سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :13

عنواني اشعار


 

 

حق مؤجود

هڪ ذات سوا لائق مَعبُود نه ڪو ئي،

هڪ ذات سوا حاضِرو مؤجود نه ڪو ئي،

سمجهان ٿو انهئ ذات سوا سُود نه ڪو ئي،

مون بنده ”مدهوش“ جو مقصود نه ڪو ئي.

 

پيار مُعارف، پيار شريعَتَ،

پيار حقيقت،پيار طريقتَ،

پيار امانت، پيار عبادتَ،

”مدهوش“ انهئ پيار جي قدرتَ،

صاحب قدرت، پاڻ ٿو ڄاڻي.

 

ڪو ڪري ٿو بت گرئ سان، ڪو بُتَ جي ڀيرَ سان اُلفت،

ڪو ڪري ٿو ڪنهن اکر سان، ڪو زَبر ۽ زير سان الفت،

تصوير ڪنهن جي آ، آ ڪير تصوّر؟ ڪير مُصّوَر،

”مدهوش“ خبر ناهي ٿو ڪير ڪري يَرَ ڪير سان اُلفت.

 

سي اُتم انسانَ بڻيا، جن انساني اَڀياس وتو،

هوڏَ، وڏائي، هٺ ڇڏي، واڳي هڪ وِشواس وتو،

”مدهوشَ“ مڳيون ماري، قياس وتو،احساس وَتو،

سي واسَ ۾ وِهِنجِي نڪتا، جن وَحدت جو آ واسُ وَتو.

 

 

 

عشقُ

عشق عظيم اُهو،جو جهاڳي ششجِهات،

ملڪ ممات جو ماري، ماڻي عين حيات،

وڃي وسري وجود کان پنهنجي ذات زمات،

”مدهوش“ وائي وات، هجي هڪ يار جِي.

 

عشق جي اٿاهه کان عقُل ڊنو ته مان ڌُ ڏِي نه وڃان!

رڙ ڪري اَنا چيو ته مان اُڏي نه وڃان،

هوش ”مدهوش“ جي دانهون ڪيون ته جهليو طوفان کي،

طوفان جي طغيانئ ۾ مان ٻُڏي نه وڃان.

 

عشقُ، پنهنجوخدا، مون ڪري آ ڇڏيو،

عشقُ هيئن مان وري هُون ڪري آ ڇڏيو،

عشق جو آههِ ”مدهوش“ احسان اهو، جو،

عشقَ مان مَؤُن ڪڍي، تُون ڪري آ ڇڏيو.

 

عشق جو نالو، ذات ۽ پاڙو ٿيندو ئي ڪونهي،

عشق جي اچڻ جو خاص ڏهاڙو ٿيندو ئي ڪونهي،

عشق جي آههِ ”مدهوش“ ڪرامت اِها، جو،

عشق ڪڏهين به ڪُراڙو ٿيندو ئي ڪونهي.       

 

 

چيائين

پڇيائون ته هُن جون اکيون اڄ چئي ڇاوَيُون،

چيو مون چڳُون اوٽ ڏيئي ڪري ها ويون،

پڇيائون ته ها ۾ متان ڏئي ڪي ليکا ويون،

چيو مون ڪري پيچَ پيوندَ پُختا ويون،

چيائون ته چالاڪ انهن کان اي ”مدهوش“ ڀَڄُ،

چيو مون ڪري بند راهُون ۽ رستا ويون.

 

چيائين

چيائين ته تون ڪو ئي عاشق ته ناهِين، چيم هائو سائين،

چيائين ته مون کي تون ماڻڻ ٿو چاهِين، چيم هائو سائين،

چيائين ته خواري ٿو آسان ڀانئين، چيم هائو سائين،

چيائين ته پنهنجي ٿو هستي وڃائين، چيم هائو سائين،

پو مُرڪي چيائين ته ”مدهوش“ آهيِن،چيم هائو سائين.

 

چيائين ته پاڻي کپئي يا ڪو چُوڻو،

چيم قرب ڏي پر ڪري ڏي ڏهُوڻو،

چيائين اٿئي ياد صدمو اڳوڻو،

چيو مون پَڪل ٻير کي ڏي نه ڌُوڻو،

اٿئي يار ”مدهوش“ لوڏي وهُوڻو.

 

 

”مدهوش“

مدهوش ٿم سڏيندا، هُونء هوشمند آهيان،

چاڙهين تي چڙهندي ٿيو سر بلند آهيان،

باقي رهي کُهِي ڀي، مون کان ڪثر وٺي ڇڏ،

اي مشڪلات! ماڻهو مشڪل پسند آهيان.

 

سمجهين متان زمانا! مان هيچ وپَست آهيان،

راز اِلست آهيان، قدرت جو دست آهيان،

هر مُشڪلات کي مان ڏيندو شڪست آهيان،

”مدهوش“ ٿم سڏيندا، مستِي پر مست آهيان.

 

چون ٿا سڀ ته آهي شهر جو هئ جو چريو ”مدهوش“،

جُنون سان، جوش سان، جذبات سان پيو آ ڀريو ”مدهوش“،

سچائئ جي وڏي خوبي، اها ئي هن ۾ آهي جو،

حقيقت ۾، حقيقت کان نه آ ڪنهن پر ٽريو ”مدهوش.“

 

هوشَ جي تڪريم کان، تعظيم کان نڪتو وڃان ٿو،

دوستو! افهام کان، تفهيم کان نڪتو وڃان ٿو،

حسن جو قيدي بڻيو، زنجير زلفن جا وِجهون،

موڪلايون عقل جي اقليم کان نڪتو وڃان.

 

اُڇليو نه اِهي ڪاغذ، هئ عام پَنا ناهِن،

طوفان ڇڏي لوڙهي، ڪاڇي جا ٻَنا ناهِن،

ڀورڻ کان اڳي سوچو، مَٽڪن جا ڪَنا ناهن،

”مدهوش“ فنا آهي، پر شعرَ فنا ناهِن.


 

 

رستو بقا جو

وڄائيندين مجازئ جو تون باجو،

پتو پوندءِ، حقيقت جِي هوا جو،

ماڻيندين دل ۾ درشن دلربا جو،

ته رهندُءِ سُور ڇا جو دردُ ڇا جو،

پلئه سوگهو ٻڌل رکندين رضا جو،

نه رهندءِ خوف قاضئ جي قضا جو،

اگر دامن جهليندين پارَ ساجو،

ويندين اُڪري سڄو طلسم فنا جو،

هُجڻ هستئ کي ماري ٿِئُ آجو،

مِلئي ”مدهوش“ ڪو رستو بقا جو.

 

دل

هئ دل، دلربا ڊاهِڻ روا ناهي،

هئ دل آذري بوتي نما ناهي،

هئ دل آ مريڪا جا اڏا ناهي،

هي دل ڪربلا، هيرو شما ناهي،

جو حملا ڪري اُن تي اچين ڪاهي،

۽ هڪ نهڪر سان هن کي ڇڏين ڊاهي،

هئ ”مدهوش“ جي دل بيت خدا آهي،

۽ بيت خدا ڊاهڻ چڱو ناهي.

 

اَدب

هر ڪنهن کي ڪَسب جي ڪهڙي خبر،

لفظن جي نسب جي ڪهڙي خبر،

اُڌمن جي عجب جي ڪهڙي خبر،

پياسَن جي طلب جي ڪهڙي خبر.

حقّن جي سَلب جي ڪهڙي خبر،

شعرن جي سبب جي ڪهڙي خبر،

اَنڌن جي اڳيان ”مدهوش“ نه رو،

انڌن کي ادب جي ڪهڙي خبر.

 

حرفُ ڪنهن تي گِلا جو اگر آڻِجي،

اُن کان بهتر ته خود پاڻ کي ڄاڻِجي،

آرسئ ۾ ڏسي وائسي پاڻ کي،

پوءِ تنقيدَ جي تيرَ کي تاڻجي،

پيش ”مدهوش“ نُسخو ڪجي، پراَول،

عرقُ عنوان جو هوش سان ڇاڻجي.

 

داڦَ آهي فن، اگر ناهي براءِ زندگي،

واڦَ آهي سو ادب، جنهن ۾ نه آهي پُختگي،

لاڦَ آهي سو سخن، جنهن ۾ نه آهي تازگي،

ٻاڦَ آهي شاعري جنهن ۾ نه آ برجُستگِي.

 

 

 

الزام

هاٺِي ٿي وِيَئي باٺي باٺي،

باهه نه ٿِيئي پر موران ماٺِي.

دکندي دُکندي تو کي لڳندي،

سورين ويٺِي جيڪا ڪاٺِي.

منهنجن فڪرن ۾ شادابِي،

تُنهنجي مَنفِي سوچَ اڻاٺِي.

ٻئي کي گهٽ وڌ ڇا لئه چئين ٿِي،

تُنهنجي ڀونءِ سڄي ڪلراٺِي.

”مدهوش“ مٿان الزام نه هَڻ،

اي ڪڻڇِي ڪاري کيڻاٺِي.

 

اِنتظار

آ دڳن ۾ نظر مُنتظر،

ڪائنا تي سفر منتظر،

ڪهڪشان جو چڪر منتظر،

۽ فضا ۾ ڪڪر منتظر،

آ هوا جو گُذر منتظر،

شام سان گڏ سحر منتظر،

منتظر، منتظر مُنتظر،

آههِ ”مدهوش“ ير منتظر،

شل اچين انتظاري لهي،

برهه جي بيقراري لهي.


 

 

هُن چيو ۽ مون چيو

هُن چيو ڇا ٿو ڏسيِن؟ مون چيو تصوير تُنهنجي،

هن چيو ڇا ٿو پڙهين، مون چيو تحرير تنهنجي،

هُن چيو ڪجهه هوش ڪر، مون چيو ”مدهوش“ آهيان،

هُن چيو ويندين مري، مون چيو تقدير منهنجي.

 

هُن چيو ڇا ٿو ڪرين، مون چيو جئُ مهه جبِين!

هُن چيو ويجهو نه ٿئ، مون چيو تَون ٿِي وڻين.

هُن چيو حُجّت نه ڪر، مون چيو ڇو ٿِي جهلين؟

هُن چيو هئ ڏوههُ آ، مون چيو ڪنهن جو پرين.

 

هُن چيو هِن لوڪ جو، هن شهر جو،هن ديس جو،

مون چيو ڇڏ لوڪ کي، ڇڏ شهر کي، ڇڏ ديس کي،

هن چيو ”مدهوش“ تون آخر چوڻ ڇا ٿو گُهرين؟

مون مجازا هيئن چيو، بس مان هجان ۽ تون هجين.

 

مون چيو

مرڻ کان پؤ به پنهنجِي پوري عادت پيو ڪندس هر هر،

ڪفن ۾ منهن ڍڪيندا ته به زِيارت پيو ڪندس هر هر،

توڙي بَرزخ هجي ”مدهوشَ چاهت پيو ڪندس هر هر،

حياتئ وانگِيان تو سان، محبت پيو ڪندس هر هر.

 

 

دل جي خواهش

عنايت جي بَرسات بارش به تون آن،

نوازش جي ساري سفارش به تون آن.

تکي،مان تکو تابُ تابش به تون آن،

او ساجن، قرارن جي ڪاوش به تون آن.

ڏسان هيڏي هوڏي ته ڇا لئه ڏسان مان،

نمائش به تون آن، نگارش به تون آن.

اي محبوب پلپل ٿو تو کي پُڪاريان،

جو ”مدهوش“ جي دل جي خواهش به تون آن.

 

تُحفو

تُنهنجي ڪاوڙ ممات جو سَڏُ آ،

تنهنجو پر چڻ حيات جو تحفو.

تنهنجي جهات جهات ۽ جَلوو

آههِ مون لئه نجات جو تحفو.

پيار سان هَڻُ بيشڪ پيار جو خنجر،

آڻي ڏي حاصلات جو تحفو.

عيد ”مدهوش ٿيندِي جي ڏيندين،

حسنَ جي ڪائنات جو تحفو.

 

 

اِنسان

حَريصن جي مذهب ۾ پئسو وڏو آ،

انهئ لاءِ جو پسئي جو دهڪو وڏو آ.

مُلائن جي مذهب ۾ سجدو وڏو آ،

انهئ لاءِ جو جنّت جو چشڪو وڏو آ.

عشاقن جي مذهب ۾ سهڻو وڏو آ،

انهئ لاءِ جو سهڻي جو جلوو وڏو آ.

سياست جي مذهب ۾ دڙڪو وڏو آ،

انهئ لاءِ جو دڙڪي جو کڙڪو وڏو آ،

فقيرن جي مذهب ۾ جذبو وڏو آ.

انهئ لاءِ جو جذبي جو دَر جو وڏو آ،

سمورن جي مذهب جو رستو وڏو آ،

انهئ لاءِ جو قدرت جو پردو وڏو آ.

اها ڪنهن کي ”مدهوش“ سُڌئي نه آهي،

ته عظمت ۾ انسان ڪيڏو وڏو آ.

 

 

 

اِنسان

خدا جو مظاهر به انسان آهي،

گنهگار قاصر به انسان آهي.

 

ڪٿي لا مڪانِي مُلاقات وارو،

ڪٿي بَرزخِي خاص محلاتَ وارو،

ڪٿي ٿيو مهاجِر به انسان آهي.

ڪٿي ٿو شهادت جو شَهڪار سڏجي،

ڪٿي دُلدِلن جو ٿو هَسوار سڏجي،

ڪٿي راهه مسافر به انسان آهي.

 

ڪٿي ڪيئن ڪٿي ڪيئن ٿو ٺاهي عمل کي،

ڪٿي ڪيئن ڪٿي ڪيئن ڪري خوش ٿو دل کي،

ورِي خود مُتاثِر به انسان آهي.

 

ڪٿي سُرتَ پنهنجي کي ويٺو وڃائي،

ڪٿي ٿو حقيقت جون رمزون ريجهائي،

ڪٿي مامَ ماهِر به انسانُ آهي.

 

دعا گُهر ته ”مدهوش“ انسانَ بڻجُون،

شريفن ۾ ڳڻجون، شَرَف شان بڻجون،

شرافت جو شاعر به انسان آهي.

 

 

انسان

آهيان ڏاڍو حيرانُ اَلا، ڇا وحشت ڇا انسانُ الا.

 

هئ سودائي هوسودائي، هر پاسي غمگينِي رُسوائي،

ڪاڏي هلي وئي مِهر مَسيِحائي، ڪيئن ٿئي ڪنهنجو دَرمانُ الا.

 

غيبت گُو ناگون ڏسُون ٿا، اخلاقن جو خُون ڏِسُون ٿا،

تَهذيبوُن مد فون ڏسون ٿا، تاريخن جو نقصانُ الا.

 

اصلي منزل ڏي نه وَرُون ٿا، نقلي دنيا لاءِ ڳَروُن ٿا،

ڪوڙي طلسم ڪاڻ مَرون ٿا، ٻن ڏينهن جا مهمان الا.

 

امن کي آڻڻ لَئي، اُلفت ڄاڻڻ لَاءِ، ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لَاءِ،

”مدهوش“ محبت ماڻڻ لَئه، آءُ ته ڳوليون اِمڪانُ الا.

 

 

 

اعتراف

ڪُوڙ ڊاهي سگهيو نه آهيان،

سچ ٺاهي سگهيو نه آهيان،

وقت جِي دار تان پنهنجو مان،

لاش لاهي سگهيو نه آهيان.

 

ڏينهن جوڙي سگهيو نه آهيان،

رات ٽوڙي سگهيو نه آهيان،

روشنئ جون ڪيان ٿو ڳالهيون،

ظلم موڙي سگهيو نه آهيان.

مُخلصئ جو ذرو ئي ڪونهي،

مُنصفي اڳڀرو ئي ڪونهي،

ڳالهه انصاف جي ڇا ۾ توريان،

ساهمئ کي تروئي ڪونهي.

لوچ تاڻي سگهيو نه آهيان،

سوچ ڇاڻي سگهيو نه آهيان،

جنهن سان ”مدهوش“ اک ملايم سو،

ماڳُ ماڻي سگهيو نه آهيان.

روز دانشوَ ري ڪيان ويٺو،

پيار جي پروَري ڪيان ويٺو،

لوڪ ليکي شاعر آهيان،۽.

بي اثر شاعري ڪيان ويٺو.

ٿو هلي ذات پات جو دَم،

ظلم جي تاثرات جو دم،

آءٌ اعتراف ٿو ڪيان ته،

گوگهجي ٿو حيات جو دم.


 

 

 

اسپتال ۾

ديوانگي ڏسو جذبن جو ٿو جمال پَڪڙيان،

بيمار بستري تي هجرو وِصال پڪڙيان.

انجيڪشن رڳُن ۾ چالُو لڳي پئي آ،

۽ آءٌ پيو سخن گوئئ جو ڪمال پڪڙيان،

بي وقت سا به مون کان دلبر جي موڪلاڻِي،

ڪهڙا جواب پڪڙيان، ڪهڙا سوال پڪڙيان،

”مدهوش“ اسپتال جي وارڊن ۾ ڪيڏا؟

لفظن جِي ڪوڙڪئ سان ويٺو خيال پڪڙيان.

 

ڇانوَ

ٿئُ ساڻي اچي، ڀر وٺي ڀرجَهلا،

ويا وڪوڙي اٿم درد ڪيئِي دَلا.

ميڙَ آهن مَتا، حاسدن جا وڏا،

کوٽِبا ٿا رهن کوڙ سارا کڏا.

هڪ ته ڪمزور مان، ٻيو مخالف هوا،

ڪو به ”مدهوش“ جو ڪو نه آ تو سوا.

پهچُ جلدي اچي موت کان اڳ مِٺا،

هِن جُهرَيل هِيانوَ تي ڪراچِي ڇانوَ ڪا.

  

 

وي آءِ پي ماڻهو

آدمي ابن آدمي آهيان،

ڪجهه سڃاڻپ شهر جي آهيان.

اصل ۾ چيز هلڪڙي آهيان،

ٿيندو محسوس شئ ڳري آهيان.

ڳالهه سڀ سان ڪندو سچي آهيان،

ڇو ته سگهندو نه مان رهي آهيان.

ڪوڙ جو ڪين ٿو وٺان پاسو،

ڪير چوندو ته مان سَهِي آهيان.

هُونء ته استاد ٿا سڏيو مون کي،

حيثيت شاگرد جيتري آهيان.

ڪجهه چوان ٿو، چوان ڀي ڪيئن،

آءٌ اسٽيج تي چڙهان ڀي ڪيئن.

هڪ ته انسان خاص ڀي ناهيان،

ٻيو ته ماڻهو وي آءِ پي ناهيان.

 

 

ثوابن جو ڪم

نه مسجد جي هجرن ۾ ويهي خِطابن جو ڪم ڪر،

نه ڪارن مُهانڊن ۾ ويهي خِضابن جو ڪم ڪر.

 

نه حورن حَسين ۾ ويهي حجابن جو ڪم ڪر،

نه پَردن جي پوشَن ۾ ويهي نقابن جو ڪم ڪر.

 

نه خارن خسارن ۾ ويهي گلابن جو ڪم ڪر،

نه ڪُوڙن جي ڪوٽن ۾ ويهي ڪِذابن جو ڪم ڪر.

 

نه ڦِيڻن ۽ فالن ۾ ويهي حسابن جو ڪم ڪر،

نه ڀوپَن جي دوکن ۾ ويهي دولابَن جو ڪم ڪر.

 

نه پاپي پياڪن ۾ ويهي شرابَن جو ڪم ڪر،

نه خانن خرابن ۾ ويهي عذابن جو ڪم ڪر،

 

جي چاهين ته ”مدهوش،“ انسانُ بَڻجان،

ته بندن جي بندن ۾ ويهي ثوابن جو ڪم ڪر.

 

 

ڪجهه به ناهيان

تُنهنجي آڏو ذرو به ناهيان سائين،

ٽُبڪڙي جيترو به ناهيان سائين.

 

توکان ڪجهه پَر ڀَرو به ناهيان سائين،

اڻ ڏٺل اوپرو به ناهيان سائين.

 

ڪو وزن ويڪر به ناهيان سائين،

بارُ ايڏو ڳرو به ناهيان سائين.

 

مُعتبر، مَٿڀرو به ناهيان سائين،

۽ صفا تَرو به ناهيان سائين.

 

تون ”مدهوش“ کي جيترو سمجهين ٿو،

سچ پُڇين ايترو به ناهيان سائين.

 


 

 

پري ڀڄُ

مَلامت

لوڪ جي لغت مَلامت کان پري ڀڄ،

عمر سارئ جي ندامت کان پري ڀڄ.

 

بي مُرّوت بد حضالت کان پري ڀڄ،

بي وقوفن جي قرابت کان پري ڀڄ.

 

ڦِرڻي اگرڻي جي حمايت کان پري ڀڄ،

پوءِ ڍائي، جي عِنايت کان پري ڀڄ.

شوُم جي شامت شرارت کان پري ڀڄ،

۽ امانت ۾ خيانت کان پري ڀڄ.

 

ڪُندَ قاضئ جي ڪرامت کان ڀري ڀڄ،

لالچِي لوٺِي عدالت کان پري ڀڄ.

ڪُرڪي ڪرڪي ڏئي ڪڻو داڦي گهڻو،

ان سخئ واري سخاوت کان پري ڀڄ.

جيڪڏهن ”مدهوش“ چاهين ٿيان چڱيرو،

جا هلن واري جهالت کان پري ڀڄ.

 

 

اصل منزل

ڏٺم عشق مجازئ کان حقيقئ جي نِشان تائين،

زمين و آسمان تائين، قُطب ۽ ڪهڪشان تائين.

 

اڃا اڳتي نهاريم قاب قوسينِي ڪمان تائين،

وَٺِي ”مدهوش“ ووڙيم، هِن جهان کان هُن جهان تائين،

 

ڊوڙايم هوش پنهنجي کي ڪِٿان کان ير ڪِٿان تائين.

جڏهن پيرو کنيم دل مان ته دل مان هيئن لڳو سائين!

 

ته منهنجي دل مڪان آهي، مڪان لا مَڪان تائين.

سڀئي تخليق جا منظر ڏين ٿا ڏَسُ اوهان تائين.

اهو ئي آههِ رستو هڪ بقا جي آستان تائين،

 

اصل منزل، اصل مقصد، اصل جي، آ شِيان تائين.

 

 

سوچ ويچا سان گڏ

جو هلي ٿو وقت جي رفتار سان گڏ،

سوئي زنده ٿو رهي سنسار سان گڏ.

 

پاڪ رک پنهنجي زبان پِرڪار سان گڏ،

چال چلگت، چڱي ڪِردار سان گڏ.

 

ڏِس متان ٿي ٻارڀئين تون ٻار سان گڏ،

مُڙس ٿي رهه مڙس مڻيا دار سان گڏ.

 

جيڪڏهن گُهمجي، ڪٿي دلدار سان گڏ،

پِرت سان پاٻوهه سان ۽ پيار سان گڏ.

 

گهارجي هرگز نه اهڙي يار سا گڏ،

روز ٿو جيڪو گُهمي اغيار سان گڏ.

 

ڪين رهه ”مدهوش“ ڪنهن بيڪار سان گڏ،

جي رهين، رهه سوچ سان ويچار سان گڏ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org