سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :12

 

وايـــــــــون

 

وائي

تنهنجي حسنَ جي هاڪ،

هاڪ سڄڻ ساري ڏيهه ۾ آهي،

ساري ملڪ ۾ آهي.

 

پنهنجي هٿن سان پاڻ آ ٺاهيو،

توکي پروَر پاڪ......

 

پاڪ پگهر جا نرڙ تي قطرا،

جيئن گل تي آ ماڪ ......

 

راهه مسافر ڪيئي ڦُرنِ ٿا،

تنهنجا نيڻ قزاق..............

 

تنهنجي برابر ڪو نه ٿو سمجهان،

ناهي ڊاڙَ ٻٽاڪ...........

غوث قطب ”مدهوش“ هزارين،

تنهنجي پيرَ جي خاڪ .......

 

 

 

وائي

سهڻل سائين نانءُ  اَلَهه جي، پلڪ نه ٿي تون پري پري،

نٿي وو منهنجي سري سري.

ٿورو مُرڪي يار نهار،

هيانءُ منهنجو ٺري ٺري.

ايڏي لا پرواهئ مان،

ڇا ٿو ڀلا يروري وري،

راتو ڏينهان بي وس دلڙي،

ڳڻتين منجهه ٿي ڳري ڳري.

بيحد ڀانيان ڀاڳ ڀلارا،

هُوجي پنهنجو ڪري ڪري،

تو کي آهي ناز حسن تي،

”مدهوش“ پيو ٿو مري مري.

 

 

 

وائي

ڀورل ڀال ڀلائي،

اڱڻ اسان جي آيو.

 

الفت وارو اَجرڪ اوڍي،

لوڪئون پاڻ لڪائي، اڱڻ اسانجي آيو.

 

ٺاهُو ڪو ٿي ناهي جوڙي،

راحَتَ رنگُ رچائي اڱڻ اسان جي آيو.

 

قربان وڃان اُن وک وک تان،

جيڪا وک وڌائي اڱڻ اسان جي آيو.

 

منهنجو جانب جَلويگر ٿِي،

جئُ ۾ جوت جڳائي، اڱڻ اسان آيو،

 

موهي اڄ ”مدهوش“ ڪيائين،

مصري مينهَن وسائي، اڱڻ اسان جي آيو.

 

 

 

وائي

رات اڄوڪي ٽڪ وويار،

سُورَ سڻائيئين سڀئي دل جا.

 

پيهي وڃ هِن پنبڙين ۾،

اچي اکين ۾ لِڪ وويار.

 

جانب تو کي جئ سان جڙيان،

جيئن مُنڊئ جي ٽِڪ وويار.

 

تو کي ويهاري دل جي اڱڻ تي،

لاهيان سيني جي سڪ وويار.

 

منٿَ مڃي محبوبَ رهي پؤ

عرض اهو ٿئي هڪ وويار.

 

پيارا پرين ”مدهوش“ کي پِيارج،

پيار سندي ڪا پِڪَ وويار.

 

 

 

وائي

ايڏيون ڪر نه جدايون،

سڄڻ سياڻو ٿيءُ.

 

آ ته پيارل پاڻ ۾ پرچون،

سالن جِي سڪ لاهيون،سڄڻ سياڻو ٿئ.

 

ريت رُسڻ جي يار ڇڏي ڏي،

بيههُ ته ڀاڪر پايون، سڄڻ سياڻو ٿئ.

 

ٻئين هڪٻئي کي ساههَ ۾ سانڍي،

ناتو نينهن نڀايون، سڄڻ سياڻو ٿئ

 

ڌارين وانگر ڌار گُذاري،

ڇا لئه روح رنجايون، سڄڻ سياڻو ٿئُ.

محبَ جڏهن ”مدهوش“ سان ملندين،

ڏيندو لوڪ واڌايون، سڄڻ سياڻو ٿئ.

 

 

 

وائي

تورئ ٿي نه سري، پاڻان ڪر نه پري،

ڍولڻ پاڻان ڪر نه پري.

 

ويههُ اڃا ڀي ويجهو ٿي،

منهنجِي دلّ ٺري، ڍولڻ.

 

تون جي وڃين ٿو جئ اندر ۾،

پئي ٿي باهه پري، دولڻ.

 

جاني ايڏي جدائي مان،

تو کي ڇا ٿو وري، ڍولڻ،

 

”مدهوش“ چوي منهنجي بخش خطا.

ڪامل قرب ڪري، ڍولڻ،

پاڻان ڪر نه پري.

 

 

 

 

 

وائي

هن مَجبور محبت جو آ ته احوال ٻُڌايان،

جهڙي تهڙي حالين.

نازڪ نينهن نِڀايان.

 

گل ڦل سيج گلن جي،

جاني آ ته وڇايان.

 

روئي روئي روزانو ٿِي،

نِت نت نير وَهايان.

 

تو ڏي قاصد پئي ٿيِ،

ڪوٺي ڪانگ اُڏايان.

 

مان ”مدهوش“ چوائي،

ويٺي واٽَ واجهايان.

 

 

 

 

وائي

آءُ اچِي لهه سار، دير نه ڪر دلدار سگهي آءُ،

دلدارَ سگهي آءُ يار سگهي آءُ.

 

تُنهنجي ڏسڻ جي محب ملڻ جِي،

تانگهه لڳِي ٿم تار، يار سگهي آءُ. 

 

درد وندئ کي ڏي ڪو دلاسو،

محب مٺا منٺار، يار سگهي آءُ.

 

منهنجون مڙئي ڪر معاف مدايون،

آهيان بُري بدڪار، يار سگهي آءُ.

 

تنهنجي جدائي جان ٿي جهوري،

ٽارُ اِهو آزار، يار سگهي آءُ.

 

”مدهوش“ کي وڃُ منهڙو ڏيکاري،

سونهن ڀريا سردار، يار سگهي آءُ.

 

 

 

 

وائي

عشقَ وڌِي ٿئون سيروي،

جيئن وهي، تڪبير وي.

 

اڻ جهل بڻجي آمهون سامهون،

آههِ ڪشي، ويو تيروي.

 

هن جي آڏو ڪيئي ڪُسي ويا،

مير وڏا مهميروي.

 

ڏاها گڏجِي ڪوئي ڏس ڏيو،

ڪهڙي ڪيان تدبيروي.

 

هوش کسي ”مدهوش“ ڪيو آ،

بِرههَ انهئ بي پيروي.

 

 

 

وائي

مُنهنجو محب مٺو، ماکئ کان به مٺو،

ماکئ کان مٺو، سڀني کان به سٺو.

 

سرتيون ڙي سرچائي ڏيو،

جيڪو رات رٺو، ماکئ کان به مٺو.

 

سونهَن ۾ سڀني کان سهڻو،

اهڙو ڪنهن نه ڏٺو، ماکئ کان به مٺو.

 

ڏکّ ڏورايو کيس ڏيان،

سوڀي ناهه سٺو، ماکئ کان به مٺو.

 

روزازل کان ”مدهوش“ سندس،

آهيان قربَ ڪٺو، ماکئ کان به مِٺو.

 

 

 

وائي

سڄڻ اوهان جِي ڪا خبر،

ڪنهن نه آندي آ، الاهئ دلڙي ماندي آ.

 

جهورئ اوهان جئ کان جندڙي،

وارُ نه ڪو واندي آ.

 

ڏاج ڏکن جو جيڪو ڏئي وئين،

سور اُهو سيراندي آ.

 

دردن ماري دل ديواني،

برهه بَنائِي باندي آ.

 

من اندر ”مدهوش“ چئي،

حُبَ هِنئين هيڪاندي آ.

 

 

وائي

آههِ اسان جو قصور،

ڏوهي ڏوهي ڏوهي ڏوهي آهيون.

 

امرت جهڙي نيڪ نظرکان،

دوست نه ڪريو دور.

 

هِي آزيون ايلازَ اسان جا،

مُحبَ ڪريو منظور.

 

ڀانيو توڙي يار نه ڀانيو!

پر نه وڃو وهلوُر.

 

ننڍپڻ وارو نينهن پُراڻو،

مُفت نه ڇنجو مور.

 

عقش اٿم ”مدهوش“بنايو،

مست ڦران مشهور....

  

 

وائي

سڪ سڄڻ جي آهه ستايو،

ساههُ سٽون ٿو کائي.

هائي، هائي، هائي!

 

هلو ڀينر ساڻُ ٿي، پاند ڳچئ ۾ پائي،

پرين ڏيو پرچائي، هائي هائي هائي.

 

پرديسين سان ويٺيس نينهن لڳائي،

پاڻهئي پاڻ ڦُرائي، هائي هائي هائي.

 

درد وندئ جي دانهڙي، شل ڪا وَرُ ورنائي،

پنهنجي سيني لائي، هائي هائي هائي.

 

منٿ موڳي ”مدهوش“ جِي آ گو شال اگهائي،

مَن جا محب ملائي،هائي هائي هائي.

 

 

 

وائي

جاني آ او جاني،

موسم آ مستاني.

 

پيارا پلپل پئي ٿي پُڪاري،

هئ ٻانهي پروانِي،

 

ڏاڍي آهيان، دلبر سائين!

درشن لئه ديواني.

 

جان جگر ۽ جئُ به گهوريان،

ساهه ڏيائين مهماني.

 

”مدهوشَ“ جيڪي وَسَ ۾ آهي،

ڪُل ئي ڪيان قُلباني.

 

 

 

وائي

پاڻان ڪر ڪين پري،

آ تون پير ڀري.

 

ويههُ اچي من ويجهڙو،

دلبر دلّ ٺري.

 

تنهنجي هجر فراق جِي،

پئي ٿي باهه ٻري.

 

جاني ايڏي جدائي مان،

تو کي ڇا ٿو وري،

 

منهن پساءِ ”مدهوش“ کي،

ڪامل قرب ڪري.

 

 

وائي

تو سان ڪهڙي ريس، ڀلو سائين،

توسان ڪهڙي ريس.

 

ملڪ سڄي ۾ ڪونهي ڪو ئي،

جانب تنهنجو جِيس.

 

سُهڻا تنهنجي ناز انداز مان،

اچي ٿي آسِيس.

 

ارڏيون ۽ اڻ موٽ اکيون،

ڪن ڪهڻ سان ڪيِس.

 

”مدهوش“ نوايو نياز منجهان،

تنهنجي درتي سِيس.

 

وائي

ڪنهن سان نينهن نه لايو،

جي لايو ٿا ته نڀايو.

 

جيڪو ڪنهن جي ڪمّ نه آيو،

سوڄايو ڄڻ ته اجايو.

 

ڪير آ پنهنجو، ڪير پرايو،

جئَ اندر جهاتي پايو.

 

ٻاهر ڪائي ٻاڦَ نه لايو،

داٻو ڏئي درد دٻايو.

 

هوش ڇڏي ”مدهوش“ سڏايو،

اهڙو پاڻ ملهايو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org