اکيون ٿيون ڳالهائِن
چَپَ رهن ٿا چُپُ، اکيون ٿيون ڳالهائِن
پڌرو ۽ لِڪَ ڇُپُ اکيون ٿيون ڳالهائِن
پاڻ ۾ اينءَ جيئن سَکيون ٿين ڳالهائِن
اکيون سکيون رَبَ رکيون ٿيون ڳالهائِن!
گيت لکون
آءُ ته گڏجي گيت لکون،
هڪ سِٽ تنهنجي هڪ سِٽ منهنجي.
منهنجا تارا تنهنجو چنڊُ،
ورهاءِ چانڊوڪيءَ جو ونڊُ.
منهنجا لڙڪ ته تنهنجي مُرڪ،
اک جي اک مان هڪ هڪ سُرڪ.
تنهنجا منهنجا مُٺ مُٺ سورَ،
تنهنجا منهنجا پل پل پُورَ.
آهه ٻنهي جو اندر اَڌَ،
منهنجو مَڌَ ته تنهنجي سَڌَ.
تنهنجو ڪاڳر منهنجي مَسُ،
اوتي ڇڏ ڪو امرت رَسُ.
تنهنجي خوشبو منهنجا رنگ،
کولي ڇڏ وارن جا ونگ.
منهنجا چَپَ ته تنهنجو نانءُ،
منهنجي ڏات ته تنهنجو ڏانءُ.
آءٌ ته گڏجي گيت لکون،
هڪ سِٽ تنهنجي هڪ سِٽ منهنجي.
اوتي رت جو تيل
ڳُڻ آ تنهنجو ڳوٺڙو، نالو تنهنجو نينهن،
ڏاهپ تنهنجو ڏيج آ، ڏات ته تنهنجو ڏيهه.
سورج جهڙي سوڀيا، نئين نڪوري نِجُ،
مون کان جي ماڙهو پڇن، ڏيانِ ڪهڙو ڏس!
چڻنگون چڻنگون ٿي وئي، اُڇلايل سگريٽ،
دونهن ڇڏي وئي پوئتان، آلي ٿي وئي اَکِ.
ڏات ڏيي جي وَٽِ ۾، اوتي رت جو تيلُ،
آڌيءَ آڌيءَ رات جو، رَتُ ٿو روئي ڪير!
ماڻهو آيا اوپرا، ڪُتن ڪئي باهوڙَ،
جاڳي اُٿيا ڀاڳيا، ٿي وئي چورُ چورُ.
هڪڙي هڪڙي لفظ تي، هڪڙو هڪڙو لڙڪ،
ڏئي سگهو ته ڏيو ڀلي، شاعر کي انعام.
بس کان ٻاهر ڏيک هو، سائو سائو گاهه،
لهندڙ سج جا تِروِرا، ٽِلندي ٽِلندي شام.
دوهي لکندي اوچتو، ڪوجو پُور پيوم،
هڪڙي سِٽَ هروڀرو، ڇڏي ڏيان تولاءِ!
رت جو ريٽو رنگ
گونجي گونجي مري ٺري وئي، هن ڌرتيءَ جي دانهن،
ٻُڌي سڀن پر، ڪانه ڪڍي ڪنهن سيرانديءَ کان ٻانهن.
سندءِ من ۾ آدجڳاد کان، اونهي اونهي کڏَ،
ٽڪري ٽڪري روئي روئي، موٽي آيا سَڏَ.
هٿ جا ليڪا آمهون سامهون، رت جو ريٽو رَنگُ،
تو مون گڏجي جيتي آهي، جُڳن جُڳن جي جنگُ.
پکڙي ويندي گهري گهري اُفق اُفق نيراڻِ،
اڃا به اڃا به مکڙيءَ جهڙيون، اکڙيون اوري آڻِ.
سِجُ به لهندو، چنڊ به لهندو، بُکَ نه لهندءِ
مُورُ،
دوڏا نڪري ايندءِ سائين، سهي نه سگهندين سُورُ.
جيسين ساهه سِسيءَ ۾ آهي، جڳمڳ آ احساسُ،
تيسين تاءِ امر رهندو هن ڌرتيءَ جو اتهاسُ.
گهايل گهايل پوءِ به اُڏاڻو، ٽيڙوءَ ٽيڙوءَ گيت،
مان ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي هان، سرسوتيءَ جو ميت.
رات ڪا برسات جي
رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن
ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن
جيڪڏهن ها جيڪڏهن ها جيڪڏهن
ساهه ۾ ڀرجي وڃي دونهون تڏهن
تنهنجو من اکڙين منجهان ڇلڪڻ گهري
روح جو ڪو زخم جي مُرڪڻ گهري
بحرِ غم مان لهر ڪا اُڀرڻ گهري
ٿورڙي همٿ کڻي ڏيکارجان
تون انهن لهرن کي واپس وارجان
قول جو مون سان ڪيئي سو پارجان
رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن
ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن
جيڪڏهن ها جيڪڏهن ها جيڪڏهن
دانهن ڪا دل ۾ لڇي ڦٿڪي تڏهن
ڪيتري ڪوشش ڪرڻ جي باوجود
تنهنجي پنبڻن تي پون اٽڪي ٻه لڙڪ
ايترو منهنجو چيو تون سارجان
تنهنجي اکڙين کي چيو هو مون غزل
تنهنجي اکڙين کي چيو هو مون ڪنول
توکي تنهنجو سُنهن نه هنجون هارجان
ڇو ته بارش ۾ رُنل لڙڪن جو مُلهه
ڪوبه ڪونهي ڪوبه ڪونهي ڪوبه ڪونهي.....
رات ڪا برسات جي ايندي جڏهن
ياد ايندس دوست مان توکي تڏهن
وارَ سنواري ڇڏجان
گُل رکي منهنجي ڪتابن ۾ وساري ڇڏ جان،
۽ جڏهن ياد اچن لڙڪ قطاري ڇڏ جان.
ويندي ويندي به مُڙي مون ڏي نهاري ڇڏ جان،
ڌار تلوار جي سيني ۾ اُتاري ڇڏ جان.
چنڊ چوٽيءَ ۾ هڻي رات هلي آئي آ،
سينڌ سندُور ڀري وار سنواري ڇڏ جان.
منهنجا سِنڌُو منهنجا مهراڻ اڙي جل داتا،
مون کي وچ سير منجهان پار اُڪاري ڇڏ جان.
لڙڪ جو آهه لڪل روح جي تهخاني ۾،
اَڄُ ”امداد“ اُهو لڙڪ به هاري ڇڏ جان.
هر انگ کي بهار چئون
ستم کي جان چئون، درد کي قرار چئون،
اچو ته حسن جي هر ڪنهن ادا کي پيار چئون.
چپن کي جام چئون، اکڙين کي مئخانو،
خيالِ يار کي اي مئڪشو خمار چئون.
انهيءَ ۾ آهه ڀلائي ته هُن جي ڪُوچي ۾،
وفا کي جرم ۽ ديوانگيءَ کي پيار چئون.
هي شهر ننڊ جو شهر آهه ڪيستاءِ ڀلا،
اسين اڪيلا خبردار هوشيار چئون.
صبا کي آهه چئو ۽ گلن کي زخم چئو،
ته پوءِ موسمِ گل کي اسين بهار چئون.
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ حُسين ۽ نگر نگر منصور،
اوهين ٻڌايو ته ڪنهن کي گناهگار چئون!
اکين جي رُت کي سدا سانوڻيءَ جي رُت سمجهون،
۽ دل جي جيڪا به موسم هجي بهار چئون.
تمام عمر اهو مسئلو ئي حل نه ٿيو،
ته وصل ڪنهن کي چئون ڪنهن کي انتظار چئون!
ڪري وڃي ٿو هي ”امداد“ ڪنءَ نه عقل جي ڳالهه،
اچو اچو ته چرين کي به هوشيار چئون.
پريت مَن ڀونري جي!
تنهنجا ڳل ماڪ سان ڌوتل پوتل
انگ ڄڻ رنگبرنگي ڪپڙا
سُونهن سُرهاڻ ۾ وهنتل سنهتل
نه چُمي توکي ته ٻيو ڪنهن کي چُمي
سِجَ جو پهريون ڪِرڻو ڪومل
نه ڀِري توتي ته ٻيو ڪنهن تي ڀِري
پريت مَن ڀونري جي آهي پاڳل!
ترائيل لکڻ لاءِ
اڄ ترائيل لکڻ لاءِ پيو من تڙپي
دير کان سامهون آهي پيو ڪورو ڪاڳر
آڇ اهڙي ٿو ڪري هانءُ لڇي، تن تڙپي
اڄ ترائيل لکڻ لاءِ پيو من تڙپي
اِيئَن ڦٿڪن پيا جذبا جئين دشمن تڙپي
لفظ هرڪوئي اچي ايئَن لڳي ڄڻ پٿر
اڄ ترائيل لکڻ لاءِ پيو من تڙپي
دير کان سامهون آهي پيو ڪورو ڪاڳر!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ!
هن نظم جو پس منظر/پيش منظر لاکيڻي لطيف جو هي بيت
آهيِ:
ڏينهن تتو جهُڙ ڀانئيان، جهُڙ وسندو مينهن،
وڃان ته پُسنم ڪپڙا، ويهان ته ٽُٽيم نينهن،
توڙي کائيم شينهن، ته په قولين ڪُوڙي نه ٿيان!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
جيڏين سرتين جي هيري ڪڻيءَ جهڙي ڳالهه به ڳُڙ ڀاسي
پاڙي اوڙي جا وهه وهاٽيل طعنا مِهڻا ماکيءَ لار
لڳن ٿا
لوڪ سڄي جون ٽوڪون ٽهلُون مصريءَ تڙ ٿيون ڀاسن
لهسائيندڙ لُڪ به هِير هندورو ڀاسي
جهولي جو ٿي جهُولو جهوُلان
روهُه روُح سان رُلندي آنءُ
لڪن منجهه
لُڇندي لُڇندي
وڻن ٽڻن کان پکين مِرُن کان
پار پنهل جا پڇندي آنءُ
اِنءَ ٿي ڊوڙان ڪيچ وطن ڏي
پياڪ جنءَ ساغر ڏي
ڪوتا جنءَ ڪاڳر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
سُڃَ به سيڄ لڳي ٿي مون کي
ڇوهُه ڇپر جو ڇوهه ڇمر ٿو ڀاسي
رُڃَ جو منظر نينهن نگر ٿو ڀاسي
گوندر منجهه اگوندر آنءُ
اُٺن جي اوڳر جون
هاڙهي ۾ هٻڪارون آهن
ڪاڙهي ۾ به بهارون آهن
ورهه ڪيون وڻڪارون آهن
جاڏي به نهاريان تاڏي
تنهنجون نيڻ نهارون آهن!
رائي ۾ جو رت هاريو مون
پڳ پڳ ڄڻ ڏيئو ٻاريو مون
تو جو پانڌ پناهه جهليو پوءِ
واچوڙا ڀل لَکَ لڳن پر
جُڳَ جڳاندر تائين سائين
اُن جي لاٽ اُجاگر آهي
ٻاٽ واٽ ۾
اُن جو نُور نشانبر آهي!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
پٿر ٿي پٿراڻيون ڀانيان
ڇپون ڇپر کٽ ٿيون ڀاسن
پَٽُ- پٽيهر پَٽُ لڳي ٿو
ڇپر ڇولي
ڇوليءَ ڇوليءَ ڇُلندي آنءُ
اينءَ ڇلان ٿي ڪيچ وڻن ڏي
مينهن وسڻ تي
جيئن ٿري ڪو ٿر ڏي
پياسو جنءَ ڪو جر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڌوم تتيءَ ۾
گهاٽي بڙ جي ڇانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
جڏهن به تنهنجو نانءُ ڳنهان
پنهنجا ڦٽل ڦاٽل چَپَ چُمان
تارونءَ تي هي تپندڙ سورج
گهاٽو جهُڙ ٿو ڀاسي
ڄڀيون ڄيرا
وَڏَ ڦڙو ٿا ڀاسن
ڇيرا ڇيرا
کنوڻين جا کِلڪار لڳن ٿا
آڳ اُلا
ڦلن وانگي لِڱَ ٽڙن ٿا جن تي
رم جهم ميگهه ملهار لڳن ٿا
واڄا ٽاڄا وڄڙيون
چوڌاري چمڪار لڳن ٿا
سارنگيون سارنگ وڄايون
ڇنن ڇنن ڇيرين جا ڇمڪار لڳن ٿا
گوڙون ۽ گجگوڙون
دهلن جا ڌڌڪار لڳن ٿا
وڻ وِندر جا
جهُومي جهُومي ڏينِ پيا واڌايون
وِندر منجهه وندرندي آنءُ
نينهن نئين ۾ ترندي آنءُ
انءَ ٿي اُسهان ڪيچ نگر ڏي
جنءَ ڪو قيدي گهر ڏي
هاري جنءَ ڪو هر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
جنمن جي پياسيءَ داسيءَ لئه
تارون تار امرت رس جو ٿانءُ
ٻُڪ ۾ امرت رس جو ٿانءُ جهلي
جڏهن انهيءَ سان
ڦٽل ڦاٽل چَپَ چُمايان
ٺوٺ ٺڪر جان
تارونءَ سان چهُٽيل ڄِڀَ ڀِڄايان
تڏهن ائين ٿي ڀانيان
سيد جنهن جو ساڻي آهي
مُنڍ کان توڙ تاڻي آهي
مظلومن لئه جو انءَ لازم ملزوم آهي
جيوت لئه جنءَ پاڻي آهي
هوت حمايت آهي جنهن جو
تَنهن کي ڪهڙو ڀَو ۽ ڀولو
ڇاجي لُڪ ۽ ڇاجو جهولو
تَنهن جي لاءِ ته آرياڻيءَ سان
روح رهاڻيون رڻ جو رولو!
تَنهن جي لاءِ ته ڄَرَ ڄَراٽو
جل ٿل جل ٿل
آري جنهن جي اوٽ ٿئي ٿو
پيڙ پلر پالوٽ انهيءَ لئه
هن جي هڪڙي مهر نظر سان
سارا سُورَ سُرورَ انهيءَ لئه
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن ڳنهان ٿي آنءُ
ٽِپر تي جو ٽانڊن جو هي ٽانڊؤ آهي
سو ڄڻ جَرُ جالارو مون لئه
لارون لارون ڄڻ ته جٽائون
ڪاري اُسَ به مون لئه
گهنن گهنن گهنگور گهٽائون
لُوساٽيندڙ تيز هوائون
ڄڻ ته اُٺي جون هِيرُون مون لئه
ڇهي ڏسائون
ڄڻ ته وُٺي جون کِيرُون مون لئه
ٽامو ڌرتي
مون کي گل گلزار لڳي ٿي
ڏکڻ اُتر اولهه اوڀر
سڄي سرشٽي پيار لڳي ٿي
رت جي بُوند ڪِري ٿي جاتي
سرخ گلاب ڦٽي ٿو تاتي!
ساٿ ڌڻي سرواڻ لنگهيو جنهن واٽ مٿان
مون لئه واٽ سُواٽ اُها
اُن جي کيهه کٿوري ڀانيان
سا کيهه کٿوري
آنءُ لڱن سان لائيندي
چُمي چشمن چائيندي
اينءَ ڄُلان ٿي ڪيچ ڏيهه ڏي
نوورني جنءَ ور ڏي
پاڻياري کُوهر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!
لاکيڻا لڄپالَ ڀٽائي
لالئون لال ڀٽائي
ڦلڻا ڄِڀ سان
ڦٽل چپن سان
جڏهن به تنهنجو نانءُ ڳِنهان
ڇُلڻن پيرن هيٺان
تتل واري نم ڀاسي
واريءَ مان ٿو
گُوها گُوها گاهه ڦٽي
ٿوهر آشا ٿي گُلي جهلي
ڪلهي ڦاٽل ڪنجرو
جهنڊي وانگي ٿو جهُولي!
تيز هوا ۾
ڦاٽل ساٽل ڪنجري جي
جهنڊي کي جهُولائيندي
انءَ ٿي ڪاهيان ڪيچ شهر ڏي
هنج اُڏري جنءَ سرَ ڏي
پوڄاري مندر ڏي
سنڌو جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي!
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
مون لئه ڏات ۽ ڏانءُ
ڀٽائي تنهنجو نانءُ
ڀٽائي تنهنجو نانءُ! |