سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :6

ٻڌائي ته ڀلا!

”اڙي امداد! ٻڌائي ته ڀلا ڪنءَ آهين؟“
(ڇا ڏسين ڪانه ٿي مان اڌ به رهيو ڪونه آهيان!)
”مُڱَ ٿئي وات ۾ ڇا؟ تون به صفا انءَ آهين!
اڙي امداد! ٻڌائي ته ڀلا ڪنءَ آهين؟“

”ڪلهه به ساڳيوئي توائي هُئين، اڄ جنءَ آهين!“
(ڇا چوڻ چاهين ٿي اڄ تاءِ مُئو ڇو ناهيان!)
”اڙي امداد! ٻڌائي ته ڀلا ڪنءَ آهين؟“
(ڇا ڏسين ڪانه ٿي مان اڌ به رهيو ڪونه آهيان!)

 

 

ڏُور ايڏي به نه ٿي!

ايڏي اوڏي به نه ٿي
ساهه مُنجهي ٿو منهنجو
ڏور ايڏي به نه ٿي

 

جو سندءِ شڪل ئي وسري وڃي
نالو به ڪٿي ڪير کڻي جي تنهنجو

 

ته رڳو آهه ئي نڪري منهنجي سيني مان
اکين ۾ رڳو آلاڻ ئي محسوس ٿئي!

 

 

 

نينهن ٿيو

نينهن اوهان سان نينهن ٿيو،
نينهن به ڄڻ سنينهن ٿيو.

رات اُماس رات هئي،
نيڻ کنيئه ته ڏينهن ٿيو.

جُهڙ جُهڙالڙو ته هو،
لڙڪ لڙيو ته مينهن ٿيو.

قصد ٽنهي ڪباب سين
(1)،
نينهن، سچاڻو، سينهن ٿيو
(2).

قول قريبَ جو ڪيو،
اَڄُ، سُڀان، پرينهن ٿيو.

تون ته گدڙ ڪنان به وئين،
ڏَرِ تي گدڙ به شينهن ٿيو!

 

 

روح کي ايندو قرار!

موسمن وانگي نه ملندي بار بار
زندگي هڪڙوئي ڀيرو ٿي ملي
سا وطن تان جيڪڏهن ٿيندي نثار

 

روح کي ايندو قرار

روح جو

آهي ازل کان بيقرار!

 

 

پانڌ سنڀال!

سال نئين ۾، گذريل سالُ،
جهڙوڪر هرڻيءَ جو ڇالُ.

اکڙين ۾ لُڙڪن جي لهر،
پيارا پنهنجو پانڌ سنڀالُ.

روشن رهي چراغِ دماغ،
آباد رهي شهرِ خيالُ.

سَڏُ، پراڏو ٿي موٽيو،
ڀت سان لڳي وري جنءَ بالُ.

سيني سور ائين سانڍيم،
انب وجهي ڇڏجن جنءَ پالُ.

 

ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين!

چپن تي ٽيپ چنبڙيل، مسڪرائي ڪونه سگهياسين،
اي ڪويل بخش ڪج، ڪو ڳيت ڳائي ڪونه سگهياسين.

اِئين وڇڙي وياسين، موڪلائي ڪونه سگهياسين،
انهيءَ کان پوءِ کن پل چين پائي ڪونه سگهياسين.

ڪلهن تي بار وانگي ئي سدائين ڀاسِيو آهي،
اُهو سِر جو ڪڏهن سوريءَ سجائي ڪونه سگهياسين.

سڄڻ آهي، نه سرهي سيڄ، مڌ آهي نه چانڊوڪي،
ورهيه ٿيا رنگ رس اهڙو رچائي ڪونه سگهياسين.

چپن تي مُرڪ جون مکڙيون اکين ۾ ماڪ لڙڪن جي،
لڪائيندي به جذبن کي لڪائي ڪونه سگهياسين.

اهوئي نينهن جو آهي، سِچاڻو سينهن سو آهي،
متان سمجهين ته پاڻ اُن کي نپائي ڪونه سگهياسين.

هوا هئي، پنڌ هو، سگرٽ دکائي ڪونه سگهياسين،
مگر جا آڳ هئي دل ۾ اُجهائي ڪونه سگهياسين.

 
اَڻيهي مُرڪندي مَرڪڻ، اڻيهي مَرڪندي مُرڪڻ،
سوين هئا سور سيني ۾ لَکائي ڪونه سگهياسين!

بيابان کي لتاڙيوسين، پهاڙن کي جهڪايوسين،
مگر ”امداد“ کي ماري مڃائي ڪونه سگهياسين.


 

 

ڄڻ ملي ناهين!

وَلِ وانگي ويڙهجڻ کان پوءِ به تون
ٻن منجهاران هڪ ٿيڻ کان پوءِ به تون
ايترو ڪجهه ٿي وڃڻ کان پوءِ به تون
ها اهو احساس الائي ڇو ٿيو
ڄڻ ملي ناهين ملڻ کان پوءِ به تون!

 

 

چِکيا

تيز ڪيڏي نه هوا

من بن ۾

رڳا ٽڙڪاٽ سُئا

سڀ تن ۾

 

ڏار جيڪو به ڏسو ڄڻ ته ڀڀڙ ٿو ڀڙڪي

جا ڄڀي آهه، اُها وِڄُ وراڪو آهي

چاهه چِکيا تي ائين ڄڻ ته سُتي

ڳهه ڳٺا، سرخ وڳا پائي پَتيءَ سان سُتي پئي آهي

اِيئن ٽانڊؤ ٿا نچن پيا ٽانڊا

تَڙِ تَڙِ

جيئريون گوشت- تڙون جيئن اڏيءَ تي اُڏرن

آڱريون، هَٿَ، ڪرايون، سر، ڌڙ

ٽاريون، ٽارَ، جڙون، ڪک، پن، ٿڙ

سڀ سڙي رَکَ ٿيا

رکَ هوا ۾ اُڏري!

 

وقت به آهي ميت جيان!

 

وقت به آهي ميت جيان

روڪڻ چاهيان

روڪي ڪِينَ سگهان!

 

ڄاڱرين ٻيرين وانگر

رُڙندو آڱرين مان

رت ڳاڙيندو وٿين منجهان

اکڙين جي ڳڙکين اڳيان

لنگهندو ويندو آهي

ڪيڏي ڪٺورتا سان

پَروَس پراڻ جيان

مُڙي به ڪِينَ ڏسي پٺيان

ٽوڪڻ چاهيان

ٽوڪي ڪِينَ سگهان

روڪڻ چاهيان

روڪي ڪِينَ سگهان

 

وقت به آهي ميتَ جيان!

 

 

رات بيگاهه سهي!

رات بيگاهه سهي
انڌ اونداهه سهي
خوف جو ۽ خطرو جو

پــــــاڻ ۾ ٺـــاهـــه ســـهــي

ڪو به سونهون نه ڪو همراهه سهي

مُٺِ ۾ ساهه سهي
پوءِ به هي ٽانڊاڻو

 

جيستائين به جلي جلنداسين

جيستائين به هلي هلنداسين!

 


 

 

شاعر ته شاعري ٿو ڏي!

رَبُ هر ڪنهن کي زندگي ٿو ڏي،
خوش نصيبن کي عاشقي ٿو ڏي.

کُڙکُٻتو ڪڏهن ڏٺو اَهنئي،
ڪنءَ نه اوندهه ۾ روشني ٿو ڏي!

ڪا ته ان ۾ به آهه رمز رکيل،
غم گهڻو، ٿورڙي خوشي ٿو ڏي.

عقل کي ٿو ڪري غرور ۾ غرق،
عشق کي عجز عاجزي ٿو ڏي.

ماڪ ۽ گل جو آهه رشتو ڄڻ،
مان رُئان ٿو ته هُو کلي ٿو ڏي.

ڪو وٺي ٿو وٺي، وٺي نه وٺي،
هڪڙو شاعر ته شاعري ٿو ڏي.

 

 

تون ئي تون موجود!

تون ئي تون موجود، ميان،

                آءٌ عدم موجود!

سِڪَ سبق ٿو پڙهيو پڙهان مان، ورهه ورونهن وِرُود ميان،
                                        آءٌ عدم موجود ميان
                                        تون ئي تون موجود!

دلبر توئي دان ڏنو هي، دل کي درد درود ميان
                                        آءٌ عدم موجود ميان
                                        تون ئي تون موجود!

ٻيجل،راءِ ڏياچ به تون ئي، تون ئي ساز سرود ميان
                                        آءٌ عدم موجود ميان
                                        تون ئي تون موجود!

 

مِٽيءَ مُلهه مهانگو ڙي!

سارو سانگ سهانگو آهي، مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

گهر تڙ گهوري نڪرو ٻاهر، ڪهڙو سِر جو سانگوڙي،
                                مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

اوڻٽيهينءَ جي گُهگُهه اونداهي، اوجهڙ پنڌ اڙانگو ڙي،
                                مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

ڪهڙا سَڱَ، سياڪا ڪهڙا، نينهن ته آهي نانگو ڙي،
                                مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

ڏاڍو سوئي گابو آهي، سنڌ هجي يا ڪانگو ڙي،
                                مِٽيءَ مُلُهه مهانگو ڙي!

 

ديوار ڊٺي پئي آهي!

ديوار ڊٺي پئي آهي،
۽ هُن پاسي ڪجهه ناهي!

گوندر آهن گَسَ مڙئي،
ڏَسُ ڏنو هو ڪنهن ڏاهي.

رات جهڙالي ۽ جهنگل،
کُڙکُٻيتو ڪو آهي؟

سچ کي شل تون سوڀ ڏيين،
ڪوڙ ڪٽڪ آيو ڪاهي.

انڌا اکيون ڦاڙي ڏس،
سورج ناهي! ٻيو ڇاهي؟

مون کي ڪوتا سرجڻ ڏي،
ٺاهه ٺڳيءَ جا تون ٺاهي.

اڄڪلهه ماڻهو، ماڻهوءَ تي،
ڪُتي وانگر ٿو باهي!

(اڄڪلهه ڪُتو، ڪُتي تي
ماڻهوءَ وانگر ٿو باهي!)

 

چهرو، موسم ۽ ندي

هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هُوندو آهي

 

هڪڙو چهرو سڀني آڏو کِل کِل کِل پيو کِلندو آهي
اُن جي پٺيان جيڪو چهرو هوندو آهي
پنهنجي پَرِ ۾ رَتُ پيو سو رُوندو آهي!

هر چهري جي پٺيان هڪڙو ٻيو به ته چهرو هوندو آهي

هر موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي

هڪڙي موسم هَٿَ تريءَ تي ڏيئا ٻاري ايندي آهي
اُن جي پٺيان جيڪا موسم هوندي آهي
ڪوول وانگي سا گيت برهه جا چُوندي آهي!

هر موسم جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته موسم هُوندي آهي

هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي

هڪڙي ندي سڀني آڏو ڇل ڇل وهندي ويندي آهي
ان جي پٺيان جيڪا ندي هُوندي آهي
سا صدين جي منهن تان ڪارنهن ڌُوندي آهي!

هر نديءَ جي پٺيان هڪڙي ٻي به ته ندي هُوندي آهي

 

 

سِنڌ سارڻي آهي

زندگي ايئَن گهارڻي آهي،
ڄڻ ته ڪا رسم پارڻي آهي.

لڙڪ سارا ڪٿي رکي گروي،
مُرڪ هڪڙي اُڌارڻي آهي.

اوت ها اوت اڃا به اوت شراب،
سارَ ڪائي وسارڻي آهي.

لاٽ مان لاٽ ٻارڻي آهي،
هيءَ اونداهه ٽارڻي آهي.

زندگي وقت وانگيان ”امداد“،
جنءَ به گذري گذارڻي آهي.

تو ڏٺو ۽ جُڙي وئي ڪَوِتا،
بس پني تي اُتارڻي آهي.

سِنڌ جي سينڌ پهريان سَرتي،
پوءِ پنهنجي سنوارڻي آهي.

سڄي دنيا وسارڻي آهي،
سِنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي.


(1) نينهن، سِچاڻو، سينهن، قصد ٽنهي ڪباب سين. (شاهه)

(2) سچاڻو = باز، سينهن = شينهن

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org