي اشڪبار نه ڪر
غزل
ٿيءُ نه تون پري پري!
تو سوا نٿي سري.
آ ته روح خوش ٿئي!
آ ته دل ٺري ٺري.
ڪيئن وِسارِيان پرين!
يادِ آن ذري ذري.
هانوَ ۾ اُلا ڪري!
باهه ٿي ٻري ٻري.
دم نه هئُ ٽُٽِي پوي!
آسرا ڪري ڪري.
پنهنجي ”مدهوشَ“ ڏي!
پيرَ آ ڀري ڀري.
غزل
آر، ڳوليان ٿو، پار ڳوليان ٿو،
پر نه دل جو دَيار ڳوليان ٿو.
هُو ڪٿي نه ڪٿي لِڪل هُوندو،
تنهن ڪري بار بار ڳوليان ٿو.
بت پرستي رڳو بهانو آ،
اصل صورت نِگار ڳوليان ٿو.
جنهن به معبود کي سڃاتو آ،
سو عبادت گذار ڳوليان ٿو.
مان سلامت رهان رهان نه رهان،
دوستئ جو وقار ڳوليان ٿو.
هُن مٿان پنهنجي آ برو گهوري،
مرتبو شاندار ڳوليان ٿو.
ڪيڏو ”مدهوش“ بي وقوف آهيان،
عاشقئ ۾ قرار ڳوليان ٿو.
غزل
ڪيئن ڏيان اعتبار ماڻهن کي،
ٿو ڏسان آءٌ جا بجا هُن کي.
دل به هڪڙي اُهو به هڪڙو آ،
ڇو مڃان ايترن خدائن کي.
يار اهڙي نگاهه ڏيکاري جو،
مات اچي ويئِي اَنائُن کي.
پاڻ کي پاڻ جنهن نه ماريو سو،
ڪين سمجهِي سگهيو وفائن کي.
حضرتِ عشق جو اِهو اصول آهي،
بند رکجي، لڪائي راز داُرين کي.
سي رڻن ۾ رُلي فنا ٿي ويا،
جن وَسايو ويران راهُن کي.
ڪر نه ”مدهوش“ وائکيون وايُون،
دل ۾ دفناءِ پنهنجي دانهُن کي.
|