گــــيــــت
گيت
ڏوراپو ڏبو آ، نه ڪو سو ٿِيو آ،
ڏکن سان بِه ڏوريون پِيو ڏوربو آ.
ڪڻو قرب وارن جو ڪانڊو يالائو،
ملي، توڙي ڏک سور ڏَنجهو ڏولائو،
نه ورجائبو آ نه دُهرائبو آ.
اچي، جهڙي سرتي نباهي آ ڇڏبي،
مصيبت ڪلَهن تي وسائي آ ڇڏبي،
نه ڪِيٻائبو آ، نه پڇتائبو آ،
رُٺل ڀي دلاسن سان پَرچي پوي ٿو،
سچائي اگر آ ته سر چِي پوي ٿو،
رڳو شرط هئ آ جوخود ماربو آ.
ويهارن اُٿارن ڌڪارن ته مرضِي،
مُئل کي بِه ”مدهوش“ مارن ته مرضي،
نه سڄڻن سان هرگز سيِنو ساهبو آ.
گيت
نيڻن ۾ ڏسي نازَ جي موتين جا خَزانا،
مَستان ٿيس تُنهنجي انهئ حسنَ تي جانان!
جي نيڻ کڻين ٿي ته اڃا خوب وڻين ٿِي،
نظرن جا اِهي تيرَ تکا جيڪي هڻين ٿِي،
ٿا ٺيڪ لڳن، ڪين گُسن تنهنجا نشانا.
اندازَ ادا کان ٿو ڀلا ڪير جَهليئي،
ڏي زور اي شهزور جيڪو زور هليئِي،
نِڪرن ته پِيا نِڪَرنِ، هن دل جا دهانا.
ڀل شوق سان سينگار تي سينگار ڪَري هلُ،
ڪجهه پيار ته ڪجهه پيارَ جي هُٻڪار کڻي هَل،
اِن ريِت ڪري آءُ سڀئي ساٺَ سُهانا.
”مدهوش“ جو سيِنو ٿي ڀلي چُور وڃي اڄ،
”مدهوش“ شهادت ۾ ٿي مشهور وڃي اڄ،
ڪر حسنَ جي طاقت تي ڀلي رُعبَ روانا.
گيت
زلفن جي ڀاڪرن ۾، پَلڪن جي ڇانوَرن ۾،
واهه جو مزو آ تنهنجن، نيڻن جي بِسترن ۾،
سنڌو ندئ جي ڪپ تي، شُعلي شعاعَ جهڙي،
نوري نماءَ جهڙي، هيڏي هڳاء جهڙي،
هُوندي نه حُورَ اهڙي، فردوس جي گهرن ۾.
ديدُون اِهي مٿي کڻ، ديدُن ۾ پاڻ پايان،
عيدون انهن اکين جي آغوش ۾ مَلهايان،
ريهي نه ڇڏ رهائي، محشر جي آسِرَن ۾،
انداز سان اڱڻ تي، تنهنجو هلڻ چَلَڻ ڇا،
”مدهوش“ موڳڙي سان، مُرڪڻ کلڻ ملڻ ڇا؟
هيڏو مزو نه هوندو، جنّت جي مَنظرن ۾.
گيت
آءٌ صدقي وڃان، حسنَ جي نانوَ تان،
گهور ٿيندو وتان، گهور ڏيندو وَتان.
حسن دلدار آ، حسن غمٽار آ، حسن من جو مزو حسن مَنٺار آ،
حُسن پيارو اٿم، حسن هڪ پيار آ، پاڻ کي تنهنڪري ٿو نه روڪي
سگهان،
آءُ صدقي وڃان.
جا بجا ٿو ڏسان حسنَ جو آهه هُل، چيز ڪا ئي ڪٿي حسنَ جو ناههِ
تُل،
حسن بلڪل اَمُل، حسن گلشن جو گل تنهن ڪري ڀؤنر وانگر ڦرِيو ٿو
ڦران،
آءُ صدقي وڃان.
حسن آ دلربا، ؟حسن آ غم ڪشا، حسن نيڻن جو ڍَءُ، حسن دل جِي غذا،
حسن هيڻي بدن جي دوا ۽ شفا، تنهن ڪري حسن کي ٿو مٿانهون مڃان،
آءُ صدقي وڃان.
حسن چاهت به آ، حسن راحت به آ،
حسن جي هاڪ ”مدهوش“ ثابت به آ،
حسن پاڪ پرو رسندي خاص زياتِ به آ، تنهن ڪري ٿو چوان روز درشن
ڪيان،
آءُ صدقي وڃان.
گيت
نيڻَ نيڻن سان چُمڻ ڏي ته نشوطاري ٿئي،
دلربا دل ۾ محبت جو مزو جاري ٿئي.
زلفَ تنهنجي ۾ جيڪو واسُ سلامت آهي،
ساههَ منهنجي، جي اُهو خاص ضرورت آهي،
تنهنجي وارن ۾ خدا داد ڪرامت آهي،
جي ڇنڊين وار ته هِن هانوَ تي هُٻڪار ٿئي.
هڪ ته چولي جي مٿان ڀرتَ هزارا آهن،
ٻيوته چُنڙئ تي چِٽن جا ٿا ستارا سُونهَن،
ڇو نه آنچل جي اشاري سان بهاريون برسن،
تون کلي پَئيِن ته چؤ ڌاري گل و گلزاري ٿئي.
واٽ ويندي جي وِکُون چار کڻِين گڏ مون سان،
۽ حياتئ جي سفر ۾ تون رهين گڏ مون سان،
آمهون سامهون ٿي اگر قربَ ونڊين گڏ مون سان،
دل اُجاڙيل جو ڦٽل رنگُ به هالاري ٿئي.
مان مڃان ٿو ته مٺي آهين، اکين ٺار سَهي،
نُور جي لاٽَ مزيدارَ سان ٽمٽار سهي،
آءُ ”مدهوش“ گنهگار خطا ڪار سهي،
تون نوازين ته سندم غرق گُنهگاري ٿئي.
گيت
هيڪر اُڏامي آءُ تون، آزاد ٿِي اُڏندا وَتُون،
دل ڪش فضائن ۾ گُهمُون،گهمندا وتون ڦرندا وَتون.
ڪنهن کان نه ڪا ئي پُڇا،
ڪنهن جي نه ڪر پرواهه ڪا،
سوسو دفعا رک دلربا، دل جي کسڻ جون عادتون.
اي هم قدم، اي هم سفر!
ڌيان ها ڇڏي تنهنجي پچر،
سر ساهه جا سائين مگر، ڪاڏي ڪيان هي چاهتون.
ڪو ئي ڀلي ڀر جهل چَوَ ئي،
ڪو ئي دوا درمل چوئي،
ڪو ئي ڏکن جو حل چوئي، آهين سرا پاراحتون.
”مدهوشَ“ جو بڻجِي سڄڻ!
نرمل نماڻا نيڻ کڻ،
هِن هانوَ تي ڇنڊڙو ته هڻ، اڄ ڪي اچي ڏي آٿتُون.
گيت
ڀاڪُر پائي مل مون سان مل، مل مل مل مون سان مل،
تو لئه ڏاڍي آتِي آ دل، مل مل مل مون سان مل.
سهڻيون گهڙيون پياريون پياريون، ڪيئن گهاريون ڌار گذاريون،
مان هِت هيڪل، تون هُت هيڪل، مل مل مل مون سان مل.
غيرن سان جيئن مهڪين ٿو، ٽهڪ وڏا ڏئي ٽهڪيِن ٿو،
تيئن مون سان ڀي جانيئڙا کل، مل مل مل مون سان مل.
پنهنجي ڪاوڙ يار ڇڏي، گوڏو گوڏي ساڻ گڏي،
من آ ته مچايون ڪا محفل، مل مل مل مون سان مل.
هئ سالن کان به سوايُون، هيڪانديون هيڏيون جُدايون،
”مدهوش“ سهڻ آهن مشڪل، مل مل مل مون سان مل.
گيت
آ ته اڄ عيد ملهايون، جِيءُ وِندرايون سهڻا،.
پيار سان پيار وَڌايون، جِئ وندرايون سهڻا.
شاد آباد ڏسِي پنهنجي وطن جون بَستيون،
ناچ تي ناچ نچايُون جِيءُ وندرايون سهڻا.
ٿو وڻي خوب مٺي ديسَ جو هر هڪ ماڻهو،
ٿا تڏهن ڀاڪُرَ پايون جيءُ وندرايون سهڻا.
ڇو اجايو ڪنهن جي آڏو، هَٿَ کي ڦهلايون،
پاڻ کي پاڻ ئي ڀانيون، جيءُ وِندرايون سهڻا.
واهه جو رنگَ رچي ويندا، اگر اي ”مدهوش“
کِيرَ ۾ کنڊَ ملايون، جئ وندرايون سهڻا.
گيت
هر هر سهڻو چهرو ڏسجي،ڀيري تي ڏئي ڀيرو ڏسجي،
ڦيري تي ڏئي ڦيرو ڏسجي، ڏسجي.. ڏسجي.......
سهڻن ڳلڙن سونهارن جو،
قدرت جي اِن شهڪارن جو،
پيارن، پيارن رخسارن جو،
رنگ گلابِي گهِرو ڏسجي، هر هر سهڻو چهرو ڏسجي.
اَڙجي ته يڪو ئي اُت اَڙجي،
کڙجي ته يڪو ئي اُت کڙجي،
پڙهجي ته يڪو ئي سو پڙهجي،
جنهن ۾ ڪو ئي مزڙو ڏسجي، هر هر سهڻو چهرو ڏسجي.
سُونهن ڪرائي، پاڻئون درشن،
پڪڙي جهلجي سوگهو دامن،
جا ٿي، مَنُ ٿئي مست مگن،
هيڏي، هوڏي ڪهڙو ڏسجي، هر هر سهڻو چهرو ڏسجي.
جنهن مان روح کي راحت پهچي،
جنهن سان دل کي آ ٿتُ پهچي،
نيڻن کي ڀي نعمت پهچي،
”مدهوش“ اُن ڏي ويٺو ڏسجي، هر هر سهڻو چهرو ڏسجي.
گيت
پرين پُڇڻ اچين، ته مان بچي پوان،
بچي پوان، هزار سال جِي پوان.
اچين ته اي حبيب زندگي ملي،
مريضَ کي صحت ملي خوشي ملي،
بغير ڪنهن علاجَ جي اُٿي پوان.
اچين ته سور درد سڀ لهي وڃن،
بدن جا هِي بخار ڀي ڀڄي وڃن،
سموري مُشڪلات مان، چڙهي پَوان.
اچين ته آجيان جا گيت مان چوان،
انهئ خوشئ وچان، نچان، ٽپان، ڪُڏان،
صفا چڱو ڀلو ۽ ڇاقُ ٿِي پوان.
اچين ته روح جو چَمن کُلي پوي،
بهارَ جي ٿڌي هوا گُهلي پوي،
”مدهوش“ مان گلاب جان ٽڙي پوان.
گيت
دل ڦُرڻ جون هِي ٺڳيون، تون ڪٿان آهين سِکيو،
اٽڪلون ۽ سٽڪلون، تون ڪٿان آهين سکيو.
دلفريبيون دلڪشيون،دل کسڻ جون دلبريون،
جان من جادو گرن جون اِهي،جادو گريون،
سي به ايڏيون، ايتريون، تون ڪٿان آهين سکيو.
هي ادائُون اَڻ ڪٿيون، ناز جون انداز جون،
ڪنهن اٿئي اهڙيون ڏسيون، عادتون شهباز جون،
اڻ مَيُون، مستيون، مڳيون، تون ڪٿان آهين سکيو.
آ ته نفرت کي تڙيون، آ ته گڏ گهاريون گهڙيون،
آ ته قربن ۾ ڪڙي، پاڻ کي قابُو ڪڙيون؟
ڳالهڙيون پر بي وڙيون، تون ڪٿان آهين سکيو؟
روز ٿو ٻانهون ٻَڌان، روز ٿو منٿُون ڪيان،
ايتري ڪاوڙ نه ڪر، نا توان ”مدهوشَ“ سان،
بي سبب يرَبي رُخيون، تون ڪٿان آهين سکيو.
گيت
بازار حسنَ گُهمندي، گُم ٿي متان وڃين،
رنگين رُوپَ ڏسندي، ڀُلجِي هتان وڃين.
چوٽا چنمبيل چقمق، چُهٽي، چَٽي ڇڏيندءِ،
ويڙهاڪ نانگ وانگر ويڙهي وَٽي ڇڏيندءِ،
ڪارن ڪاريهرن کان، ڏنگجي متان وڃين.
هُو ڏسُ، فريبَ دوکا، سامهُون سِڌار رکيل ٿئي،
اوُنها عجيب اؤکا، ڏاڍا ڳُجها رکيل ٿئي،
ڳُجهڙن ٻکن جي ٻک ۾، ٻکجي متان وڃين.
نقشو ڏسين ٿو جيڪو، مصنُوعي مَنظرن جو،
چرخو چلي ٿو جيڪو دُنيا جي چئنلن جو،
تن چئنلن جِي چَٻ ۾ چٻجِي متان وڃين.
من موهڻين مَڏين ۾ آزار ٿئي لِڪايل،
سوڙهين سنهين گهٽين ۾ سَوَ ڄار ٿئي لڪايل،
دلبن جي دامَ اندر دَٻجي متان وڃين.
”مدهوش“ ڳالهه دل جِي، ڪنهن سان به ڪين سَل تون،
منزل سان اک مِلائي وکڙيون وڌائي هل تون،
چاهت جي مقصدن ۾ رهجِي متان وڃين.
گيت
هن چيو ڪيئن ٿي لڳان، مون چيو تون زور آن،
جانِ من او جانِ جان، زور آن تون زور آن.
هُن چيو هِئن نُور جي ٿئي ڏٺي تنوير ڪا،
مون چيو ڪاٿي نه ٿم هِئن ڏٺي تصوير ڪا،
هاءِ ههڙي هيرڪا، ڪونه ٿو جڳ ۾ ڏسان،
زور آن تون زور آن.
هُن چيو آڱر کڻي، پنهنجي باري، ۾ وري،
مون چيو تو سنڌ جي ڪا پري آهين پري،
ڪير پڄندو اي چري، تنهنجي ايڏي سونهن سان،
زور آن تون زور آن.
هُن چيو انداز هئ لوڪ کي ڪيئن ٿا لڳن؟
مون چيو اي گل بدن، ”روز ٿا ڪيئي ڪُسن،“
آهين تون توبهه شڪن، ٻيو اڃان مان ڇا چوان،
زور آن تون زور آن.
هُن چيو آرسُ ڀڄي، ويجهڙو منهنجي اچي،
دل لڳي ڌڙڪڻ سڄي،مان ويس ”مدهوش“ ٿي،
پوءِ چَيُم منهنجي مٺي، ڪجهه نه پُڇ ”مدهوش“ کان،
زور آن تون زور آن.
گيت
اي ستگر! ستم ڪر سِتم هر گهڙي،
ڏي الم دسبدم، دردَ غم هر گهڙي.
کڻ نظر تيز تر، ڪين ڪو قياسُ ڪر،
چيري چيري جگر، شوق کي راس ڪر،
ڏي زَخَم تي زَخَم، هر قدم هر گهڙي.
روز ڪاوڙ ڪرڻ، روز پرچڻ رُسڻ،
ناز فخرا سڄڻ، محبَ مُرڪڻ کِلڻ،
ياد آهن خدا جو قسم هر گهڙي.
زندگي ڀر نه ڪئي، تو ته مون سان وفا،
مون پُڪاريو مگر، دلربا دلربا!
اڄ به تون ياد آهين صنم، هر گهڙي.
پنهنجي ”مدهوش“ سان ڪر جفا سو دفعا،
تو سان ليکا ڀلا، ڪهڙا ويهي ڪبا،
هر ستم تنهنجو ڄاتُم ڪرم هر گهڙي.
گيت
چوي ٿي دل ته مان، ملان تو سان ملان،
مگر اهڙو ملان، صفا هڪ ٿِي وڃان.
ڪڪر وانگر اگر، گهمِين ٿو واءُ ۾،
ته ڪر شامل مون کي پرين پَرچاءُ ۾
سفر جي ساءُ ۾، گهيو تو سان گهمان.
گلن وانگر اگر، آهين گلزار ۾،
ته ڪر شامِل مون کي، موهي مهڪار ۾،
حقي هُٻڪار ۾، سمايو مان وَتان.
سُرن وانگر اگر رَهين ٿو ساز ۾،
ته ڪر شامل مون کي، روحاني راز ۾،
انهئ انداز ۾، ڪري واڄٽ وڄان.
چاهت وانگر اگر رهين ٿو چاههَ ۾،
ته ڪر ”مدهوش“ کي سوگهو من ساهه ۾،
متان ٻِي راههَ ۾ سڄڻ گم ٿي وڃان.
گيت
جهڙي تهڙي جانِي، بيوس عاجز ٻانهي،
تنهنجي آهيان مان.
ڏاڍي آءٌ ڏوهاري، اڻ کُٽ عيبن واري،
ڪوجهي توڙي ڪاري، تنهنجي آهيان.
گهر گهر منجهه گلاري، ڏيرن جِي به ڏُکاري،
سُورن دردن ماري، تنهنجي آهيان مان.
تُنهنجي ذات نيازي، حاڪم هاڪ هزاري،
بيڪاري ويچاري، تنهنجي آهيان مان.
کوڙ ملامت خواري، چوڌاري ٿم چاري،
پاڙج پرديداري، تنهنجي آهيان مان.
چئي ”مدهوش“ مَيارِي، منهنجي توجهه زاري،
سهڻا ڪرِ ستاري، تنهنجي آهيان مان.
گيت
(اوسکي!)
چَينُ ويو آ چُڳِي، پيار وارو پکي،
ڪيئن ڪريان اوسکي، ڪيئن ڪريان اوسکي!
موتَ لانوَن جي تاريخ آهي ٻَڌِي،
لال ڳاڙهي ٿيڻ، مان ته چاهيان نٿِي،
زور تي ٿي وڃي مون کي ميندي مکي.....اوسکي!
دُهلَ دم دم وڃن، درد دل ۾ دُکن،
سُور ساهِي پٽڻ ڀي نٿا اڄ ڏين،
پُور ڏاڍا پَون ٿا رکي هورَ کي.... اوسکي!
وڃُّ جلدي پُڄِي، نا ته وينديس وَڄِي،
ساهه منهنجو سڄو، جند منهنجِي سڄِي،
پئي آگوندرن جي ٻکن ۾ ٻکِي...... اوسکي!
ڏيج ”مدهوش“ کي ڪا ته آٿت ذري،
نا ته ٿي چري، آءٌ وينديس مَرِي،
بي سبب ذائقو موتَ وارو چکِي ..... اوسکي.
ڪيئن ڪريان اوسکي.
گيت
توکي چاهيم، سر جِي سانئِڻ،
دنيا ڏائڻ، آئي کائڻ.
هڪ جو ڀن توکي جَر ڪايو،
ٻيو موهَڻ، مُرڪڻ مهڪايو،
جذبا به لڳا، جهاتيون پائڻ،
دنيا ڏائڻ آئي کائڻ.
رُوحَن هئ رايو فرمايو،
چاهه وڏي سان چاهت چاهيو،
ڀانءِ پيو هڪٻئي، کي ڀانِئڻ.
دنيا ڏائڻ، آئي کائڻ.
اک اٽڪائڻ، دل دهڪائڻ،
رازن رمزن سان ريجهائڻ،
مس مس چاهِي سِين لَنوَ لائِڻ،
دنيا ڏائڻ، آئي کائڻ.
هيڏو توکي هانءُ ڪٿي هو،
هيڏو تو کي ڏانءُ ڪٿي هو،
هوش کسي،”مدهوش“ بنائڻ،
دنيا ڏائڻ آئي کائڻ.
گيت
ادب راههَ، ثابت قدم ٿي رهڻ جِي،
ادب راههَ الله سان آ ملڻ جِي.
ادب سُور ۽ پُور، سوداءُ آهي،
ادب ڄاڻَ اوتي ٿو انسانُ ٺاهي،
ادب ٿو سَمائي، سَمَڪ سِڪَ سلڻ جِي
ادب جو ته محتاج هر چَپو آ،
ادب ماڻهيو آ،ادب آجپو آ،
ادب صاف ساڃاههَ زنده رهڻ جِي.
ادب آدمئ سان،خوشين ۾ ٻٽو آ،
ادب ڀوڳ چرچو، ادب چهچٽو آ،
ادب سوچَ آهي، خوشي سان کِلڻ جِي.
ادب آهه ”مدهوش“ کي هوش ڏئي ويو،
ادب جوش جذبي سندو پوش ڏئي ويو،
سيکاري سَعادت اُٿڻ جي ويهڻ جِي.
گيت
جنهن پاسو ڏئي ڇرڪايو هو،
خاموشئ کي کڙڪايو هو.
شايد تنهنجو سايو هو.
جي تون نه هُئينء ڀر پاسي کان،
آهٽ ڇا جو آيو هو.
منهنجو توسان رشتو هو ورنه،
ڇا لئه تو شرمايو هو.
تون ڀي ڀِت هُئِنء مان ڀي ڀِت هوس،
پر نيڻن ڳالهايو هو.
جنهن شهر ۾ تو کي مون ڏٺو هو،
شهر سڄو سو ڪعبو هو.
نم جي پاڇي ۾ جو گذريو،
سوئي وقت سجايو هو.
”مدهوش“ مٿان مدهوشي هئي،
ماڻهن لاءِ تماشو هو.
گيت
تنهنجي درشن جو آهيان ديوانو،
اٿم طلب تنهنجي جوٻَڌل ڳانو.
ٿيس روانو تلاش تنهنجئ ۾،
تانگهه تنهنجي ۾ تات تنهنجئ ۾،
ويو اچي درميان ۾ بُت خانو.
ذات پاتو صفات جو چولو،
آئين آدم سندو وٺي اولو،
پاڻ پنهنجي مٿان ٿِي مستانو.
ڏَسُ اهو ڪير ٿو سڳو سوري،
۽ اهو ڪير ٿو مٿو گهوري،
ڪير آجو وٺي ٿو نذرانو.
تون اُتم، تون عظيم تر آهيِن،
ٿو سڏائين جهانَ جو سائين،
آءٌ ”مدهوش“ ٻانهڙو ٻانهو.
گيت
يار کي آکيم يار
يار چيو مُرڪِي
|
رُوپ نِکاري آءُ
عشقُ اُجاري آءُ |
يار کي آکيم يار
يار چيو مُرڪِي
|
پاڻ سينگاري آءُ
سُرت سنڀاري آءُ. |
يار کي آکيُم يار
يار چيو مُرڪِي
|
زلف سنواري آءُ
هوشُ اُٿاري آءُ |
يار کي آکيم يار
يار چيو مُرڪي
|
آڌِيءَ ڌاري آءُ
چنڊ اُڀاري آءُ |
يار کي آکيم
يارَ چيو مُرڪي
|
قولَ کي پاري آءُ
ڳالهه بيهاري آءُ |
يار کي آکيم يار
يار چيو مدهوش |
ٿيءُ ڳچيءَ جو هار
موت کي ماري آءُ. |
گيت
رو رو اَڃا رو – رو رو اَڃا رو،
رو وَڻ سان پنهنجو، ڪر بار هلڪو، رو رو اڃا رو.
چاهِين اگر ٿو دِلبر جو درشن
ميرو ٿيل مَن، دلڙي جو دامَن
ڌوئِي وري ڌو - رو رو اڃان رو - رو رو اڃان رو.
اَهنجا يا سَهنجا، سڀ سُورَ پنهنجا
پنهنجي مٿي تي، کڻ پُورَ پنهنجا
ٻئي ڪنهن جو ڇا ويو - رو رو اڃان رو - رو رو اڃان رو.
هن عشق آفت، ايڏي مُصِيبَت
خوش ٿِي خوشيءَ سان، خواري ملامت
جو دَم هينئي ڇو؟ رو رو اڃان رو - رو رو اڃان رو.
ڪو گهُنڊ پائي، لوڪان لڪائي،
مَهٽي اکين کي، پنبڙيون پُسائي،
مدهوش ويٺو - رو رو اڃان رو - رو رو اڃان رو.
گيت
اک چاهت ۾ دل راحت ۾،
واهه مزو آههِ محبت ۾، محبت ۾ محبت ۾.
جو ماڻهو من مُهڻو لڳي ٿو،
سو ويتر ئي سهڻو لڳي ٿو،
پر سهڻي سنگت صحبت ۾ محبت ۾.
ڪلف سان ڪلف ٿي وڌي،
الفت سان الفت ٿي وڌي،
ڇا آههِ رکيو يَرَ نفرت ۾ محبت ۾ محبت ۾.
نِوڙت نيڪ نزاڪت رک،
خلقت سان خاص خصالت رک،
ملندءِ الله به خلقت ۾، محبت ۾ محبت ۾.
”مدهوش“ اِهو ٿو عرض ڪري،
ٻيو ڪجهه نه کپي، ٻيو ڪجهه نه کپي،
محفوظ ڪريمِ عنايت ۾، محبت ۾ محبت ۾. |