سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :11

 

پريت جو دان

 

ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
ڪئين شهزادا اچي پانڌ پکيڙي بيٺا
جنهن ۾ لعلون ۽ جواهر هئا جڳ مڳ جڳ مڳ
جنهن ۾ جرڪيا ٿي سندن بخت جان هيرا موتي
جيڪي شهزادا ٿڌي ڇانوَ ۾ پليا نپنا
ريشمي نرم وڇاڻن جا هئا جي هيراڪ
اُس ۾ نڪتا ته ڇٽيءَ ڇانو ڪئي ٿي تن تي
مورڇل، ننڊ هجي جاڳ، جهُليو ٿي تن تي

اُهي شهزادا، اُڀين پير، سنئين ڳاٽ، اُتي
صبح کان شام انهيءَ آس تي بيٺا هوندا
ته ٻه ٽي مُرڪ جا گل تنهنجي چپن تي مُرڪن
تنهنجي چهري جو چڙهي چنڊ، ستارا جرڪن
۽ سندءِ سونهن جي ديدار جو خيرات ملي
تنهنجي نيڻن جي غزل جا ٻه ٽي اشعار ٻڌن
۽ سندءِ مشعلِ رخسار تي پروانه وار
جهومندا کلندا ائين رقص ڪندا جلندا رهن
رسن و دارِ قد و زلف تي مَرڪي مُرڪي
ساهه سر سرمد ۽ منصور جيان مُرڪي ڏين
تون جتي پير رکين، هي اُتي دل رکندا وڃن
ڪٿان گذرين به ته اکڙين کي وڇائيندا وڃن!

ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
ڪئين شهزادا انهيءَ آس تي بيٺا هوندا
۽ ٻڌايو اِهو هوندئون ته وٽن هيتري فوج
هيترا گهوڙا ۽ هاٿي  ۽ پيادا آهن
هيتريون سهِڻيون ٻانهيون ۽ ٽڪن ورتا غلام
جن جي جانين جي هنن وٽ ته ڪا قيمت ڪانهي
۽ سندن در تي سڀئي ڏينهن سَوَ انسان حقير
هڪڙي مانيءَ جي سُڪل ڀور لئه ڦٿڪي ٿا مرن
۽ سندن شينهن ۽ چيتا، اهي لاشا، بُک کان
خوب کائي ۽ ڀري پيٽ کي واڇون ٿا اُگهن

ڪيترا سال انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
ڪئين شهزادا انهيءَ آس تي بيٺا ليڪن
تو ڪڏهن مُرڪي نهاريو، نه دريءَ کي کوليو
نڪو وارن کي سنواريئه ۽ نڪو نيڻ کنيئه
چنڊ چهري جو چڙهيو ۽ نڪو تارا چمڪيا

اوچتو ڪالهه انهيءَ ساڳي دريءَ جي هيٺان
دل جو ڪشڪول کڻي هڪڙو غريب ۽ مفلس
جنهن جي جهوليءَ ۾ وفائن جا هئا سورج گل
جنهن جي مُنهن مان ٿي بَکيو پيار ۽ اخلاص جو نور
اچي بيٺو ۽ دريءَ ڏانهن سڃيائين اکڙيون
ها اچي سئن هنيائين ۽ جهليائين جهولي
تو ڏنو ريشمي پڙدن کي هٽائڻ جو حڪم
جي سندءِ سونهن جي سورج کي لڪائي نه سگهيا
۽ ڪنول جيئن پيون مُرڪي سٻاجهيون اکڙيون
ڄڻ ته انگوري شرابن جا بلوري ساغر

نولَکو هار محبت جو ڳچيءَ ۾ پائي
دل جي ڪشڪول ۾ پاتو تو وڃي پريت جو دان!

 

بند ڪمري ۾

 

بند ڪمري جي اِڪيلائيءَ ۾

ڪنءَ نه چمڪن ٿيون ٻليءَ جون اکيون

صرف گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ

مون سان جاڳي پئي اونداهيءَ ۾!

 

 

هيلوڪو وري آ!

ڄاريين دود ڦُلا گُرگالُون، گولاڙا ٻي مَڪَ پڪي
دير سوير به اچڻو آهين، آهيم اهڙي پَڪَ پڪي
                هيلوڪو   وري   آ

                هيلوڪو   وري   آ

 

ولر وهين جا ايندا آهن، ويندا آهن مَڪَ چُڳي
ايندين تون ته نه ويندين واپس، آهيم اهڙي آس رُڳي
                هيلوڪو   وري   آ

                هيلوڪو   وري   آ

 

بادل وانگي برسي ويندين، هن جيون جي بُٺَ مٿان
ڏکڻان ايندين اُتران ايندين، ويس وسڻ جا ڪري ڪٿان
                هيلوڪو   وري   آ

                هيلوڪو   وري   آ

 

ڪارونجهر جي ڪور مٿاران، مور ٽهوڪو ماري ڙي
ساري ساري توکي ڪوئي، تنهنجو پنهنجو ساري ڙي
                هيلوڪو   وري   آ

                هيلوڪو   وري   آ

 

 

آءُ ته جاڳون!

ڀوري ڇوري

آهي ننڊ ندوري ڇوري

توکي به نِهوڙي نيندي

مون کي به نهوڙي نيندي

آءُ ته جاڳون!

 

ڀوري ڇوري

عمر به ٿوري رات به ٿوري

جنءَ جنءَ ڍرندي ويندي

تنءَ تنءَ  ٺرندي ويندي

آءُ ته جاڳون!

 

تنها هئاسين

سفر لاءِ نڪتا هئاسين،
سندءِ در تي ويٺا هئاسين.

هزارن ۾ هڪڙا هئاسين،
۽ پيارن جا پيارا هئاسين.

اوهان ٿورو مُرڪي نهاريو،
زماني ۾ رسوا هئاسين.

اسان زهر جو جام پيتو،
اسين ئي ته دانا هئاسين.

وري اڄ رُٺا ويٺا آهيو،
اڃا ڪالهه پرتا هئاسين.

ڀلا ڪنهن کي سمجهائجي ڇا،
اسين پاڻ اهڙا هئاسين.

سندءِ هيڏي ساري جهان ۾،
ڏٺوسين ته تنها هئاسين!

 

 

ذهنيت

تنهنجي ننڊاکڙي

ڱڱريل ڊرائينگ رُوم ۾

هاف نيڪڊ نيگريس جي آئل پينٽنگ

ٽيليويين

سهڻي زال

موناليزا

 

ڱڱريل ڊرائينگ رُوم ۾

ماڻهن جي کلن مان ٺهيل صوفاسيٽ

سوني ميز ۽ روپو ايش ٽري

تنهنجي آڱرين ۾ لڪڻ ڪيئن نه ڦري!

 

 

بنان عنوان

صدين کان پوءِ

اسيمبليءَ ۾

ڀوتار به آخر ڳالهايو

پهريون ڀيرو

هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو

سورج اولهه کان اُڀريو

آڌيءَ آڌيءَ ڀيڄ ڀني

مادي ڪُڪُڙِ ٻانگُ ڏِني!

 

شايد!

شايد

تنهنجي من ۾ اڃا ڪنهن جهاتي پاتي ڪانهي

شايد

تنهنجي ذهن جو بند ٿيل دروازو

ڪنهن جي ڪومل هٿ کڙڪايو ڪونهي

هر منظر تولئه دونهاٽيل ۽ ڌنڌلايل

تنهنجي اکڙين جي ڳڙکين تي ڄارو آهي!

 

انهيءَ ڪري ئي

تنهنجا گيت پراڻن گسي ويل کوٽن سڪن وانگي

ڪنهن نه قبوليا

انهيءَ ڪري ئي

لفاظيءَ ۾ ويڙهيل تنهنجا جامد جذبا

پٿرن وانگي ٿڏبا رهندا

 

اُٿي

انهيءَ ڄاري کي هٽائي

دنيا کي ڏس

چنڊ به تنهنجي نيرين نيرين گهرين گهرين

اکڙين جي ساگر ۾

پنهنجو پاڻ پسڻ جي خاطر آتو آهي

سِجُ به تنهنجي اونداهي ۽ اڻڄاتي اُڀ تي

اڀرڻ ڪارڻ ماندو آهي!

 


 

 

ڪجهه ترس اڃا!

ڪجهه ترس اڃا ڪجهه ترس اڃا

منهنجي چچريل چهري تي
هڪڙو چهڪ ٻيو به ڏئي وڃ
منهنجن ڦاٽل ڪپڙن تي
هڪڙو ٽهڪ ٻيو به ڏئي وڃ

ترس ڪري تون ترسي پئو
ايڏو به نه ٿي بي ترس اڃا

ڪجهه ترس اڃا ڪجهه ترس اڃا!

ويندي ويندي منهنجي مِٺڙي
مون تي هڪڙو قرب ڪري وڃ
نَسَ نَسَ ۾ پور پور ۾
مُرڪي مٺڙو زهر ڀري وڃ

هن پُور منجهان ڪنءَ پُورت ٿيندي
سُور ڏئي وڃ سرس اڃا

ڪجهه ترس اڃا ڪجهه ترس اڃا
ايڏو به نه ٿي بي ترس اڃا!

 

بهانو

آرسيءَ پُڇيو هُن کان:
”پاءُ وال ڪپڙي ڪاڻ
ايتري تياري ڇو؟“
هُن وراڻِيو مُرڪي:
”ريشمي گهٽيءَ ۾ جو
هڪ دڪان ڪونهي ڪو!“

 

 

آ ته لنئون ڪا لات!

پِرهه ڦٽي پرڀات، الوميان، آ ته لنئون ڪا لات!

ويندي ويندي گلن ڦلن تي، ماڪ رُني هئي رات،
                        آ ته لنئون ڪا لات!

ڏيئي سان گڏ جاڳي آهي، تن تنها هڪ ڏات،
                        آ ته لنئون ڪا لات!

ڏينهن کڻي آيو آهي ڏس، سورج جي سوغات،
                        آ ته لنئون ڪا لات!

 

 

قيدي!

 

”قيدي“ نظم 1992 ۾ لکيو هئم، تڏهن، جڏهن قمر شهباز جيل ۾ هو، ڏوهه؟ سنڌي هجڻ! نه پُٺ- نه مُٺ، ڪراچيءَ، آرٽس ڪائونسل، ۾ مشاعرو هو، مون اُن ۾ اياز جو نالو ورتو هو. اياز ڪراچيءَ ۾ هو، پر مشاعري ۾ شريڪ نه هو. شايد ٻيو به هڪ اڌ نالو ورتو هوم. قمر جو نالو انهن ۾ نه هو، جيڪو اُن وقت ڪراچي جيل ۾ هو، هُن ڏوراپو ڏياري مُڪو، چُمي چشمن تي رکيم ۽ هي نظم لکيم.

نظم، زبيده ڪاليج ۾ قمر سان ملهايل شام کان سواءِ، نه ڪٿي پڙهيم نه ئي ڪٿي ڇپيو. ان جو صرف پهريون (زندگي) ٻيو (روشني) ۽ پنجون (مهاشيه) بند ئي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو آهي، هن نظم ۾ ڪردار فرضي آهن، نقلي آهن، ڪابه resemblance محض اتفاق آهي، هن نظم ۾ هڪ ئي ڪردار اصلي آهي ۽ اُهو آهي: ”قيدي!“

 

زندگي مون چيو هئو هُن کي
پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها زندگي حقيقت ۾
هاءِ ڪيڏي نه بيوفا آهي
ڪنهن به معنا سوا، بنان مقصد
ڄڻ ته ويراني ۾ صدا آهي
هُن جيان ئي هروڀرو مڇريل
هن جيان ئي خفا خفا آهي
ڀوڳنا صرف ڀوڳنا آهي

موت هرکن پٺيانس ڊوڙي ٿو
وجهه وٺي اَڳُ ٿو جهلي بيهي
پوءِ رستا هزار بدلايو
هي ڦري دَڳُ ٿو جهلي بيهي
۽ کڻي پيڙهه کان اُکوڙي ٿو
پنهنجي ٿوهر هٿن سان شاخن تان
مکڙيون، گُلَ، گونچ روڙي ٿو
ڇِڪَ سان جند- تند ٽوڙي ٿو
جا جُڙي ڪانه ٿي اُميريءَ سين

پر اِها ڳالهه جي ڪري شاعر
ته بنان ڏوهه جي به ڏنڊ ڀري
چئي نقاد پوءِ وڏي واڪي
ته:”اڃا ڪونه ٿو مرين بابا!“
پر اِئين ڇونه ٿو چئي ته: ڪوي
ڪالهه، اڄ ۽ سڀاڻ کان آ مُڪت
هو ته آزاد آ هوا وانگي
جنهن کي سيخون ڪڏهن جهلي نه سگهيون
هُو ته وقت آهه جو نٿو ٿمجي
هُو ته آهي اننت سمنڊ جيان
ٿاهه جنهن جو نٿو لهي سگهجي!

هو ته ڌرتيءَ جيان وشال آهي
هو ته آڪاش وانگيان اُوچو
جو جهُڪي ئي نٿو سگهي ڪڏهين

هُو جُوالا مُکي اُهو آهي
جو ٺري ئي نٿو سگهي ڪڏهين
جو امر ٿي چڪو حياتيءَ ۾
سو مري ئي نٿو سگهي ڪڏهين

هُو ته اتهاس جا اُهي پنا
آهه، جي پاڻ هُن لکيا آهن
جيڪي هر قوم، هر زماني لاءِ
هر نئين نسل لئه سِکيا آهن
پر اوهان لاءِ جي چِکيا آهن
ته علاج ان جو وڏڦڙو به نه آهه!

روشني مون چيو هئو هُن کي
روشني جا تڙي ٿي اوندهه کي
روشني جا رڳو سُهائو آ
سوجهرو، نور ۽ اُجالو آ
سَچَ ۽ سُونهن جو حوالو آ
سِجُ ۽ چنڊ ۽ ستارو آ
هن سموري سرشٽ ۾، جيوت
لاءِ ست رنگ استعارو آ

پر اِهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اِها بلب آهه تارونءَ تي
جو مسلسل پَري رهيو آهي
۽ اها روشني تِکي ٿِي ٿِي
اکڙين ۾ اِئين چڀي ويندي
جو اڳيان هَٿُ آڻڻو پوندو
۽ جڏهن هٿ هٽائڻو پوندو
ته اکين جي اڳيان رڳو نچندا
ترورا ترورا وڃي بچندا!

دوستي مون چيو هئو هُن کي
پر اِهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها دوستي هئي دم جي
سا به نادان سان نه ڪنهن ڪم جي
جيڪڏهن دوستي اها آهي
دشمني پوءِ ڇا ڀلا آهي!

هُن ته مون لاءِ پاڻ ماريو ٿي
پاڻ تي پيٽرول هاريو ٿي
پوءِ ماچيس سان گهي تيلي
پاڻ کي جيئري ئي ٻاريو ٿي!

۽ پکي سان رئو ٻَڌي پنهنجو
پاڻ کي پاڻ ٿي ڏنو ڦاهو
ٻوڙِيائين ٿي پاڻ سنڌوءَ ۾
هُن ته نس کي بليڊ سان ٿي ڪپيو
ٽرين مان پاڻ کي ٿي ڪيرايو
کُڏ تان پاڻ کي ٿي اُڇلايو

ڇا اهو ڍونگ هو؟

                  رڳو دُلبو!
يا ڇڙو ڊائلاگ بازي هئي!
۽ انهيءَ ڊائلاگ بازيءَ ۾
هوءَ ماهر هئي اڳي کان ئي
ڊائلاگن تي ڊائلاگ هڻڻ
کان سوا ڄڻ ته ڪجهه سِکي نه هئي
رات جو ٽين چئين وڳي تائين
فون تي گفتگو ڪرڻ مون سان
مشغلو من پسند هو هُن جو!

سينڌ تي هٿ رکي چيائين جو
پَتر آڱر ڇلي لکيائين جو
سو رڳو ڪُوڙ هو؟

                رڳــــــــو دوکـــــــــــو!

ڄڻ ته ماچيس جو ٺلهو کوکو
ڪنهن ڊِڙي تي سواءِ اُڇلڻ جي
ڪوبه ڪارج نه سِڌ ٿئي جنهن مان!

ڪالهه جنهن باغ ۾ ملي ٿي هوءَ
۽ گلن ساڻ گڏ کلي ٿي هوءَ
اڄ اُهي گل به چٿر ٿا ڀاسن
اڄ اُهي ٽهڪ مِڪر ٿا ڀاسن!

ڪالهه ڪيڏي نه هوءَ پنهنجي هئي
صرف ۽ صرف صرف منهنجي هئي
اڄ اُهائي هئي ٻئي ڪنهن جي

سَتَ ڌارين ۽ پَر پرائي هئي
ڪالهه هڪ وار جي وِٿي نه هئي
اڄ جدائي رڳو جدائي هئي

ڪالهه جنهن جاءِ تي هئس آئون
اڄ انهيءَ جاءِ تي ٻيو آهي

(۽ سڀاڻي وري ٽيون هوندو)
ها ٻيو جنهن رڳو ٻيائيءَ سان
بي حيائيءَ ۽ بي پِتائيءَ سان
زهر ايڏو پري ڇڏيو هُن ۾
جو سندس سُرخ رنگ اُڏامي ويو
هاڻ نيري لڳي پئي آهي!

شاعري مون چيو هئو هُن کي
پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها شاعري سزا آهي
سا به ڪنهن ڏوهه کان سوا آهي
جا اڃا تاءِ ڀوڳيان ويٺو
هي لهو رنگ لڙڪ مس گاڏڙ
ڪاڳرن جي مٿان رُئان ويٺو
لفظ جي روپ ۾ لکان ويٺو
جي ڪڏهن پوسٽ ڪونه ٿي سگهندا
پوسٽ جي ٿي به ويا ته ڇپجڻ کان
پهريائين جناب ايڊيٽر
(ڏات جنهن کي نه ڏانءُ آهي ڪو
ڍونڍ تي ڄڻ ته ڪانءُ آهي ڪو
جيڪو پنهنجو لکيو پڙهي نه سگهي
۽ ٻين جو پڙهي ڪڙهي نه سگهي
ڪيئن اِن سيٽ تي اچي پهتو؟
ڪير آ جو ڀلا نٿو ڄاڻي
جنهن ڪڏهن سِٽَ ڪانه سرجي ڪا
ته غزل، نظم، گيت، وائيءَ جي
ڪنهن ترائيل، بيت، ڪافيءَ جي
ڪنهن مقالي جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي
سو ڀلا ڪيئن مُلَهه- ڪَٿَ ڪندو
جو ڇڪيندو رهيو ڍري واڏڻ
سو ڀلا ڪيئن سمجهندو ته ادب
صرف پيشو نه آ، عبادت آ
۽ سڄي عمر جي رياضت آ!)
سي پنا پاڻ سان کڻي هُن وٽ
پهچندو پاڻ کي وڻائڻ لاءِ
هوءَ پڙهندي ته هيڊ ٿي ويندي
پوءِ ڌمچر کڻي مچائيندي
۽ تماشو کڻي لڳائيندي
ڪاڪڙي-ڦاڙ ڪُور ڪُور ڪندي
پُڇُ لوڏي گهڻا هليا ايندا
۽ اچي لُور لُور لُور ڪندا
ڄاڱري ڄڀَ ساڻ گِگ ڳاڙي
۽ لڪيندا اچي چٽيندا کيس
۽ سندس هلڪڙي اشاري تي
ٻولڙيا دُهلڙي ڳچيءَ پائي
چَونڪ کان چَونڪ ۽ گهٽيءَکان گهٽيءَ
گِگ وهائيندا ڀونڪندا ويندا
وَجُهه لڳندن ته چڪ هڻي ڪڍندا!

پهچندا پوءِ اُن مهاشيه وٽ
مختصر ذڪر ٿي وڃي اُن جو
ٻاهران صاف ۽ اڇو اُجرو
ڄڻ ته ڪورو پنو هجي ڪوئي
ڌيان ۽ گيان ساڻ جنهن تي ليک
مور جي کنڀ سان هجي لکڻو!

يا ڪپهه جي ٽڙيل ڦُٽي ڪائي
صبح جي سِجَ جي سواگت لئه
پرهه جي ماڪ سان سنان ڪيل!

ٻاهران صاف ۽ اَڇو اُجرو
پر اندر ۾ رَڌو پيو آهي
ڄڻ ڪفن پوش لاش آهي ڪو
ڍونڍ جي ڌَپَ ٿي اچي جنهن مان
پر مٿان عطر ۽ عنبير هڻي
پاڻ تي خوب سينٽ ڇٽڪاري
گند بيٺو ٻين تي اُڇلائي!

آگهي مون چيو هئو هُن کي
پر اهو سوچيو به ڪونه هئم
ته اها آگهي ملي به وڃي
ته رڳو اُڃَ رُڃَ سُڃَ آهي
بس رڳو بُکَ ڏکَ جَکَ آهي
هن چيو هو ته مور- پَرُ آهي
پر پٽيل آهه، هن چيو هو ڪونه!

آءٌ آهيان ۽ قيد تنهائي
ڄڻ ته ڪو بي دريافتو قيدي
جنهن جي اڄ تاءِ ڪابه شنوائي
ڪانه ٿي آهه ڪنهن عدالت ۾
نه ملاقات ئي ڪڏهن آئي
۽ انهيءَ بي گناهه قيديءَ لاءِ
ڪوبه ٺهراءُ پاس ڪونه ٿيو
نڪو اخبار ۾ بيان ڇپيو
نڪو جلسو جلوس ئي نڪتو!

 

آگهي مون چيو هئو هُن کي
شاعري مون چيو هئو هُن کي
دوستي مون چيو هئو هُن کي
روشني مون چيو هئو هُن کي
زندگي مون چيو هئو هُن کي

 

جمڙائوءَ تي وڻ

جمڙائوءَ جو تَڙُ،
ياد اٿئي يا ڪونه ٿئي-
جهونو، گهاٽو بَڙُ!

هَيا، ڪيئي نه ڳَڻَ،
لاشن جيئن پيا هُئا-
جمڙائوءَ تي وَڻَ!

ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانءُ
هاڻي انهيءَ ڀيڻيين-
وَڻُ نه وَڻَ جو نانءُ!

 

وقت

اڄ ته نيراني ٿي وِيو درشن
ڏينهن ڪيڏو نه ٿو لڳي روشن
ڏينهن جو آهه رات جو دشمن
رات جا آهه روح ۾ خنجر
رات جا آهه نبض تي نشتر
نبض جا آهه وقت جي ڌڙڪڻ
وقت جيڪو عظيم تر رهبر
وقت جيڪو عظيم تر رهزن!

 

پوءِ به

سڀ چون ٿا ڏُک ملي ٿو پيار ۾

پوءِ به توسان پيار آهي او پرين!

 

گهاءَ ٿا جيڪي ملن
گُل جيان ٽِڙيو پون
داغ ٿا جيڪي ملن
چنڊ جان کِڙيو پون

سُرَ سڀ سُڏڪا هتي
گيت ٿا گهٽجيو وڃن
مُرڪندي ئي مُرڪندي
نيڻ ٿا ڀرجيو اچن

پُورَ ٿا پلٽيو پون
مچ مڱر من تي مچن
ورهه جون وايون سُڻي
ڳَچَ ٿا ڳريو پون

سڀ سياڻا ٿا چون
پيار آ پاڳلپڻو
سُک اُنهيءَ ۾ ٿورڙو-
ڏک انهيءَ ۾ آ گهڻو

 

سڀ چون ٿا ڏک ملي ٿو پيار ۾

پوءِ به توسان پيار آهي او پرين!

       

 

سچل

سچل ميگهه ملهار نه آهي، سچل ديپڪ راڳ ميان!
بادل ناهي ڀڀڙ آهي، آڳ نسوري آڳ ميان!
۽ ساري ڌرتيءَ سرتيءَ تي، سورج جيئن سڀاڳ ميان!
سسئي آهي، ڪيچ ڌڻيءَ لئه، ورتو جنهن ويراڳ ميان!
عمر نه آهي، مارُل آهي، ساڻيهه جو ته سهاڳ ميان!
سچل ميگهه ملهار نه آهي، سچل ديپڪ راڳ ميان!

سچل سِرُ تريءَ تي آهي، سارو لهو لهان ميان!
سچل ماٺ مٺوڙو ناهي، گوڙ آهي گهمسان ميان!
واريءَ کي ته اُڏائي ويندو، تيز تِکو طوفان ميان!
ساڄن ساهه پساهه سمايو، اعليَ ٿيو انسان ميان!
منصوري ميءِ جو متوالو، سوريءَ تي اعلان ميان!
سچل سِرُ تريءَ تي آهي، سارو لهو لهان ميان!

سچل ڍنڍ نه آهي، سچل موج ڀريو مهراڻ ميان!
رنديءَ مستيءَ سَرمستيءَ جو، ازل ڪنان اهڃاڻ ميان!
ايئن وجود ولوڙي ويئڙو، ماٽيءَ جئن مانڌاڻ ميان!
تن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪائي، سچل جن سين ساڻ ميان!
خاڪي پُتلي پرور وارو، پهريو آ پهراڻ ميان!
سچل ڍنڍ نه آهي، سچل موج ڀريو مهراڻ ميان!
 

 

وِکَ کي وڌائي رک!

رَتَ کي گرم رک رڳن ۾ تون
لڙڪ هارين ته هار، هانءُ نه هار
ڏس متان ٿي وڃين نه پنڊ پهڻ
ڇا به ٿي پئي کڻي، پٺيان نه نهار!

ٿورڙو پير کي اُڇت کڻ تون
ٿورڙو وِکَ کي وڌائي رک
ڏينهن آهي هتان ٻه ميل پري
اکڙِين جا ڏِيا جلائي رک

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org