سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: اکين جا سنيها

صفحو :16

چوسِٽا

عزّت ۾ آنءُ ايڏو، الله جي نوازش،

غُربت ۾ نانءُ ايڏو،الله جي نوازش،

ناهيان ذرو به ناهيان ”مدهوش“ پر عطا ٿيو،

قدرت کان ٿانءُ ايڏو، الله جي نوازش.

 

جتي ڪا دل مُٺل هوندي، جتي ڪا دل ڪُٺل هوندِي،

اُتي اي دوست هر حالت ۾ ”مدهوشِي“ چڙهيل هوندِي،

اوهان ”مدهوش“ کي ڪِٿ ياد فرمايو نه فرمايو!

مگر هئ ياد پيو ايندُوَ، جتي محفل مَتل هوندي.

 

سيني ۾ جيڪا شيشي، جي محلات لِڪل آ،

”مدهوش“ اِن محلات اندر ڪا ذات لِڪل آ،

انسان جي صورت ۾ يَزدان جو نقشو نه سَهي،

پر نقشي جي نظاري ۾ شِڪل ڪا ته لڪل آ.

 

پيار کي دُهراءِ اچي، پيار کي ڳاءِ اچي،

پيار کي سَرچاءِ اچي، پيار پَرچاءِ اچي،

پيارُ سهڻو گهوٽ اَٿئي، پيار سهڻي ڪنوار اٿئي

هيج مان ”مدهوش“ پيار کي ويسَ پهراءِ اچي.

 

سُورن کي سهيڙي ٿو، يڪو يار ڪيان دل جو،

صدمن کي سَهڻ لئه ٿو پڪو پيار ڪيان دل جو،

”مدهوش“ کي آٿت جي نِٿا ڏيو ته نه ڏيو،

سُڏڪن ۾ رهڻ ڏيو، ته جَهڪو بار ڪيان دل جو.

 

چؤسٽا

رستي ۾ هلندي هلندي، صورت اڳيان اچي وئي،

ڄڻ ڪا ئي برزخ ڏي ويندي جنّت اڳيان اچي وئي،

مدهوش راهه ويندي، نظرون جُهڪِي ٽِڪِي پِيوُن،

نظرون ٽِڪِي پيون ته جهٽ پٽ، قيامت اڳيان اچي وئي.

 

هڪ چوٽو چيلهه برابر، ٻيو وارن ۾ واس،

ٽيون ٽورَ لکن جِي چوٿون چَلڻ تنهنجو چاس،

پنجون پهريل وڳو تو کي، پرين آهي پاس،

اهڙي خاص لباس، ملڪ ڇڏيو ”مدهوش“ ڪري.

 

ڇڪي، کڻي ڇِڪيو، ڇَمن ڏيئي ڇِڪَّ،

ڇِڪڻ بعد ٽِڪِي پيون  جيئن ٽِڪي، مٿان ٽِڪَ،

هئه هئه هاڻي آءٌ، ڪهڙي ڪريان لِڪَّ،

مِڪيوُن ماري مِڪَّ، موهي ويون ”مدهوش“ کي،

 

يادوُن

تون پاڻ نه آئين مون سان پر،

هَليوُن آيون تنهنجون يادون،

آٿت ڏينديون آيون ۽ آڌر،

جهليوُن آيون تنهنجون يادون،

تو کان ته چڱيون نڪتيون دلبر،

رَليوُن آيون، تنهنجون يادون،

”مدهوش“ سان تائين محشر،

هليون آيون تنهنجون يادون.

 

 

چوسِٽا

هُن اک تاڻي، مُون دل تاڻي، ٿي وئي هِڪَ هڪاڻِي،

هِن جهيڙي جي ڄاڻي واڻي، هُنَ ڪئي اڳواڻِي،

”مدهوش“ ڪُٺو پهرين پاڻي، سوڀَ سڄِي هُنَ ماڻي،

ته به شڪر ڪَيُم جو غريباڻي، هئ جِند اَگهاڻي.

 

نه ڪر ڪوڙو واپار پنهنجي پرينء سان،

نه رکُ اهڙو وهنوار پنهنجي پرينء سان،

چڱو آ ته ”مدهوش“ ليکا ئي ڇڏي ڏي،

پڪو پار اقرار، پنهنجي پرينء سان.

 

يارئ ۾ ليکو اي يار ڪبو ناهي،

ڪنهن طور ڪس ڪثر جو اظهار ڪبو ناهي،

”مدهوش ازل کان ئي الفت جو اُصول آهي،

اقرار ڪري پويان، انڪار ڪبو ناهي،

 

اچي ”مدهوشَ“ کان تنهنجو پُڇڻ سَستو نٿو وسري،

آئين، سڪ سان جيڪو رستو، اُهو رستو نٿو وسري،

طبع پُرسِي ۽ آٿت جي بهاني، ڄام شوري ۾،

مليو تنهنجي هٿان، سو خوب گُل دستو نٿو وسري،

 

 

چوسٽا

زندگي زنده دلئ جو نانءُ آ،

زندگي ”مدهوش“ هيڏو هانءُ آ،

زندگي ڪاري ڪري ويهو متان،

زندگي اُجرو، اڇو ٿانءُ آ،

 

ڪثر نه ڪَسُ لڳي، نه رنگُ نه رَسُ لڳي،

نه چاهه واري چَسُ لڳي، نه محبتي ڪامَسُ لڳي،

نه ”مدهوش“ تي آهي مدهوشي چڙهي،

سويلي ئي تو کي آهي بَس بَس لڳي.

 

مُون مست کان ڪرين ٿو ڇا جو حجاب ساقي؟

پيالا ڀري پيارڻ آهي ثواب ساقي،

آهيان گهڻو اُڃارو، ڏي ڏي اڃا به ڪجهه ڏي،

”مدهوش“ سان نه ڍُڪ ڍُڪ تي ڪر حساب ساقي.

 

تُنهنجي وارن جي جو خوشبوءِ ڀري هِير لڳي،

مون کي محسوس ٿيڻ، جنّتِي تاثِير لڳي.

توجو اَشنان ڪري پنهنجا هُتي وارَ ڇنڊ يا،

هت سنورجڻ آهي ”مدهوش“ جي تقدير لڳي.

 

 

 

چوسٽا

مرندس ته مَٿم تنهنجا تَن من به اچي رئندا،

رومال پُسي پوندا، دامن به اچي رُئندا،

”مدهوش کي ماريندڙ محسن به اچي رُئندا،

هن لاش مٿان تون ڇا، دشمن به اچي رئندا.

 

حياتي عدم ڏي مُسافر ٿِي رهندي،

اڳيان اوٽ رحمت جي چادر ٿي رهندي.

دُعائن جي جهالر مُجاوَر ٿي رهندي،

وفائن جي خوشبو نِڇاوَر ٿي رهندي.

 

آ، بي انت بحر، اونهو عشقُ عميقُ،

نڪو سانگ سفر جو، نڪو راهه رفيق،

پُڇان ان پارجو، ڪهڙي آءٌ طريق،

شامل ٿِيءُ شفيق، مشڪل ۾ ”مدهوش، سان.

 

هڪڙو عشق اندر ۾، ٻيو مدهوشئ جو مَئُه،

تتِي ۽ ڪوسئ جو تپِي ڪندو ڇا تَئُه،

لاخوف لنگهي ويندس، لاهي سارا ڀَئُه،

ڍَوَ تي ڪندس ڍَؤ، ديد اڙائي دلبر سان.

 

 

چوسٽا

قرين جي ڪتابن کي نه ڦاڙيو،

الفت جي صحيفن کي نه ساڙيو،

ٻيو ڪجهه به نه پاڙهيو ته نه پاڙهيو،

هڪ درس محبت جو ته پاڙهيو.

 

جذبن کي نه چنبن سان چٻاڙيو،

ذهنن کي نه پيرن ۾ لتاڙيو،

”مدهوش“ محبت جي عمل سان،

خدشات جا محلات اُجاڙيو.

 

نادان ٿي هڪ ٻئي کي نه تاڙيو،

دنيا جي دَردندن کي پڇاڙيو،

حيوان کي صحرا ڏي ڀڄايو،

انسان کي انسان ڏي لاڙيو.

 

پنهنجن سان ڦِٽايو نه بگاڙيو،

غيرن جي سهارن تي نه ڀاڙيو،

ٻيو ڪجهه نه ڪريو، ڪجهه نه ڪريو پر،

احساس ڪريو، وات نه ڦاڙيو.

 


 

چوسِٽو

 

تنهنجي طرفان بستر تائين جو گُل دستو پهتو

شڪرانو، نيڻن جو نيڻن تائين رَستو پهتو

”مدهوش“ اُهو رِشتو، جيڪو لوڪ اياڻي نه مڃيو

تنهنجي طرفان محبوب اَڄ سر بَستو پهتو.

 

 

 

ڪيا ڪيئي احسان الله سائين

جو سوچڻ ۽ لوچڻ جون ڏاتون ڏنائين

جيڻ لاءِ جذبا دل ۾ رکيائين

خسارن گهڻن کان ڇڏائي ڇڏيائين.

 

 

ٽِه سٽا

ڀَؤ اِن بحر جو آهي تاروُن تار،

”مدهوش“ چوي مون کي، اچي يار اُڪار،

ٿيءُ مانجهِي مدد گار ته پڄان پار وڃي.

 

جن کي عشق اندر ۾، تن کي سيءُ ناهِه سِيارو،

وڌي طرف وصال جي، ٿا سُکُ ماڻِن سارو،

آهِه اُنهن تي آرو، ”مدهوش“ محبوبن جو.

 

عقابي اکين جي، جهوريو آهِه جَهڙَپ،

ماري ويون ”مدهوش“ کي، هِنيو ڪري هَڙَپ،

تن اندر تڙپ، تڏهن آهِه اوهان جِي.

 

ڪُهڻ واري ڪاتِي، تکي هجي يا مُڏِي،

”مدهوش“ سندي هِن ماس کي، گُڏي، ڪر گُڏِي

لالڻ يار لُڏِي، ڪُجهه ته قبول پوان.

 

تکِي تيز هوا ۾، جيئن ڦرڻي ڏئي ڦيرا،

مان به ائين ڦران ٿو، جيئن گول گُهمڻ گهيرا،

هئ ڀنواٽيون ۽ ڀيرا، من اگهامن عجيب وَٽ.

 

تون به منتظر ته مان به مُنتظر،

۽ حيات مختصر ۾ مختصر،

دلبر درگذر، هئي عذاب ڪريون ڪيئن؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org