ڪافي
دلبر جي ديدار ڪيو، من مستانو موهي موهي.
بادل جهڙن گهرن گهاٽن،
خوشبُو هاڻن ڪارن ڪارن،
وارن جِي هٻڪارَ ڪيو، من مستانو موهي موهي.
چاهت وارو چولو پائي،
آمهون سامهون ڪجهه ڳالهائي،
نيڻن جي اظهار ڪيو، من مستانو موهي موهي.
حسنَ مٿان حيران ٿيڻ جو،
ڏوهه ته ڪو منهنجو ڪونهي ڪو،
سونهاريءَ سرڪاري ڪيو، من مستانو موهي موهي.
”مدهوش“ اڳيئِي هوس نشانير،
هِر کائي هِر کائي ويتر،
سهڻل جي سينگار ڪيو، من مستانو موهي موهي.
ڪافي
منهنجا مٺا ماسات، ترسِي پَؤ،
ترسي پؤ، اڄ رات، ترسي پؤ.
تون ئي آهين سر جو سائين،
راضي ٿي رهه تيسين تائين،
جيسين ٿئي پِرڀات .. او ماسات.
نينهُن نِڀايون نيهِي نيهِي،
اڃّ اُجهايون ويهي ويهي،
اوتيون آب حيات... او ماسات.
سالن جا ڪُل سُورَ سراسر،
درد وِڇوڙا غم ۽ گوندر،
ماري ڪيون سڀ مات ... او ماسات.
ڪو به نٿو ٻيو ڪوئي وڻي ڪَمُ،
من اندر ”مدهوشَ“ رُڳِي ٿَم،
تنهنجي وائي وات، او ماسات.
ڪافي
چِشمن چُٽيا، نِسيشانَ ٻئين،
نسيشان به عاليشان ٻئين،
لوڪ سڄي کان چوري چوري،
ها ۽ نَهه جا، زورا زوري،
محبوب مُڪا فرمان ٻئين،
فرمان به عاليشان ٻئين.
عين مقدس سمجهي تَڪيو،
هُن ڀي تڪيو، مون ڀي تڪيو،
حاصل ٿيا دين ۽ ايمان ٻئين،
ايمان به عاليشان ٻئين.
ڀاڳُ نه اهڙو ڪنهن جو بڻيو،
مان هُن جو، هُو منهنجو بڻيو،
الله ڪيا هِئ احسانَ ٻئين،
احسان به عاليشان ٻئين.
مان ۽ هئ منهنجي موڳي دل،
هڪ ٿِي وياسين ماڻي منزل،
”مدهوش“ وتون ٿا، مستان ٻئين،
مستان به عاليشان ٻئين.
ڪافي
دل ۾ هڪڙو يار لڪل آ،
يارُ به پَرديدار لڪل آ.
برهه مچائي باههَ بدن ۾،
تات طلب آ تَنهن جي تن ۾،
درد الم سڀ ڪي من ۾،
سورن جو سنسار لڪل آ.
سور سڄڻ جو جايون جوڙي،
ويٺو آهي خيما کوڙي،
ٻاڦ نه ڪڍبي ٻاهر توڙي،
عشق سندو آزار لڪل آ.
اُن جو خوب خيال اٿم،
يا نينهن جو ناچُو نال اٿم،
يا مست و مست ڌمال اٿم،
ڪو دردن جو دَڌڪار لڪل آ.
”مدهوش“ امير مشير چوان،
يا ڏاهو ويرُ وزير چوان،
يا پنهنجي ذات ضمير چوان،
جيڪو هئ جِنسار لڪل آ.
ڪافي
اُٿندي، ويهندي، ايندي ويندي،
ماڻن سان ٿو مارين يار!
سيني کي تائين ٿو جيئن جيئن؟
شوخيون ڏيکارين ٿو جيئن جيئن،
تيئن تيئن دل ٿو ٺارين يار.
گل ڦل گُفتا ٿو ورجائين،
مُرڪي مٺڙو ٿو ڳالهائين،
ڄڻ ٿو هيرا هارين يار.
ڏاڍي تو مان راحت آئِي
جنّت جا ٿو جائي پائِي،
آڻي ڪوثر پيارين يار.
عِيد وَڃي ٿِي منهنجِي هيڪر،
”مدهوش“ نماڻي سان جيڪر،
گڏجي سڏجي گهارين يار.
ڪافي
لبن تي ساههُ آهي اچو اي يار جاني،
بچايو زندگاني، اوهان جِي مهرباني.
نه ڪوئي ڦيروپاتُئي، نه ڪوئي ڄاڻ ڄاتئي،
سِڪايل کي او ساٿِي، ڇا تِئ ساڻ لاتئي.
ڏئي جهوري جڏ هانڪر، بنائي وئين ديوانِي.
جِيڻ جنجال ٿي ويو،هِيڻو ٿَم حال ٿِي ويو،
سموري سڀ خبر ٿئي، ته ڪائون سال ٿي ويو،
نه قاصد ڪوئي پهتو، نه پهتي ڪا نِشانِي.
جدائي ڳاري ڳاري ڇڏيو آهيم ماري،
اَيامن کان اوهان ڏي ٿڪيون اکڙيون نهاري،
اچي درشن ڪرايو ٿِيان تازي توانِي.
صِحَت ساري سَڀوئي وڃايم روئي روئي،
چوي ”مدهوش“ مُئيء کان پڇڻ آيو نه ڪوئي،
اچي هٿ سان هٽايو پريشانِي حيرانِي.
ڪافي
سُقراط سڏيو يا مَنصُور،
پر ڇڏبو ڪِين اُصول.
زهر ڏيو ڦاهي چاڙهيو يا منجهه ڪڻا هئ ڪاڙهيو،
ڪهڙو به رکو دستور، پر چڏبو ڪين اُصول.
درد ڏيڻ سان دَنگ ڪريو، تنُّ تپائي، تنگ ڪريو،
ڪيڏو به ڪريو،
مجبور، پر ڇڏيو ڪين اصول.
جيئن جيئن ڏيندؤ تاءُ گهڻو، تيئن تيئن ايندم ساءُ گهڻو،
ٿئي سُور وڌي ناسُور، پر ڇڏيو ڪين اُصول.
ڀل ظلم جو زور وڌايو، شُهرت وارو شور مچايو،
”مدهوش“ ٿبو مَشهور، پر ڇڏبو ڪين اُصول.
ڪافي
دل خوشئ مان ٿي نه ماپي،يار جو ديدار ٿيو،
بار ويو سارو لهي، آزار ٿي مِسمار ويو.
عشق جو معراج ٿي ويو، هر طرف کان هُوڪ پئي،
پاڻ سمجهون، پاڻ ڄاڻون، عاشق و محشوق ٻئي،
هر جڳهه تي هُل هلي ويو، ڏيهَه ۾ ڏهڪار پيو،
دين و دنيا ٻِن جهانن جون خوشيون حاصل ڪيم.
دو بدو ديدون ملايم، دل ڏنم ۽ دل وتم،
زندگئ جو ڇا ڪبو وهنوار ٻيو واپار ٻيو.
عيد تي اڄ عيد ٿي، خوش ديد ٿِي درشن مليو،
من گُهريو محبوب آ، مُرڪي مليو، خوش ٿِي کِليو،
ڏيو مارڪ ساٿِيو! هڪوار ڇو سو وار ڏيو.
دل کي روڪيان ڪيئن ڀلا مان، دل ۾ ڏاڍو جوش آ،
مان رڳو ”مدهوش“ ناهيان، جڳ سڄو ”مدهوش“ آ
دل هَنبو ڇُون ٿي هڻي پئي، نينهن ڀي نروار ٿيو.
|