سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :17

اي پرين مگر!

مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،
فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجانءِ!

منهنجي ڪري اُداس نه ڪج پنهنجو پاڻ کي،
لڙڪن کي منهنجي ياد ڪري مسڪرائجانءِ!

 

توکي گلاب رنگ رُتن جو قسم صنم،
جشنِ فراق شمعون جلائي ملهائجانءِ!

منهنجي خطن کي ساڙي ڪجان تيز روشني،
گلدان ۾ به تازا ٽڙيل گل سجائجانءِ!

مصروف تون گهڻو ٿو رهين اي پرين مگر،
فرصت ملئي ته ياد انهيءَ شام کي ڪجانءِ!

 

 

سنٻنڌ

جنءَ

سگريٽ مان

سگريٽ دُکي

تنءَ

تومان آءٌ دکيو آهيان!

 

پريت ڪهاڻي

 

تنهنجي منهنجي

منهنجي تنهنجي

پنهنجي پريت ڪهاڻي

نئين نڪور به ايڏي آهي

جيڏي آهه پراڻي!

 

تون ۽ آنءُ اُهي ئي ساڳيا، ساڳيو سمنڊ ڪنارو
اڄ به اُهوئي نيري نِڀ تي، چمڪي شام جو تارو
                        سِڪَ وندن لئه ساڳي آهي
                        اڄ ۽ ڪالهه سڀاڻي
                        نئين نڪور به ايڏي آهي
                        جيڏي آهه پراڻي!

جوٺي جڳ ۾ سچي سِڪ جي، ريت ته رهڻي آهي
پاڻ هجون نه هجون دنيا ۾،  پريت ته رهڻي آهي
                        دنيا رهي يا نه رهي
                        پريت جي ناهه پُڄاڻي
                        نئين نڪور به ايڏي آهي
                        جيڏي آهه پراڻي!

 

سمنڊ ڪناري

سمنڊ ڪناري

واريءَ جو گهر ٺاهيوسي

توکي چاهيوسي!

 

تنهنجو پيار به تيز هوا ۾ ڏِيئي ٻارڻ جي ڪوشش هئي
وهندي پاڻيءَ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙيءَ تارڻ جي ڪوشش هئي
                                               توکي چاهيوسي
                                      سمنڊ ڪناري

                                      واريءَ جو گهر ٺاهيوسي!

اوجاڳيل اوجاڳيل اکڙين جاڳيل جاڳيل خواب ڏٺا ها
ويرانن ۾ دل جي صورت ڳاڙها گُلَ گلاب ڏٺا ها
                                               توکي چاهيوسي
                                      سمنڊ ڪناري

                                      واريءَ جو گهر ٺاهيوسي!

 

رمندي بادل پويان ڊوڙڻ مان هڙ حاصل ڇا ٿيڻو هو
ٿيڻو ئي جي ڪجهه هو تنها ٿيڻو هو رسوا جيڻو هو
                                               توکي چاهيوسي
                                      سمنڊ ڪناري

                                      واريءَ جو گهر ٺاهيوسي!

 

اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

 

ڪوئي مون کي ڄَٽُ چوي، اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

شاعر ڪو مَ سڏي مون کي، ڀانُ چوي ۽ ڀَٽَ چوي
                                  اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

چاڙهي عرش نه پهچائي، مِٽيءَ ڪنان به گهٽُ چوي
                                  اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

ڏاهپ جو ڪو ڏاڻُ نه ڏي، چريو پهرئين سَٽُ چوي
                                  اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

هن مِٽيءَ جي ناتي سان، ٺڪر جو ئي مَٽُ چوي
                                  اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

جانب جي ته جُتي آهيان، متان ڪڏهن ڪو ڇَٽُ چوي
                                  اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

ڇَٽُ ڇُلنگيءَ کان ڇرڪان، مون کي ڪوئي پَٽُ چوي
                                  اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!
ڪوئي مون کي ڄَٽُ چوي،

                                اهڙا منهنجا ڀاڳ ڪٿي!

 

       

 

 

 

 

وري مِلون نه مِلون

 

 

 

وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي
چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون
اکين ۾ پوءِ اها روشني رهي نه رهي
وري مِلون نه مِلون زندگي رهي نه رهي

الاءِ ڪهڙي خبر دوستي رهي نه رهي
کِلي مِلي ته وٺون، جِي ڀري ڏسي ته وٺون
وري مِلون نه مِلون، زندگي رهي نه رهي
چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون

 


 

 

ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽ

ڄيري ڄَرَ ڄَراٽَ، ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

اندر جهڙو کورو کامي، مٿان وسي ٿي ماٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!

منهنجي من ۾ مَچَ مچن ٿا، ڇڻي وڻن مان ڇاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
سُپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
سوچن جي سنگين چپي ٿي، لُڇي لوچ جي لاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
ڀَرُ ڪري ڪو هڻي ويو آ، لوڻي ڀَرُ لپاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
اندر محل ۽ ماڙيون، بنگلا، جڳ مڳ جهاڙ، ڪٻاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
اندران اندران کامان پڄران، اهڙي اُڃَ اُساٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
هٿ تريءَ جون ليڪون ڊاٺل، سُڃي سموري واٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
چوڏهينءَ جي چانڊوڪي چِت تي، هونئن هرپاسي ٻاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
ميخ مغز ۾، کُتل ڪپار ۾ ڪرٽ ڪري ڪرڙاٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!
من متوالو، جيءُ جهُڙالو، ور ور وِڄَ وراٽَ،
                                ٻهران آءٌ اُجهاڻل!


 

نڀائي رکجان!

اَکِ سان اَکِ ملائي رکجان،
ديپ مان ديپ جلائي رکجان.

 

ساز جي تند تپائي رکجان،
وِلهَه ۾ مَچُ مچائي رکجان.

 

پرت جي پِڙ ۾ متان پير رکين،
جي رکين، ڳاءِ وڄائي رکجان.

 

زندگيءَ ڪونه نڀايو ڪنهن سان،
بس فقط نينهن نڀائي رکجان.

 

ڪنهن نه ڪنهن شام ته موٽي ايندو،
راهه ۾ نيڻ وڇائي رکجان.

 

ٻيو ڪمائين نه ڪمائين جڳ ۾،
بس رڳو قرب ڪمائي رکجان.

 

ٻيو بچائين نه بچائين ”امداد“،
بس ٻه ٽي لُڙڪ بچائي رکجان.

 

هي جو نِيَرُ نِينهَن جو....

هِي جو نِيَرُنينهَن جو، ڳورو ڳچيءَ ڳَٽُ،
پاتو جن سي ٿي پيا، تاڃيءَ پيٽي پٽُ،
مُور نه ڀانيان سومرا، ماڙيون مِٽيءَ مَٽُ،
ڦوڙائي جو ڦَٽُ، جهڙو گُلُ گلاب جو!

هُتي هُوند هُئان، سرتين سين ساڻيهه ۾،
پانڌيءَ کي ته پنهوار جي، پيرين آءٌ پُئان،
هِت هُت ماروءَ ڄام جِي، چُئان جي نه چُئان،
ڌويو روز ڌُئان، ريٽيون ريٽي رَتَ سين!

وَرُ سو نِيَرُ- نِينهَن، ساهه سلهاڙي جنهن نِيو،
سُڏڪي اُسَهَيُون سانجهِيون، ڏُسڪي لنگهيا ڏِينهَن،
اُٺا اوَهِيرا ڪري، منجهان اکڙين مِينهَن،
اڄ، سڀاڻ، پرينهَن، وينديس، رهنديس ڪينڪي!

وَرُ سو نِيَرُ-نينهَن، ساهه سلهاڙي جنهن نِيو،
هيڪل وسورو هينئڙو، ٿانئيڪو ته ٿِيو،
جُسو ريءَ جنجير جي، جڳ ۾ جار جِيو،
چمڪيو ڏُکَ ڏيو، اوندهه وئي، ٿيو سوجهرو!

جهنجهيل جنجيرن ۾، نُنهن چوٽيءَ آئون،
ڏٺي مارو ڄام کي، چنڊ ڏٺو ڪائون؟
ڇَمر ڇَپر ڇائون، هجن شال ملير تي!


 

سنگهرون سنگهارن جُون، ويڙهي ويون وجود کي،
ڦَٽَ ڦُٽي ڦاٽي پيا، لِڱُ لِڱُ آهه لِڦُون،
آهيان عُمرڪوٽ ۾، ڏِينهَن مِڙوئي ڏُون،
مارُو مڃيو مُون، سو ٻئي ڪنهن کي ڪنءَ مڃيان!

هِي جو نِيرُ نينهن جو، چنگن جي چُونگارَ،
جهُونجهڪڙي جي جيءَ ۾، جهيڻي جنهن جُهڻڪارَ،
ڪاري رات ڪراڙ تي، ڪُونجن ڪِي ڪُڻڪارَ،
لُوئا لُوئا ٿي لُڇي، لونءَ لونءَ منجهه لغارَ،
ٻاٻاڻن تي ٻولِيو، ٻاٻيهي ٻيهارَ،
ايڏو اوري ٿي ٻُڌان، ٽلين جي ٽِڻڪارَ،
بوندون برسيون بُٺَ تي، ڇِڻ ڇِڻ ڇِڻ ڇڻڪارَ،
ڊاهي وئي ديوار کي، تاڙي جي ته تنوارَ،
اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪِي ڳُٽڪارَ،
نِڱيا هڪل هُونگَ سان، ڪاهي ڌَڻَ ڌڻارَ،
منهنجي ملڪ ملير تي، اُٺا ميگهه ملهارَ،
واڄا ٽاڄا وِڄڙِيون، کنوڻين جا کِلڪارَ،
گوڙيون ۽ گجگوڙِيون، دُهلن جا ڌڌڪارَ،
سارنگيون سارنگ جون، ٻُرن پارَ اَپارَ،
کيانتل آندي کير جي، کاسي کبر چارَ،
واڄو وڄي وجود ۾، جيئن چڙي جي لارَ،
هِيرَ ڪري وئي هيج مان، ڀيڄ ڀنيءَ ڀُڻڪارَ،
سُرت سَري ساڻيهه کي، لٿا عمر آزارَ،
ڏاڏاڻن جي ڏيهه تان، ٽرئا ڏرت ڏڪارَ،
ڀِٽَ ڌڻيءَ ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جي تارَ:
”سائين سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪارَ،
دوست مٺا دلدارَ، عالم، سڀ آباد ڪرين!“
               

 

اَپِيل

(قبيلائي جنگين جي موضوع تي لکيل)

 

[1]

اي خداي عظيم، قادرِ ڪُل!
تو چيو ”ٿي پئو“، ته ٿي پييوُن،
ڪائناتون، نه جن جو آر نه پار،
ڪوبه چاهي ڪري سگهي نه شمار.

سرءُ، سيارو، بهار، اونهارو
ڪِنءَ نه هڪٻئي پٺيان پيا ڊوڙن،
رات کان پوءِ ڏينهن ٿو جاڳي،
جيئن ٻيلي ۾ شينهن ٿو جاڳي.

سِجَ ۽ چنڊَ ۽ ستارا هي،
ڪئن نه سهڻي سٽاءَ سان ٺاهيهءِ!
هيءُ بي انت کير ڌارائون،
ڪئن نه جهرمر جڙاءَ سان جوڙيهءِ!

هيءَ ڌرتي به دانَ منجهه ڏنهِءِ،
۽ انهيءَ تي انيڪ کنڊ_ اُپکنڊ،
سمنڊ، جيڪي ڪڏهن سُمهن به نه ٿا،
وقت جيڪو ڪڏهن بِهي به نه ٿو،
جوڙَ تو آهه سڀ اِها جوڙي!

اربَها کربَها ورهيه گذريا،
اربَها کربَها ڄميا انسانَ،
مختلف شڪليون مگر تن جون،
مختلف سوچ ۽ سڀاءَ جدا،

 

ڪابه ڪنهن سان نه ٿِي ملي صورت،
ڪابه ڪنهن سان نه ٿي ملي سيرت،
نه ڪو آواز سان ملي آواز،
نازَ انداز سان نه نازُ انداز،
هٿ لڪيرون به ساڳيون ناهن،
نرڙ جا گهنج ساڳيا ناهن،
هيءُ انسان اشرف المخلوقُ،
تو ته آزاد ئي ڪيو پيدا،
ڪاٺ ۾ پوءِ ٿو پوي مولا!
ڳٽَ ڳچيءَ منجهه، پير منجهه ڪڙيون،
گئس چيمبرَ ۽ ڦاسِيون، ڦٽڪا،
هيءُ ڌاڙا، ڦرون ۽ ريپ، اغوا،
سي به انسان جي هٿان مولا!

هيءُ جي کنڊَ_ اکنڊَ ڌرتيءَ تي،
۽ اُنهن منجهه ڏيهه اي ڏاتار!
پاڻ ۾ کير کنڊ شال هجن!
سنڌ ساڻيهه پڻ انهن مان ئي_
سنڌ ساڻيهه جو سڳورو آ،
سنڌ ساڻيهه جو سدورو آ!

امن ۽ آشتيءَ جو ديس اهو،
رنگ ۽ روشنيءَ جو ديس اهو
حسن ۽ عاشقيءَ جو ديس اهو
هر بکئي لاءِ آهه مانِي جو،
هر اگهاڙي جي لاءِ ويس اهو!

 

اي خداي عظيم، قادرِ ڪُل!
مَرڪندو مُرڪندو رکين اُن کي،
شال اُن تي به ڪو سُڪار ڪرين،
ڏُرت اُن تان ڏڪار کي لاهين!

 

هرڪو پنهنجي وطن کي ٺاهي ٿو،
اُن کي پوڄي ٿو، اُن کي چاهي ٿو،
جانِ قربان ٿو ڪري اُن تان،
اُن جي لئه ٿو جِئي، مري اُن تان،

 

هِــنــديــن لاءِ هـــنـــد جــــي ســــاراهـــه!
سنڌِيُن لاءِ سنڌ جي ساراهه
(1)!
هر بشر جي خمير ۾ آهي،
پنهنجي پنهنجي وطن جو چاهه اَٿاهه،
سنڌ ساڻيهه تي به مهر ڪرين،
سنڌين کي به شل ڏيين ساڃاهه،
واهرو آهين، شال وهرَ ڪرين!

 

 

[2]

هي جتوئي، اُڄڻ ۽ ناريجا،
سامٽيا ۽ سچار ساريجا،
آمڙا، ڄامڙا ۽ جاڙيجا،
جوکِيا، جاکرا ۽ جوڻيجا،
چنڊ ۽ چانگ، سومرا، سورا،
هيءُ لاسي، مَلڪ، ڀنگرَ، لورا،
هي ڪليري، ملاح ۽ کوسا.
هي سماٽ ۽ ٻروچ ۽ سيّد،
چانڊِيا، تارڙا ۽ نوحاڻي،
رند، چوهاڻ، شيخ، شاهاڻي،
راڄ راڻا، وساڻ، ڏاهاڻي،
ڪيرِيا ۽ ڪَلال، قنبراڻي،
هيءُ جهوُنجهار جُنگ جکراڻي.

 

جَکَرا جَس کرا ۽ جلباڻي،
هيءُ ڪُوپا ڪنڌارَ ڪالاڻي،
هي ٻَٻَر، هي ڪُٻر ۽ تنگواڻي،
نُومڙيا، ڀُرڳڙي، نظاماڻي،
ڌوڙڌويا، ڌچر، ڌماچاڻي،
هيءُ راٺوڙ، رَڄَ راڄاڻي،
جهرڪ ۽ ڪاتِيار، بهراڻي،
هي بُليدي ۽ هي بجاراڻي،
هي مري، ڊومبڪي ۽ ملڪاڻي،
هي گياني گيانچنداڻي،
مُکَ تي مُرڪ، اکِ ۾ پاڻي_
هي ڇُٽا، ڇلڳري، ڇَڇر ۽ ڇُڳير،
هي کرل، بهڻ، ميتلا ۽ جَهٻير_
هيءُ دودا دلير مڙس مٿيرَ.

 

گندرا، منڌرا، مسر، ٻانڀڻ،
هيءُ کُهڙا، کٽياڻ، کُهنباٽي،
هي سِرائي، سهاڳ ۽ ساٽي_
ڍول سِر- ڇَٽَ، ڍٽَ جا ڍاٽي.
گهانگهرا، گاڏهِي، وڳڻ، ارباب_
هيءُ نيهي نواب نينهن نصاب.
ڪانڌڙا، ڀيل، ميگهواڙ، ڀَيا،
ڪارِيا، سارِيا ڀَلائِي، ڀُرٽ،
هي مٽيءَ ڪوڏ اوڏ اڏجن شال!
شال تن تي ڀلا ڀلائين ڀال!

 

هي پليجا، پنهوار، پيڃارا،
هيءُ سوچِي سُچيت سونهارا،
هي ٺَڪر، ٺيڪري ۽ ٺاٺارا،
هيءُ ”گلشير تيوڻي“ وارا،
هيءُ رنگريز، هيءُ سونارا_
سانورا ڀُورڙا، اڇا ڪارا،
سنڌڙيءَ ماءُ جا سڀئي پيارا!

 

 

هي مڱڻهار، ڀَنڊ، ڀَٽ ۽ ڀان،
دائداڻا ۽ درس، دَل، ديوانَ_
ڇا چوان آءٌ شانَ تن جا مانَ!

 

 

هي سنديلا، سَٺيار، سيلاٽا،
هي سِريوال، ساندَ، سولنگي_
نِجِ پِجِ ۽ نبار ۽ ننگي!

 

 

هي پتافي، پٺاڻ، پاڙهيڙي،
هي هڱورا، پرهياڙ، آهيڙي.
هيءُ ساونت رُوپلا ڪولهي،
راوڙا باگڙي، سنگهار، چمار،
پارسي، ڀاٽِيا، ڀُٽا، پرمار_
سُوَڙا، سَت پُريا، سخي سردار.

 

 

هيءُ جويا، اُٿر، کٽي، کوکر،
هي ڪلهوڙا، ڀٽي، ٽڳڙ، وينجهر،
ناهِيان، ڪُوچڙا، ٻَڙا، ڪيهر،
هي جمالي ۽ مهر ۽ ڏيپر،
هيءُ ڏهراجَ، ڏاهري، جيسر،
هيءُ وريام وِيرَ هي وِيسر،
هي سهارڻ ۽ ٻُٽَ، آريسر،
هيءُ تُنيا، حجام، حُر، حبشي،

 

 

هيءُ قاضي، ڪنڀار، حاجاڻا،
مڱرِيا ۽ لُهار، لوهاڻا،
هيءُ راهو، ٻَرند، ڦلپوٽا،
هيءُ  لاڙڪ ۽ ميرجت، گهوٽا،
هيءُ گوپانگ، هيءُ پاٽولي_
جن جي ڪَن ۾ پئي، سُتيءَ سان گڏ،
سنڌڙيءَ ماءُ جي مٺي لولي.

 

 

هي سَريلا ۽ ساهتي، لاڙي،
مارواڙي ۽ ڪاٺِياواڙي،
هي جِهلورا ۽ جهانورا، جهانگي،
هيءُ سوڍا، سنگهار ۽ سانگي،
هيءُ ولهارَ ويڙهه جا وانگي.

 

 

 

هيءُ اڳڙا ۽ داسڙا، دايا،
هيءُ گولا، گبول، گاروڙي،
کامڙيا ۽ کماڻ، کاهوڙي،
هي چَنڙ، چاوڙا، چنا، چاچڙ،
هيءُ ماڇي ۽ لُنڊ ۽ سهتا،
مُغل، اعواڻ، شير شَر، ڏيٿا،
هيءُ بُرفت، سيال ۽ ابڙا
هي ڪهيري، ڪمارِيا، ڇڄڙا،
هيءُ ديدڙ ۽ بودلا، ٻُرڙا،
جانوري، ٽانوري ۽ هي هَڪڙا،
راڄپر، راڄپوت ۽ رکڙا،
هيءُ ٻاگهل، اِنڍڙ ۽ آرائين،
هيءُ آخوند، خاصخيلي، خُشڪَ_
کِل کٿوري ۽ مُشڪ جن جي مُشڪ!

 

 

هيءُ لاکا، للهنگ لاشاري،
هي زنگيجا، زئونر، زرداري،
هي شڪاري، پَريٽ، پالاري،
هي مهيسر ۽ مگسي مهمِير،
هيءُ جوڳي، ڪنوٽِيا، ڪَنچير-
لال لڄپال هي لکي لکمير.

 

 

هيءُ ڳنڀير، بوزدار، سما،
هي سميجا، سُڪارِيا سَٺيا،
هيءُ پانڌي، پَهوڙ ۽ پُسيا.

 

 

هي ڪلوئي، ٻلال، ڪورائي،
هي بروهي، ٻڊام ۽ ڀنڀرا،
هيءُ ميمڻ ۽ بوهري، کوجا،

 

 

جاڳراڻي، ڏهوٽ ۽ ڏُمرا،
هيءُ ڪوري ۽ هيءُ نوناري،
هيءُ مرزا، مسيح، هي ورما.

 

هيءُ رضوي ۽ ڪاظمي، نقوي،
هي قريشي ۽ موسوي، علوي،
هي صديقي ۽ هيءُ انصاري،
هيءُ مخدوم، پير، مير، فقيرَ،
سنڌ جي سَنڌَ سَنڌَ سِڪَ اُڪيرَ،
منهن جنين جي مڙهيل مڻيا آهن،
جي مڻيا سڀڪنهين وڻيا آهن،
اَڄُ ڪلهه جا نه، ڌُر ڌَڻيا آهن_
سِجَ ۽ چنڊ ۽ ستارن جان،
عرش تان فرش تي ڇڻيا آهن،
ڳڻ سندن ڪنهن ڀلا ڳڻيا آهن!

 

 

اڄ سڀن کي اهو سُڻايان ٿو،
هٿ ادب جا ٻڌي ٻڌايان ٿو،
ٿورڙو ڌيان سان سُڻو سائين!
ته ڦِٽڻ کان سٺو ٺَهڻ آهي،
ته ٽُٽڻ کان سٺو جُڙڻ آهي،
”جي مُڙياسي جُڙيا“ چيو ڏاهي!
ان سوا ڪوبه ٻيو نه غرض آهي،
بس رڳو ايترو ئي عرض آهي:
خونَ سان اُڃ اُجهامندي ناهي،
خونَ سان پاڻ ڀڙڪندي آهي،
خون ڪنهن جو؟ اُهو به پنهنجن جو!
خونُ، جو گرم هو رڳن ۾ ڪڏهن،
خونُ، جيڪو گلاب رنگ هئو،
سنڌ جي سينڌ جو هئو سندور!
خونُ، سو ڪيترو وهيو آهي،
جو انهيءَ ٿَڃِ مان ٺهيو آهي،
سنڌڙيءَ ماءُ جا ڏني آهي!

پَرَ متڙيا، نه ڪي اياڻا ٿيو،
ٿورڙو سوچيو، سِياڻا ٿيو!
ذاتِيون، ڪُڙم ۽ قبيلا هي،
سَڀُ رب جون نشانِيون آهن،
جنءَ سڃاتا وڃو اوهين جڳ ۾_
گل گلابي جوانِيون آهن،
سڀ سندس مهربانِيون آهن،
هيءُ پاڙا، نکُون ۽ هِي شاکون،
ڄڻ نئين سِڄَ جون هجن باکون!
ڄڻ نئين صبح جون هجن ساکون!
ٿورڙو ڌيان ڌارِيو يارو!
ڀائرو، هي ’پلاند‘ جي نالي،
جا ڪڏهن ڪانه ٿي کَٽي سگهجي؛
دوستو! اهڙي راند جي نالي،
هيءَ رتوڇاڻ، سا به سالن کان!

 

 

پو به ان گَپَ ۾ گَتل ڇالاءِ؟
امن ۽ آشتيءَ جي ڌرتيءَ تي،
هيءُ مانڌاڻ آ مَتل ڇالاءِ؟
جاهلّيت جو دور گذري ويو،
هو ڏسو ڇهن ئي ڏسائن ۾،
هڪ نئون نُور آهه نسري ويو!

 

 

ٿورڙيءَ دير لاءِ ويچاريو!
هيءُ جو رَتَ ۾ رتل آهي،
ڇَٽَ تان پَٽَ تي پيل آهي،
سو به ڪنهن ڀيڻ جو ڀرا آهي،
سو به ڪنهن ماءُ جو جگر آهي،
سو به ڪنهن پيءُ جون اکيون آهي،
سو به ڪنهن پريمڪا جي دل آهي،
گهوٽ آهي اُهو ونيءَ ڪنهن جو،
هيءُ جو سِرُ لُڻيو پيو آهي،
سو به ڪو سنگ آ ٻنيءَ ڪنهن جو،
ڪلهه جُهليو پئي اُهو هوائن ۾،
مَهڪ اُن جي هئي فضائن ۾،
ڪنوار سان گهوٽ ڄڻ ته لانئن ۾!

 

 

پل اَپل لاءِ ٿورڙو سمجهو،
ته وطن راڄ ڀاڳ جي هوندي،
اڄ اوهين بي وطن ٿيل آهيو،
کن اَ کن لاءِ ٿورڙو پرکيو،
وقت ۽ حالتون تقاضائون،
ڪير ٿو چي اوهين ڪَپُوت آهيو؟
سنڌڙيءَ جا اوهين سَپُوت آهيو!
انڪري ئي اها اپيل آهي،
ٿورڙو صرف ٿورڙو سائين!
عَفِو ۽ درگذر ڪرڻ به سکو!
جيڪڏهن رات آهه اونداهي،
ته ڏِيي جان اوهين ٻرڻ به سکو،
جو سَڙِي پاڻ ٿو سُهائو ڏي!

 

 

سوچِيو سنڌ واسِيو ٿورو:
اُڀرندي اُلهندي طرف ڪيئي
سِج اُپڙي، لڙي چڪا آهن،
۽ اِنهيءَ بي حصار عرصي ۾،
ڪيتريون عورتون ٿِيون رنڙيون،
۽ اڇي کير جهڙيون ڪنواريون،
ڪيتريون هاءِ ٿي چڪيون ڪاريون!

 

اُهــــــي ڳڀـــــرو جـــــوان شهزادا،
جــــن تي پهرين بهار آئـــــي هئي،
۽ اُهـــــا آخــــــري بــــهــــــار هئي!

 

 

باک جو مــــاٽ ۾ ڀنل هــي گل،
پرهه جو ماڪ ۾ ڀنل هـــي گل،
صبح جي پهرئين ئي ڪِرڻي تي،
ٺيڪ ڏانڊيءَ مٿان ٽٽل هي گلَ،
اُهي مُک جي چُمڻ جي لاءِ ٺهيا-
رَتَ جـــــي رَڱَ ۾ رڱيـــــل آهن،
اُهـــــي جي ڏينهن کان اڇا اُجرا،
تن کــــي ڪارو ڪيو ويو آهي!

 

 

ڪيترا گهر ســــــڙي چڪا آهــــــن.
رَکَ تــــن جي هـــــوا اُڏائي ٿي!
جا ڪهـــــاڻي اهــــــا ٻڌائي ٿــــــي،
ته انهيءَ کان اڳي جو سنڌ سڄي،
انهيءَ آڙاهه ۾ وڃــــــي رک ٿي،
سڀ اچـــو پيٽرول جـــــــي بدران،
پڙڪندڙ باهه تي وجهون مِٽي!


 


(1)  هِنديان را اصطلاحِ هند مدح، سنديان را اصطلاح سند مدح (رومي)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org