تنها اسين
اڪيلي اڪيلي ۾ دنيا اسين،
۽ ميلي جهميلي ۾ تنها اسين.
اکين ۾ سمندر کڻي ٿا رُلون،
مگر بُوند جي لاءِ پياسا اسين.
جتان ٿا لنگهون آڱريون ٿيون کڄن،
سڄي شهر ۾ آهيون رسوا اسين.
سُرن ۾ سمائي سڀاڻي جو سِڄ،
سمئه جي لتاڙيون ٿا سِيما اسين.
سماياسين گوريءَ جي گهاگهر ۾ ڪيئن،
ستن ساگرن کان به گهرا اسين!
اسان جي سدائين اوهان ڏانهن لُوهَه،
اوهين آهيو ساگر ته دريا اسين.
اوهان لاءِ ڀوتار هر دور ۾،
نه سمجهي سگهو اهڙي ڀاشا اسين.
وري رات ٿي وئي!
وري رات ٿي وئي
اُها جيڪا بازي رهي ڪانه هئي مون، اُها مات ٿي وئي
گگن تي گهڙي کن اڳي
چنڊ هو گهوٽ ڄاڃي ستارا هئا
اُها آس جيڪا سُهاڳڻ لڳي ٿي،
اُها آس هاڻي ڏهاڳڻ لڳي ٿي
وري ماٺ ٿي وئي
ڪُتا ڀونڪِيا پئي سويري گهٽيءَ ۾
اڃا ٿورڙي دير اڳ
ٻارڙا کيڏِيا پئي مِٽيءَ ۾
وري آڱريون
ڏيا ڪونه بڻجي سگهيون
نه رت جا ڦڙا لفظ ئي ٿي سگهيا
نرڙ جون لڪيرون سٽن ۾ نه ماپي سگهيون
وري ساڳيو وقت معنا بنان
سنڍ سڀ آدرش
کوکلا نظريا!
۽ ڪوي
ڪنهن ڪويتا رچڻ ري
وري ساڳيوئي
اڪيلو اُهوئي
سمهي پيو اويلو
وري روئي روئي!
ٻُڌڻو پيو اهو به!
ڪالهه هتي هو چنڊُ،
اَڄُ اُتي اونداهه جو-
مانڊيءَ منڊيو منڊُ!
مون ۾ ڳُڻُ نه ڪوبه،
توکان، ماڻهن جي اڳيان-
ٻُڌڻو پيو اهو به!
تنهنجو سهج سڀاءُ،
وٽئي مُرڪ لوڻَ ٻُرڪ-
وٽم گهرو گهاءُ!
سَکڻي سوڀ
سکڻي سوڀ پرائي ڪير
پهرين سر ڏينداسين
سوڀون پوءِ پَسنداسين
سر گهورڻ ۾ ڪهڙي دير
سِر ڌڙ ڌار ڌرينداسين
سوڀون پوءِ پَسنداسين
ويڙهي جي ويريءَ سين وير
پهرين پاڙينداسين
سوڀون پوءِ پَسنداسين
پهرين پِڙ ۾ ڀائي پير
پرزا مِڙ ٿينداسين
سوڀون پوءِ پَسنداسين!
معاف ڪجانءِ مسافر!
مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
جي مان توکان
مانيءَ ڌانيءَ
پاڻيءَ ڇاڻيءَ
جونه پڇان!
منهنجي ڦاٽل ساٽل جهوليءَ ۾
ماني ناهي
ڌاني آهي
منهنجي سِيرُون سِيرُون ٻُڪ ۾
پاڻي ناهي
ڇاڻي آهي
مان پاڻ بُکيو ۽ پياسو آهيان!
مون کي معاف ڪجانءِ مسافر
جي مان توکان.....
ٻئي ڏينهن جو دوزخ!
اُهوئي آءٌ اڻسُونهون
اُهوئي شهر
اُهائي شام دونهون!
اُهائي بُو هوا ۾
ڄڻ ته ڪو ٽائر سڙي پيو
اُهوئي سائرن هر هر رڙي پيو!
ڄَور پيئي رَتُ چُوسي
پڇاڙيءَ جي ڦڙي تائين شفق جو
ڇڻي پئي آسمان تان رَکَ
تهه در تهه ڄمي پئي
ڇتين ڀتين مٿان گهر گهر اڱڻ تي
اُهائي رات آهستي لهي پيئي ٻِليءَ پير
اُڻي ڪوريئڙو پيو ڄاڻ تي ڄارا
گهڙيءَ کان پوءِ ساڳيائي ستارا
ائين جنءَ رَکَ ۾ ٽانڊا!
گهٽين ۾ لَٺِ جي ٺڪ ٺڪ
ڪُتن جي ڀَونڪ
ڪنهن ڪنهن وير
رڪشا، ڪار جو رانڀاڙ هوندو
بلب جي بيمار پيلي روشني هوندي
۽ گهر ڄڻ اجتماعي مقبرا هوندا!
اُهوئي آءٌ اڻسُونهون
اُهوئي شهر
اُهائي شام دونهون
ساڳيو بي مهر ماڻهن جو اَجهل ريلو
روان آهي گهرن جي قبر ڏي
بي صبر خواهش کي سڀاڻي جا ڏٽا ڏيئي سمهارڻ لئه
وري ٻئي ڏينهن جي دوزخ کي ٻارڻ لئه!
ڏُسڪي پيئي ڏات:
گهڻو نه تون ڳالهاءِ،
گُلَ کڻي وٺ پاڻ لئه-
گاريون ڇڏ مون لاءِ!
نِپٽ انڌي رات،
ڏيئي سان اونداهه ۾-
ڏُسڪي پيئي ڏات!
هينئڙي تنهنجا هورَ،
آڌيءَ ايش- ٽري مان-
اڌڙن لاءِ ڦلهورَ!
ڌارين ۾ هڪ پنهنجو
هر گهُمري نڪور سِٽا سِٽي
ڇا ڇا نه ڦٻايو آهي تو
اُماڙ اکڙين، ڄِڀَ ڄڀيءَ سان
هر جيءُ جلايو آهي تو
ڌارين هُشِ ڪيئي، پنهنجن کي
ڪتو بڇايو آهي تو
تَرَ جي تريناڪن سين ٻِٽَ ٿي
ڌارين سين ڌاڙيو آهي تو
هر نَڪُ ٻُٽو تو آهي ڪيو
هر سُهاڳ ساڙيو آهي تو
ڀليءَ ڀَتِ اهو ڄاڻين ٿو
ڀاڙين تي ڀاڙيو آهي تو
ڌرتي پيرن هيٺان ڪڍيئي
رَسو ڇڪي ۽ لڙڪايو تو
ڄميل رت تي مٽي پاتئي
دٻڙاٽيو تو دڙڪايو تو
سچ تي دانگيءَ لڳا چنيسر
ڪوڙ ڪٽڪ ڪڙڪايو تو
هَسُ پٽي لاهي اُڇلائي
جنڊ ڳچيءَ ۾ پارايو تو
قبرن مان به هڏن کي چُونڊي
ٻارڻ تن تي ٻارايو تو
اِنڌي سوڙهي بند گهٽيءَ ۾
هَٿُ وٺي آ مارايو تو
تاڏي تو دنبوق سڌي ڪئي
جاڏي ڪوئي هنج اُڏاڻو
جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو
تڏهن تڏهن تو کوڙيو گهاڻو
پوءِ به سَچُ ته سورج وانگر
ڪونه اُجهاڻو ڪونه اُجهاڻو
ڪونه اُجهاڻو
ڪونه اُجهاڻو
لڙڪ سوا اک!
پين آهي ته پنو ڪونهي ڪو
۽ پنو آهه ته پين آهي ڪانه
ٻئي آهن ته سندم ذهن صفا خالي آ
ڏوڪڙن کان سوا کيسي وانگي
ڄڻ ته ڪو هٿ هجي ريک بنان
ڄڻ ته ڪا اَکِ هجي لڙڪ سوا!
|