سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :2

غــــزليات

 

غزل

اکين جا اکين ڏي سنيها ڪي آيا،

جي آيا ته لايا، ٿيا سڀ سجايا.

 

ملائڪ نه سمجهي سگهيا رُوحَ رايا،

اکين پاڻ ۾ جي اکين سان اَلايا.

 

اکين دعوتون جيئن مُڪيون هڪٻئي ڏي،

دلين آجِيائن جا دامن وڇا يا.

 

نه چپ ئي چُرياها، نه ڪنڌ ئي لُڏيا ها،

الائي ته ڪنهن پئي حُڪَمَ هِي هلايا.

 

سي ”مدهوش“ ڪلما اٿم ياد بِيٺا،

اکين جي، اکين کي لِکايا پڙهايا

 

 


 

 

غزل

سونهن تُنهنجي آصحيفو، رُوح منهنجو آ رِحَل،

ٿو ڪيان ويٺو مطالع، مُنهن مبارڪ جو غزل.

 

منهنجو هيء ايمان، منهنجو هِيء عقيدو آ اٽَل،

اٿئي شباهت ۽ شڪِل ۾ ذات قدرت جي لِڪل.

 

تُنهنجي صورت ۾ هزارين روپَ ۽ رمزون رکيل،

اکِ پيالو مئي ڪشيء جو، لب طَهُورا ۾ رَتل.

 

مات کائِي ٿي وڃي کِنوِڻيُن جِي کيچل اُن مَهل،

جنهن مهل چشمن اندر تجلا ڏين ڪارا ڪجل.

 

تنهنجي تطرن جي هيٺان ويهان اُٿان، گُهمندو وَتان،

ڇانوَ تنهنجي جنّت الفردوس جو آهي مَحَل.

 

ڇا لِکان ”مدهوش“ بڻجي، ڇا پڙهان ”مدهوش“ ٿي،

سوچَ ڀي آهي کُٽل ۽ لوچَ ڀي آهي کُٽل.

 

غزل

اُفق جي پار نگاهون کُپاءِ ساجن لئه،

اُٿي وڇاءِ اکين کي وڇاءِ، ساجن لئه.

 

متان ڪڏهن نه ڪڏهن اوچتو اچي پهچي،

ڪکائين گهر جي اڱڻ کي سجاءِ ساجن لئه.

 

اگر اڃا به ٿو معراج عشق جو چاهين،

خودي گنواءِ، هَستِي وڃاءِ ساجن لئه.

 

قدم قدم تي وفائن جي راههَ ۾ مُرڪي،

ڪِروڙ ڪنڌ هُجن، سڀ ڪپاءِ ساجن لئه.

 

ڀلي ته ڪوئي ڪري پيو مخالفت تو سان،

صداقتن کي حقيقت بناءِ ساجن لئه.

 

هزار غم هُجَنِي ته به سهي سهي ”مدهوش“

اداس نيڻن ۾ ٺاههِ جاءِ ساجن لئه.

 

غزل

هُن اڳيا هوڏَ کي وڃائي ڇڏ،

عشق کي اؤج تي رَسائي ڇڏ.

 

اي چريا ها ۾ ها ملائي ڇڏ،

مَرتبي کي اڃا وڌائي ڇڏ.

 

خوفَ جي پُلصراط اورانگي،

پاڻ خدشات کان ٽپائي ڇڏ.

 

نفرتن جون عمارتون ڊاهي،

قربَ جو ڪوٺڙو کڻائي ڇڏ.

 

بي يقينِي يقينَ ۾ ٻوڙي،

آزمايل کي آزمائي ڇڏ.

 

هم خيالن سان رکُ سفر جاري،

بي خيالن کان موڪلائي ڇڏ.

 

دوستن جي ڀرم رکڻ خاطر،

ٿورو ”مدهوش“ مُسڪرائي ڇڏ.

 

 

غزل

دل ۾ رهي دل سان خَشٽ پيو ٿو ڪرين، منهنجا پرين،

ڪرڪر ڀلي مستيون مڳيون اي مَهه جبين منهنجا پرين.

 

اي خَصلتُن ۾ خوبرُو پرپُٺ به آهين رُوبرُو،

توڙي سوين پردن اندر گُهمندو وَتين منهنجا پرين.

 

سر ساهه جو سائين سڏي، ليکا ڇڏيان ٿو سڀ ڇڏي.

اي دلربا اي جان مِن اي دل نشين، منهنجا پرين.

 

تون شوم ٿي شوخي ڌرين، توڙي کڻي ڪاوڙڪرين،

ته به هر طريقي طورٿو پيارو لڳين، منهنجا پرين.

 

هيڪر به ڪُهه، ٻيهر به ڪُهه، ٽيهر به ڪُهه هر هر به ڪُهه،

سوسو دفعا قتلام ڪر، ناز آفرين منهنجا پرين.

 

نِت نِت اِها نَهه نهَه ڇڏي، تون ويههُ آکيرو اڏي،

”مدهوش“ خوش ڏسبو اگر، تون خوش هجين منهنجا پرين.

 

 

 

غزل

هيء عشقُ، مَٿو ڌڙسان شامل ئي نٿو سمجهي،

ڪا چيز شهادت جي، قابل ئي نٿو سمجهي.

 

هِنَ شوق جي شهرت کي، هِن ذوق جي عظمت کي،

بد ذوق ضدي هڪڙو جا هل ئي نٿو سمجهي.

 

هر ڪنهن کي خبر آهي سچُ مُور نه مُڙندو آ،

ٻي خلقَ ته سمجهي ٿي، قاتل ئي نٿو سمجهي.

 

اُن مُنڪر کي مقدّس اعزاز ڪٿان ملندو؟

دراصل جو آفاقي منزل ئي نٿو سمجهي.

 

جُوتي، جي ڪرامت کي نمرود به سمجهي ويو،

پر هوڏ ڪندڙ هوڏي بُزدل ئي نٿو سمجهي.

 

آ موت نه روڪيندو ”مدهوش“ ڪڏهن اُن کي،

مُشڪل کي جيڪو پنهنجي مُشڪل ئي نٿو سمجهي.

 

 

غزل

نه ڪا محبّت ٿڪي آ نه جَذبو ٿڪو،

جي ٿڪو آ ته رستي ۾ سڌڙيو ٿڪو.

 

قافلن ڪيترن آ لتاڙيو مگر،

آ ڪڏهن توڏي ايندڙ نه رستو ٿڪو.

 

پير سُرندي سفر ۾ پٿونُ ٿيا ته ڀي،

راهه ۾ حوصلو ڪينَ ڪنهنجو ٿڪو.

 

ڪُهندي ڪُهندي ٿڪا ڪات هوندا گهڻا،

پر نه آ سِلسلو عاشقن جو ٿڪو.

 

ڪي توڪّل ڪري توڙ تائين رسيا،

ڪِن جو ساري حياتي نه خدشو ٿڪو.

 

ڪيترا ٿيا ڌماڪن جا دڌڪا ته ڀي،

ڪوئلن جو نه ”مدهوش“ نغمو ٿڪو.

 

 

 

غزل

الائي ڇا اُلاري ويا، اُلاري ويا ته ماري ويا،

ماري ماري مَذاقن ۾ حياتيء کي اجاري ويا.

 

پُڇو ڇا ٿا ته ڇا ڇا ٿئي ٻُهاري ڏئي ٻُهاري ويا،

چَيمُ منهنجون، هَڙئي هستيون، مڳيون مَستيون ميساري ويا.

 

نه مان بَچيسُ نه ڪو سامان ئي بچيو، مگر منهنجون،

تمّنائون به تاري ويا، تقاضائون به تاري ويا.

 

اکين اثبات وارين سان، تَڪيائُون تيز اهڙو جو،

يڪو ئي ياد جي تصوير سيني، تي اُڪاري ويا.

 

اُڏامن پيا هُتي گيسُو، پکڙجي پئي هتي خوشبو،

هُتي عقبيٰ، هِتي، دنيا ٻَئين پاسا سنواري ويا.

 

محبت جِي حقيقت جون ڪيم ”مدهوش“ ڳالهيون پر،

نه جِن سمجهو سي مَرقد تي گِلا جو زهر هاري ويا.

 

 

 

غزل

ارادو جن سفيرن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو،

سفرتِن جي سفينن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

وَتي جن راههَ اوجهڙ جي، عقيدي کان سوا اُسَهِي،

رَمڻ تن راهگيرن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

ڪڏهن ڪاڏي، ڪڏهن ڪاڏي وَتن ٿا ڀٽڪندا جيڪي،

بِلوتِن بي يقينن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

سوا تاثير تقريرون ڪيائون پر اجايُون ويون،

خطاب انڌن خطيبن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

لکيائون کوڙسارو پر نه ٿي تسڪين روحاني،

ادب اهڙن اديبن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

چڱايُن جو ڇڏي نقش قدم ويٺا ته پوءِ چئبو،

عمل گادي نشِينن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

وتائون ووٽ سوکو ۽ ڪيائون قوم سان دوکو،

قصو اهڙن وزيرن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

چڙهي ”مدهوشَ مدهوشي مٿي تي ڪين جي ويٺي،

ته درشن ئي حسينَن جو نه هيڏي ٿيو نه هوڏي ٿيو.

 

 

غزل

دل پاڪ، اکيون پاڪ، نظر پنهنجي ڪري پاڪ،

حُسناڪ جو هيراڪ ٿيءُ حُسناڪ جو هيراڪ.

 

آ مامَ حجازيء به حقيقت جو اِشارو،

سهڻيء جي هجي هاڪ، يا مومل جي هجي ڪاڪ.

 

گم هوش عقلُ، رنگُ نسل ۽ دين ڌرم ڪر،

تان تنهنجي نظر نيڪ جي درشن جا کُلن تاڪ.

 

ادراڪ جي صابڻ سان اندر ڌوئي اڇو ڪر،

آ دل ۾ اگر تنهنجي محبت جو اَصُل ٿاڪ.

 

ڇا پير اُگهاڙا ۽ تتل ريت جِي منزل،

ٿڌڙي ٿي لڳي جُون مهيني جي منجهند ٽاڪ.

 

”مدهوش اهو عشق مُڙيو آههِ نه مُڙندو،

ڪيڏي به اچي، راهه م تڪليف خطراناڪ.

 

 

غزل

پنهنجي وعدي سان وفادار ٿِيسُ

قول پاڙيم ته گنهگار ٿيس.

 

عشقَ آفاق مان جهاتي پاتي،

شهرَ ساري ۾ سزاوار ٿيسُ.

 

جيترو پاڻ ڍڪيم پردي ۾،

اوترو ئي اَڃُ اظهار ٿيسُ.

 

ڪوئي نالو نه نشان هو منهجو،

نينهن نِسريو ته مان نِروار ٿيسُ.

 

پوش آدم جو ڍڪي اي ”مدهوش“

بي مُلهي، شوق جو شهڪار ٿيس.

 

 

 

غزل

اکين کي اُجرو رکيِن ته ڇو نه درشن پَسيِن،

پسڻ جو سُرمو وجهين ته ڇو نه درشن پسين

 

ڌوئي ڌوئي سينڙو، عظيم آئينڙو،

شفاف دل جو ڪرين ته ڇو نه درشن پسين.

 

اڃا ته تنهنجي اَنا نه ٿي سگهي آ فنا،

فنا کي اُڇلي ڇڏين ته ڇو نه درشن پسين.

 

الست اقرار ڏي، دلين جي دلدار ڏي،

تکو ۽ تڪڙو وَڌين ته ڇو نه درشن پَسين.

 

مڪان منزل سندو، حقوقَ حاصل سندو،

اهو ئي رستو وَٺين ته ڇو نه درشن پَسين.

 

اي ڪاش ”مدهوش“ ٿي، پڪي توڪّل رکي،

عمل جي ويجهو اچين ته ڇو نه درشن پسين.

 

 

 

غزل

يار ۾ دلدار ۾، منٺارَ ۾ گُم سُم هجان،

ساههَ سُوڌو، سونهن جي سردار ۾ گم سم هجان.

 

پنهنجي هستي، هُنَ جي هستيء ۾ جَذَب ٿيندي ڏسان،

لا فنا شهڪار، جي اَذڪارَ ۾ گم سم هجان.

 

جنهن جڳهه تي هارَ جو ۽ جِيت جو ناهي حساب،

اُن عجب اسرارَ جي بازار ۾ گم سُم هجان.

 

زندگي بيڪار گهارڻ کان چڱو آهي ته شال،

پيار جي وهنوارَ ۾ ويچارَ ۾ گم سم هجان.

 

مُشڪ، عنبر ۽ کٿوريون خوبتر ڇو ٿا مَليو،

زلفَ ۾ يا زلفَ جِي مهڪار ۾ گم سم هجان.

 

چاشنيء کان چاس ٻهڳڻ ٻولَ ٻوليندو رهي،

مان ڪنن سُوڌو مٺي گفتار ۾ گم سم هجان.

 

ڀل ته اي ”مدهوش،“مدهوشي چَڙهيل مون تي هجي،

غَش هُجان ته به، ديدَ جي ديدارَ ۾ گم سُم هجان.

بي ضميريء جي اميري، فتنه گيري ۽ فساد،

ڇو اِنهيء آزار جي سنسار ۾ گم سم هجان.

 

 

 

غزل

ڇو نه خوش ٿيون؟ دلين جي ڀاڪُرَ ۾،

ٻئي اکيون ڏئي اکين جي ڀاڪر ۾.

 

پيار جي آسَ ۾ ساههُ پئجي وڃي،

دم کڄي روشنين جي ڀاڪُرَ ۾.

 

اڄ خوشيء جي اُڏامَ ۾ ماحول،

خوش لڳي ٿو پکين جي ڀاڪر ۾.

 

حسنَ جي ڪائنات سامهُون آ،

خوش خدا ڀي، خُوشين جي ڀاڪر ۾.

 

ڄڻ ته سنڌو ندي سفر ۾ آ،

سينڌ نڪتل سڳيُن جي ڀاڪر ۾.

 

ڇو دعائن ۾ جنّتون طلبيان،

ويهي ”مدهوشَ“ هُنَ جي ڀاڪر ۾.

 

 

 

 

غزل

جنهن مست نظرن سان ڪانَ ڪشي، ٿو مست ڪرين مَستانُ اچِي،

تَنهن مست نظر تان ڇو نه ڀلا، قربان ڪيان جند جان اچِي.

 

ڇا ناز چوان، انداز چوان، ٻئي تنهنجون اکيون شهباز چوان،

وئين جهاٽو هڻي سڀ ڪجهه تون کڻي، اڄ عام ڪري اعلان اچِي.

 

خوشبو ۾ ڀِنل ٿئي وارَ وڏا، ۽ جسمُ صفا نُور نما،

تون هوشَ کسِين ٿو هو شرُبا، ڏئي دلبن جا دهمان اچي.

 

اي نيڪ نظر، اي جان جگر، ڪنڌُ لوڏي اِئين نهڪر ته نه ڪر،

چَپ چور کڻي شيرين شڪر، محبوبَ مِثل مرجان اچي.

 

جهڙو توکي بنايو آههِ خدا، اهڙي ٿو ڏسان تخليق نه ڪيا،

ڇا تنهنجي ڪندو ڪو ويهي ثنا، نادان ڪوئي انسان اچي.

 

ڪو مُور نه پردو پوش ڪيئِي، اِيندي ئي اکيُون آغوش ڪيئي،

من موهي مون کي ”مدهوش“ ڪيئي، ڪيڏو نه ڪيئي احسانُ اچي.

 

 


 

 

 

غزل

دلربا ايڏيون وڏيون ديريُون نه ڪر،

مِلُ اچي هيريون نه ڪر ڦيريون نه ڪر.

 

پيار جي وهنوار ۾ ليکا ڪري،

تابَ مان تيريون نه ڪر، ميريون نه ڪر.

 

جي ڪيئ آباد الفت سان اچِي،

سي سڄڻ سهڻا سُڃيون سيريون نه ڪر

 

ديدَ ڦيري، درد ڏئي، منهڙو مَٽي،

درد وندن جون دليون ميريون نه ڪر.

 

پنهنجي هِن مِٺڙي مَحبتي ”مدهوش“ سان؟

محبتون محبوب ماٺيريون نه ڪر.

 

 

 


 

 

غزل

تاسي تَنَ ۾، تاسَ جي اهڙي ته اُونهائِي لَٿِي،

عمر هيڪا ندِي ڇڏيم پِي، پر نه تا سائي لَٿِي.

 

غم کي ٺارڻ لاءِ نيڻن بُوندِ برسائي گهڻِي،

پر نه ڪوسي هِنيا وَهِن تان، ڪائي ڪوسائي لَٿِي.

 

حالُ، ڪنهن همدرد سان اوريان جگر ٺاريان مگر،

هر چپي، هِت، خلقَ پئي آهي تماشائي لَٿِي.

 

ڪيترا دلڪش نظارا، دلڪشيون آيا کڻي،

پر نه مُنهنجي مَنَ مٿان مَنحُوس ماندائي لَٿِي.

 

هجر ۾ حاصل نه ڪجهه ٿيو، ها مگر الهامُ ٿِي،

آ ڪڏهن ڪافي لَٿي مون تي ڪڏهن وائي لَٿِي.

 

شاعري سمجهو نه سمجهو، ايترو ليڪن مڃو،

آ وڏي طوفان وانگر، سوچَ سودائي لَٿِي.

 

آئينو ٿِي آمهون  سامُهون يار بيٺو ئي رهيو،

دوستو ”مدهوش“ تي جنهن ويل تنهائي لَٿِي.

 

 

 

غزل

 

جو به آ تنهنجي ملاقات وٽان گذري ويو،

ڄڻ ته آ نور جي برسات وٽان گذري ويو.

اُنَ کي جنّت جي نظارن جي ضرورت ڪهڙي؟

جيڪو ديدار جي خيرات وٽان گذري ويو.

جسم، سنڌُو جي ڪناري تي ويا دفنائي،

روح، فردوسَ جي محلات وٽان گذري ويو.

عشقُ اڻ موٽ، نه موٽيو، نه مُڙيو نعرن کان،

نيٺ خدشات ۽ خطرات وٽان گذري ويو.

اُنَ تي ناصح جي نصيحت جو اثر ڇا ٿيندو؟

جيڪو درشن جِي عنايت وٽان گذري ويو.

ڪو مجازي ۽ حقيقت کي رهيو ڀيٽيندو،

ڪو مسافر نفي اثبات وٽان گذري ويو.

تون اڃا ويٺو عبادت جون سَڌُون ورجائين،

رات ”مدهوش،“ خرابات وٽان گذري ويو.

 

 

غزل

مون سان محبوبَ جا ماڻا مُرڪن،

ڇو نه هِي نيڻ نماڻا مُرڪن.

 

تون جي مُرڪين ته انهيء مرڪڻ سان،

ٿا اياڻا، به ٿي سياڻا مُرڪن.

 

تون رڳو پيار جي اکِ ڦيرائين

ڪيئ گهر گهاٽ گهراڻا مُرڪن.

 

ساز، سنگيت، سمورا ئي نچن،

گيت، وايون ۽ وراڻا مُرڪن.

 

تون اگر منهنجي اچين گهر دلبر،

چادَرُون، هنڌ وهاڻا مُرڪن.

 

پيرُ ”مدهوشَ“ جي پاڙي ۾ رکيِن،

پوءِ ته پکڙا به پُراڻا مرڪن.

 

 

 

غزل

نظرن جو ڇا مَنظر ٽڪريو،

خنجر سان ڄڻ خنجر ٽڪريو.

 

هوشَ عقل جا تاڪ لڳِي ويا،

جوانئ جو جيئن جو هر ٽڪريو.

 

عشقَ اَجهل کي جيڏو جَهليُم،

ويتر اُلريو، ويتر ٽڪريو.

 

منهنجون سارون سوڀُون ٿي ويون،

جنهن دم حسنَ جو لشڪر ٽڪريو.

 

”مدهوشَ“ چڙهي مدهوشي ويئِي،

نينهَن نشي جو ساغر ٽڪريو.

 

 

غزل

ناهي عام روا جِي،

صورت هو شرُبا جِي.

 

سوچڻ کان به سوائي،

مورت ماهه لقا جِي.

 

هر هر ساراهڻ گُهرجي،

هئ تخليق خدا جِي.

 

ڪيئن ڪڇان ۽ ڪيئن پُڇان،

حاجت ناههِ پُڇا جِي.

 

منُ ”مدهوش“ ڪيو آ،

مستيءَ مست ادا جي.

 

 

 


 

 

 

غزل

رهان ٿو آءٌ اهڙي ڪائنات ۾،

جتي رهن گناهه ٿا نِجاتَ ۾.

 

قرار ٿو مليم جهات جهات ۾،

عظيم تر نظر جي واردات ۾.

 

اُڃايليون اکيون نه روڪ نا صحا!

خدا جي ذات ٿو ڏسان صفاتَ ۾.

 

مزا ته ڪيترائي هوندا ٻيا به پر،

مون کي مزو اچي ٿو مُشڪلات ۾.

 

”مدهوش“ کي ڇڏي ڏي چُپ چُپات ۾،

ته گم رهي انهئ حاصلات ۾

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org