سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :16

جيءُ وجهه نه جهوراڻي!

 

کِنوڻ کِنواءِ پئي ڏانهن ڏيهه ڏاڏاڻي،
نه ڪُسڪ هٿَ ڪڙي ڀور ڀور ٿي هاڻي.

لڄاءِ پَٽَ پٽيهر ڏسي نه لوئيءَ لَڄ،
سُڌير ٿيءُ ائين جيءُ وجهه نه جهوراڻي.

اُٺا ملير مٿان مينهن، ٻول ٻاٻيها،
پلر پِئي ته جِئي مُلڪ مُرڪندي ماڻي.

چَڳون به چِيڙ ڀلي هوُنِ، ليڙ لوئي هوءِ،
خلاص بندَ ٿِيا ڪنهن به ٽِڙڪندي ٽاڻي.

ڪُريت ڪِيمَ ڪجئين، سونَ تي نه مَٽجئين سيڻَ،
وڃڻ ته آهه اَوَسُ اڄ سُڀاڻ ٻاٻاڻي.

ملير ڏانهن مِڙوئي مُهاڙ ڪج ”امداد“،
الاءِ خاص خبر ڪير اوچتو آڻي!

 

پهرين ۽ پوءِ

توسان جڏهين سڃاڻ ڄاڻ نه هئي،
وقت ڪيڏو نه ٿي سٺو گذريو!

لڙڪ پنهنجا ۽ ٽهڪ پنهنجا ها
لُوڻ پنهنجو هو چهڪ پنهنجا ها
پاڻ ئي پاڻ ۾ اڪيلو هوس
پاڻ ئي پاڻ منجهه مليو هوس

هاڻ ساڻ آهيون، ڌار ڌار آهيون
هِڪَ ئي وڻ جا ڄڻ ته ڏار آهيون
ٻه ڪنارا هجون نديءَ جا ڄڻ

توسان جڏهين سُڃاڻ ڄاڻ نه هئي
وقت ڪيڏو نه ٿي سٺو گذريو!

 

مانَ پَسان پرڀات!

رات ڪٽيسين اِيئَن،
لاڳيتو ڪَٽبو رهي-
پير- ڪڙيءَ کي جيئَن!

جيون ڀاسي اِيئَن،
ڪڏهن ڪڏهن ”امداد“ ٿو-
ڳَٽُ ڳچيءَ جو جيئَن!

مانَ پَسان پرڀات،
عمر وڃي ٿي گذرندي-
ڪانه کُٽي ٿي رات!

 

گيت ماري نه سگهندا

 

(ڏکڻ آفريڪا جي شاعر مولائيز جي ياد ۾)

 

۽ توهان هن کي ماري ڇڏيو

 

اُهو جنهن جا گيت

هوائن جا لهرا هئا

۽ ساگر کان گهرا هئا

 

اُهو جنهن پرهه جي پکين جيئن لاتيون لنيون ٿي

اُنهيءَ تي ئي پهرا هئا

 

ريک سرجڻ جي جنهن جي هٿن ۾ هئي

انهن ئي هٿن ۾ هيون هٿ ڪڙيون

 

اُهو جنهن غلاميءَ جو ڳَٽ

ڳچيءَ مان پٽي لاهي اُڇلي ڇڏڻ ٿي گهريو

اُنهيءَ جي ڳچي ۾ رسو هو

 

۽ توهان هن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو

پر هوائن کي ڦاهي تي چاڙهي نه سگهندا

سندس گيت ماري نه سگهندا!

 

ماٺار

دل جي ديوارَ ٿي پوي ته ڀڃوس!

جيڪڏهن ٺوٺ ٿي چُڪيون اکڙيون
ته انهن کي ڪڍي ڏيو ڪانون
رَڳَ ۾ رَتُ جي نٿو ڊوڙي
ته انهيءَ کي ڪپي ڇڏڻ گهرجي

ڪوٽ جي بُرج جان اُڀو اُڀ ڏانهن
ڪنڌ جيڪو مٿي کڄي نه سگهي
ته اُنهيءَ کي وڍيوس اڇلايوس
بار آهي کڻيو گهمو ڇا لاءِ
پهرئين سَٽَ وِچَ چَونڪ سٽيوس
تَنَ ۾ تؤنس جيڪڏهن ناهي
مَڙُهه آهي ته قبر منجهه لٽيوس

وقت تلوارَ ٿي پوي ته ڀڃوس!

 

تيلي ٻاريان

 

اونداهيءَ ۾ تِيلي ٻاريان
ٽانڊاڻي کي گس ڏيکاريان

اوڌر- ماءُ مُئِي ڪانهي ڪا
ڇو نه کڻي ڪا مُرڪ اُڌاريان

ڪوهه نه سورج وانگر اُڀرو
اُٿو اوهان کي آءٌ اُٿاريان

پنهنجو ڪوئي مو ڪونهي ڪو
هروڀرو پيو ٿو اوساريان

ماچس مون وٽ ڪونهي آهِي
ڪيئن ڀلا ڪو ٻارڻ ٻاريان

رات ايندي ته سمهي پوندس مان
ڏونگر جهڙو ڏينهن گذاريان

پاڻ اڳي به مليا آهيون ٻئي
آءُ ته توکي ياد ڏياريان

حفيظ، الطاف
(1)، نسيم کرل
ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ساريان

 

مَچُ مچايون، هليا

سرد اونداهه هڏن کي به وئي آ ڳڱري

ڪوڙ جي ڌوڙ کان اکين تي رکيل هَٿَ ڄميل

سوچ ۽ لوچ ٺري ڄاڻ مري ويندي يار

۽ اکر ٺار ٺريل سِٽَ ڄميل برف ٿيل

اي درازا جا ڌڻي! شاهه سچل اي دولهه

چڻنگ مان چڻنگ ڌڳايون، هليا

سَچَ جو مَچُ مچايون، هليا!

 

جا به گذري ٿي گهڙي ڄڻ ته صدا آ ڪائي

گذرندڙ پَلُ ته ٽاريءَ مٿان آ پَنُ ڇڻيل

ڄڻ ته سپني بنان اکين جو هجي لڙڪ لڙيل

۽ اڃا ڪيچ وڻن ڏانهن ڳپل پنڌ رهيل

اي سچل مست الست اي سرمست

ڪو ملهائي نه ملهائي ته ڀلي، پاڻ ملهايون، هليا

نَچُ ناچُو هيءَ اٿئي ويل نچڻ جي، هليا

برهه جي باهه لڳايون، هليا

سيخ تي ماهه پچايون، هليا!

 

گُلَ ۽ گيت جي بدلي هتي سنگين چڀيل

لوليءَ ۽ لوئيءَ جي بدلي هتي گولي ٿي لڳي

وَڻُ زيتون جو لبنان ۾ پاڙن کان پٽيل

امن انصاف جي نالي ۾ ڇتي جنگ لڳل

اڄ به تاريخ جي هر باب جي هر صفحي تي

آهه ماڻهوءَ هٿان ماڻهوءَ جو رڳو رت هاريل

کنڀ کنڀ آهه فضا ۾ ئي ٿيو پيو ڳيرو

ساري سنسار تي بارُوت جي ڪارانهن مَليل

تيل هاري ۽ ڏنئون تيلي اڇن جهنڊن کي

حسن، حق، خير جيان مارئي ڪوٽن ۾ ڪڙيل

دربدر خاڪ بَه سر عشق اڃا روهه رُليل

آهه دلين ۾ دغائن جو اڃا زهر گهُليل

نفرتون چوٽ چڙهيل پيار بنان ڏوهه جهليل

 

پاڙي اوڙي مان ڪٿان پريت پُڇايون، هليا

گوڏو گوڏي سان گڏي قرب ڪمايون، هليا

وقت جا سرمد ۽ منصور، عنايت صوفي

حق انا الحقُ الايون هليا

سرمدي وَٽَ وِرهايون، هليا!

 

اي سنڌ امان!

زرد ڳل جي مٿان اي سنڌ امان!
رَتُ ويٺو رُئان اي سنڌ امان!

هيءَ اخبار جا پئي آهي،
ڇا پڙهي ڇا پڙهان اي سنڌ امان!

هيءُ جهيڙا جهٽا، ڦرون، ڌاڙا،
الامان الامان اي سنڌ امان!

سُورَ جي سَٽَ، سِٽَ ڪنءَ بڻجي،
ڇا پني تي لکان اي سنڌ امان!

روز ڪُونڌر ڪُسن ڪلاچيءَ ۾،
آءٌ ڪنءَ چُپ رهان اي سنڌ امان!

ساڳيا جيل هي وڏيرن جا،
قائم آهن اڃا اي سنڌ امان!

۽ انهن منجهه واڙيل هاري،
ڍور ڄڻ بي زبان اي سنڌ امان!

۽ لڄا لُٽَ هارياڻين جي،
وارثن جي اڳيان اي سنڌ امان!

هيئن پنهنجا وڃن پرايا ٿي،
آءٌ ڦٿڪان لُڇان اي سنڌ امان!

رَتُ دانگيءَ مٿان نٿو اُٿلي،
ڏوهه ڪنهن کي ڏيان اي سنڌ امان!

هيءَ سموري زمين منهنجي هئي،
هِي سڄو آسمان اي سنڌ امان!

ڳوٺ ڌاڙيل، شهر دهشتگرد،
آءٌ ڪاڏي وڃان اي سنڌ امان!

تنهنجي هوندي به آءٌ انءَ ڀاسان،
بي وطن بي نشان اي سنڌ امان!

سڀ مڃن مير پير کي، ۽ آءٌ،
صرف توکي مڃان اي سنڌ امان!

تون ئي تون ٿي نظر اچين مون کي،
آءٌ جا ڏي ڏسان اي سنڌ امان!

باک جيسين بکي ۽ لاک لڳي،
ديپ سان ٿو جلان اي سنڌ امان!

تيستائين ته پرهه پنڇيءَ سان،
لات پيو ٿو لنوان اي سنڌ امان!

 

دل به نگر آهي

ڳوٺ ڳوٺ آهي يارن جو، شهر شهر آهي يارن جو،
دل کان آخر ڪيڏو ڀڄندين، دل به نگر آهي يارن جو.

هِن اوڻٽهينءَ جي اونداهيءَ ۾، لال لهوءَ جا ڏيئا ٻاري،
منزل ڏانهن وري هڪ ڀيرو، عزمِ سفر آهي يارن جو.

پيٽ ڀريل جي هوندو آهي، چنڊ به سهڻو لڳندو آهي،
هيءَ ڪڻڪ جي ماني ڪانهي ڪا، زخمِ نظر آهي يارن جو.

درد جي ديوار آڪاس آهي، آڪاس کي رت جي پياس آهي،
هي رنگ شفق جو ڪونهي ڪو، خونِ جگر آهي يارن جو.

 

صبح جي تلاش

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چرين جئن مٿي اُگهاڙي سان
شڪسته دل کي هٿن ۾، اکين ۾ لڙڪ کڻي
چپن تي ماٺ جو محشر ۽ زخم سيني تي
سموري شهر جي ديوار در سان حال اوري
۽ ٿِڙندو ٿاٻڙندو، ٿيڙ کائيندو وڌندو
۽ پنهنجي پير جي کُڙڪي تي ڇرڪندو ٽهندو
اُداس

اُداس

اڪيلي

جوان رات جو روح

 

اِئين رُلي پيو جنءَ صبح جي تلاش ۾ آءٌ!

 

مَهريءَ وارا!

مَهريءَ وارا موڙ مَهارُون
مَڪَ پڪي آهي ڄارين تي
پيرون جهڙا جهُوڙا جهائين
گهوريا ورهه وڇوڙا سائين

ٽاريءَ ٽاريءَ ڦُلَ ٽڙن ٿا
مڌر مڌر ڄڻ سُرَ ڇِڙن ٿا
ڏي ٿي مٺڙا مُند ميارون
گهايل کي ڇو ايڏو گهائين!

 

مُور نه هوندين مُور نه هوندين
تارن کان تون دُور نه هوندين
پهتيون تارن تاءِ پُڪارون
هاءِ نه پهتيون تو تائين!

آس پکيئڙا اُڏري ويندا
نيل گگن کان اُڪري ويندا
گذري وينديون مست بهارون
پرچي پير پرين شل پائين!

چانڊوڪيءَ ۾ چنگ ٻُرن ٿا
هر هر تنهنجا هور هُرن ٿا
هيءِ هيءِ هينئڙو ڦارون ڦارون
پَتِ رکي شل پار پُڄائين!

جيڏيون سرتيون جوڙي جوڙي
اُڌمن آهيان آءٌ اُلوڙي
ڪيئن لڪايان لڙڪن لارُون
اڱڻ اچي شل عرض اَگهائين!

 

 

ويرين وچ ۾

منهنجو سڄو ڪٽنب رهيل هو ٽِماڙ تي
۽ هيٺ آءٌ هيڪلو ويرين جي وَرُ چڙهيل
ماڙيءَ مٿان اُگهاڙي مٿي ساڻ ڀينرون
ڪپجي وئي نهار، رڳون تاڻجي ويون
ڌرتيءَ تي پير مون به کُپائي کڻي ڇڏيان
۽ دشمنن جي اَکِ منجهان مون نه اک ڪڍي!

 

طيءِ ڪيل فاصلو

ڪنهن ستاري جي روشنيءَ وانگي
ڪيترو دُور کان هليو آهيان

ڪنهن جهلڻ کان نڪو جهليو آهيان
ڪنهن پلڻ کان نڪو پليو آهيان
۽ ملڻ کان سوا وڃان موٽي
ته ائين ٿي نٿو سگهي ڪڏهين!

اي پرين! پاڻ کي هڻي ماري
پنڌ جيڪو پٽي چڪو آهيان
سو ته اڳتي اڃا به اڳتي آ
وِکَ جيڪا کڻي چڪو آهيان
سا ڀلا ڪيئن پوئتي موٽي!

 

چنڊ به ساڳيو

چنڊ به ساڳيو آهي سهڻا، سينڌ ستارا ساڳيا آهن،
پنهنجي چشم تصور کان به حسين نظارا ساڳيا آهن.

ڳالهه مڙوئي هڪڙي آهي، هِن پار رسين، هُن پار رسين،
تنهنجي منهنجي دل دريا جا ٻئي ڪنارا ساڳيا آهن.

چهرن تي چانڊاڻ به ساڳي، ساهن ۾ سُرهاڻ به ساڳي،
مکڙين جهڙين ٻن اکڙين جا شوخ اشارا ساڳيا آهن.

اَکِ ڏسي ٿي جيسين تائين، سِجُ اهوئي نِج وو سائين،
اولهه اوڀر، ڏکڻ اُتر، سچَ سهارا ساڳيا آهن.

ڳوٺ اُهيئي، شهر اُهيئي، پهريان پويان پهر اُهيئي،
چانڊوڪيءَ جي ٻُڪ ۾ پيارا، مُنهن موچارا ساڳيا آهن.

 

سانوڻ آيو ڙي

سانوڻ آيو ڙي-

ساڄن آيو ڙي-

هير هندوري ۾ جهُولي، ڳيت پپيهي ڳايو ڙي،
ڊيل ٽلي ۽ مور نچيو، ڪووَل شور مچايو ڙي،
                                سانوڻ آيو ڙي،
                                ساڄن آيو ڙي.

ڪارن ڪارن وارن مان، رنگ گهٽا چورايو ڙي،
ڳاڙهي ڳل کان ڳاڙهه پِني، کِنوڻين کيل رچايو ڙي،
                                سانوڻ آيو ڙي،
                                ساڄن آيو ڙي.

مينهن به آهي نينهن جيان، ڀِٽَ- ڌڻيءَ فرمايو ڙي،
بادل پياسي ڌرتيءَ تي، اَمرت رس برسايو ڙي،
                                سانوڻ آيو ڙي،
                                ساڄن آيو ڙي.


(1) حفيظ شيخ، الطاف عباسي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org