سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :7

 

هِيءَ جِند ڳاهه ڳاهي!

 

هيڏانهن هيءَ فقيري، هوڏانهن پادشاهي،
هيڏانهن گودڙي بس، هوڏانهن ڪج ڪلاهي.

اي سِنڌ تو مٿان ڇا، قربان مان ڪيان ها،
هي سَنڌ سَنڌ ساڻا، هيءَ جند ڳاهه ڳاهي.

هن شهر جا اي پيارا، قانون ئي نِيارا،
ناقابلِ معافي، هِت جرمِ بي گناهي.

لُڙڪن جيان پيون ٿا، غم کي تڏهن جيون ٿا،
جنءَ هيملاڪ پيتو، سقراط يَڪَ ساهي.

 

 

شيشو کڻي پٿر تي اُڇلايو!

 

خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو
ائين چپ چاپ ڪيسين تاءِ رهندا ڪجهه ته فرمايو

چڙهيو آ چنڊ چوڏهينءَ جو ستارن جا سلام آيا
اوهين آيا ته اي سائين بهارن جا پيام آيا
اُٿو پازيب ڇمڪايو، اُٿو چوڙين کي ڇڻڪايو
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

شرابي موسمون آهن گلابي آرزو آهي
سدا رولاڪ خوشبو کي اوهان جي جستجو آهي
سُهائي ۽ سُريلي ٽهڪ جي جهانجهر کي جهرڪايو
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

نظارا نينهن جا آهن نرالو نُور ٿو ڇلڪي
اوهان جي سُونهن جي صدقي اسان جو جيءُ ٿو جهرڪي
خدا جي واسطي مُرڪو، کِلو، ايڏو نه شرمايو
خدارا ماٺ جو شيشو کڻي پٿر تي اڇلايو

 

 

تبديلي

 

اُهي ئي اوهين

اُهي ئي اسين

مگر وقت ساڳيو نه آهي رهيو

سلهاڙيا پيا آهِيون جسم سان

مگر روح واڳيو نه آهي رهيو!

       

اُهي ئي اوهين

اُهي ئـي اسين

مگر اکڙِيـــون

روحَ جون ڳڙکِيون

سي ته عينڪ پٺيان گم هيون!

 


 

 

تون اُهائي ته نه آهين...؟

 

تون اُهائي ته نه آهين؟ جنهن لاءِ …

رات جي پوئين پهر

رَتَ جا لڙڪ رُنا آهن مون

ڏينهن جو ڏيهه اڳيان

ٽهڪندا ٽهڪ ڏنا آهن مون

 

شام ٿيندي تي دُکيو آهِيان سگريٽ جيان!

 

۽ ستارن سان اُجهامڻ لڳو هوندس

ته سندءِ ياد جي ڪا چڻنگ ڦلهوري هوندم

گهُگهُه اونداهه جڏهن ڦهلبي آ چوڌاري

وقت هر ٻُوٿ تي دانگي مَلي ويندو آهي

ته اُنهيءَ چڻنگ مان ٻارڻ کڻي ٻاريو هوندم

 

ڏيهه جي ڏنگ لڳايو هوندو

ته اکيون بند ڪري

ڌيان ۽ گيان ۾ گم ٿي ويو هوندس

۽ سندءِ نانءُ اُچاريو هوندم

 

تون اُهائي ته نه آهين؟ جنهن لاءِ....

 

 

 

هڪ راڪشس

 

رات جي دانگيءَ مٿان

چنڊ جو لولو ٿُڦيل

اڌ ڪچو

۽ اڌ سڙيل!

 

۽ ستارا

ٻارَ

بُک کان پاهه

چوڌاري مِڙيل!

 

اوچتو ڪارو ڪڪر–

هڪ راڪشس

آيو- ۽ لولي کي ڳِهي ويو!

 

 

اوچتو ئي اوچتو!

 

اوچتو ئي اوچتو

 

ماٺ جي موتي محل ۾

ڊاڍ جو پٿر لڳو

در دريون لرزي ويا

شيشو شيشو ٿي ڀڳو

ذرّو ذرّو ٿي ڀُريو

 

سازشن جي رات پوري ٿي وئي

تارو تارو ٿي کِڙيو

هڪڙو هڪڙو ٿي ڇِڳو

زور پوري زور سان

گهِنڊ سورج جو وڳو

 

اوچتو ئي اوچتو!

 

 

طوفان به طوفان آهي!

 

جو به هن دَور جو انسان آهي،
صرف حيران پريشان آهي.

شاهه آهي کڻي سلطان آهي،
تنهنجي در جو اُهو دربان آهي.

دينُ آهي نڪو ايمان آهي،
پوءِ به چي ٿو ته مسلمان آهي.

مان ڀڀڙ جيئن پِيو ٿو ڀڙڪان،
مٿان طوفان به طوفان آهي.

سُور ڏين ٿي ته سهڻ جهڙو ڏي،
آخر ”امداد“ به انسان آهي.

 

 

هوا ۾ هڪ ڦاٽل پنو!

 

منهنجي لاءِ ته هُن وٽ هلڪو مُشڪڻ

ختم ڪڏهوڪو ٿي به چڪو

هونئن ٻين جي لاءِ وٽس

کِل کِل کِل کِل کِلَ کنوڻ جي هوندي آهي!

 

هن سان گهاريل لمحو لمحو

زخم ڪڏهوڪو ٿي به چڪو

ڪڏهن نه ڇٽندڙ زخم اهو

گهاءَ ٿيڻ ڏي هوريان هوريان وڌندو رهندو!

 

اک ۾ آيل، هن لاءِ رُنل، لڙڪ لڙڻ کان اڳ ۾

نظم ڪڏهوڪو ٿي به چڪو

ڏکُ به ڄاڱري ٻير آهي

ڄاڱري ٻير جا ڪنڊا سوئي

لڙڪن کي مون لفظ- لڙيءَ ۾ پوئي

پني تي آندو

پوءِ پني کي ڦاڙي

پرن پٽيل پنڇيءَ جيئن هوا ۾ اُڇلي ڇڏيو!

 

شالِ جئين وو!

 

سُوريءَ سِر سنڀرائجان
                شال جِئين وو
                گهوٽ ٿئين وو

سسئي بڻجي رڻ ۾ رُلجان
ڇولي بڻجي ڇپرين ڇُلجان
سِر ٻيو ڪهڙي ڪم ايندو
ٽڪر سان ٽڪرائجان
                شال جِئين وو
                گهوٽ ٿئين وو

سهڻي ٿي لهرين ۾ لُڙهجان
واڳن سان وِيرُن ۾ وڙهجان
ميهر پرئين ڀر آهي
متان ڪڏهن گهٻرائجان
                شال جِئين وو
                گهوٽ ٿئين وو

موت اچي ته په مات نه مڃجان
اڳتي ئي اڳتي پيو وڃجان
ريٽي رت ۾ جهنڊو ٻوڙي
لهر لهر لهرائجان
                شال جِئين وو
                گهوٽ ٿئين وو

 

زخم جي نظم به آهي ته…

تون چئين يا نه چئين

آءٌ چئي ٿو ڏيان دوست!

 

سَچُ آهي ته ڀلا ڪوهه لڪايان دل ۾

رات جي زهر به آهي ته پيڻ ۾ ڇاهي!
هِيرَ زنجير به آهي ته گهلڻ ۾ ڇاهي!
زخم جي نظم به آهي ته لکڻ ۾ ڇاهي!
گهاءُ جي گيت به آهي ته رچڻ ۾ ڇاهي!
لڙڪ جي لفظ به آهي ته رُئڻ ۾ ڇاهي!
زندگي جيل به آهي ته ڪٽڻ ۾ ڇاهي!

 

 

تون چئين يا نه چئين

آءٌ چئي ٿو ڏيان دوست!

 

 

 

خود ڪلامي

آرسيءَ ۾ جو ڏٺائين خود کي
ته اهو پاڻ چيائين خود کي:
”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
پر ڪٿي؟

سو ته نٿو ياد اچي!“

 

 

هِيرَ گهُلي ٿي!

 

چئن ڀتين جو

هڪڙيءَ ڇت جو

هڪڙو ڪمرو آهي، جنهن ۾

رهندا آهن ٻيئي!

 

هُو جاڳي

هُن جي ڀرسان

ايئن سُتي پئي هوندي آهي هُوءَ

ڄڻ ته هجي ڪا سُوءَ!

 

اُن ڪمري جي

هڪڙي ڳڙکي

پورب پار کلي ٿي

اُن ڳڙکيءَ مان

سُرهاڻين سان

سيخون ٽوڙي هِيرَ گهُلي ٿي!

 

 

اداس نيڻن جي نانءُ!

هيوج ڪار، پُٺين سِيٽَ تان اُداس ٻه نيڻ
بنان نهار جي مون ڏي تَڪي رهيا آهن
۽ آءٌ ٽيڪ ڏيو پول کي هميشه کان
جُڳن ڪنان جنمن کان ائين اڻيهي کان
نظر جي ڏور ٻڌيو تاڻجان پيو توڏي
(ڪڏهن ته تون به لهي آءُ لهر لهر هلي
۽ منهنجو هَٿُ جهلي روڊ تان اُڪارين پار!)

۽ منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻار راند ٿو کيڏي
۽ منهنجي ياد ۾ ٿڏجي ٿو چنڊ جو کينهون
۽ تنهنجي ڪُونج ڳچيءَ منجهه ست- سَري دُهري
۽ وقت؟ ڪاتُ، جو هر ريک کي ڪپي ٿو ڇڏي
۽ موت؟ ماتِ، جو جهڙپي جهٽي جهپي ٿو ڇڏي

۽ روڊ هَٿَ تِريءَ جي لڪير ڪانهي ڪا
جو آءٌ روڪي سگهان صرف مُٺِ بند ڪري
جي آءٌ روڪي سگهان ٿو ته صرف لڙڪن کي
اهو به شرط انهيءَ سان: وڃڻ جي وقت سندءِ
هيوج ڪار پٺيان ڌوڙ ڪانه اُڏاريندي!

 

 

 

دل ٿي ٿئي لکڻ تي!

گولي لڳي ڪُڇڻ تي
سنگين چُپ رهڻ تي

ڪورو پنو ڏسان ٿو
دل ٿي ٿئي لکڻ تي

ڳوڙهو ڳڙڻ گهري ٿو
من ٿو ٿئي رُئڻ تي

کِل کِل کنوڻ کلي ٿي
کِلڻي سندءِ کِلڻ تي

تاڙي تنواريو پئي
بادل هئو وسڻ تي

ڄڻ زندگي لڳي وئي
هڪڙي غزل لکڻ تي!

 

 

 

سِج اُلٿا اڀريا

واءُ لڳو واريءَ تان پيرا، پَرَ ڪري اُڏريا

ڏور پٽي ويا ڏيهي ڏيرا، گهنگهر ڏينهن گذريا
آءٌ نه ڄاڻان ڪهڙيءَ ويرا، ڪهڙي پار اُسريا
دنبوق ڇٽي اُڏريا ڳيرا، حد لاحد اُڪريا
اُڀ هو پک پک ڇيرا ڇيرا، تارن ڦٽ اُجريا
لُڏي رهيا لامن آکيرا، سِجَ اُلٿا اُڀريا

واءُ لڳو واريءَ تان پيرا، پَرَ ڪري اُڏريا!

 


 

 

ويساهه

رُکي سُکي کائي
سمهي رهو هاڻي
سُڀاڻ ڏسنداسين
ته سِجَ جو لولو
لِيار لامن تي
ٽنگيو پيو هوندو!

 

 

 

واڙيل آهن انسان

مطالبن جي ڌُمَ لڳل آ، آڱوٺو ڪم بدران،
هٽ تاڙ آهي، پنهنجي گهر ۾، واڙيل آهن انسان.

ماڻهُو اهڙا مُڙدا جهڙا، گهر سڀ قبرن وانگي،
شمشان آهي؟ يا شهر آهي! گهٽيون رستا ويران.

رات رني هئي ماڪ پٽن تي، لات لنون ٿا پنڇي،
باکون بکنديون، لاکون لڳنديون، آهن اهڙا امڪان.

ڪرفيو ۾ به مليا هونداسين، رُنا کِليا هونداسين،
هٽ تاڙن ۾ ڪونه ملياسين، او جانان او جانان!

ڪجهه ڪورا ڪجهه لکيل ڪاڳر، هڪ پين ۽ مس ڪُپڙي،
هڪ شاعر جي گهر مان مليو، اهڙوئي ڪجهه سامان.

 

 

ڏِيئو

هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، ٽڪو جنهن جو مُلُ،
اونداهيءَ ۾ ايئن ٽڙي ٿو، جيئن گلابي گُلُ.

هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، آڱر جيڏي لاٽَ،
اونداهيءَ جي ڳل تي آهي، هڪ ڀرپور لپاٽَ.

هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، ڦُوڪ ڏيڻ تي گُلُ،
اونداهيءَ ۾ ايئن کڙي ٿو، ٽاريءَ تي جنءَ ڦُلُ.

هونئن ته ڏِيئو مُٺِ  مِٽيءَ جي، هٿ مان ڪِرندي ڀورَ،
اونداهيءَ جا تڙي ڪڍي ٿو، هر ڪنهن گهر مان چورَ.

هونئن ته ڏِيئو مُٺَ مِٽيءَ جي، ويري جنهن جو واءُ،
واٽهڙن کي واٽ ڏَسي ٿو، سج جو ننڍڙو ڀاءُ.

هونئن ته ڏِيئو مُٺِ مِٽيءَ جي، روپ نه جنهن جو رنگُ،
سورج اُڀرڻ تائين جاڳي، ۽ جاڳاءِ اُمنگُ.

مِٽيءَ جو هي ڏِيئو آهي، سُر، سنگيت، سُڳنڌُ،
مِٽيءَ جي ان ڏيئي سان ئي، روشن گهر- آڳنڌُ.

 

 راند

چنڊ هو بال

 ستارا رانديگر

 ٿڏجي سُڏجي

پوئين پهر وڃي مس گول ٿيو!

 سِجُ سخي داتا

جڳ مڳ جڳ مڳ

 سونن ڪِرڻن جو انعام ورهائڻ آيو!

 


 

 

 

ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي!

 

وُٺي ڏني واڌائي آهي،
سانگين ۾ سَرهائي آهي.

گُونج اڃا گونجي ٿي پيئي،
ڪُونج ڪٿي ڪُرلائي آهي.

ٻن نيرن گهرن نيڻن جي،
ساگر ۾ گهرائي آهي.

سُرخ سلام هجي سسئيءَ تي،
ٽڪر سان ٽڪرائي آهي.

اُن جو پاڻي ڪونه سُڪو آ،
جيڪا اک شرمائي آهي.

مارل لاک رتاڻي لوئي،
پهرن کي پهرائي آهي.

هيل ته سانوڻ رُت ۾ سِنڌو،
لهر لهر لهرائي آهي.


 

پٺتي تولئه آهه غلامي،
اڳتي بس آجائي آهي.

ڳالهه اُهائي ڳنڍ ٻڌيسين،
سالڪ جا سمجهائي آهي.

جنهن کي رول ”امداد“ چئون ٿا،
سنڌڙيءَ جو سودائي آهي.

 

نئون چنڊ- نئون جنڊ

روز اخبار جي پيشانيءَ تي

چنبڙيل چنڊ جي تاريخ به هوندي آهي

 

وقت ڪيڏو نه تکو گذري ٿو

چنڊ آهي ته  چڙهي اُلهي ٿو

سِجُ آهي  ته  لهي  اُڀري ٿو

 

گذريل ڏينهن جي اخبار پراڻي آهي

۽ اهو سِجُ اهو چنڊ- لهن اُڀرن ٿا

پر ڪڏهن ڪونه پراڻا ڀاسن!

 

۽ اسان لاءِ نئون سِجُ نئون سُور کڻي ٿو اُڀري

هر  نئون  چنڊ  نئون  جنڊ  ڳچيءَ  ۾  ڀاسي!

 

 

پاڻي!

 

بادل کي به ڏئي ٿو پاڻي
نيرو گهرو سنڌو ساگر
ليڪن ”بابا ڀٽ“ وارن جي
ڪانه ڀري ٿو هڪڙي گهاگهر

پاڻي پاڻي پاڻي پاڻي
ڏکڻ اتر اولهه اوڀر
پوءِ به پاڻيءَ ڍُڪ لئه ڀٽڪن
منهنجون مائر منهنجون ڀينر

جيسين نيڻ نهار وڃي ٿي
واٽر واٽر ايوري ويئر
ليڪن اُڃ اُجهائڻ ڪارڻ
ناٽ اَسنگل ڊراپ آف واٽر!

رم جهم رم جهم برسايان ها
بادل ڪاش هجي ها ڪاڳر
ڇُل ڇُل ڇُل ڇُل ڇُلڪايان ها
نظم به ڪاش هجي ها گهاگهر!

 

 

بنان تنهنجي!

لِکڻ جي لاءِ ڪيئي لفظ آهن
جيڻ جي لاءِ کوڙ آهن بهانا
مگر هر لفظ جي معنيٰ اهائي
اَڪارڻ آهه، وئرٿ ۽ اَڪارٿ
بنان تنهنجي جيڻ جاکوڙ اجائي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org