سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :14

ڇهه سِٽا

 

ڇهه سِٽا

خيالن جي ساحل ۾ تون شامل،

آهين هوش ڪامل ۾ تون شامل.

سفر،ماڳ، منزل ۾ تون شامل،

مُهان منهن مُقابل ۾ تون شامل.

ڪري ڌار ”مدهوش“ توکي ڪِئين؟

آهين مَن جي محفل ۾ تون شامل.

 

ڪن خدا کي آههِ نِوِڙي سجدو گاهن ۾ لَڌو،

ڪن خدا کي حسن وارن جي بار گاهن ۾ لڌو.

ڪن خدا کي آههِ زلفن جي هوائن ۾ لڌو،

ڪن خدا کي دلربائن جي ادائن ۾ لڌو.

ڏوهه ڪهڙو ٿي پيو ”مدهوش“ منهنجو جيڪڏهن،

مون خدا کي ناز وارن جي نگاهُن ۾ لڌو.

 

دلين جي دلربا ئِي لِڪي ڪا نه سگهندي،

صفائي، سچائي لِڪي ڪانه سگهندي.

وفائي هُجي يا هجي بي وفائِي،

حقيقت ۾ ڪا ئي لڪي ڪا نه سگهندي.

جيڪو پوکبو سوئي ”مدهوش“ لُڻبو،

ڪهين جِي ڪمائِي، لڪي ڪانه سگهندِي.

 

ڇهه سٽا

جُهلايئي رنجَ جو جهولو ته گلشن بند ڪئي خوشبو،

وفائن ۾ وِڌُءِ رولو ته زلفن بند ڪئي خوشبو.

ڍڪيئي نهڪر جو چولو ته دامن بند ڪئي خوشبو،

رقيبن جو رکيئي ٽولو ته رستن بند ڪئي خوشبو.

اڳي، منزل تي پهچڻ کان ڇڏي ”مدهوش“ پنهنجي کي،

پراوَن جو وَتئِي اولو ته درشن بند ڪئي خوشبو.

 

اي ”مدهوش“ ڌوُڻي، دانڌولي، ۽ ڌوڏي،

سُٺي سُرتَ سوچي، سنڀالي، ٽپو ڏي،

اجايو اکيون ڦير هيڏي نه هوڏي،

متان حرف رهجي وڃي ڪوئي تو ڏي،

اول پنهنجي اَعمال جو فيصلو ڏي،

ڀلي پوءِ دنيا ۾ هلُ ٻانهن لوڏي.

 

حُسن جيئن حُڪمَران ٿيندو وڃي ٿو،

طعنو تُنڪو نشان ٿيندو وڃي ٿو.

عشقُ جيئن جيئن جوان ٿيندو وڃي ٿو،

حوصلو نا توان ٿيندو وڃي ٿو.

ڪهڙو ”مدهوش“ حالُ اوري اندر جو،

شعرُ ئي ترجمان ٿيندو وڃي ٿو.

 

دماغن ۾ وئي نفرت ڄمي آهي،

تڏهن گهيرو ڪيو دل تي غَمِي آهي.

محبت تورجي پر تور جي، ڇا ۾ ؟

وَٽَ اڻ پُورا ۽ کوٽي ساهِمي آهي،

خوشي ”مدهوش“ ڪنهن کان ڪيئن وٺي، ڪوئي،

پري ٿيو آدمي کان آدمي آهي.


 

 

 

ڇهه سٽا

سڄڻ جي ملاقات ۾ ڀي مزو آ،

مگر اختلافات ۾ ڀي مزو آ.

سڄڻ جي جهلڪ جهات ۾ ڀي مزو آ،

تمنّا، طلب، تات ۾ ڀي مزو آ.

سڄڻ جي، ڏيڻ ساٿ ۾ ڀي مزو آ،

ته ”مدهوش“ فِڪرات ۾ ڀي مزو آ.

 

اک پَٽي،اِنسانِيت جو وَٺ مزو،

مَن جهلي هن مَصلِحت جو وَٺ مزو.

عين کولي عينيَت جو وٺ مزو،

هوش سان مدهوشيَت جو وٺ مزو.

ڪير آهين، ڪير ٿيندين، بي خبر،

پاڻ پنهنجِي حيثيت جو وٺ مزو.

 

عام ڏسجي نوجواني جو نشو نروار ٿو،

پر ڪُراڙو ڀي پَڌاري پيار جا پرچار ٿو.

هيجَ مان آڻي ورهائي، حوصلن جا هارَ ٿو،

ڄڻ ته ماحول کي هڻندو رهي هُٻڪار ٿو.

واسطي ”مدهوش“ جي، هِئ وقت آندي شاهدِي،

جُهور پوڙهي ۾ به همّت جا ڏسان آثار ٿو.

 

 


 

 

ڇهه سٽا

جيترو درد دل، ٿو سگهارو لڳي،

اوترو چاههُ ٿو، تازو متارو لڳي.

جيترو تُهمتن کي ٿو وارو لڳي،

اوترو پيار ٿو، دل کي پيارو لڳي.

جيتري پيار کي آهه جَهل پل ڪبِي،

اوترو ئي ”مدهوش“ ٿو نعرو لڳي.

 

فيصلو

طَئي نگاهُن ڪيو مس ملڻ جو بِلو،

دل جي ڌرتي ڌُ ڏِي ويو مَچي ٿرٿلو،

ويو اُڏامي عقل عرش تي هيڪلو،

هوش ”مدهوش“ جو ٿيو اِلهو ۽ ٻلهو.

اُت اچِي پاڻ فرمايائين فيصَلو،

ڪر ڦٽِي حوصلو، وٺ عشق جو صِلو.

 

رضا

نه بُتڪدن ۾ عُزا قيد ڪريون،

نه مندرن ۾ مٿا قيد ڪريون.

نه مسجدن ۾ دعا قيد ڪريون،

نه ڪِي ٻُڪن ۾ خدا قيد ڪريون.

”مدهوش،“ ڪيون ٿا ته رڳو تُنهنجِي،

رضا ۾، پنهنجي رضا قيد ڪريون.


 

 

 

ڇهه سٽا

ڪو تُهمت هڻي، توڙي گِلا ڪري،

ڪو دوکا ڪري توڙي دغا ڪري.

ڪو انبار چُغلين جا ڪٺا ڪري،

ڪو حِرفت ڀريا حِيلا وڏا ڪري.

ڪو ”مدهوش“ سگهندو ڪنهن کي ڇا ڪري،

ٿو جيڪي ڪري، منهنجو خدا ڪري.

 

تو خواري جا مون تي اُٿاري ڇڏِي،

عزمَ جي ڦوُڪ سان مون اُڏاري ڇڏي.

تو وري چُونگَ ڏئي چِڙَ ڏِياري ڇڏي،

سا به سيني مٿان مُون سُمهاري ڇڏي.

يَرَ سدائين جنهن سان مذاقُون ڪيئي،

سا طبعيت ئي ”مدهوشَ“ ماري، ڇڏي.

 

ذڪر، فڪر، زيارت، ٽيئِي روح غذا،

پر موڳن ماڻهن کي هئ آهي ڪلَّ نه ڪا.

سوئي هوشربا آ، جيڪو راهه نما،

هيڏي هوڏي ڪانهي ڪا ئي چيز جدا.

مَتيون ميڙي ”مدهوش“ ڪيئون وَسّ وڏا،

پر مِلينُ ڪين خدا، نيّتَ نيڪ سوا.

 


 

 

 

ڇهه سٽا

سُونهن جي ذات تان وڃان صدقي،

سونهن جي ڏات تان وڃان صدقي.

سونهن جي جهات تان وڃان صدقي،

سونهن جي تات تان وڃان صدقي.

جيڪا ”مدهوش“ کي ٿِي وجهي، موهي،

اُن ملاقات تان وڃان صدقي.

 

دلربا ڇو منهنجي ڪُوزي ۾ نه آ پاڻي چُڪو؟

پَئِي وهي ٿي غير ڏي دريا دلِي تُنهنجي اُڪو،

ڏي سخاوت جي بحر کي اي سخي ڪو ئي ٽُڪو.

بود ٿِي ”مدهوش“ ويندو، هڪ ڦُڙو جي تو مُڪو،

ٿو ڪريان فرياد ويٺو، ڇو ته منهنجو صفا.

انتظارئ ۾ اڃا هئ ساههُ پيو آهي سُڪو،

 

فضائن جو جهان گُذري، هوائن جو جهان گُذري،

خيالن جي طوفانن تي، آيا سِين ڪهڪشان گذري.

ستارا، چنڊ ۽ تارا، سُمورا آسمان گذري،

هِتان گذري، هُتان گذري، ڪٿان کان ير ڪٿان گذري.

خدا جو شڪر آهي جو، مرڻ کان اڳ اوهان تائين،

اچِي ”مدهوش“ پهتاسين، قضا جي راههَ تان گذري.

 


 

 

 

ڇهه سٽو

ڪر ڀلي ڪوشش بنائي لک بهانا،

پر مِٽا ئي ڪو نه سگهندين هِي ترانا.

تُنهنجي سيني تي به رهندا ڪجهه نِشانا،

جي نشانا روز ٿيندا پيا تَوا نا.

تون وڏو ظالم سڏائيندين ته ڇا هي،

مان به هڪ تاريخ آهيان اي زمانا.    

 

جِت موتئ کان ڪنڪر بهتر ڏسجي،

جت هِيري کان پٿرّ بهتر ڏسجي.

جت آقا کان نوڪر بهتر ڏسجي،

جت بهتر کان ڪمتر بهتر ڏسجي.

”مدهوش“ ان محفل کان ئي وَنءُ وڃجي،

جِت سمجهڻ کان ڌمچر بهتر ڏسجي.

 

متان موت ماري سڄڻ آءُ سِگهڙي،

اَهاني، بهاني، ملڻ آءُ سِگهڙي.

مٺا مور منهنجا مکڻ آءُ سگهڙي،

ٿو سارئي اُڃايل اڱڻ آءُ سگهڙي،

گنهگار ”مدهوش“ جو عرضُ اگهائي،

پرين پنهنجو ڪرڻ آءُ سگهڙي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org