سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :15

 

چوسِٽا

 

چوسِٽو

”جيئن روُحَ بنا آدمي، خالي ٽنگيل لوئي

جيئن عڪس آرسيءَ ۾ نٿو ڏسجي ڪوئي،

”مدهوش“ اِحساسَن رئ ساري غزل گوئي،

اهڙي آهي، جهڙي سکڻي ڪُني ڏوئِي.“

 

 

 

 

چوسٽو

خوش هجي ڪوئي، محلات جي ڇانوَ ۾،

خوب کائي ۽ پئي سونَ جي ٿانوَ ۾.

آءٌ ”مدهوش“ بکيو ئي ڀلو آهيان،

پنهنجي آ ڳند جي هِن ليارَ جي ڇانوَ ۾.

 

 


 

 

چوسٽا

حسن آڏو حضورَ! سڀ جُهڪي پيا،

هوڏ، هستيون، غرورَ سڀ جهڪي پيا.

نيٺ ”مدهوش“ ڪيئن نه اڄ جُهڪي ها،

هوش، عقل، شعورَ سڀ جهڪي پيا.

 

تنهنجي مُرڪڻ سان رات مُرڪي ٿي،

هئ سڄِي ڪائنات مُرڪي ٿي.

۽ جڏهن تنهنجي ذات مرڪي ٿي،

سائين ساري حيات مُرڪي ٿي.

 

تون جي مُرڪين ته آرسي مُرڪي،

ڏند مُرڪن اِها مِسِي مُرڪي،

ڪر پري پردڙو ته هئ ”مدهوش،“

تنهنجو مُرڪڻ ڏسي ڏسي مُرڪي.

 

تون جي خوش ٿين ته منهنجو تن خوش ٿئي،

دل جگر جان، هئ بدن خوش ٿئي،

مُرڪُ ”مدهوش“ جي اڳيان ٿورو،

ته رُٺل روح جو چمن خوش ٿئي.

 

ڪجهه سزا ڪجهه سوادَ پهچايو،

ڪي ته يارو مَواڌ پهچايو،

داد ”مدهوش“ کي ڏيو نه ڏيو!

مُرڪ جي هڪ مُراد پهچايو.

 

 

چوسٽا

مجاز، اهل دِل جو حقي ڏاجُ آهي،

عُشاقن جي اميد جو ڪاج آهي،

مجازئ کان ”مدهوش“ موڙين متان مُنهن،

اهو ئي حقيقت جو معراج آهي.

 

جيئن ذوقُ رهي ٿو ماڻهون ۾ سمايل،

جيئن ليليٰ پنهنجي مجنونء ۾ سمايل،

جيئن تارَ وڄي ٿي رُون رُونء ۾ سمايل،

”مدهوش،“ ائين آن، لوُنء لُونء ۾ سمايل.

 

ڪيئن رکان دل کي چاهه کان ٻاهر،

پيار واري پناههَ کان ٻاهر،

آهي تنهنجي نگاهه کان ٻاهر،

ڄڻ ته ”مدهوش“ ساههَ کان ٻاهر.

 

هوڏان هُن تڪيو، هيڏان دل ۾ دَهه دَهه ٿي وئي،

تيغن، تلوارن، تيرن جي ڦَهه ڦهه ٿي وئي،

”مدهوش“ ڪيان حساب پنهنجي فاتح سان ڪهڙو؟

مون هارايو، هُن کٽيو، آهي لَهه پَهه ٿي وئي.

 

ڪا زندگي سجائي، ته ڪا زندگي فضوُل،

ڪا زندگي عظيم، ته ڪا زندگي مَلوُل،

”مدهوش“ کي ضمير سيکاريو اِهو اصوُل،

نعمت ملي جا غير کان، هرگز نه ڪر قبول.

 

 

چوسٽا

اگر تون غم ئي غم ڏيندين ته مان غمناڪ ٿي ويندس،

پَلئه ڏئي پاڪ هٿُ رکندين ته ڌوپِي پاڪ ٿي ويندس،

مڃان ٿو تون مسيحائِي ڪندين منهنجِي، مگر جيسيِن،

خبر تو کي پوي تيسيِن، ڳري مان خاڪ ٿي ويندس.

 

ڏي ڏي اڃان به ڏي، ڏي اَي مَهه جبين دوکو،

جيئن دل نشين تون آهِين، تيئن آ دل نشين دوکو،

”مدهوش“ مُور چوندو دوکي کي ڪين دوکي،

ڇو جو لڳي ٿو تو جيئن، تنهنجو حَسِين دوکو.

 

ڳل تنهنجا چَيُم صُبح، ۽ وارن کي چيم رات،

نيڻن کي چيُم ڪيف ۽ ڏيکڻ کي چيم ڏات،

”مدهوش“ کي همراز هڙئي خوب وڻن ٿا،

پر تنهنجي غنيمتَ آ، سڄڻ هڪڙي مُلاقات.

 

وڃان ها، ڪيئن نه آخر آءٌ پنهنجي هوش کان نڪري،

رُخ روشن ٿي پڌرو پيو،عدم جي پوش کان نڪري،

نظر جيئن اوچتو پيئي وڃي مُنهَن ماهتا بئ تي،

وئي سبحان الله دوستو، ”مدهوش“ کان نڪري.

 


 

 

چوسٽا

هڪ ڏينهن ڪري ياد، هِيئن پيا چوندؤ لوڪو،

”هن شهر ۾ ”مدهوش“ به هڪڙو رهندو هو ڪو“

جنهن درد وچان دانهيو ته ٿو وقت ڏئي ڌوڪو،

پر ڪنهن نه ڪَنايو هِن ”مدهوش“ جو هئ هوڪو“

 

ڪڏهن سُرتَ سَهِي ٿم، ڪڏهن گيڙن مٿان گيڙَ،

ڪڏهن ”مدهوش“ مزي ۾، ڪڏهن ٿيڙن مٿان ٿيڙ،

ڪڏهن پر تو وتان پاڻهي، ڪڏهن کنيون وَتان ميڙَ،

اهڙي جهيڙان جهيڙ، اٿم روز اندر سان.

 

ڪين ڪي ڪاش ڪاش ڪر ”مدهوش،“

ڪاش کي پاش پاش ڪر ”مدهوش،“

ڪاش جو حرفُ لاش سمجهِي پوءِ،

پنهنجي منزل تلاش ڪر هوش.

 

ڪير آهي جو خيالن کان اچي خالي ڪندو؟

حال منهنجي تي هميشا وَڙُ پيو والِي ڪندو،

ويرُ ڪيڏو ئي کڻي “مدهوش“ سان پنهنجو رکو،

وقت ليڪن خود بخود شعرن جِي رکوالي ڪندو،

 

دين ڪُفر جي گهيري کان جيئن نڪري  ٻاهر ٿياسيِن،

”مدهوش“ محبت ۽ مجذوبِئ جا بلڪل ماهر ٿياسين،

پاپن سُوڌا پروَر جي دَر پاڻ پُڄي ظاهر ٿياسين،

پوءِ نفي اثبات سُڃاڻن وارا طائر ٿياسي.

 

 

چوسٽا

هن خدا ئئ کي لوڏي ڇڏيندڙ نگاهُون،

دل جي دنيا کي ڌوڏي ڇڏيندڙ نگاهون،

ڀل ته ”مدهوش“ کي قيد ڪن اي ستمگر!

تنهنجون هيڏي نه هوڏي ڇڏيندڙ نگاهون.

 

هُنَ کان جو ڌارَ ڪجل جِي لِکجي وئي،

مون کان به سِٽّ غزل جي لکجي وئي،

”مدهوش“ ڳالهه صنم جِي سوچي مُون،

پر ڳالهه حسن ازل جِي لکجي وئي.

 

ڪُرِيتُن جي ڪنهن ڪاج ۾ ڪين خوش ٿِي،

تو نگر جي ڪنهن تاج ۾ ڪين خوش ٿِي،

غريبن جي ”مدهوش“ ميراڻ بهتر آ،

اميرن جي معراج ۾ ڪين خوش ٿي.

 

شاعرئ جي بحر ۾ بي جاءِ داڦوڙا نه هَڻ،

ماپ سان هَلُ بي وزن سروٽن جا روڙها نه هَڻ،

جيڪڏهن چاهين ته منهنجي شاهري سُهڻي لڳي،

شعر واري تورتڪ ۾ اوٽَ تي کوڙا نه هڻ.

 

 

پنج سٽا

جيڪڏهن ڦول شبنمِي ڏسجي،

دلڪشي، نازڪي، نَمِي ڏسجي،

هم خيالي ۽ همدمِي ڏسجي،

اهڙو ”مدهوش“ آدمي ڏسجي،

ڇو نه اُن ڏي ڄمِي ڄمِي ڏسجي.

 

سڄو ڏينهن مُنهن تي آئينو چڙهيل ٿئي،

سڄو ڏينهن آئيني ۾ اکڙيون اڙيل ٿئي.

سڄو ڏينهن سينگار سان جِئ ُ جڙيل ٿئي،

اهو ڪنهن ٻئي لاءِ رستو گهڙيل ٿئي؟

يا ”مدهوش“ سان ايترو من مڙهيل ٿئي. 

 

اوهان جي نظر جون نپايل اکيون،

اوهان جي اکين ۾ سمايل اکيون.

اُڪيون دام سوگهي ۾ آيل اکيون،

اڃا تنهنجي درشن مان ”مدهوشَ“ جون.

نٿيون ڍاپجن هِئ اُڃايل اکيون.

 

اَٿم آسَ هيڪر نَه ٻيهَر ڏسان،

ڏسان دوست جو در ته هر هر ڏسان.

گِهٽيون گهاٽ هُنَ جا سراسَر ڏسان،

اي ”مدهوش“ اهڙو مزوگَر ڏسان.

ته ٻيهَر وَري ڪين ٻِي ڀَر ڏسان.

 

 

چوسٽا

وڃئون ٿا راهه سان هلندا، سڄڻ جي جُستجُو ۽ مان،

ڪڏهن ڪاٿي ڪڏهن ڪاٿي، ڏسڻ جي آرزو ۽ مان،

سلهاڙيل ساٿَ ۾ ساٿي، ٻئين ”لا تقنظو“ ۽ مان،

ڪڏهن ٿياهون نه ٿينداسِين، جدا، ”مدهوش“ هُو ۽ مان.

 

جنهن کي به جدا ئئ جو ڍُڪ نوش ٿيو هوندو،

بي هوش ٿيو هوندو، ”مدهوش“ ٿِيو هوندو،

صحرا جو مسافر ٿي، ليليٰ جي، تلاشَڻ ۾.

مجنونء سان وڃي همدم، هَمدوش ٿيو هوندو.

 

تنهنجي درشن ڪاڻ ٿو واجهايان،

هيڏي هوڏي، جُوههَ مان جهاتيون پايان،

ٿي پوين ”مدهوش“ کي من حاصل ڪٿان،

تنهن ڪري ڪوجها به ڏسندو آهيان.

 

ڪُڄاڙو نه ڪر، ڪجهه نه آهي ڪُڄاڙو،

اٿئي پاڻ سان گڏ، پِريتَم جو پاڙو،

لتاڙي لنگهي پؤ اي ”مدهوش لاڙو،

ته ماڻين ڏهاڙو، ڏهاڙِي ڏسڻ جو.

 


 

 

 

چوسٽا

اڻ ڄاڻ جي وهوا تي ٿيڻ شاد نه گهرجي،

بيداد ڏئي داد، اُهو داد نه گهرجي،

”مدهوش“ قدردان جي ڪوڏي به ڀلي آ،

نادان هٿان جنّت، شدّاد نه گهرجي.

 

اعزازَ جي امدادي شادئ جي برابر آ،

۽ ٽوڪ جي امدادي تعدئ جي برابر آ،

”مدهوشَ“ سچي شاباس انعام جي صورت ۾،

فردوس برينء جي شهزادئ جي برابر آ.

 

خدا جي سهاري توّڪل کي ساري،

مخالف هوا سان ڏبو مُنهن هوڪاري،

ڏکيا يا سکيا ڏينهن مدهوش گهاري،

مِڙئي ڳالهه ڪا ئي ته وڃبي بيهاري.

 

ڪِٿ حقيقت ۾ عاشقِي آهي،

ڪٿ لڪل فاش فاسقي آهي،

ڊڄّ ”مدهوش“ انهئ سنگت کان،

جنهن جو دنڌو مُنافقي آهي.

 

 

چوسٽا

دل چوي ٿِي اڄ وهائي دانهَن جا دريا ڇڏيان،

ميڙي سيڙي سڀ مَيارون، ۽ ڏوراپا ڏِيان،

پر محبت ٿِي اچي ”مدهوش“ کي روڪي وِجهي،

تنهن ڪري مجبور آهيان، ڪيئن چوان ۽ ڇا چوان؟

 

اميّد کي ويجهو آندُم، خَدشن کي پري ڇڏيم،

انّا کي ڪُهِي هُن جي پيرن ۾ ڌري ڇڏيم،

ڪيڏو نه ايرادَن تي احسان ڪري ڇڏيم،

”مدهوش“ محبت جي ثَمر سان اڄ جهولُ ڀري ڇڏيم.

 

پيار تمّنا ڏيو ٻِي ڪُل تمّنا ويڙهي وَٺو،

اُن جي بدلي مون کان ساري اَنّا ويڙهي وَٺو،

”مدهوش“ جي لئه هڪ لفظ محبت ڪافي آ،

باقي ڊگرين جا سڀ پُستڪ پَنّا ويڙهي وٺو.

 

جو ڌُوڙ کي چئي ته آهي ڌُوڙ،

اُن آئيني جي پَڪي آههِ پرور،

”مدهوشَ،“ مَٿس زور ڀريوس بلاشڪ،

پرهَڻندو نه ڪڏهن ڪنهن سان ڪوُڙ.

 

 

چوسٽا

هو ڏهُون هُنَ شوخ جي شوخي ادا ٿيندي رهي،

هيڏهون ”مدهوش“ جِي دل ڳڀا ٿيندي رهي،

دل ڳڀا ۽ هوش پُرزا ٿيو ته ڇاٿي پيو؟

جيڪڏهن هُن کان به مُرڪي ها ۾ ها ٿيندي رهي.

 

محبت سان لبريز نظرون کڻين ٿو، تڏهن ڀي وڻين ٿو،

جي ابرن جا خنجر اُلاري هڻين ٿو، تڏهن ڀي وڻين ٿو،

جي ڪاوڙ ۽ شوخئ سان سينو، تَڻين ٿو، تڏهن ڀي وڻين ٿو،

جي ”مدهوش“ جي دل جو بڻجين ڌڻي ٿو، تڏهن ڀي وڻين ٿو.

 

حسنَ آڏو حوصلا رهندوئي دشمن ٿي پيا،

سوچَ سارا چِهاڙيون چاڪ دامَن ٿي پيا،

هوش جي حد کان ڏِٻي ”مدهوش“ نڪري ويو صفا،

دلربا جا دوبَدُو، جنهن ويل درشن ٿِي پيا.

 

تقدير جي آباب کان مليو،

يا وقت جي گِرداب کان مليو،

”مدهوش“ اکين تي رکي ڇڏيم،

جو حلقئِه اجبابَ کان مليو.

 

 

چؤ سِٽا

نامُ سهڻو، ڪلام سهڻو آ،

ناز سهڻو سلام سهڻو آ،

ڀيٽي، ڀيٽي به ڪهڙي ڀيٽ ڪندؤ،

يار منهنجو تمام سهڻو آ.

هئُ به سهڻو، هُو به سهڻو، سهڻو آههِ جَهان،

ڪمي ڪنهن ۾ ڪانهي، نڪي شڪُّ  گمانُ،

مگر مون ”مدهوش“ جو اهو آههِ ايمانُ،

ته آهي سهڻن جو سلطان، سدان منهنجو سپرين.

 

اصل کئوُن اِنسان، پاڇو آ پروَر جو،

خلق الآدم عليٰ صورتہ، فَرمودو فرمان،

”مدهوش“ من مندر ۾ ڌاري ڏس ڌيان،

ته درشن سندودانُ، لهين هڪ لحظي ۾.

 

هڪ اڳيئي سهڻو، ٻي پهريل پاڪ پوشاڪ،

هڪ اکيون ٿئي عُقابي، ٻيو گُهورون غضبناڪ،

”مدهوش“ جهڙا ڪيئي مارين ٿو مشتاق،

آ هنڌين ماڳين هاڪ، سهڻا تنهنجي سونهن جِي،

 

محبوب سنڌي شهرجِي گهٽي به وڻي ٿي،

گهٽي ته ٺهيو پر، پير جي مِٽِي به وڻي ٿِي،

”مدهوش“ پَرچڻ ته الائي ڇا هوندو؟

محبوب مٺي جي مون کي ڪِٽِي به وڻي ٿي.

 

 

چوسٽا

تو جو احسان ڪيو ته مشهور نالو ٿي ويو،

شُهرت جِي بازار ۾ درجو به نِرالو ٿي ويو،

ايڏو ته هُلايو ويو ”مدهوش“ کي دنيا ۾،

جو تنهنجي نظر جو ”مدهوش،“ حوالو ٿي ويو.

 

اول عشقَ چَنمبي سان ڇاتِي هَڙَپ ڪئي،

انهئ بعد هَستِي به ذاتي هَڙپ ڪئي،

صدق ڇو نه ”مدهوش“ اُن عَشق تان ٿِيان،

اچِي جنهن اجائِي حياتِي هَڙپ ڪئي.

 

ڪلهه تو اڳيان سررکيم،اڄ سر بلند آهيان،

هِن ڪائنات سارئ ۾ ارجمند آهيان،

هن کان وڌيڪ ڪهڙي ”مدهوش“ خوش نصيبِي،

تنهنجي دراز زلفن ۾ آءٌ بند آهيان.

 

جڏهن تنهنجي نظر جي تير کان دلريش ٿي ويو،

وڏي ڪنهن رنگَ ۾ آهي رَچِي دُرويش ٿي ويو،

فنا جو کاڄُ بڻجِي، کائِجي، مِٽجي وڃي ها پر،

مرڻ کان اڳ مري ”مدهوش“ تنهنجي پيش ٿي ويو.

 


 

 

 

چوسٽا

نه لالن جي نه موتين جي، نه هيرن جِي ڀري گُهرجي،

نه ڪا صندوق پسئن جِي ٿي هلڪِي يا ڳري گهرجي،

نه ڪي ”مدهوش“ کي ڪو ڪارخانو يا کري گهرجي،

ڏسڻ ڏي سُونهن قدرت جِي، عنايت ايتري گهرجي.

 

اگر گهرجي ته تنهنجي نظر شفقت ڀري گُهرجي،

اگر گهرجي ته بس دلدار تنهنجي دلبري گهرجي،

نه دنيا ويڪري گُهرجي نه جنّت جِي دري گهرجي،

رڳو ”مدهوش“ کي بس قربَ تنهنجي جي ذري گهرجي.

 

پُڇيم دل کان ته ڇا اي دل چري گُهرجي،

چيائين حُورَ گُهرجي ٿي نه ڪا سُهڻِي پرِي گهرجي،

نگاههِ سروري گُهرجي، ۽ دست داوَري گهرجي،

اگر ”مدهوش“ ڪجهه گهرجي ته پاڇو پَر وَري گهرجي.

 

تنهنجي در کان جو گذريو هوندو،

لُڇيو، ڦتڪيو، يا ڍڪريو هوندو،

يا ته سندس هوش کريو هوندو،

يا ٿي پيو ”مدهوش“ چريو هوندو.

 

 

چوسٽا

شل مقدّس محبتون هجن قائم،

چاههُ، چَههَ ٻَههَ، چاهتون هجن قائم،

ميل ”مدهوش،“ مَحفلون، مزا، مُرڪوُن،

قرب واريون، هي قُربتون هجن قائم.

 

جيئن باهه کي سِئُ پنهنجي سڙڻ جو،

۽ پاڻئ کي خوف پنهنجي ٻُڏڻ جو،

ائين آهه ”مدهوش“ اونو اندر ۾،

سڄڻ جي اچڻ جو ۽ واپس ورڻ جو.

 

ڪينَ کي ڪڍُ جو ڪين ۾ آهي ڪجهه ڪين،

توڪل جو تُرهو ٻڌي، يڪو رکُ يقين،

اُٿي اڳڀرو ٿئ ڪري عشقُ اميِن،

ته ”مدهوش“ محبُ مُبين، پَسيِن هڪ پل ۾.

 

هڪ هٿ ۾ قلم کڻ، ٻئي هٿ ۾ عَلم کڻ،

”مدهوش،“ تکو ٿئُ، اڄ تيز قدم کڻ،

راهن ۾ اچن روڙها، ته به هليو هَلُ،

ڪا ٿي نه دم کڻ، ته ماڳُ پسين تُون.

 

پيار ڪر ۽ پيار سان گڏ، پيار جو پئمان ٻُڌ،

پيار جو پرچار ڪر، ۽ پيار جو پَروان ٻُڌ،

پيار جا ”مدهوش“ هوڪا ڏي ڀلي پر پاڻ ڀِي،

پورو پورو ڌيان ڏئي، پيار جو اعلان ٻُڌ.

 

 

چوسٽا

هُو بِه هو، ۽ مان به هُو، هئُ وَڙُ ڪيو وَحده‎،

جُستجو جنهن جي هئي، سواچي ٿيو رُوبَرو،

ويو وچان پردو هٽي، ديدَ اٽڪي دوبَدُو،

عاشقي ”مدهوش“ جي جو، هُل مچِي ويو جُو بجُو.

 

اڳيان حسن ٽهلي،ٽِلي، ڇو نه ”مدهوش“ ٿيان،

نئين نازسان مُرڪي، کلي، ڇو نه ”مدهوش“ ٿيان،

ڪري رازَ رمزوُن بِلي، ڇو نه ”مدهوش“ ٿيان،

جي اهڙو ئي درشن ملي ڇو نه ”مدهوش“ ٿيان.

 

ڪِن خِلوَتُون وسايوُن،ڪِن جلوَ تون وسايون،

ڪن مئڪدا وَسايا، ڪن مسجدون وسايون،

”مدهوش“ ڏئي، اُنهن کي آخر نه ڇو واڌايون،

جن خوش نصيبن تُنهنجون اکيوُن وسايون.

 

هُونء به آ ”مدهوش“ اوهان جي نانوَ سائين،

هيئن به آ مدهوش اوهان جي نانوَ سائين،

ڏيو رڳو پنهنجن هٿن جِي ڇانوَ سائين،

پيو دعائون روز ڏيندو سانوَ سائين.

 

ڊاهيو نه اڱر جو لِيڪو سمجهي،

ڀوريو نه ڀِتَرڙو چِيڪو سمجهي،

”مدهوش“ سان کيڏي کيڏِي اڄ،

اُڇلي نه ڇڏيو رانديِڪو سمجِهي.

 


 

 

 

چوسٽا

آڙاههَ ۾ اُڇلائي، اُڌمن کي پچايو ٿم،

ٽانڊن تي نچِي نازڪ جذبن کي پچايو ٿم،

حرفن کي محبت جي آوئ ۾ وجهي ”مدهوش،“

ڏئي تاءُ تخيّل جو، لفظن کي پچايو ٿم.

 

ڇو ٿا مهڻا محبوبن جي رُخسارن جا ڏيو،

ڪارن گُهنڊيدارن دلبر جي وارن جا ڏيو،

”مدهوش“ قبوليندو پيو، پيار پرستئ جي صدقي،

ڀل ڪيڏائي طعفا، تُنڪا،دل جي دلدارن جا ڏيو.

 

ڪمان ۾ نه ايندو ڇُٽل تير واپس،

ٿڻن ۾ نه پوندو، ڏڌل کير واپس،

اي ”مدهوش“ اهڙي نموني ڪڏهن ڀي،

وهيل ڪينَ ٿيندي آ تڪبير واپس.

 

رَوِش تنهنجي بي پيرَ ماري وجهي ٿي،

ڪجل جي تيز تحريرَ ماري وجهي ٿي،

نٿو ڪُجهه ڳالهائين تون ”مدهوشَ“ سان ته به،

ادائن جي تڪبير ماري وجهي ٿي.

 

 

چوسٽا

پياريون پياريون، ڪاريون ڪاريون کڻ اکيون ڪُنواريون سڄڻ،

نِت نِياريون، خوش خماريون، کڻ اکيون ڪنواريون سڄڻ،

جي وجهن مجبورِ هن ”مدهوشَ“ جو ٺاهي نصيب،

سي ڀلاريون، ڀاڳ واريون، کڻ اکيون ڪنواريون سڄڻ.

 

اکيون سامهون اکين جي اچي، اَڙجِي اَري، ويٺيون،

اَري ويٺيون، ته ايندي ئي اُتي آهُون ڀري ويٺيون،

ڀري ويٺيون، ته جهٽ پٽ ۾ جُهڪي سرڙو ڌري ويٺيون،

ڌري ويٺيون، ته اي ”مدهوش“ سجدو ڀي ڪري ويٺيون.

 

نگاهون ملائي ملائي پيان ٿو،

ائين خود کي تو ۾ سمائي پيان ٿو،

نه جنّت جي خواهش،نه دوزخ جو خوف آ،

اي ”مدهوش“ هستي مِٽائي پيان ٿو.

 

انهئ کي يار نه چئبو جو، يا وَرِي نه ڪري،

کسي دليون ته دلين جي ڪا دلبري نه ڪري،

اُهو حسِين به ڪهڙو حَسيِن سڏبو، جيڪو،

کڻي نگاههَ ته ”مدهوش“ دل چرِي نه ڪري. 

 

 

چوسٽا

موڳو ٿِي، ”مدهوش،“ مُنجهڻ ۾ ته نه مُنجُهه،

اُجهيو آهين جيڏو، اڃا ايڏو اُجهُّه،

اُجهڻ سان ايندءِ سمجهڻ ۾ سڀ ڪُجُّهه،

سڄو سارو ڳجهّه، مَنجهان ئي معلوم ڪر.

 

هڪ اڳيئي هُئين عَقُلَ ۾ اڻ پُورو،

وري چکيئي چاهه جو، چريو ڌاتُورو،

مَٿان مَتَ مان جي، ٻُرڪي ڏنئي ٻُورو،

متان مَرين ”مدهوش“ ادب رئ اڌوُرو،

نِوڙِي نياز سمُورو، نيئِي آڇ عجيبَ کي.

 

سڀ ڪجهه ادب ۾،بي ادبئ ۾ ڪجهه ناهي،

آئونُ آئون جون اهي اثباتيون ڇَڏ ڊاهي،

مُشڪل مؤن ”مدهوش“ چوي وٺ رستو ٺاهي،

پَؤ نفئ مؤن ڪاهي، ته دڳُ لڳئي دلبر جو.

 

هُو جڏهن تصّور جي آغوش ۾ آيو ته ڏٺم آغوش ئي ڪونهي،

پاڻ سنڀالي اُت هوش کي سڏيم، پر ڏٺم ته هوش ئي ڪونهي،

هِن عالمِ مدهوشئ ۾، “مدهوش،“ ”مدهوش،“ ”مدهوش“ پُڪاريم،

پر ڏٺم ته ”مدهوش“ ئي ڪونهي، ”مدهوش“ ئي ڪونهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org