رات
رڳو سگريٽ ڦوڪڻ سان ئي ته رات ڪانه گذرندي!
هُن کي سُڌ هئي اها
پوءِ به هُو ائين ڪندو رهيو هو
سڄي رات
دُکندو رهيو هو- هُو به سگريٽ جيان
کوڙ ڀيرا سوچيو هئائين
ته ڇڏي ڏيندو
سگريٽ ڇڪڻ
۽ سگريٽ جيان دُکڻ!
پر رات
اچي ئي ويندي هئي هر شام کان پوءِ!
۽ کڻي ايندي هئي پاڻ ساڻ
اُهوئي جاڳڻ ۽ جلڻ!
چوڌار
اُڻي ڇڏيندي هئي دونهين جو ڄارُ!
شهر: زهر لهجا!
شهر: زهر لهجا، نقاب هر چهري تي پاتل،
ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻهو ڄاتل، ڏيک سڃاتل.
اُٿي کاڌل ڪپڙي وانگي تُنَ تُنَ سڀ تَنُ،
ڀڳل آنهري من، ٽڪرا چهرا ڄاتل اڻڄاتل.
آءٌ نه ڀِٽَ ڌڻي، نه ڪپل وستوُ جو شهزادو،
ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل.
کُليل گهٽيءَ ۾، بند درين دروازن جي آڏو،
ڦٽل چپن تي ڳيت اُهيئي ڳاتل اڻ ڳاتل.
ڦُلڻا ڄِڀَ، ڄراٽيل ڄيرو، سِر تي سورج ڇٽ،
ڇُلڻن پيرن هيٺان راهون ڄاتل اڻڄاتل.
مانيءَ ڀور ۽ ڪپڙي ٽُڪرو ناهي سڀ جيون،
جيون ڳَلَ ڳرهاٽيون، جيون ڳوڙها ڳل لاتل.
ڏات ته تنهنجي تات آ
ڏات بنان ڪوتا اِئين، ڌڻيءَ بنان جنءَ ڌَڻَ،
پري پري تائين رڳو، الف اُگهاڙا وَڻَ.
اڳي ڀڳو نه هُئو ڪڏهن، هانءُ اسان جو هيئن،
ڪورو ئي رهجي ويو، ڪاڳر جنءَ جو تيئن.
اکڙين جون مِڙ ڳالهڙيون، جهڙيون پڌرو پَٽُ،
تون ته صفا ڪو ڄَٽُ ڙي، بنهه ڪورو ڄَٽُ.
لکڻ لَکڻ آهي سڄڻ، پين پنو ناهي،
ڏات ته تنهنجي تات آ، سا مون وٽ آهي.
رات سُتي مون ننڊ ۾، ڪيون ڪيڏيون ڪِيڪُون،
ڪرائيءَ بنان هٿن جون، ڊهي وييون لِيڪون.
ٻارن کي هن عيد تي، دل تي کائي زخم،
کِلي کين خرچي ڏنم، هڪڙو هڪڙو نظم.
ويٺي ويٺي اوچتو، ڪو جو پُور پيوم،
ڏيٺ ويٺ تو ساڻ ٿي، هينئڙو هٿان ويوم.
منهنجي چِت ۾ چورا کورا، ڀورا ڀورا جيءُ،
هرڪا سوچ لوچ ٿي آڇي، اچي اچي وِهُه پيءُ.
من آ ڀاري جهولي خالي، نانءُ اٿم امدادُ،
نينهن ته اهڙي نگري سائين، داد نڪو فريادُ!
پير لڪائن چور ڇو، ڍور ڍڳو ڪو ڪاهي،
رستو منهنجي ڳوٺ جو، پڪو ٿي ويو آهي.
هاڻ ته هليا!
هاڻ ته جانان
من تي مَچَ مڱر
رجهي رهيا آهن رستا
جسم پگهر ۾ شُم
اندر اوٻر، ٻاهر
ڌرتي ٽامو
کوري جهڙو ڏينهن!
آڳ اوڳاڇيندو سِجُ
پل پل ديڳ پڪل!
هاڻ ته جانان
سوچون لوچون
سيخن تي ڄڻ ماهه هجي
گهُٽَ ٻوسٽُ
لُڪيءَ ۾ ڄڻ ساهه هجي!
هاڻ ته جانان
اوڙو پاڙو
ڄِڀون ڄِڀيون
تن تي لفظن جو پيٽرول
هاڻ ته جانان
تن ٿو تاڙي وانگي تاڙي
من جو مورُ ٽهوڪي
هاڻ ته هليا ڀنڀا ڇوڙي
لوڪ ڀلي پيو روڪي ٽوڪي
کَرُ مَرُ کامي پڄري!
اُڀ ۽ ڌرتيءَ واري ليڪ لتاڙي
هاڻ ته هليا
هاڻ ته هليا!
مون گيت لکيو آهي!
مون گيت لکيو آهي،
تنهنجي منهنجي باري
۾!
اِن ۾ آهي ذڪر گلابي سانجهيءَ جو
ڪينجهر ۾ ٿي گيت ٻُريو ڪنهن مانجهيءَ جو
تو مون نيڻ کُپايا شام جي تاري ۾
مون گيت لکيو آهي،
تنهنجي منهنجي باري ۾!
ان ۾ آهي ذڪر سُهاين راتين جو
ماکيءَ جهڙين مِٺڙين مِٺڙين باتين جو
جيڪي ڪيوسين چانڊوڪيءَ جي چاري ۾
مون گيت لکيو آهي،
تنهنجي منهنجي باري ۾!
ڊائلاگ
تو چيو:
”تيلي نه ٻار!“
مون سوچِيو:
’تيلي نه ٻاريندس ته هي ٻيلو ڀلا ڪنءَ پٽ ٿئي!‘
لڙڪ لهجي ۾ ڀري
تو چيو:
”تيلي جي ٻاريندين ته ڪا گولي ڪٿان ايندي- ۽
سڀڪجهه گُل ڪري ويندي هلي
اچ ته موٽي گهر هلون!“
انءَ چئي
منهنجي کاٻي ٻانهن ۾
ساڄو ۽ کاٻو هٿ وجهي
ڌونڌاڙيهءِ
۽ سندم هٿ ۾ جهليل ماچيس جو کڙڪو ٿيو
مون ڀُڻِڪِيو
”مون کي ته هن ٻيلي کي آهي ٻارڻو!“
پوءِ ساڄي ٻانهن سان
توکي ڳرهاٽي مون وڌي
۽ چپن تي آخري ڀيرو چُمي ڏيئي چيم:
”گهر وڃ
اگر تيليءَ کي ٻارڻ کان اڳي يا پوءِ
منهنجي زندگانيءَ جو ڏِيو گُل ٿي وڃي
پوءِ ٻارن کي چُميءَ جو تِلڪ ڏئي
ماچيس ڏج!“
اوندهه جو گهاءُ!
ڏيئو آ اوندهه جو گهاءُ
جنءَ ڪنهن ڏامر جي رستي جو چُٿڙ لٿل
جنءَ ڪنهن سانوري سلوڻي مُکڙي تي چِٽيءَ جو چِٽو
جنءَ ڪنهن ڪاريءَ ۽ ڪجراريءَ اک ۾ ڦُلو
ڏيئو آ اوندهه جو گهاءُ
جنءَ ڏکڻ افريڪا تي گورن جو راڄ!
چنڊ نشي ۾ چُور
سُکَ هئا مِزمانَ، رهي ڪجهه ڏينهن، هليا ويا ڏورُ،
ڏُکَ ته آهن ساڻ سدائين، ڏور نه ٿيندا مُورُ.
آ ته چُمون اڄ چنڊ ستارا، آ ته لُڏون ٻئي پينگهه،
هيڪلڙيءَ جي هاڻ کڻي ڪر ميڙ منٿ منظورُ.
آءُ ته ٿڌڙي ڇانوَ ڪيانءِ، آ ته لهون ٻئي لانوَ،
ڄڻ ته آهيان وَڻُ، ڦٽا ٿم گَونچ، جهليو ٿم ٻُورُ.
آءُ لڀي وڃ لالَ، هليا اڄ پيهي وڃ پاتال،
انت تري تائين اوسائين، گهُورَ وجهي تون گهُورُ.
هيءَ سُهائي رات الا لا، هيءَ سُريلي سانت،
لِتل اڱڻ تي آءٌ اڪيلي، چنڊ نشي ۾ چُورُ.
مُور نه ٿيندس ڏورُ!
ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان،
توکان مُور نه ٿيندس ڏُور!
ساهن مان پئي خوشبو ايندي، او جاني توتان گهور
وڃان
سُرهو رهندو
تنهنجو سُورُ!
ٿَڪ کان آهيان چُور ٿيو پيو، وِک وِک تي ٿو ٿِڙان
ٿاٻڙان
پوءِ به سارا
سُورَ سُرورُ
سانت رات جو ڇير پير ۾، نسَ نسَ مان پور پور مان
پيهي ايندو
تنهنجو پُورُ!
منهنجي دل جي ڌڙڪڻ آهين، مان توتي پنهنجو ساهه
ڏيان
نيڻن جو تون آهين
نُورُ!
او سهڻا من مهڻا سپرين، مکڙين جهڙين ٻن اکڙين سان
وري به هڪڙو ڀيرو
گهُورُ!
ڪيڏو به کڻي مان ڏُورُ وڃان،
توکان مُور نه ٿيندس
ڏُورُ!
توبن جيون
توبن جيون
جهڙو ڪر بن
جسم هجي ڄڻ ٿُڙ ۽ ٻانهون ڏار
انهن تي مور رڙن ٿا
پر ڪا نيل گگن وٽ
بوند هجي ته وسي!
پاتالن وٽ
اوڳاڇڻ لئه
رات آهي
ڦٽيل سوئر جهڙي رات
چئني پاسي وَڄَ وڄن ٿا
ڏِسائن وٽ هوائون آهن
پاڳل ۽ ڇڙواڳ هوائون
تيز لڳن ٿيون
ڏار گسن ٿا
باهه لڳي ٿي بن ۾
اُلا وسن ٿا
دُونهن دُکي ٿو من ۾
توبن جيون
جهڙو ڪر بن!
ساٿ جدائيءَ وانگي!
قرب دوريءَ جيان ۽ ساٿ جدائيءَ وانگي
تنهنجي هوندي به اڪيلائيءَ جو احساس ٿئي
ٻارڙن هوندي به ڀڙڀانگ ڀريو ڀُڪلو گهر!
ڪو وچن ناهه مگر پوءِ به بنواس لڳي ٿو جيون
تون به مون لاءِ جڏهن ٿي ٿي وڃين ماڻهن جان
بيوقوفي ٿو لڳي پيار ۽ بڪواس لڳي ٿو جيون!
شاعري ٿيندي رهي
جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي.
تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
اُن پَني تي روشني ٿيندي رهي.
جيستائين نيڻ نيڻن ۾ رهيا،
مئڪشن جي مئڪشي ٿيندي رهي.
مرد جيئري ڪونه چِکيا تي چڙهيو،
بس رڳو عورت سَتِي ٿيندي رهي.
جيستائين آءٌ توکان دُور هوس،
هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ٿيندي رهي!
مَچُ مچي يا نه مچي!
پوءِ هي پَلُ رهي يا نه رهي
ڳَلَ سان ڳَلُ رهي يا نه رهي
ٻِجُ ڪو نِجُ ڇٽي وٺ ڇورا
ڀونءِ ۾ ڀَلُ رهي يا نه رهي
ٻيون راتيون ته گهڻيون اينديون پر
پوءِ هيءَ رات اچي يا نه اچي
رات سورج کي ڄڻي ڏيندي جا
پوءِ ڪو مَچُ مچي يا نه مچي
پوءِ هي چنڊ چڙهي يا نه چڙهي
سمنڊ ۾ لهر لُڇي يا نه لُڇي
اچ ته آواز لڳايون گڏجي
پوءِ سڀاڻي ڪو ڪُڇي يا نه ڪُڇي!
|