ڇپائيندڙ پاران
سائين امداد حسيني پنهنجي مان ۽ مرتبي جي لحاظ کان
اسان سڀني لاءِ گهڻو قابلِ عزت آهي. هن پنهنجي
سموري زندگي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري
ڇڏي آهي. پاڻ گذريل پنجاهه پنجونجاهه سالن کان سنڌ
جي مختلف علمي ۽ ادبي ادارن، جهڙوڪ: انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ، شاهه لطيف چيئر ۽ سنڌي ادبي بورڊ سان
مختلف حيثيتن ۾ واڳيل رهيو آهي ۽ انهن سمورن ادارن
لاءِ هن وس ۽ وِت آهر علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي
۽ تخليقي ڪم پئي ڪيو آهي. هو ساڳئي وقت ڪهاڻيڪار
به آهي ته نقاد به، هن تحقيقي مقالا به لکيا آهن،
جيڪي مختلف ڪانفرسن ۽ سيمينارن ۾ پيش به ڪيا ويا
ته ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپيا به. هن مختلف رسالن ۽
اخبارن لاءِ ريگيولر ڪالم به لکيا آهن، ته ريڊيو
لاءِ گيتن سان گڏوگڏ فيچر، گيت، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽
سيريل به لکيا آهن، ته ساڳيءَ وقت هن ٽي.وي لاءِ
به گيت، ڊراما ۽ سيريل لکيا آهن. پر هن جي بنيادي
سڃاڻپ هڪ شاعر جي آهي.
سائين امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نامور شاعر
آهي. جنهن پنهنجي ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جي ابتدا
ڪئي هئي. سٺ جي ڏهاڪي ۾ هن جي جاندار ۽ اعليٰ ۽
ارفع شاعري جيڪا صحيح معنيٰ ۾ جديد فڪر سان ٽمٽار
هئي، تنهن هن کي صفِ اول جي شاعرن ۾ آڻي بيهاريو.
تڏهن کان وٺي پاڻ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي
پوري قد ۽ مد سان بيٺل آهي.
هيءُ ڪتاب امداد حسينيءَ جي شاعراڻي زندگيءَ ۾ هڪ
نئون سنگِ ميل ثابت ٿيندو.
”ڪِرڻي جهرو پَلُ“ اُن وقت جي انتظاميه سائين
امداد حسينيءَ کان اهو مجموعو گهرائي ورتو هو، ۽
اڄ کان ٽي سال پهرين اهو مجموعو ڪمپوز ٿي چڪو هو
ان جا ٻه پروف به پڙهجي چڪا هئا، پر پوءِ ان کي
ترسايو!“ چئي: ان کي روڪيو ويو هو. پر زنده
شاعريءَ کي ”پنهنجن پڙهندڙن/ٻڌندڙن تائين پهچڻ کان
ڪير به ترسائي نٿو سگهي، ۽ ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ کي
مُٺ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. سو، انهيءَ آزاد ۽ روشن
پل کي اوهان تائين پهچائڻ جو ڪرئڊٽ شايد اسان کي
ئي ملڻو هو.
سائين امداد حسينيءَ جي انتهائي سنجيدي، ميچوئر ۽
جيءُ جهنجهوڙيندڙ نظمن، مرصع غزلن ۽ رسيلن گيتن
سان سينگاريل هي مجموعو ”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ شاعر کي
اسان پاران سندس سالگره جو تحفو آهي.
سنڌي ادبي بورد طرفان سٺا ڪتاب اوهان پڙهندڙن
تائين پهچائڻ لاءِ جناب مخدوم جميل الزمان چيئرمن
سنڌي ادبي بورڊ جن جي خاص هدايتن تحت شاعريءَ جو
هي حسين گُلدستو ڇپائيءَ پڌرو ڪري رهيا آهيون.
اسين اُميد ڪريون ٿا ته اوهين هن ڪتاب کي پڙهندؤ
به ۽ دوستن کي تحفي طور ڏيندؤ به. ائين ئي هڪ شاعر
کي پنهنجي محبتن جو نذرانو پيش ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب
وٺو، پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريو- اسان کي
توڙي شاعر کي!
ڄام شورو سنڌ
الـهـڏتو وگهيو
01 ربع الثاني 1433هه
سيڪريٽري
بمطابق 24- فيبروري 2012ع
سنڌي ادبي بورڊ
لُڙڪ هجي ته رکي ڇڏيان، ٽِشو پيپر منجهه،
مُٺ ۾ ڪنءَ پڪڙي سگهان، ڪِرڻي جهڙو پَلُ!
”سحر“ جي نالي
لوڪان نحو صــــرف، مـــون مطالع سپرين،
سوئي پڙهيو ســو پڙهان، سوئي سو حرف.
(شاهه ڪريمؒ )
ڊاڪٽر الياس عشقي
ٻه اکر
منهنجي حالت اهڙي ڪانهي جو ڪا وڏي تقرير ڪري
سگهان، پر بيمار هئڻ جي باوجود اچي حاضر ٿيو
آهيان، جو تقريب اهڙي آهي، اهڙي دوست جي آهي، اهڙي
ڪتاب جي آهي، جو ماڻهو رهي نه سگهيو. ڳالهه اها
آهي ته ڏهه سال ٿيا جو آءٌ بيمار آهيان ۽ گهر ۾
قيد آهيان. ڏهه ڏينهن ٿيا جو مون کي خيال آيو ته
گهڻا ڏينهن ٿيا آهن جو مان ڪتابن جي دڪان تي نه
ويو آهيان، سو مان ڪوشش ڪري ڪتابن جي دڪان تي
ويندس، ڌيءَ کي چيم جيڪا مون کي وٺي وئي. سنڌي
ڪتابن جي اسٽال تي ويس ته ڏٺم ته امداد حسينيءَ جو
ڪتاب ”هوا جي سامهون“ رکيو آهي، اکين ۾ نور اچي
ويو. ڏاڍي خوشي ٿي، ڇو جو امداد جو پهريون ڪتاب
”امداد آهه رول“ جڏهن ڇپيو ته مون کي نه مليو. مون
رسالن ۾ پڙهي پڙهي امداد حسينيءَ جو ڪلام ڏٺو، پر
ڪتاب ۾ ڇپيل امداد جي ڪلام ڏسڻ کان محروم رهيس-
سو، اهو ڪتاب (هوا جي سامهون) وٺي گهر آيس ۽ سوچيم
ته پڙهندس رات جو- پر اهو ڀلجي ويس ته مان پڙهي
نٿو سگهان! ڇو جو اڄڪلهه مون تي بيماريءَ جو جيڪو
حملو ٿيو آهي، ان ۾ نڪو لکي ٿو سگهان، نڪو پڙهي ٿو
سگهان! بهرحال، مون سوچيو ته مان ٿورو ٺيڪ ٿيان ته
ڪتاب جو مهورت مان ڪندس.
ٻه ٽي ڏينهن ٿيا جو مون کي دعوتنامو مليو ته مهورت
ٿي رهيو آهي ۽ مون سوچيو ته ضرور ويندس. امداد کي
ٽيليفون ڪري چيم ته مان ضرور ايندس- ۽ ٿورو
ڳالهائيندس به.
مون کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا جيڪا ٽي جديد
شاعر آهن- اياز، تنوير ۽ امداد ٽنهي سان منهنجي
دوستي رهي آهي. ٽنهي سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي.
پر انهن ٻن جو مان احترام ڪندو آهيان. پر امداد
سان مان محبت ڪندو آهيان.
امداد منهنجي خيال ۾، ڪي ماڻهو ٿي سگهي ٿو ته مون
سان اتفاق نه ڪن، پر اهو منهنجو خيال آهي ۽ پڪ آهي
مون کي، انهيءَ چوڻ ۾ ڪا هٻڪ ڪانهي ته امداد سنڌي
شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري جديد شاعر آهي. اياز وڏو
شاعر آهي. تنوير دوست شاعر آهي- وڏو شاعر آهي؛ پر
انهن ٻنهي شاعرن کي مان جديد شاعر نٿو سمجهان. اهي
روايتي شاعريءَ جا تمام وڏا شاعر آهن. هنن جو ڪوبه
مَٽُ ڪونهي. هنن جو نالو سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾
لکبو- پر مان جيڪا ڳالهه ڪريان ٿو ته امداد جديد
شاعر آهي، سا رڳو انڪري نه ته مون کي امداد سان
محبت آهي.
امداد جڏهن شاعري ڪئي ته مون ڏاڍي غور سان هن جو
ڪلام پڙهيو. انهيءَ ۾ مون اهڙي ڳالهه ڏٺي، جيڪا
ڪنهن به سنڌي شاعر ۾، نه هتي پاڪستان ۾ ۽ نه
هندستان ۾، ڪنهن وٽ ڏٺي هئي. مان انهيءَ جي ثابتي
اوهان جي سامهون پيش ڪندس. انشاء الله-
امداد شايد ڀلجي ويو آهي. اوهين هتي ويٺا آهيو،
اوهان سڀن به شايد امداد جي اُها شاعري وساري ڇڏي
آهي- پر مان امداد کي ياد ڏياريندس ته تون انهيءَ
امداد جو، انهيءَ نوجوان امداد جو، جنهن جو مان
ذڪر ڪريان ٿو- تون ٿورو پاڻ سوچ ته اهو ڪهڙو زمانو
هو، جڏهن تو ”حملو“ جهڙو نظم لکيو هو. اڄ مان چئي
سگهان ٿو ته سنڌي شاعريءَ ۾ نه اڳي ڪو اهڙو نظم
هو، نه اڄ آهي- مان ڇو ٿو چوان ته اهو آهي جديد
نظم؟ اهو مان اوهان کي ٻڌائيندس.
امداد حسينيءَ جو اهو زمانو هو جڏهن هن شروعات
ڪئي. پوءِ وري ون يونٽ جو سلسلو هليو. اسان جي سڄي
شاعريءَ جو رخ بدلجي ويو. وقت جي تقاضا هئي- ٺيڪ
آهي- هڪڙي
movement
هلي ٿي. نئشنل موومينٽ هلي ٿي. ٺيڪ آهي، وقت جي
ضرورت هئي.
جيترا به اسان جا ليڊر صاحبان آهن، سياسي صاحب
آهن، انهن ڪجهه نه ڪيو. اها جيڪا جنگ هئي، اها
رائٽرس، ليکڪن ۽ شاعرن اها جنگ لڙي- ۽ اُن کي
کٽيو. اهو زمانو هليو ويو، پر اڄ تائين اهو سلسلو
هلي رهيو آهي. اهي موومينٽس ان لاءِ هلن ٿيون،
جڏهن پنهنجي وجود کي خطرو محسوس ڪندا آهن- ته
پنهنجي وجود کي قائم رکڻ لاءِ تحريڪون هلائيندا
آهن. هلو، ٺيڪ آ، ترقي پسند تحريڪ آهي- اها به
سنڌي ادب جي ۽ اردو ادب جي به، برصغير جي، ننڍي
کنڊ جون جيتريون به ٻوليون آهن، انهن جي ادب جي
وڏي تحريڪ هئي؛ پر تحريڪ ۾ هڪ خوبي هوندي آهي،
جيڪا ان جي طاقت به هوندي آهي ته ان جي ڪمزوري به
هوندي آهي ته اها ”محدود“ ڪري ٿي. اُها پنهنجي
اغراض ۽ مقاصد تائين محدود هوندي آهي- پر جڏهن
اُها پنهنجو مقصد حاصل ڪري وٺندي آهي ته اُن جي
اها طاقت ختم ٿيندي آهي ۽ نعريبازي شروع ٿيندي
آهي- ۽ نعريبازيءَ تي ختم ٿيندي آهي.
امداد جو اهو جيڪو زمانو هو، جنهن جو مان ذڪر ٿو
ڪريان، انٽرنئشنل ٿنڪنگ
(Inter national thinking)
جو-
بين الاقوامي سطح جي ٿنڪنگ
(Thinking)
جو زمانو هو، جيڪو ان کان اڳي به ڪونه هو، ان کان
پوءِ به اُها ڳالهه شروع نه ٿي آهي- ته امداد کي
مان وري چوندس ته پنهنجي انهيءَ زماني کي تون وري
ياد ڪر! انهيءَ امداد کي پنهنجي تصور ۾ آڻ، ته هو
ڇا ڇا چاهيندو هو- ڪهڙا هن جا خيال هئا ۽ هن ڇا
لکڻ ٿي چاهيو! مان سمجهان ٿو ته اهو ڪتاب جيڪو مان
پڙهي نه سگهيس ۽ انشاء الله جڏهن مان ٺيڪ ٿيندس ته
ضرور پڙهندس ۽ لکندس به- ته انهيءَ جو خيال ڪر.
مهرباني ڪري پنهنجو اهو لاڙو، جيڪو محدود نه هو،
جنهن ۾ انٽرنئشنل ٿنڪنگ هئي، بين الاقواميت هئي،
آفاقيت هئي، انهيءَ سلسلي کي وري شروع ڪر.
مون کي پڪ آهي ته هن نئين مجموعي (هوا جي سامُهون)
۾ اهڙو ڪلام ضرور هوندو، جنهن ۾ اُهو جيڪو نوجوان
امداد آهي، اُن جا خيالات ضرور هوندا-. مان اوهان
جو وڌيڪ وقت نه وٺندس- نه ئي مون ۾ طاقت آهي. مان
جيڪو سنڌي شاعريءَ جو ترجمو ڪيو هو اردوء ۾-
پنجويهن ٽيهن شاعرن جو- ان ڪتاب(1)
۾ مون ان نظم ”حملو“ جو ترجمو ڪيو هو، اصل ڪتاب ته
مون کي نه مليو، پر مان اهو اردو ترجمو اوهان جي
خدمت ۾ پيش ڪندس- انهيءَ عرضداشت سان ته جيڪو نظم
اردو ترجمي ۾ اچي ايترو
forceful
ٿي سگهي ٿو، اهو نظم سنڌيءَ ۾ ڪهڙو هوندو! مان اهو
ٿو چوان ته هي انٽرنئشنل نظم آهي- بين الاقوامي
خيالات آهن هن ۾ ۽ هي محدود ڪونهي- ۽ اصل امداد
اهوئي آهي، جيڪو اهڙا نظم لکي ٿو:
ڏسو جيڪو ڪلام ترجمي ۾ اچي پنهنجو اهڙو فورس
برقرار رکي سگهي ٿو. مان چوان ٿو ته هي اهڙو نظم
آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪهڙي به هنڌ،
ڪهڙي به فورم تي، ڪهڙي به زبان جي شاعرن آڏو ان کي
پيش ڪجي ته هرڪو ان جي درد کي محسوس ڪندو. اهائي
ان نظم جي عظمت آهي- اهو آهي امداد حسيني.
دل ته چئي ٿي ته اڃا به گهڻو ڪجهه چئي ماڻهو- پر
همٿ به ڪانهي ۽ وقت به ڪونهي. انهيءَ ڪري مان
امداد جي توجهه ان موضوع ڏانهن ڇڪايان ٿو- ۽ وري
به چوندس ته هن جو اصل ميدان، هن جو اصل فڪر، هن
جو اصل لاڙو بين الاقواميت ئي آهي. انڪري مان هڪ
ڀيرو وري به چوان ٿو ته امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ
جو اڄ تائين هڪڙوئي جديد شاعر آهي- ۽ مان نٿو
سمجهان- بلڪ مان ته چوان ٿو ته امداد حسيني پهريون
۽ آخري جديد شاعر آهي سنڌيءَ جو.
مون اوهان صاحبن جو گهڻو وقت ورتو- معاف ڪندا- ۽
مان ٿورائتو آهيان ته مون کي موقعو ڏنو ويو ته
منهنجا جيڪي خيالات آهن، سي مان اوهان جي خدمت ۾
پيش ڪريان- شڪريو. مان اوهان جو ٿورائتو آهيان جو
اوهان ڏاڍي توجهه سان مون کي ٻڌو.
|