ناشر پاران
سائين احمد خان ’مدهوش‘ جي شخصيت کان سنڌ جو هر باشعور
ماڻهو چڱي ريت واقف آهي، کيس غزل جو البيلو شاعر
سڄي سنڌ ۾ چيو وڃي ٿو ۽ سندس عوامي شاعري عوام جي
دلين ۾ سمايل آهي. سائين ’مدهوش‘ جي شاعري جا گيت
اڄ به شادين ۽ خوشي جي موقعي تي ڳايل سِهرن ۾ چيا
وڃن ٿا.
سائين احمد خان ’مدهوش‘ کي حرف تجنيس تي پڻ وڏو عبور حاصل هو.
جنهن جو مثال سندس شعرن ۾ هن ريت ملي ٿو:
دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلربا، دلڪش،
دلِ دلگير کي تنهنجي نيڪ نانءُ کان وٿي ناهي.
يا
نهاري ناز مان نازڪ نماڻي دل نهوڙي وئين،
انهن خوني نگاهن سان جگر ۾ تير کوڙي وئين.
سائين احمد خان مدهوش بزم طالب الموليٰ جي مشاعرن ۾ اڪثر شرڪت
ڪندو هو ۽ کيس بزم طالب الموليٰ طرفان 3 ڀيرا
انعام پڻ مليو آهي. سندس همعصر شاعرن ۾ استاد
بخاري، محمد اسحاق راهي، الهنواز رڪڻائي، ميهر
فقير، محمد علي طالب لغاري، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ، تاجل بيوس، شهيد احمد خان آصف مصراڻي،
امداد حسيني، شمشيرالحيدري، نياز همايوني وغيره
شامل آهن.
موجوده سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن قبله مخدوم جميل
الزمان صاحب جي خاص دلچسپي ۽ مفيد مشورن جي ڪري هي
ڪتاب اشاعت جون منزلون طئي ڪري اوهان جي هٿن تائين
پهتو آهي. اُميد آهي ته سنڌي غزل جي هن البيلي
شاعر جي شاعري جي هن مجموعي جي ڇپائي سنڌ جي اديبن
۽ شاعرن لاءِ ڪي مثبت اثر ڇڏيندي.
ڄام شورو سنڌ
الـهـڏتو وگهيو
03 رمضان المبارڪ 1432هه سيڪريٽري
بمطابق 04- آگسٽ 2011ع سنڌي ادبي
بورڊ
پيش لفظ
وقت وڏو منصف آهي، اڄ اها حقيقت عالم آشڪار آهي ته بابا سائين
احمد خان مدهوش سنڌي شاعري جو هڪ الڳ ٿلڳ ۽ نرالو
نانءُ هو. جنهن جو اصلوب (Diction)
بلڪل الڳ ۽ اعلى آهي.
سندن لکڻ جي انهي نواڻ ۽ فڪري گهرائيءَ کين پنهنجي همعصرن ۾ هڪ
منفرد ۽ نمايان مقام ڏياريو. بابا سائين تي ڏات جي
ديوي سدا مهربان رهي ۽ ڏاتر کيس ڏانءُ به ڏاهپ
وارو عطا ڪيو.
سگهڙن جي شهنشاهه جلال کٽي جي خاندان منجهان هئڻ يا اسان جي
ڏاڏا سائين حاجي فقير ”شُغلي“ کٽي جي حمديه ۽
نعيته شاعر هئڻ سبب اهو به چئي سگهجي ٿو ته شاعري
کيس ورثي ۾ ملي.
اسان جو ڏاڏا سائين حاجي فقير شُغلي کٽي پنهنجي وقت جي وڏي ديني
عالم ميان محمود جي صحبت ۾ رهڻ سبب نه رڳو
پرهيزگار، متقي، متوڪل ۽ عبادت گذار رهيو، پر هن
ڪائنات جي خالق اڪبر ۽ سندس محبوب رحمت العالمين
سان عشق ۽ عقيدت ۾ صرف حمد ۽ نعتون لکيون، پنهنجي
وقت جي ڪهنه مشق ۽ بلند پايه شاعر هئڻ باوجود ٻي
ڪنهن به صنف تي طبع آزمائي نه ڪيائون.
وقت جو ڪامل ولي ۽ بزرگ ميان محمود (خيرپور ۾ اڄ تائين سندن عرس
مبارڪ هر سال عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو
آهي.) جڏهن به اسلام جي تبليغ جي سلسلي ۾ ڪو سفر
ڪندو هو يا ڪنهن جلسي يا مذهبي اجتماع ۾ شرڪت لاءِ
نڪرندو هو ته ڏاڏا سائين کي ساڻ ضرور کڻندو هو.
جيئن اڄ جا مولودي يا نعت خوان مذهبي پروگرامن ۾
روح ڦوڪي رونق بخشين ٿا، تئين ان وقت ڏاڏا سائين
جي سحر انگيز حمديه ۽ نعتيه شاعري مذهبي جلسن توڙي
تبليغي پروگرامن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندي هئي.
ايتري قدر جو سندس نالو ئي شغلي يعني شغل ڪرڻ وارو
پئجي ويو. شاعري جي انهيءَ موروثي سفر تي بابا
سائين احمد خان مدهوش رواني ٿيو، پر هن پنهنجو هڪ
جُدا رستو ورتو ۽ شاعري جي تقريبا سڀني صنفن تي
خوبصورت طبع آزمائي ڪيائون. سندن شاعري جو لفظ لفظ
سونهن ۽ زندگي آهي. بابا سائين احمد خان مدهوش
عوام جي دلين جو ترجمان شاعر هو ۽ آهي.
غربت ڪارڻ سادي زندگي گهاريندڙ هن شاعر جي شاعري ۾ خيال ڏاڍا
اعلى ۽ اوچا نظر اچن ٿا. مجاز کان حقيقت تائين هي
شاعراڻو سفر بنهه انوکو آهي. آخري وقت ۾ سندن مزاج
۽ سندن ڪلام صوفياڻا به نظر آيا.
سندن شاعري جي هن ڪتاب ”اکين جا سنيها“ ۾ ڪيترائي پيار جا پيغام
آهن. ڇو ته پاڻ پيار جو هڪ اهڙو بلند پرواز پکي
هو، جنهن کي مني صديءَ جي سفر کان پوءِ به محبت جي
منزل ڪانه ملي هئي. ۽ هو پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾
مسلسل اُڏامي رهيو هو. جڏهن هيءُ جهان ڇڏيائون
تڏهن به سندن اڃايل اکين ۾ صرف ۽ صرف دلبر جي
ديدار جي آس زنده هئي.
بابا سائين احمد خان مدهوش جي محبت ۽ شاعري هڪ ڇولان ڇول سمنڊ
آهي، جنهن جو ڪو انت پار ئي ڪونهي.
خليل عارف سومرو
خيال نگر جوهي
2011-01-17
ٻه اکر پنهنجي پاران
پاڻ سڃاڻڻ کان سواءِ، پيار جي ڪا به حيثيت ڪانهي. اُنَ لاءِ پاڻ
اَنا کي ماري، پيار کي جيارڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب
آهي جو هر سُٺي شاعر تصوف جو سهارو وَٺي، پاڻ کي
فنا ۾ اُڇلي بقا ماڻي ورتي.
نقش کان نقاش تائين رَسڻ جو بهترين رستو به اِهو ئي آهي. برابر
انسانيت جو معراج رب کي سڃاڻڻ کان پوءِ ٿئي ٿو. پر
رب کي سڃاڻڻ کان اڳ ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو مرحلو اچي ٿو.
انهيء ڪري انسانن ۾ رهي، انسانن جي ڀلائي وارو
جذبو جاڳائڻ ضروري آهي. اهڙي ماڻهؤ کي پيار جو
پرچارڪ يا شاعر سڏي سگهجي ٿو. با شعور شاعري جي
سڃاڻپ به سُٺي سلوڪ ۽ اخلاص سان ٿي سگهي ٿي.
انهيء جو مطلب هڪڙو اِهو به آهي ته اخلاص، ادب ۽ امن وارا ماڻهو
ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندا آهن، پر پاڻ سان جهيڙو
هوندو اٿن. ڀلا ڪنهن ٻئي جهيڙي ۾ رُڌل هوندا ته
پاڻ سان جهيڙو ڪيئن ڪري سگهندا؟. پاڻ سان جهيڙو
ڪرڻ جي مُراد پنهنجي اصلاح ڪرڻ ٿو وٺان. اول
پنهنجي اصلاح نه ٿيندي ته ٻئي جي اصلاح ڪيئن ڪري
سگهبي؟ اگر آدميت جي اصلاح نه ٿي ته اهڙي شاعري
ڪهڙي ڪم جي؟
شاعريء جا ڪيترا ئي لوازمات آهن. پر شاعري ۾ فڪر جي اونهائي ۽
بيان جو سليقو تمام ضروري آهي.
تصوف جي وصف ٿورن لفظن ۾ خوديء کي خدا آڏو جُهڪائڻ آهي. هڪٻئي
کي خدا چوڻ، يا سمجهڻ صوفيء کي تڪبر جي،ويجهو وڃي
ڇڏي ٿو. عارفن جي اصطلاح ۾ تڪبر (خود ثنائي) ڪوڙي
هستي آهي.
پاڻ کي ڪجهه نه سمجهڻ سچي هستي آهي. اهڙي عمل سان عامل،انسان
سوزيء کان پاڪ رهي سگهي ٿو. اهڙو عمل شرعي لحاظ
کان به جائز آهي. جيئن فاني کي باقيء تي ترجيح نه
ملي سگهي:
اهڙي عمل جو اشارو ئي شراب وحدت جو خمار چاڙهي ڇڏي ٿو. حضرت
عاشق (انسان) ان جي لذت ۽ چَسَ سان ايترو ته مخمور
ٿي وڃي ٿو جو صفات کان بي نياز ٿي خالص ذات جي طرف
رُجوع ٿي وڃي ٿو. ۽آخر خوديء کي ذات جي حضور ۾
سرنگون ڪري فنا ڪري ڇڏي ٿو يعني طالب پاڻ کي ڪجهه
به نٿو سمجهي.
پرين پاڻ پنهنجو و ساري ڇڏيو ٿم
مگر عشق تنهنجو اُجاري ڇڏيو ٿم.
ماڻهو جيستائين مخلص نٿو ٿئي تيستائين تصوف جو پاڇو مَٿس نٿو
پوي. تصوف يا عام ڀلائيء جي جذبي کان سواءِ سٺو
اِنسان ٿيڻ محال آهي. اهڙي ماڻهوء جي پيار جي دعوا
ڪرڻ به ڊاڙ ٻٽاڪ وانگر يا رُڃَ جي دوکي وانگر آهي.
مٿئين فُقري جو تت اِهو نڪري ٿو ته ”صوفي اصل ۾ اُهوآهي، جنهن
جي دل صفا هجي.“ جنهن جي دل پيار جي پاڻيء سان
ڌوتل هجي ۽ سندس نظر جو آئينو اُجرو هجي.اُهو ئي
سدا حيات شاعر ٿي سگهندو.
جيڪو بقا تائين رستو ٻُهاري ڇڏيندو. بقا تائين رستو ٻُهارجي ويو
ته حياتي ئي حياتي هوندي. اهڙي شاعر ۽ عارف ٿيڻ
لاءِ لازمي آهي ته سندس زبان سچي هجي اکيون آليون،
۽ دل خدا جي خوف سان لبريز هجي، وڏائي، حَسد حُبِ
دنيا، حثمت ۽ جاهه وجلال سان رَغبت نه هجيس، خلق
خدا کي نظر ۾ رکي، مصيبت ۾ صبر ڪري پنهنجي ذات
طرفان، رَبَ جي ذات ۽ هستيء ۾ محو ٿِي وڃي.
سندس ذهن تي لکجي وڃي ته ڪا به چيز هن جي ملڪيت ناهي ۽ نه ٻئي
ڪنهن شخص جي ملڪيت سندس ئي(پنهنجي) ملڪيت آهي:
بلڪ خود پاڻ کي خدا جي بندن (سماج) جي ملڪيت سمجهي سماجي قرب
حاصل ڪري ذات حق سان هڪ ٿي وڃي:
اهو ئي سبب آهي جو حضرت انسان کي، ساري مخلوق کان افضل ۽ مغرز
بنايو ويو. اهو ئي سبب آهي جو مالڪِ حقيقي کيس
”اشرف المخلوقات“ جي لقب سان نوازيو.
هُونء به ازل کان ئي انسان جڏهن عالم اجسام ۾ آيو ته پيار جو
پوش پائي. دنيا جي اصلاح لاءِ آيو. جنهن ڪري حضرت
انسان، هر زمان، هر زمين تي پنهنجي فهم جا تجلا
کڻي دلين تي راڄ ڪيو.
ڪو ئي مڃي يا نه مڃي پر پيار جو ادراڪ سمجهي سگهي ٿو ته ”پيار
پاڻ خود پاڪ آهي پر پليت دلين کي به ڌوئي صاف ڪري
سگهي ٿو.“
پيار جي نظر رکندڙ پاڻ کي به سڃاڻي ٿو ۽ ٻين وٽ سڃاڻپ ڪرائي
سگهي ٿو. انساني آداب، اُهڃاڻ، لاڙا به سڃاڻي سگهي
ٿو. مطلف ته پيار جي مڪتب جو پڙهيل، ڏاهو ۽ ساڃاهه
وند ٿِي سگهي ٿو. تنهن ڪري مون اهڙي ساڃاهه ونديء
کي پنهنجو مَشغلو بنايو. ۽ اڄ آءٌ سڃاتو وڃان ٿو.
پر جي ڪو نٿو سڃاڻي سگهي ته اُن کي مياح آهي. جيئن
وڻيس تيئن چوي، مون لاءِ پيارُ دائمي حياتي جيتري
حيثيت رکي ٿو.
زماني مِٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر
بقا تائين رستو پهاري ڇڏيو ٿم.
ناچيز
احمد خان مدهوش
جوهي
اِنتساب
منسوب ڪريان ٿو، سنڌ جي مُفڪّر، ٻولئ جي ٻهڳُڻ، پنهنجي همدم،
همنام، هم مسلڪ، هم عصر، عظيم شاعر سيد احمد شاهه
”استاد بخاري“ سان.
جنهن سان پيار ۾، پيار بابت وڏا بحث،مباحثا ڪچهريون، ۽ شاعراڻي
فڪر تي رهاڻيون ٿينديون هيون.
جنهن چيو هو ته ”مونڏي نيڻ نه کڻ، دنيا ڏاڍي ساڙولي آ، ڏيندءِ
ڪانه ڏسڻ“ ۽ آءٌ چوندو هوس، سائين!
دنيا سڙي ته پئي سڙي. پنهنجي پيار تان هَٿُ ڪيئن کڻنداسين؟ اُهو
پيار جيڪو فطر تي طور سچ جو آواز آهي، جيڪو پيار،
پيارا ٻول ادا ڪري ٿو. جيڪو روح جي راحت سڏجي
ٿوجيڪو اَٽل ايرادا اُڀاري ٿو. جيڪو جذبا جياري
ٿو...
۽ پوءِ... اُستاد بخاري مُرڪي وراڻيو ته ها ”مدهوش“!
اسان پيار ڪرڻ وارا ماڻهو، دريا هُجي يا صحرا پر پار ڪرڻ وارا
ماڻهو: ۽ پوءِ پيار جي پرچار (شاعريء) ۾ جُنمبِي
وياسيِن:
احمد خان مدهوش (جوهي)
حمد و نعت
حمديه ٻول
هِن اندر ۾، تون هي تون تون،
من مندر ۾ تون هي تون تون.
جان جگر ۾، ناز نظر ۾،
سونهن نگر ۾، تون هي تون تون.
و حدت ڪثرت، ڪثرت و حدت،
هر مَنظر ۾، تون هي تون تون.
هن پاسي کان، هُن پاسي کان،
بلڪل ڀر ۾، تون ئي تون تون.
تنهنجي اڳيان، ڪجهه ڀي ناهيان،
پنهنجي پَر ۾، تون هي تون تون.
گهر ۾ جاچي ”مدهوش“ ڏٺم،
ساري گهر ۾، تون هي تون تون.
حمد
واهه قدرت ڪريم سائينء جي،
مهنجي ربّ العظيم سائينء جِي،
جنهن بنايو جهان حڪمت جو.
ٺيڪ تصوير ٺاهي ٺاهُوڪِي،
اوڍيائين لباس معشوقي،
ڏيئي اعزازُ آد ميّت جو.
خاڪ مان خود بنائي بُت خاڪي،
اُن ۾ پنهنجي سمائي حُسنا ڪِي،
نيڪ نالو ڏنائين الفت جو.
ذات اندر صفات ٺهرائي،
پيار سان ڪائِنات پهرائي،
پاڻ ڪيائين سلام صورت جو.
ڏيئي ”مدهوش“ حسنَ جي خوبي،
نانءُ نازل ڪيائين محبوبِي،
پوءِ ڪلمو پڙهيائين پارت جو.
حمد
تون ئي تون تون، تون ئي تون تُون،
آهين تَن مَن جِي تارَ تون.
مُنهنجي اَڻ ڄاڻي، ساري ٿو ڄاڻيِن،
او منهنجا ڄاڻڻهار تون.
اؤکيء ۾ سائين، ٿو توڙ رَسائين،
مُنهنجي ساري لههُ سار تون.
ڇو جهاتيون پايان، ٻئي در واجهايان،
ڏي دلداري دلدارَ تون.
مان عيبن هاڻو، ”مدهوش“ نِماڻو،
ڪنهن کي ڪرِيان ڪُل پارَ توُن.
دعا
فقير آهيون، حقير آهيون، اسير آهيون، اوهان جا آهيون،
ڪبير آهيون، صغير آهيون، ظهير آهيون، اوهان جا آهيون.
اوهان ئي آهيو اسان جا مالڪ، اوهان ئي آهيو اسان جا خالق،
اوهان جي لوح و قلم جي لِکيَل لڪير آهيون، اوهان جا آهيون.
حضور سائين اوهان عنايت ڪندا نظر جي جڏهن به آهيو،
ته بڻجي پوندا خمير مان خوش ضمير آهيون، اوهان جا آهيون.
اسان کي پنهنجي انا ٿي کائي، اسان کي ابليس ٿو ڀلائي،
تڏهن به تنهنجي سفر جا سائين سفير آهيون اوهان جا آهون.
جڏن سڏن ۾ شمار آهيون، بيمار آهيون، لاچار آهيون،
ڪرم سان ”مدهوش“ بڻجي پوندا سُڌير آهيون، اوهان جا آهيون.
دعا
خالق خَلقڻهار! ميٽ مدايون بخش برايون،
بيحد بخشڻهار! بخش بُرايون ميٽ مدايو.
تو ريء چاڙهو ڪونهي ڪوئي،
معلوم اٿيئي حال سڀوئي،
اوڪُل جا ڪَلتارَ…!
آقا! اوڀارو، لَهوارو،
رستو سارو مشڪل وارو،
آرو پار اُڪار…!
پاند پناهه جو لوڏي، لوڏي!
پنهنجي چادر جو پردو ڏي!
پرور پاڪ ستار…!
”مدهوش“ اياڻو عرض ڪري ٿو،
تنهنجي درتي سرڙو ڌري ٿو،
لَهه ڪار سار سنڀار…!
نعت
منهنجا پرين، هِن جا پرين، هُن جا پرين، سڀ جا پرين!
يا رحمت اللّعٰلمين، يا رحمت اللّعٰلمين!
آڏو ڦرين، ٽهلِين ٽلين، ويهين اُٿين، دل ۾ هُجين،
صد مرحبا، صد مرحبا، ٻولِن اکيون، جنهن دم اچين!
تنهنجي ڪري هيء جڳ جُڙيو، بهترين کان بهترين،
عرش، برين، رُو ءِ زمين، ٻئين دل پزيرو دل نشين!
آمد ڏسي باطل جُهڪائي، تواڳيان پنهنجي جبين،
هر سُوءِ کان آئي صدا، فتح مُبين، فتح مبين!
نظرون کڻي جنهن ڏي ڏسين، نِت نوبنو تنهن کي ڪرين،
اي راحتِ جانِ وجگر، اي فرحتِ قلبِ حزين!
ها، تنهنجي باعث، گردش ايّام جو هر اهتمام،
ٿينديون رهيون، پِرهُون حَسين، شاعون حسين، راتيون حَسين!
گُل ٽڙيا غُنچا کڙيا، گلزار ٿيا، هُٻڪار ٿيا،
تنهنجي اچڻ سان وئي وڌي، آ رونق رُو ءِ زمين!
ڪنهن قسم جي عرشِ مُعظم تي ڪمي ڪائي نه هئي،
معراج سان ليڪن وڌي وئي، عظمتِ عرش برين!
”مدهوش“ جي پارت اٿئي، پيارا شغيعُ المذ نَبين،
مڃ عرض هِن عاصيء سندو، اي جانِ جان، جان آفرين!
نعت
رس اچي سيّد سچارا، ياﷴ مصطفيٰ،
پاڪ پر وَ رجا پيارا، ياﷴ مصطفيٰ.
بي وسيلن جا وسيلا، بي ڪسن جا پرجهلا،
بي سهارن جا سهارا، ياﷴ مصطفيٰ.
ڪاري ڪُنَ مان تار ٻيڙو پنهنجي اُمّت جو اچي،
مات ڪر موذي هچارا، ياﷴ مصطفيٰ!
چؤ طرف چؤڌار آهن، ويا وڪوڙي ويڙهجي،
خوف خطرا کوڙ سارا، ياﷴ مصطفيٰ!
ڏاڍَ جي ڏونگر ڏکوين کي ڏُکويو آ گهڻو،
ڪر ڪرم اي قرب وارا، ياﷴ مصطفيٰ.
تنهنجي شفقت ۽ عنايت ڪاڻ سِڪندا ٿا رهن،
ڪيترا ”مدهوش“ پارا، ياﷴ مصطفيٰ.
نعت
پڙهان مصطفيٰ تي او صلواتَ سهڻي،
اٿم ٻي نه ڪا ئي، وائي وات سهڻي،
وٺي پاڪ نالو خدا ۽ خدا جي،
نبيء جو گذاريان سڄي رات سهڻي.
گهوريان ساهه ۽ سر مان فخر جهان تان،
ڪيان جان صدقي، اِنهيء نيڪَ نان تان،
چوڻ ساڻ جنهن جي، پوي ٿي ڪمن ۾،
بلاشڪ ڀلائيء جِي پوي، برڪات سهڻي.
مداحون مداحِي، هزارين چون ٿا،
ڪروڙين ثنائون، ثناگو لکن ٿا،
ڪريان سو ڪريان آءُ ساراههَ ڪهڙي،
جهڙو نانءُ سهڻو، تهڙي ذات سهڻي.
رهيا کوڙ محبوب مجذوبَ هوندا،
مليا کوڙ طالب ۽ مطلوبَ هوندا،
ملاقات معراج واري جا گُذري،
ڪئِي ڪنهن نه اهڙي ملاقات سهڻي.
ماڻي، شاههَ شاهِي، بڻيا لکَ تو نگر،
ڪيئي خانِ خانان، ۽ دارا سڪندر،
مگر تو کي ”مدهوش“عشق نبيء جِي،
ڀلي، کان ڀلي آملِي ڏاتَ سهڻي.
نعت
محمد جي ولادت جو مبارڪ ماههُ آيو آ،
سدورو ۽ سعادت مند بسم الله آيو آ،
ظهورِ حق، مُجسّم نور، ماهِ ماهه آيو آ،
خوشا نورِ جمالِ ڪبرِ يا وهواهه آيو آ.
امام الاَنبيا، هر دوسرا جو شاهه آيو آ،
سونهارو سروَرِ ڪونين عاليجاهه آيو آ،
سبحان الله لب يزدان تي اَذڪار محمّد آ،
ڏيڻ هيء شاهدي جگ ۾ ڪلام الله آيو آ.
مڇي ڪهرام ويو ظلمت ڪَدَن ۾ ۽ ڀڳو باطل،
بتانِ ڪفر جو گويالبن تي ساهه آيو آ.
تمّنا آ دل ”مدهوشَ“ جي جيڪر ڏسان روضو،
چوان شاههِ مدينه کي سگِ درگاهه آيو آ.
نعت
عربي اڱڻ تي آيو، لايو ٿيو سجايو
محبوبَ جا مداحي، ڳايو مداحَ ڳايو.
آئي گهڙي سُهائِي، گهر گهر ملي واڌائي،
ڏيئي مبارڪون اڄ ڀاڪر وڏاڪي پايو.
گوندر گُو ماٽجي ويا، غم درد ميٽجي ويا،
سورن به موڪلايو، پاسو سُکن وَرايو.
سچّار صاف صادق، جنهن جو خدا به عاشق،
اهڙو نبي ڀلارو، مولا کڻي مِلايو.
پُورو يقينُ آڻي، مَنَ جي مُرادَ ماڻي،
مٺڙا وٺِي پتاشا، جهوليون ڀري ورهايو.
محبوبَ جي اچڻ سان، دل ٿي نچي خوشيء مان،
”مدهوش“ پنهنجي دل جو، سارو صحن سَجايو.
نعت
ٿو پڪار جهان، مصطفيٰ مصطفيٰ،
تون وسارين متان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
ڇا ننڍو، ڇا وڏو ڇا ٻچو، ڇاجوان،
آزبان درزبان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
بحروبر جهر جهنگل، مان هِتان يا هُتان،
ٿو ٻڌان ۽ سُڻان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هي ڪتيون، هي نکٽ، ۽ ستارا رَوان،
ڪهڪشان، ڪهڪشان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هن جو نالو مٺو راتيان ڏِنهان پڙهان،
صبحُ سانجِهي چوان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هاءِ ”مدهوش“ مان، جنهن گهڙي دم ڏيان
هيئن چوندو رهان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
نعت سرائڪِي
سِيرؤِچ هان بي سهاري، بي ثمر هڪڙي ڄَڻِي
رس ﷴ ڪارڻِي او رس ﷴ ڪارڻي.
تيڏي، درتي هان سوالي، تيڏي دردي ٻانهڙي،
ڪالِڙي هان ڪوجهڙي آن، مئِن اَڀاڳڻ اؤگُڻي.
چؤ طرف آنڌي نظر آوڻ لڳي، کاوڻ لڳي،
غم دي، بادل ڇا چُڪي، سُولان مَچائي سانوَڻي.
بي وسيليان داوسيلا، بي ڪسان داڀر جَهلا،
مئِن ٻُڏل داتار ٻيڙا، اومديني دا ڌڻي.
مئن فراقان دي ڦٽي تي، ماڙڪراپڻي مِٺا،
آ اڱڻ ”مدهوش“ دي، صورت وِکا مَن ڀانوَڻي.
نعت سرائڪي
درد وندان دي، حال اُتي ڪر ڀال اَلا،
او مير محمّد لال لکي لڄپال الا.
جهڙي تهڙي مئين تيڏي هان وي،
ڪالي توڙي ڪوجهِي آن بد چال الا.
جي ويڙهي، آوين، آڦيرڙا پاويِن،
مال مَڏيان سڀ گهول گهتان في الحال الا.
ناتي رشتي ساري جڳ دي، سَٽ ڪر،
پيش تُساڏي پئي هان، گِهن هيِڻا حال الا.
اي دنيا سڄي پئي درشن ماڻي،
سڪدا پئي ”مدهوش“ مگر سال وسال الا.
نعت سرائڪي
محبوب مٺي دا نام مٺا، پڙهه ڏينهن سڄا ول رات سڄي،
ول ول پڙهدي، دل نا رَڄدِي، سهڻي سرورتي صلوات سڄي.
اُٿ عرش تي قُدسِي روز پڙهن، اٿ فرش تي بَندي ياد ڪرن،
ڪيا جهنگ حيل ڪيا دشت دَمن، پڙهدي پئي هي ڪائنات سڄي.
هڪ حمد اڳون بڻ آيا الف، ٻيا ميم هي، وچتي مام حَرَف،
ڪر احمد چُون چا ميم حَذف، بَن احد دي پوسيِن ذات سڄي.
اي ساري فيضا گهنگهو رگهٽا، گجگوڙ کِنوڻ دي خاص اَدا،
توڙي جهومدي آوي مست هوا، سڀ سهڻي دي هي اَثبات سڄي.
هي آس اها ڀلي پارو وڃان، ”مدهوش“ ڦران گهٽ گهيڙ گُهمان،
راهان به چمان ڳليان به چمان، چُمان چاهه وچون عرفات سڄي. |