پوءِ به هر فنڪار
جام جام ۾ ڀرجي ڀرجي زهر ملي پيو زهر،
طاق طاق تي ڏيي ڏيي ۾ خونُ ٻري پيو خونُ!
شهر شهر ۾ نگر نگر ۾ پوءِ به هر فنڪار،
حسن عشق جو صفحي صفحي تي لکي پيو مضمونُ!
او همراهي-!
سڄي ڳوٺ ۾ ڏِيا ٻَريا
منهنجي مَنَ ۾ اونداهي
چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ سڙي ويا
منهنجا سڀئي دوست مري ويا
آءٌ پڪاريندو رهجي ويس:
”او همراهي او همراهي“
راهه نهاريندو رهجي ويس
توکي ساريندو رهجي ويس
منهنجون پُڪارُون روئنديون روئنديون
اونداهي بن ۾ گم ٿي وينديون
توکي اچڻو آهه نڪو تون ايندين!
عشق به خواري آهي!
منهنجي توبهن منهنجي زاري آهي،
تنهنجي ياري به ڪا ياري آهي.
هِن طرف تنهنجي اکين جا الماس،
هُن طرف تخت هزاري آهي.
تنهنجي نيڻن جي تبسم جو قسم،
رات مون روئي گذاري آهي.
هڪ طرف تنهنجي اچڻ جو وعدو،
ٻئي طرف زندگي ساري آهي.
تنهنجي تارن سان ئي آهي آمد،
تنهنجي تارن سان تياري آهي.
زندگي آهه عزيزن کان عزيز،
تنهنجي صورت به ته پياري آهي.
راهه ۾ نيڻ وڇائيبا وڃن،
هن طرف ڪنهن جي سواري آهي.
چنڊ جو روپ، ڪرايُن ڪنگڻ،
زندگي ڪيڏي نه پياري آهي!
جنهن کي حاصل هو ڪڏهن رتبئه خاص،
اڄ اُهو عشق به خواري آهي.
زندگيءَ سان ڪا شڪايت نه ڪيم،
جنءَ به گذري مون گذاري آهي.
حيف آهي جو اُڃيو رهجي وڃين
اڄ ته ”امداد“ بهاري آهي.
ڪڏهن آءٌ هُن لاءِ....
ڪڏهن آءٌ هُن لاءِ سورج هئس
هوءَ سورج مُکي
اَڄُ او-ڪي چئي
هُن ڏني جنءَ پُٺي
تڏهن آءٌ هن لاءِ ڪجهه ڪونه هوس
رڳو رَکَ جو ڍير هوس
- ۽ پوءِ اوچتو
- هوائون لڳيون
رک اُڏاري ويون!
ويساهه
ايندي ايندي
سَڏوسَڏُ سڏيندي ايندي
چَوڏس گُلَ ڇڏيندي ايندي
ڇير پير ۾ ڇرڪائيندي
دروازن کي کڙڪائيندي
ماروئڙن کي مُرڪائيندي
ٽار ٽار تي ڦُل ٽاڪيندي
ايندي وَرَ کُنجهي واڪيندي
ايندي وڻراهون واسيندي
ايندي ڏيهه مبارڪ ڏيندي
لاڙ، سري ۽ وچ کان ٿيندي
نُورا پائي نچندي ايندي
ايندي ايندي
گهلندي هِيرَ ڏکڻ جي ايندي
ٿيندي ٿيندي
ڪينجهر ڪنءَ نه هِندورو ٿيندي!
.... خونِ جگر آهي ڪٿي!
شاعريءَ جهڙو ڀلا اعليٰ هنر آهي ڪٿي،
پارڪر مَس ۾ مگر خونِ جگر آهي ڪٿي!
سمنڊ سارا مَس ڪيم، ڌرتي پَنو ۽ وڻ قلم،
حال دل جو پوءِ لکيم، پر سربسر آهي ڪٿي!
ڪو سڄي اَڱرين ڪڏهن موٽيو ڪلالن ڪُوءِ مان،
اُن گهٽيءَ ۾ ڌڙ ڪٿي آهي ته آهي سَر ڪٿي!
آهه شهه رڳ کان به ويجهو هُو مگر آهي ڪٿي،
زندگي آهي سفر پر همسفر آهي ڪٿي!
سر ڪرنگهر تي سدائين بار وانگي ڀاسِيو،
سر سَٽيان جاتي وڃي سو سنگ در آهي ڪٿي!
تون سِڌي ناهين ته تنهنجي سِينڌ پڻ ناهي سِڌي،
تو ۾ وَر ناهي ته پوءِ واٽن ۾ وَر آهي ڪٿي!
’الف‘ سان الله، ايشور ’الف‘ سان انسانُ پڻ،
هيترا سارا اکر ههڙو اکر آهي ڪٿي!
ڪوشش ته ڪريون!
ڇا ڪريون؟
ڇا نه ڪريون
آ ته گهاڻي جي انهيءَ گهُمري مان
ڇرڪ ڀري
ٿيڙجي نڪرون ٻاهر
آ ڪريون
آ ته ڪريون
ها، آ ته ڪريون
رائگان ئي سهي ڪوشش ته ڪريون
هيءُ جو ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ آهي
آ ته اهو ڳَٽُ ڳچيءَ مان لاهي
پار اَپار اُڪرُون
آ ته سهي
ها آ ته سهي
يا ته اهو ڳَٽُ ڳچيءَ مان لاهيون
يا ته سسي ڌار ڌريون
آ ته هيءَ جند ڏئي سنڌ وٺون
ڇرڪ ڀريون
آ ته سهي
ها، آ ته سهي
رائگان ئي سهي ڪوشش ته ڪريون!
چور آهيان نه
چور آهيان نه آهِيان عاشق
نه ڪوي ۽ نڪو ڪهاڻيڪار
چنڊ آهيان نڪو ڏِيو آهيان
نه وري ڪو ئي ڀاڳيو آهيان
پوءِ به اونداهه ۾ اکيون ڦاڙيو
مان سڄي رات جاڳيو آهيان!
رهبرو! رهزنو!
رهبرو! رهزنو!
رهزنو! رهبرو!
رَتَ جي آخري بُوند جي روشني گُل ڪريو
ڌوڙ جو ٻُڪ ڀري چمڪندڙ اکڙين ۾ وجهو
دوستو! دشمنو!
دشمنو! دوستو!
چنڊ جهڙي تمنا جي چهري تي دانگي مَليو
هٿ ڀري هانوَ ۾ ٽوڪ جو تيز چاقو هڻو
ساٿيو! قاتلو!
قاتلو! ساٿيو!
گيت گهُٽيو گلابن جا ڳاٽا مروٽي ڇڏيو
خون آهي کٿوري نه لڪندو نه لڪندو ٻڌو
رهبرو! رهزنو!
دوستو! دشمنو!
ساٿيو! قاتلو!
تند ٻُري ٿي!
تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
گلَ گلابي ٻول انهيءَ تي
هيرا موتي جهول انهيءَ تي
هاٿي گهوڙا مال انهيءَ تي
سونا روپا ٿال انهيءَ تي
سونن سِڪن جهڙيون مُرڪون
جهڙيون امرت رس جون سُرڪون
بدن جهڙا سچا سُرَ
گهوٽن کي پئي گُهوري گهُرَ
تند ٻُري ٿي ڪجهه ته گهري ٿي
تند ٻُري ٿي ڪنڌ گهري ٿي
سڀ کان سڻڀو سَنڌ گهري ٿي
ڏيل- ڏيي جي لاٽ مڱي ٿي
ڳڀروءَ ڳاڙها ڳاٽ مڱي ٿي
ري سيرائيءَ ساهه سُري ٿي
اجرڪ تي ڄڻ پور ڇُري ٿي
پر جي تنهنجي جند جهُري ٿي
ڀتر وانگر ديهه ڀُري ٿي
پوءِ توتي ڪابه ميار نه آهي
تون ٻوڙو آن تون نه ٻڌين ٿو
تون انڌو آن تون نه ڏسين ٿو
۽ اکڙيون مُک تي مکڙيون
ماڻڪ آهن موتي آهن
اونداهيءَ ۾ جوتي آهن
هينئڙي هيج انهن سان آهي
مُک تي تيج انهن کان آهي
۽ جنهن مُک تي اَکِ نه آهي
يا ان مُکَ تي اَکِ ته آهي
پر ان اک ۾ پاڻي ناهي
اُن جو مُلهُه ته ڪَکِ به ناهي!
منهنجو ڳوٺ
رُکي مانيءَ جهڙو ڏينهن
جهيڻي ڏيئي جهڙي شام
خالي ٿالهيءَ جهڙي رات
سارا تارا اُن ۾ سَلَ
پير به ننگا پُٺِ به ننگي
اهڙو منهنجو آهي ڳوٺ
هرڪنهن سڏ تي جيءُ چوي ٿو
پوءِ به ٻوڏ ۽ ڦوٽ ٻڌي ٿو!
مانُ اپمانُ
ايڏو ڇالئه آڌر ڀاءُ
ايڏي اُڻ تُڻ
هيڏي هُرکُر
ايڏي آترويلا آخر ڇاجي لاءِ؟
آءٌ نه ڪو رِشي مُني
ڀڪشو ۽ نه فقير نه سنت ولي
ٻيو سڀ آهي ڪوڙ ڌوڙ
سَچُ اهوئي آهي
نوٽن جي مُٺ ساڻ ڀلا ڇا ڀرجي سگهندو من جو گهاءُ!
تون جسم وڪڻندي آهين
مان شعر وڪڻندو آهيان
منهنجو ايڏو مانُ نه ڪر
منهنجو هنءَ اپمانُ نه ڪر!
دُکي رهيا هُئاسين رات
دُکي رهيا هُئاسين رات
آءٌ، اڪيلائي، سگريٽ
رَکَ ٿيا پئي پَلَ
دُونهن اکين ۾ آيو
۽ مون لڙڪ اُگهي ورتا
ڦِڪو مرڪي به ورتو
هاڻي ڇا ڪريان؟
آهه ڀريان!
ڦلو ڇنڊيان؟
ڪجهه به ڪرڻ جي هُرکُر ڇو؟
هن دنيا ۾
ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن
جن جڏهن به چاهيو
بٽڻ دٻائي ورتو
بنان ڪجهه به ڪرڻ جي
آهه ڀرڻ جي
جيئن به چاهيو
جو ڪجهه چاهيو پائي ورتو
سنڌي ٻوليءَ جي نعري ۾
لفظن جو ڳوڙهو ڳاڙي ورتو
ڪُوڙا سُوڙا ٺپا ٺاهي
جو چاهيو اوڳاڙي ورتو!
آءٌ لڙندس!
رَتَ جي آخري ڦڙي تائين
آءٌ لڙندس
اهو لڙڻ منهنجو
سِجَ وارو لڙڻ ته هوندو ڪونه!
توکان پوءِ!
توکان پوءِ
پنهنجي گهر جي آڳر مان
اونهاري ۾
سو نِم جو وڻ وڍجي ويو
جيڪو ڏاڏا پوکيو هو
جنهن تي تو مون
پينگهه لُڏي هئي
ڏاڪ چُماڻي راند رهي هئي!
توکان پوءِ
تهه سياري
وسندي پاري
پنهنجي گهر جي اُترين ڀِتِ
مٿان اسان جي
ڊهي پئي هئي!
سِنڌ جي سَڏَ تي
سنڌ جي سَڏَ تي، سَڏُ جيڪو نه ڏي
ڪوڙِهيو ٿي مري
سو اَمر ٿي وِيو، ڌار سر ڌڙ ڌري
ويو اَڏيءَ کي اَڏي
ڏاڍ جي ڏيهه ۾، ويهه گوڏو گڏي
پل نه ٿي تون پري
ڏُور ڏس ڌُنڌ ۾، ڪو ڏِيو ٿو ٻري
پاڻ ڏي ٿو سڏي
سِرُئي ساڻ کڻ، آءُ سڀڪجهه ڇڏي
پنڌ آهي پري
ماٺ جي ڏيهه ۾، ڏاڍِيان رڙ ڪري
سَڏَ ۾ سَڏُ ڏي!
سنڌ جي سَڏَ تي، سَڏُ جيڪو نه ڏي
ڪوڙِهيو ٿي مري!
گيت لکڻ نٿو چاهيان!
آءٌ جيڻ نٿو چاهيان،
رُئڻ کِلڻ نٿو چاهيان،
قيد رهڻ نٿو چاهيان،
گيت لکڻ نٿو چاهيان،
سَچُ چوڻ نٿو چاهيان،
ڪوڙ ڪرڻ نٿو چاهيان،
|
مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
مون کي ماري ڇڏ او جندڙي!
|
ڪُونج ڪُرلائي پئي
اڄ وري اُتر ڪنان ڪا ڪُونج ڪُرلائي پئي
ٻاٽ آهي واٽ اُن ۾ لاٽ ڪا جرڪي پئي
روح ۾ مينديءَ رتي خوشبو وئي آ اوتجي
لال ۽ کنهبي لهوءَ ۾ لات ڪا لڇندي وڃي
ڪربلا جي واقعي جا پار ٿي پڇندي وڃي
ڇا چوان هر لفظ آهي تير ڪو منهنجو نِڙيءَ مان آرپار
هوءَ اُفق تي آ شفق يا موڙ ٿو قاسم ٻڌي
هُو گلابي گل ٽڙيا، يا آهه لالڻ جو لباس
چنڊ چوڏهينءَ جو چڙهيو يا آ چڙهيو دُلدُل سُوار
هي ستارا ڪيم ڀانئج هي اٿئي ابهم علي اصغر جا ٽهڪ
ٽهڪ جي گُهٽجي ويا هڪ هڪ ستارو ٿي ڇِڳو
رات ڪارو ويس پاتو ۽ وئي ماتم ڪندي
لڙڪ روئي ماڪ جا!
سِڄُ اُڀريو يا گلابي گهاءُ آهي گهوٽ جو
۽ تتل ڌرتيءَ مٿان آهي رڳي رت جي رَئي
هنج ٿا موتي چُڳن ۽ مڙد ٿا پِڙ کي پڇن
جنگ جو نالو ٻڌي ڪانئر پيا ٿر ٿر ڪنبن
پِڙ مٿي پرزا ٿيڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سِکي
رِڻَ ۾ لائون لهڻ ابنِ عليءَ کان ڪو سِکي
سِر ڏئي سَرهو ٿيڻ ابنِ علي کان ڪو سِکي
هيءَ آکاڻي لکي جيڪو، اُهو
سِر ڪري پنهنجو قلم
مَسُ بدران رَتَ ۾ ٻوڙي لکي!
وَڙُ- ڪُوَڙُ
مون کان ئي ماچيس ڳِنهي
مون کان ئي سگريٽ پِني
ڏندن ۾ ڦاسائي
تيلي ٻاري
سگريٽ کي ڏيکاري
ڪَش تي ڪَشُ هڻي
ڦُلوڇنڊي ويو
ڪوئي منهنجي اک جي تاري تي!
آئيني کي جاڳايان!
اونداهيءَ ۾ تيلي ٻاري، آئيني کي جاڳايان!
وٽ کي سوري، ڏات ڏيي ۾، رَتُ به هاري
تيلي ٻاري
آئيني کي جاڳايان!
پور پور مان، نَسَ نَسَ مان، سڀ سَت ساري
تيلي ٻاري
آئيني کي جاڳايان!
جيسين سورج برف پگهاري، پاڻ پگهاري
تيلي ٻاري
آئيني کي جاڳايان!
نيڻ نچوئي،پساهه سوئي، سَگهَه سنڀاري
تيلي ٻاري
آئيني کي جاڳايان!
جيسين سورج اُڀري تيسين،پاڻ به ماري
تيلي ٻاري
آئيني کي جاڳايان!
تيسين جاڳان، جيسين تِڙڪو ٻار اُٿاري
تيلي ٻاري
آئيني کي جاڳايان!
هَٿَ رسن ۾!
رَسُ رچي ويو چنگ چڙن ۾،
مارُل ساڳي ڪوٽ ڪڙن ۾.
جيون آهي ڪارو چڪر،
پير ڪاٺ ۾ هَٿَ رسن ۾.
ڪهڙو پنهنجو حال پڇو ٿا،
اک تي کوپا ميڻ ڪنن ۾.
ڪالهه هئو جو منهنجو پنهنجو،
اڄ بيٺو هو سو به انهن ۾.
آءٌ به جهڙو ڪورو ڪاڳر،
اک ۾ لڙڪ نه دانهن چپن ۾.
|