غزل
تنهنجي صورت ڏي ڌيان آڻيان ٿو،
ڄڻ ته ٻيئِي جهان ماڻيان ٿو.
ڪو ته رشتو ازل کان آهي،جو،
تون به تاڻين ٿو، مان به تاڻيان ٿو.
تنهنجي پيرن ۾ ڀاڳ ملندو آ،
تنهن ڪري دڳ جي خاڪ ڇاڻيان ٿو.
شاعرئ جي مون کي خبر ڪهڙي؟
ڳالهڙيون پيار جون وَراڻيان ٿو.
آههِ پرچائڻو، تڏهن تو ڏي،
شعرُ ”مدهوشَ“ جو اُماڻيان ٿو.
غزل
مان فنا ٿِي به ٿو بقا ڏيائين،
ٻيو به اي عشق چَؤ ته ڇا ڏيائين.
آ ته سودو سرو بدر ڪريون،
حوصلو ڏي ته مان دعا ڏيائين.
ڪالهه تو ڪنڌُ هو گُهرِي ورتو،
اڄ چؤ ڪيتري بها ڏيائين.
پنهنجا شاهد حلاج ڏيائين، يا،
خاڪِ شُهداءِ ڪربلا ڏيائين.
يار هڪڙي جهلڪ رڳو ڏيکار،
سر جدا ڏيائين، ڌڙ جدا ڏيائين.
ترسي ”مدهوش“ جي اکين ۾ پَؤ،
ٻيا به تُحفا وڏا وڏا ڏيائين.
غزل
دردَ تنهنجي ۾ مصيبت آهي،
پر مصيبت ۾ به لذت آهي.
ٿو ستارن کان به اڳتي اُڏران،
تنهنجي قربن جي ڪرامت آهي.
ڪوهه قافن جو ڪشالو ڇا هي؟
گر اشارن جي حمايت آهي.
مؤت کي موتُ ڇڏيندس ڏئي،
جيڪڏهن ساٿ سلامت آهي.
تنهنجي ديدار ۾ آ اهڙو مزو،
جو مزي کي خُودِ حيرت آهي.
تنهنجو انداز، ادا ۽ صورت،
منهنجي نيڻن جي ضرورت آهي.
ابتدا کان وٺي محستر تائين،
تو کي ”مدهوشَ“ جي پارت آهي.
غزل
توکي سينگار جي ڳڻتي، مون کي ديدار جي ڳڻتِي،
نه ٻيو اُلڪو،نه ٻيو اونو، نه ٻئي ڪم ڪار جِي ڳڻتِي.
توکي نخرن ادائن سان، ٿيڻ نِروار جِي ڳڻتِي،
مون کي تنهنجي، ريجهائڻ واسطي اظهار جي ڳڻتِي.
توکي پنهنجي بهاني سان، ڪرڻ انڪار جي ڳڻتِي،
مون کي آهي مگر واتان سندءِ اقرار جي ڳڻتِي.
توکي وارن جي ڪڪرن مان کِنوَڻ کلڪار جي ڳڻتِي،
مون کي نيڻن جي مينهَن مان وري وسڪار جي ڳڻتي.
توکي آهي جفا جو غم،مون کي آهي وفا جو غم،
جدا هر ڪنهن کي پنهنجي آههِ ڪارو بار جي ڳڻتي.
سڄڻ تنهنجي تمّنا ٻي، ته مون ”مدهوش“جي آ ٻي،
توکي آجيت جي خواهش، مون کي آهارَ جي ڳڻتي.
غزل
روز تنهنجا خَيالَ ڦيرو ڏئِي،
مون سان ڪن ٿا مقال ڦيرو ڏئِي.
دل ۾ دهه دهه ڪري وڄي ٿي پئي،
درد واري ڌمال ڦيرو ڏئي.
ڪن ٿا هر هر دماغ سان رانديون،
يادگيرين جا ڇال ڦيرو ڏئِي.
ڄَڻُ تصوّر ۾ روبرو پهچِي،
تون ڪرين ٿو ڪمال ڦيرو ڏئي.
عمر تارا ڳڻيندي گُذري وئي،
ڪانه لڌڙئي سنڀال ڦيرو ڏئي.
لاههِ ”مدهوش“ جون اچِي مُونجهُون،
رَنجِشُون ۽ ملال ڦيرو ڏئي.
غزل
دلربا آ ته ڪي، ڪيون عيدون،
ماکيون مصريون گڏي،. ڪيون عيدون.
پنهنجِي ٺاهيون پناهه نيڻن ۾،
سڀ رُسا ماتڙي، ڪيون عيدون.
زندگئ واسطي جمالا چئون،
زندگئ واسطي ڪيون عيدوُن.
نفرتن جا نشانَ سڀ ڊاهي،
قربَ قائم ڪري ڪيون عيدون.
آءُ ”مدهوش“ ٿِي آزادئ سان
پنهنجي هن ديسَ ۾ ڪيون عيدون.
غزل
ڳالهه هرگز نه ڪائِي ڪساري ڪجي،
گفتگوُ صاف سهڻِي ۽ پياري ڪجي.
جنهن گهڙي واتَ مان لفظُ جاري ڪجي،
عيب جو ئي بجاءِ، پَر ديداري ڪجي.
ڪٿ به ڪنهنجون اوڻايون پوڻايون ڏسِي،
بردباري ڪجي، ۽ ستاري ڪجي.
تنگ نظري ڇڏي، دل ڪُشادي ڪري،
درد ڀائي ٿجي، غمگُساري ڪجي.
ڇا به ٿي پئي، ته ڀي هروَچن پاڙ جي،
قول جيڪو ڪجي، پوئواري ڪجي.
ڪنهن ڏکويل جي زخمن مٿان هٿ هڻِي،
ڪين ”مدهوش“ ڪا، دل ڏکاري ڪجي.
غزل
جڏهن حوصلو ويو، هليو حادثي ۾،
ته هُو ويو ملي، حوصلي، جي صِلي ۾.
نه پرواهه آهيم خدشي،
جي هاڻي،
مزي ۾ مزي ۾ وتان ٿو مزي ۾.
وڻي جنهن کي جيئن، تيِئن چوي پيو مگر مان،
وجهان سُور ڇالاءِ پنهنجي مَٿي ۾.
متان ڦُرجِي ويهان ڪٿي وِسيو سَن کان،
لُٽيرا کڻان ڇو گڏي قافلي، ۾.
اُتي هنج ايندا ته ڇا لاءِ ايندا؟
جي هُوندو نه پاڻئ ڦُڙو ڪنهن دُٻي، ۾.
انهئ کي غزل گو مڃن ئي نٿا جو،
ڪري ڳالهه اُوچِي غزل سا دڙي ۾.
وڏو شاعرآهيان، الائي نه آهيان،
قطاريل ته آهيان، فقيري لڏي ۾.
محبت جي مذهب ۾ ”مدهوش“ آهيان،
پوان ڇو اجايو وڃي ڪنهن ڦڏي ۾.
غزل
حسنَ جو خير مُسڪِرائي ڏيو،
مسڪرائي، اکيون ملائي ڏيو.
دان درشن جو جيڪڏهن ڏيو ٿا،
منهن تان پردو ته ڪجهه هٽائي ڏيو.
دل جو نازڪ نفيسڙو سودو،
دوستن کي نه آزمائي ڏيو.
قربَ ۾ ڪو گناهه ڪونهي ڪو،
پوءِ ڇو ٿا لڪِي لڪائي ڏيو.
اک ملائي نٿا ڏيو ته نه ڏيو،
مامَ ۾ وَرندڙي ورائي ڏيو.
پياسَ ”مدهوش“ کي سوائي آ،
ٿوري سُرڪڙِي وَڌائي ڏَيو.
غزل
آءٌ سارو ئي بيقرار آهيان،
لوڪ ليکي ته خوش بهار آهيان.
اي زمانا! وڌيڪ ڏکَ نه ڏي،
مان اڳيئِي غمن ۾ تار آهيان.
تواڳيان ڪا ئي چيز ناهيان پر،
تنهنجي شُهرت جو يادگار آهيان.
تون ڊڄين ٿو الائي ڇو مون کان،
مان ڏوراپو نه ڪاميار آهيان.
عاشقئ جا هزار ٿو راجو،
عاشقن ۾ اڄ شمار آهيان.
ويههُ ٿوروگهڻو ته رسَمًا ويههُ،
تنهنجي ”مدهوشَ“ جي مزار آهيان.
غزل
آرس جي ادائن سان، هلچل نه ڀَڃِي ويهيِن،
ڪنهن راههَ مسافر جِي، منزل نه ڀَڃِي ويهيِن.
شهمور انهن وارن کي ڇنڊِ ڀلي وِهنجِي،
پروار ڇنڊي ڪڪرن جي دل نه ڀَڃِي ويهين.
رمزن جي روانئ سان، طوفانَ اُٿارِين ٿي،
رفتا جي لهرن سان، ساحل نه ڀَڃِي ويهيِن.
هڪ اک جي اشاري سان، ٿي وقت قضا ويندو،
ڪنهن نيڪ نمازئ جو حاصل نه ڀَڃِي ويهيِن
پُر سوز غضب جهڙي، آلاپَ کي روڪي جهل،
”مدهوش“ غزل ڇيڙي محفل نه ڀَڃِي ويهيِن.
غزل
چَٽّ آڏو فڪر جي تصوير پيش،
آ، ڪرڻ انڌي اڳيان تنوير پيش.
جِهلَ جي بابي اڳيان آهي فضول،
ڪا به ڏاهپَ جِي ڪرڻ تدبير پيش.
پهريائين پيش ڪر پنهنجو وجود،
پوءِ ٿيندا عشق جا تفسير پيش.
عشق آفاقئون اڃا آ اڳ ڀرو،
ڪيستائين پيا ڪندؤ تعزِيز پيش.
ڪيڏهُون جنت ۾ هوندي دوستو!
جا ڪري ويا زلفَ هن جا هير پيش.
شاهدي ڪو ڏئي نه ڏئي ڪهڙو فرق!
ٿيون اکيون ڪن پيارجي تشهير پيش.
دل نه لوڙهيو نيٺ ٿيندو اي سڄڻ!
سنڌ جي هِن خواب جو تعبير پيش.
ڇند وِديا،”فاعلاتن“ ڇا ڪيا؟
شاعرئ ۾ گر نه آ تاثير پيش.
ماٺ ڪر ”مدهوش“ نادانن اڳيان،
ٿو ڪرين ويٺو عبث تقرير پيش.
غزل
هُوءِ جو لڪي لڪي آ سهڻو گلاب ڏئي وئي،
سهڻو گلاب ڏئي وئي، يا ڪو حساب ڏئي وئي.
آڱر چپن تي آڻي، خاموش ٿِي رهڻ جو،
جيڪو جواب ڏئي وئي،سولا جواب ڏئي وئي.
جنهن جي اکر اکر ۾ معنيٰ ڳُجهِي لکيل هُئِي،
اهڙو ڳُجهارتن جو، ڳجهڙو ڪتاب ڏئي وئي.
ليليٰ جو روپ ڌاري، دڳُ عشقَ جو ڏيکاري،
عاشق چريو ديوانو، مجنون، خطاب ڏئي وئي.
دل ۾ تڏهن نچان ٿو، گَد گد بَڻيو وتان ٿو،
”مدهوش“ نينهَن وارو نازڪ نصاب ڏئي وئي.
”مدهوش“ اک ملائي، دوزخ ڇَڏيئين ٽپائي،
هڪڙي اشارڙي سان ڪيڏو ثواب ڏئي وئي.
غزل
تُنهنجي اڳيان جُهڪائي،سرکي مٿي کڻان ڇو؟
محبوبَ هيڏي هوڏي، لوڻا وري هڻان ڇو.
بيشڪ هزار تُنڪا، طعنا هڻي زمانو،
توکان پري ٿي بِيهان، محبوبَ مَهڪڻا ڇو.
بس آرزو اِها ٿم، توکي ئي مان وڻان شل،
ٻئي کي وڻان ته آخر، اي دلربا وَڻان ڇو؟
پنهنجو نصيب سمجِهي، بلڪل
قريب سمجهِي،
ڪنهن ٻئي طرف اجايون، وانديون وکُون کڻان ڇو،
مون لاءِ آهه ڪافِي، بَس، بَس تنهنجي دلربائِي،
”مدهوش“ در بدر ٿي، در ڀيٽِيان گهڻا ڇو.
|