قمر شهباز
سِٽ ڄڻ هٿ- لڪير
امداد حسيني بلڪل ائين آهي جيئن هڪ شاعر کي هئڻ
گهرجي. سندس هر ادا ۾ شاعري آهي. سندس حليو، لهجو
توڙي رويو جڳ کان ڌار، مختلف ۽ الڳ ٿلڳ آهي. تمام
گهٽ ڳالهائڻو اسان جو هيءُ دوست ڀرئي ميلي ۾ به
اڪيلو اڪيلو لڳندو آهي ۽ پنهنجي تنهائيءَ ۾ به
سوين ميلا ساڻ کڻي سيلانين جيان سفر ڪندو رهندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته بلڪل معصوم ٻار لڳندو اٿم. مٿس
پيار به ائين ئي ايندو آهي جيئن ڪنهن ابهم جي
پهرينءَ هُونگر تي اوچتوئي اوچتو پلٽجي اچي. ويٺي
ويٺي بي ساخته ٽهڪ اهڙو ڏيندو جو لڳندو ته سوين
ٽانگڙ ٽڙي پيا. نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾. پنهنجيءَ
ڌن ۾ مست، گفتگو ۾ نهٺائي، نماڻائي، عاجزي ۽
سادگي. پرائي پچار کان ڪوهين ڏور، ڪنهن دل آزاري
ڪيس به کڻي ته هلڪو مسڪرائي ماٺ ٿي ويندو. مرڪ جو
اهو موهيندڙ هٿيار هن وٽ هر مرض جو علاج آهي.
پيار، پنهنجائپ، پسندي، ناپسندي، ڪاوڙ، حجاب توڙي
لاجوابيءَ جو اظهار لفظن ۾ گهٽ، مرڪ سان وڌيڪ ڪندو
آهي. ”رول“ جو الزام ته هن پاڻ تي پاڻ ئي هنيو
آهي، ورنه ذاتي زندگيءَ ۾ گهر کان ٻه قدم ٻاهر رکڻ
لاءِ به کيس سحر جي اک جي اشاري جي ضرورت پوندي
آهي. ذهني هم آهنگي هن جوڙي کي منفرد بنائي ڇڏيو
آهي. هڪ کان سواءِ ٻئي جو تصور ئي ناممڪن ٿي پيو
آهي. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪي ٿورا اهڙا خوشنصيب
هوندا جيڪي رنڌڻي تي گهٽ، ادبي صنفن تي وڌيڪ
ڳالهائيندا هوندا. سندن انهن ئي ادبي لاڙن ٻنهي جي
سوچ توڙي لکڻين ۾ هڪ وڻندڙ
maturity پيدا ڪري ڇڏي آهي.
امداد شاعراڻي ماحول ۾ اک کولي، ٽکڙائي شاعر ته
هونئن ئي مشهور آهن، پر امداد کي ته شاعري مورڳو
ورثي ۾ ملي. ظاهر آهي مٿس ماحول جو گهرو اثر پيو.
روايتي غزل جو ميدان هن به جهاڳيو، پر سنڌ ۾ هلندڙ
تحريڪن کيس روايتن جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
۽ هُن پنهنجي لاءِ هڪ نئين، نرالي ۽ انوکي راهه جو
انتخاب ڪيو. منهنجي خيال ۾ امداد جي انا کيس هميشه
ٻين کان ڌار ۽ مختلف ٿيڻ تي مجبور ڪيو. هن قومي
شاعري به ڪئي ۽ اڃا تائين ڪٿي نه ڪٿي سندس لفظن جي
اندروني تهن ۾ سنڌ جي درد جي پيڙا جو پڙلاءُ پيو
گونجي، پر هن جي عقيدت ۽ محبت جو انداز عامياڻو
ناهي. ۽ نه وري هن جي شاعريءَ جي هيئيت
(Form)
گسيل ڦِٽل گَسَ جهڙي محسوس ٿيندي. هن پنهنجون
راهون، پنهنجون واهون پاڻ جوڙيون آهن. تجربا ڪرڻ
هن جي فطرت ۾ شامل آهي ۽ اهي تجربا کيس سندس همعصر
شاعرن ۾ منفرد حيثيت ڏين ٿا.
امداد بنيادي طور رومانوي شاعر آهي. هن جي لفظ
لفظ، سٽ سٽ، بند بند مان رومانيت جو هڳاءُ پيو
اچي. سندس لهجو ٿڌو، ڌِيمو، ڇهندڙ ۽ سڌو
(Direct)
آهي. ائين جيئن ڄڻ ڪو ڳراٽڙي پائي پيو ڳالهائي. ڪن
۾ هوريان هوريان سُريلي سُس پس پيو ڪري. سندس وار
سنواري، تڪي نهاري، پنهنجي مخصوص مُرڪ جي گهراين ۾
لڙڪ لڪائي، من ئي من ۾، ڪڏهن پنبڻن کي، ڪڏهن
پيشانيءَ کي، ڪڏهن کاڏيءَ جي جرڪندڙ تِر کي،
پنهنجن واراسيل تتل چپن سان پيو چمي شاعري اها،
جيڪا ذهن کي ته ڌوڏي، دهڪائي، لوڙهي، ولوڙي ڇڏي،
پر سچ پڇو ته شاعري اها جيڪا خيال کي زندگي ڏئي،
سونهن سوڀيا ۽ چنچلتا بخشي، نرم جسم ۽ گرم ساهن
سان سينگاري، ائين اچي آڏو بيهاري، جو خود خلقڻهار
ڪويءَ کان ڇرڪ نڪري وڃي. اهڙي شاعري فقط امداد ئي
ڪري سگهي ٿو:
آرسيءَ ۾ جو ڏٺائين خود کي
ته اهو پاڻ چيائين خود کي:
”پاڻ اڳ ۾ به مليا آهيون ڪٿي
پر ڪٿي سو ته نٿو ياد اچي!“
هن وٽ تمام سولن لفظن ۾ گهاٽي ۽ گهري ڳالهه ڪرڻ جي
جادوگري به آهي. نه لفاظيءَ جا ڪوٽ ٿو اڏي، نه
مومل جي ماڙيءَ ۾ ناتر واريون گوهيون ۽ نه وري
تجريدي تشبيهن جا اجايا سجايا اولڙا، بس، ائين ئي
سڀڪجهه چيو ڏئي جيئن ڪو سادو سُودو ماڻهو پنهنجي
دل جي ڳالهه ڪندو آهي. سادگيءَ سان، سچائيءَ سان،
پنهنجائيءَ سان:
جي تون چاهين
رات به توسان رَسَ ۾ آهي
چنڊ به تنهنجي گس ۾ آهي
سڀڪجهه تنهنجي وس ۾ آهي
جي تون چاهين!؟
رومانيت امداد جي نس نس ۾ سمايل آهي. اها سندس
فطرت جو حصو آهي جنهن کان هو ڪنهن پر به پاند
ڇڏائي نٿو سگهي:
چنڊ جهومر ڪري تارن سان سجايان توکي،
اچ ته اڄ رات جو توساڻ ملايان توکي،
جهانءِ جهرڻي جي ٻڌئي ڏينهن لنگهي ويا آهن،
اڄ ته ڪوڙو سچو روئي به کلايان توکي!
روايتي غزل کان آزاد نظم جي تجرباتي انوکين گهڙتن
تائين جو سفر امداد لاءِ فقط
Form
جي تبديليءَ تائين محدود ناهي. ان ڊگهيءَ مسافريءَ
دوران هن جي شاعري سندس ذهن جي مختلف ڪيفيتن جي
عڪاس پڻ آهي. لفظن، تشبيهن، علامتن توڙي اشارن ۽
رَوَين ۾ پڻ مرحلي وار بدلاءُ ايندو رهيو آهي.
موضوعن جي تبديلي ته هر حال ۾ اٽل هئي. امداد جهڙي
حساس ۽ ترقي پسند ليکڪ لاءِ ملڪ ۾، خاص طور سنڌ ۾
ٿيندڙ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي واقعن کان
منهن موڙڻ ڪنهن به طور ممڪن نه هو. ون يونٽ جي
تحريڪ دوران هو بلڪل نوجوان شاعر جي حيثيت سان
ادبي محاذ ۾ داخل ٿيو. ظاهر آهي ته هُو ان دور جي
ڪڙاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اوتڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيو هوندو، هيءُ اهو زمانو هو جڏهن سنڌي نوجوان
هڪ ئي وقت ٻن جدا جدا محاذن تي وڙهي رهيا هئا.
هڪ، سرڪار ۽ ٻيو پنهنجا غدار ۽ ٽڪي ٽڪي تي وڪامندڙ
سياسي رهنما:
صدين کان پوءِ
اسيمبليءَ ۾
ڀوتار به آخر ڳالهايون
پهريون ڀيرو
هڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو
سورج اولهه کان اُڀريو
آڌيءَ آڌي ڀيڄ ڀني
مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏني!
هنن ئي ڏينهن ۾ امداد ”روح رهاڻ“ رسالي جي ڪَورَ
تي هر مهيني هڪ شعر لکي حالتن مطابق پنهنجي جذبات
جو اظهار ڪيو. پندرنهن سال لاڳيتي هلندڙ هيءُ جنگ
سنڌي اديبن پنهنجي قلم سان لڙي. هڪ طرف حڪمرانن ۽
سندن ڇاڙتن جا ڪٽڪ هئا ۽ ٻئي طرف خالي هٿين ۽
نڌڻڪن ليکڪن جون لکڻيون هيون. ان سموريءَ ويڙهاند
کان پوءِ جڏهن ون يونٽ جا زنجير ٽُٽا ته ملڪ ٻه اڌ
ٿي ويو. سنڌ هڪ دفعو وري صدمي کان بي حال ٿي وئي.
ڀُٽي صاحب جي اچڻ کان پوءِ اميد هئي ته اسان جي
دردن جو درمان ٿيندو، پر جلدئي هڪ دفعو ٻيهر
ضياءُالحق جو مارشل لا سنڌي قوم لاءِ مايوسين جو
پيغام کڻي آيو. اها مايوسي، بي يقيني ۽ پريشاني اڄ
به موجود آهي. سنڌ دشمن قوتون اڳ کان وڌيڪ اڳريون
ٿي چڪيون آهن. اهڙين حالتن ۾ سنڌ جا سچا شيدائي هڪ
پل لاءِ به مزاحمتي ادب کان وانجها ويهن، سا اڻ
ٿيڻي آهي. امداد ان سموري عرصي ۾ وڏيءَ همت سان
ڌرتيءَ جو قرض چڪايو:
ڌرتيءَ کي مان ڪِنءَ ڇڏيان، ڌرتي منهنجي مڱَ،
هيءَ ته منهنجي لڄَ آ، هن سان ست ئي سڱَ.
هن جو سنڌي قوم لاءِ ڏنل پيغام هاڻي دائمي حيثيت
اختيار ڪري ويو آهي، ڇو ته هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته
اسان جي جدوجهد سالن نه بلڪ صدين تائين قائم
رهندي. بقا جي جنگ ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل نه ٿيندو
آهي. ڏينهن نه ڳڻبا آهن. وقت نه ڏسبو آهي، غيرت جا
ماڻ ماپبا آهن. لاشن جا انبار ڪٿبا آهن. سوريءَ جا
سَٽڪا ڳڻبا آهن:
هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،
سوريءَ سيج سجائي رکجو.
پير پٿون ۽ پٿ پٿرائون،
ويتر وکَ وڌائي رکجو.
گهگهه اونداهي، تيز هوائون،
دل جو ديپ جلائي رکجو.
امداد جي مزاحمتي شاعريءَ کيس هميشه جوان رکيو
آهي. هُو هر دور جي نوجوان باغين جو سورمو آهي.
ڪلهه به، ۽ اڄ به، هر نئين پيڙهيءَ جي جذبن جو
عڪاس امداد ئي رهيو آهي. امداد کي ڪنهن اوچي
سنگهاسڻ تي ويهارڻ بدران سنڌ جي هر ويڙهاڪ نسل کيس
پاڻ سان گڏ رکيو آهي. جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
پنهنجو سمجهيو آهي. پاڻ مان سمجهيو آهي. تڏهن ته
امداد پنهنجي ڌرتيءَ، ماڻهن ۽ مارن جي دل جي دانهن
کي پنهنجيءَ جيءَ مان جهونگارڻ لاءِ آتو آهي:
تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
تند ٻُري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
سڀ کان سڻڀو سَنڌ گهري ٿي
ڏيل- ڏيي جي لاٽ مڱي ٿي
ڳڀروءَ ڳاڙها ڳاٽ مڱي ٿي.
اهو به رومانس آهي، وطن سان محبت، ديس جو درد ۽
ڏيهه تي ڏاڍئيءَ خلاف احتجاج. اهو به رومانس آهي.
سنڌ جي سَنڌ سَنڌ ۾ ڀريل زهر تي تڙپي اُٿڻ. دُولهن
جي پيرن ۾ پيل زنجيرن تي ماتم ڪرڻ، سندن ريٽي رت
سان رڱيل ڌرتيءَ تي سجدو ڪرڻ، اهو به رومانس آهي.
سنڌ جي چپي چپي کي محبوب جي انگ انگ جيان چاهڻ،
پوڄڻ ۽ پرڀائڻ، اُن جي خوشيءَ تي مُرڪي ڏيڻ ۽ اُن
جي غم تي ڳوڙها ڳاڙڻ، اُن جي دشمن تي وري وري وار
ڪرڻ ۽ سڄڻ جي هر ادا کي پيار ڪرڻ، اهو به رومانس
آهي. اسان ته رومانس کي فقط هڪ رنگ، هڪ ڍنگ، هڪ
انگ ۾ ئي ڏٺو آهي، پر هن جا ته ڪئي روپ سروپ آهن،
ڪئي اولڙا ۽ ڪئي زاويا، ڪئي چهرا، ڪئي شڪليون، ڪئي
شبيهون آهن. مٽيءَ جي مهڪ کان ويندي چانڊوڪين جي
چهڪ تائين، سنڌوءَ جي وَهڪ کان ويندي ٽاڙوءَ جي
ٽهڪ تائين، سينواريل سيني کان ويندي سرسبز فصل
تائين، پاڻيءَ جي پائڻ کان ويندي وڇڙيلن جي وصل
تائين، رومانس ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
وهه کٿوريءَ ڪنان شال وِترو وهي
لهر تنهنجي مڙوئي هجي لال شال
واءُ توتي سدائين سڻائو وري
۽ مهاڻن مٿان مهر سائين ڪري
هر مهاڻي ڏيا جو ڏيو ٿي ٻري
سڙهه ساڄا ڪري شال ٻيڙي تري
۽ سندن ٻارڙا ڪوجهڙا ڪارڙا
شال لڌڙن جيان تڙڳندا ئي رهن…
ان ئي رومانس ۾ هو پنهنجي ذاتي پيڙا کي به وساريو
ڇڏي. اها هن جي مجبوري آهي، لاچاري آهي، بي وسي
آهي. ڌرتيءَ جا متوالا دل جي دنيا تياڳي ڇڏيندا
آهن. امداد جي محبتن جا ڪئي مدار آهن، پر هن جي
اوليت وري به پنهنجيءَ مٽيءَ ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ
آهي. سندن مرجهايل چهرن کي ڏسي هُو لڙڪ لاڙي ٿو
ويهي. سندن جهريل جهوپن کي پسي هو وياڪل ٿي ٿو
وڃي. سندن غربت سندس دل دکائي ٿي ڇڏي:
مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
جي مان توکان
مانيءَ ڌانيءَ
پاڻيءَ ڇاڻيءَ
جو نه پڇان!
منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾
ماني ناهي
ڌاني آهي
منهنجي سِيرُون سِيرُون ٻُڪ ۾
پاڻي ناهي
ڇاڻي آهي
مان پاڻ بکيو ۽ پياسو آهيان!
مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
جي مان توکان……
ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ لاءِ نه نعرن جي ضرورت آهي نه
هوڪارن جي ۽ نه وري للڪارن جي. نهائينءَ جو نينهن
آهي، ماٺو ٿيڻو ناهي. جن سان جند جڙي وئي، سي ته
هنئين ۾ هُرندا ئي رهندا. پيار جا پيچ آهن، ڪَٽيءَ
بنان ڪينءَ ڪٽبا؟ امداد ته فينڪس
(Phoenix)
پکيءَ جيان آهي جيڪو پنهنجي هڪ طرفي پيار ۾ سُريلا
گيت ڳائيندو هوائن ۽ فضائن ۾ اوچو اڏرندو رهندو
آهي ۽ پوءِ پنهنجي ئي اندر جي اساٽ ۾ جلي خاڪ ٿي
ويندو آهي ۽ ڌرتيءَ تي ڇڻيل پنهنجي ئي خاڪ مان
ٻيهر جنم وٺندو آهي:
ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي ٿي چڪي
جا به ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي
هر ستم ٿي چڪو، هر جفا ٿي چڪي
هر ڏيي جي مخالف هوا ٿي چڪي
ابتدا ڪا ڪريون، انتها ٿي چڪي!
امداد پيارو شاعر ته آهي ئي، پيارو انسان به آهي.
هن جي سانتيڪي سيني ۾ ڪيترا طوفان لڪل آهن، انهن
جو ڪاٿو تڏهن لڳائي سگهبو جڏهن ڪاڳر تي اُتاريل
سندس من جي ڀاونائن جو مطالعو ڪبو. هو ڪجهه چوي نه
چوي، ڪُڇي نه پڇي، گهري نه گهري، هُو اسان جي گهرج
آهي. اسان جي سوچ جو سنديسو آهي. اسان جي اندر جو
آواز آهي. اسان جي احتجاج جو انداز آهي. هيءُ
ڪتاب، ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ جنهن ۾ سندس شاعريءَ جا
املهه ماڻڪ جرڪن ٿا ۽ رابيل مهڪن ٿا، سو هاڻي سندس
نه رهيو آهي- اسان سڀني جو آهي، ڇو ته امداد به
اسان جو پنهنجو ئي ته آهي.
مون کان جيڪڏهن ڪو هڪ سٽ ۾ امداد جون وصفون پڇي ته
جيڪر هئن چوان: ”گهڻو لکڻ، تکو لکڻ، سٺو لکڻ“.
لِکڻ لَکڻ سين جن بدلائي، ماڻهن جي تقدير،
ڪيڏي سڪ سين سِٽَ لکيائون، جهڙي هٿَ لڪير!
پَلُ، وقت، سمئه
ڪڏهن دل ٿيندي آهي ته زندگيءَ جي وهڪري ۾ گهاگهائي
گهڙي پئجي:
ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهِڙن جي
ڪڏهن وري اُهائي دل سڀڪجهه ڇڏي ڏيڻ، تياڳڻ چاهيندي
آهي.
سڀڪجهه! (جيئن ڪنهن ڏاهيءَ ڏس به ڏنو هوم)، ها،
سڀڪجهه-
سواءِ ڪَوِتا جي، ها، ڪَوِتا جي- جيڪا مون سان
آهي.
سدائين کان، ازل کان- نه پر ازل کان به اڳي- ۽ ابد
تائين.
بلڪ ابد کان پوءِ به گڏ هوندي مون سان!
ازل ابد هڪ وِکَ آهي، ڪنهن به ڪويءَ جي لاءِ!
مون ته هر پل ڪوتا- لڙيءَ ۾ پُوئڻ گهريو آهي:
لڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽِشو پيپر منجهه
مُٺ ۾ ڪنءَ پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جهڙو پَلُ!
پر اهو ڪِرڻي جهڙو پَل- وقت جو اهڃاڻ، سمئه جو
پرتيڪ-
مُٺ ۾ پڪڙي سگهجي ٿو؟ نه!
پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پل/ وقت/ سمئِه- اهو
ڪِرڻو صرف ۽ صرف شاعريءَ/ ڪَوِتا ۾، جيڪڏهن
اُها شاعري/ڪَوِتا آهي ته، پڪڙي سگهجي ٿو.
امداد حسيني
5.9.2007
ڄام شورو، سنڌ
او منهنجا رَبَ!
جڏهن تيز هوائون پئي لڳيون
تڏهن منهنجي من ۾ ڪوبه نه هو
سواءِ تنهنجي
او منهنجا رَبَ!
۽ مون
ڪيڏيءَ نه سِڪَ اُڪير مان
ڪيڏي نه ڌيان ۽ گيان سان
تنهنجي لاءِ
نظم پئي لکيو
ڄڻ
اُهو منهنجو
پهريون نظم هجي
ڄڻ
اُهو منهنجو
آخري نظم هجي!
آءٌ اوهان جي
آهِيان!
پانڌي چئج وڃي، آءٌ اوهان جي آهِيان!
عمر ڪئي جا آڇ هئي، مون سان هَڏ نه مڃي-
پانڌي چئج وڃي،
آءٌ اوهان جي آهِيان!
ڪوٽ ڪڙا زنجيريون، اينديس بند ڀڃي-
پانڌي چئج وڃي،
آءٌ اوهان جي آهِيان!
مارُن ڪارڻ مون سِسِي، سوريءَ ڏانهن سَڃي،
پانڌي چئج وڃي،
آءٌ اوهان جي آهِيان!
ڪر ڪو واڪو وَسُ!
ڌرتيءَ کي مان ڪنءَ ڇڏيان، ڌرتي منهنجي مَڱَ،
هيءَ ته منهنجي لَڄَ آ، هن سان ست ئي سَڱَ.
ماٺ منجهان ٿئي ڪينڪي، ڪر ڪو واڪو وَسُ،
راڙو ڪر رانڀاڙ ڪو، ڪور ماٺ جو ڪَسُ.
جنءَ رات ٺري تنءَ باهه ٻري، جاڳي جڳ مڳ جوت،
ڀري ڀري ڏي مڌ او موکي، اوت اڃا ڪجهه اوت.
ٻيلا ٻوڙي ويندو آهي، موج ڀريو مهراڻ،
مُنڌ وئي مهراڻ به ٻوڙي، ڄاڻي ڇا اڻڄاڻ.
منهنجي مارُل، منهنجي ٻاگهل، مومل منهنجي سنڌڙي،
توکي ڀيٽ ڏيڻ چاهيان ٿو، جندڙي سکڻي جندڙي.
ڪن ۾ ڳالهه ٻڌائڻ جهڙي، آهي ڇاهي چَو،
سورج اڀري آيو آهي، هاڻي ڇاجو ڀَو!
سپنا ٿي ويا سَچُ
تنهنجا منهنجا
منهنجا تنهنجا
سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا
ٿي ويا پورا گيت اڌورا
تارن وانگر سُرَ ڇڙي پيا
مُکڙين وانگر ٽهڪ ٽڙي پيا
ڇُلڪي پيو آ چنڊ جو ساغر
اُٿلي پيو آ سڪ جو ساگر
تنهنجا منهنجا
منهنجا تنهنجا
سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا
ٿي ويا پورا گيت اڌورا
سينڌ ستارن سان جهرڪائي
جندڙي ٿي اڄ جهومي ڳائي
لنونءَ لنونءَ ۾ ڪا لهر لُڇي ٿي
مون کان تنهنجا پارَ پُڇي ٿي
تنهنجا منهنجا
منهنجا تنهنجا
سپنا ٿي ويا سَچُ سمورا
ٿي ويا پورا گيت اڌورا
وِکَ وڌائي رکجو!
اک ۾ لڙڪ لڪائي رکجو،
مُک تي مُرڪ سجائي رکجو.
سُورن کي سَرچائي رکجو،
پُورن کي پرچائي رکجو.
پير پِٿون ۽ پَٿ پٿرائون،
ويتر وِکَ وڌائي رکجو.
گهُگهُه اونداهي، تيز هوائون،
دل جو ديپ جلائي رکجو.
هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،
سوريءَ سيج سجائي رکجو.
رات به کٽندي، باک به ڦٽندي،
اکڙين کي جاڳائي رکجو.
ماڻهو لُوڻَ لپُون ڙي سائين،
دل جا زخم ڇُپائي رکجو.
ڪنڊا ڪنڊا موڙ مٿي تي،
مکڙين کي مهڪائي رکجو.
لڙڪ سمورا روئي ڇڏجو،
هڪڙي بُوند بچائي رکجو.
ليکڪ*
سوير اَوير ته ٿي ويندي آ، آهيون سنڌي پاڻُ
پر هي جيڪو ماڻهو آهي، آهي ڄڻ ته سُڀاڻُ
زندانن مان زنجيرن مان، آزاديءَ اهِڃاڻُ
ليکڪ جنهن جو ڪرتويه آهي، ڌرتيءَ نَوِ نرماڻُ
جنهن جا نيڻ سدائين آلا، پياسي ڪاڻ نياڻُ
جنهن جي پاڙ اَڻهيئي ويندي، اونهي ڌرتيءَ منجهه
نيل ڪمل جنءَ نرمل نرمل، پکين ۾ جنءَ هنجهه
پاتالن کان گهرو گهرو، اوچو کان آڪاس
سنڌي ٻوليءَ منجهه لکي پيو، پني تي اتهاس
هن جا مارو ڏکيا بکيا، هن جو جيءُ اُداس
پاڻ به ٻاري جوت جياري، ٽاري رات اُماس
ٻٽيهه لَکڻا پُٽَ ڄڻيا جنهن، ڇٽيهه لکڻي سنڌ
پُٽَ سَپُٽَ، ڇڏي جن اَرپي، ارهي سَرهي جند
لِکڻ لَکڻ سين جن بدلائي، ماڻهن جي تقديرَ
ڪيڏي سِڪ سين سِٽَ لکيائون، جهڙي هٿ- لڪيرَ
ڪوئي گيت سُڻائي!
ڪوئي گيت ٻڌائي
تنهنجو نه سهي
منهنجو نه سهي
ڪنهن جو به سهي
ڪوئي گيت سُڻائي!
ڪيسين تائين چَپ چُپ رهندا، ٻول چئو ٻولائي
هر سُر سونو سِڪو آهي سِڪن کي ڇڻڪائي
ڪوئي گيت
سُڻائي!
اُلجهيل اُلجهيل مَنُ آهي، مَنَ! اُلجهيل کي
سُلجهائي،
اونداهيءَ جي خاموشيءَ ۾، سُر جو ديپ جلائي
ڪوئي گيت
سُڻائي!
ڪوبه ملهائي يا نه ملهائي، راڳي تون ته ملهائي
اڻٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪر تون، وِجهه تون وقت ورائي
ڪوئي گيت
سُڻائي!
اُلا اُلا آلاپن سان، تن من آڳ لڳائي
شيشو سناٽي جو شيشو، پٿر تي اُڇلائي
ڪوئي گيت
سُڻائي!
ڪنڌ ڪلهن تي بار لڳي ٿو، ٻيجل تند ٻُرائي
مُک تي مَڙهه جي ماٺ مڙهيل ڇو، ڳائي ڳائي ڳائي
ڪوئي گيت سُڻائي
تنهنجو نه سهي
منهنجو نه سهي
ڪنهن جو به سهي
ڪوئي گيت ٻڌائي!
|