سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :14

آ ته هڪ ڀيرو وري....!

آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون

پوءِ هڪٻئي جي متان شڪل به وسري نه وڃي
آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون
هيءَ سڀاڳي ۽ سدوري گهڙي گذري نه وڃي
آ ته هڪ گيت لکي ڦاڙي ڇڏڻ لاءِ ملون
آ ته گنگهور انڌيرن کي اُجالا بخشيون
ڏِيي وانگي ئي سڄي رات جلڻ لاءِ مِلون

آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون

ڳَلَ تي ڳَلُ رکي ساهه کڻڻ لاءِ ملون
آ ته اکڇنڀ جي لئه پاڻ ٻئي هڪ ٿي وڃون
اَڻمَيا سُور سلڻ، پُور پلڻ لاءِ ملون
پهرئين ڀيري ملڻ وانگي ملون ڪوڙ ڪري
آ ته هڪٻئي کي وري دوکي ڏيڻ لاءِ ملون
ٿورڙي دير سهي رَتَ رئڻ لاءِ کِلون

آ ته هڪ ڀيرو وري وڇڙي وڃڻ لاءِ ملون!

 

 

کُٽڪو

جوانيءَ جي راهن تي هرهڪ قدم

جهومندا ڳائيندا

کِلندا ڪُڏندا

مُحبت جي هرڪنهن ستم کان

جفا کان

۽ هر درد کان بي خبر

اي حسين ۽ جوان شاهزادو

هٿن ۾ ڏئي هٿ هلو ٿا، هلو- پر

اهو ياد رکجو

ته اڳتي

الائي ڪڏهن

۽ الائي ڪٿي

ڪئين موڙ ايندا

۽ وڇڙي وڃڻ جا هزارين ئي حيلا بهانا به پيدا ٿي پوندا

سڃاڻون اکيون اڻ سڃاڻون ٿي وينديون

۽ ڀڳڙو ٻه ڦارون ٿي ويندو!

 

اڄ لکڻ لاءِ!

اڄ لکڻ لاءِ ڪجهه گهڻو ناهي
بس رڳو ايترائي لفظ آهن
ته اسين انڌ جو وٺون پاسو
اَسُوِيڪار نياءُ کي ڪريون
هُو چوي ٿو، اهوئي چاهي ٿو
ٺاهه ڪيڏا ٺڳيءَ جا ٺاهي ٿو
سَچَ سان ڪُوڙ سينو ساهي ٿو
ڪنءَ گِري ٿو

                       ۽ ڪنءَ نه باهي ٿو!

 

تنهنجي سارَ!

سجرا گجرا پائي

لالي لب تي لائي

ڪجرارن نيڻن سان

مينديءَ رتڙن هٿڙن سان

کنهبا ويس وڳا پهري

تنهنجي سُرهي سارَ

اڱڻ ۾ بيٺي آهي کولي وارَ!

 

قسمت جو تارو!

وقت به ڄڻ

گهاٽو ٻيلو آهي

اِن ٻيلي ۾

ڏينهن به جهڙو رات آهي

روشني به  ڪا آهي ته بگهڙ جي اک ۾ آهي

اُن اک ۾ ڌوڙ وجهي نڪري به وئين

ته اڳيان هر گس گهات آهي

ڏکڻ اتر

اولهه اوڀر

تنهنجي لئه بس مات آهي

پر جي توکي مَتِ اچي

يا سگريٽ جي ٻاڙ لڳي

ته پوءِ

تنهنجي کيسي ۾ باڪس آهي

اُن جي هڪڙي تيلي ٻاري

ساري ٻيلي کي باهه لڳائي

۽ اُن مان سگريٽ دُکائي

سُوٽا هڻندو

رمندو وڃ

رمندو وڃ

چار ڏِسائون

تيز هوائون

پاڻهي وينديون رَکَ اُڏائي

 

ٻيلي جي هُن ڀَر

دريا آهي

اُن کي به پريون ڪنارو آهي

پر اُن کان پهرين

ترار ڪنان به تکو هڪ ڌارو آهي

اُن ڌاري ۾

جي تنهنجو رُخ اوڀارو آهي

ته پوءِ

تنهنجي مُٺ ۾

تنهنجي قسمت جو تارو آهي!


 

 

4 مارچ 1967ع

رات جي تارن ڏٺي

ڏينهن جي سورج ڏٺي

لان جي

مينديءَ رتي ريٽي مِٽي

 

ڪاري ڏامر جي سڙڪ تي

هو جمالو ڳائيندي

ڇير کي ڇرڪائيندي

هِيرَ ٿي نچندي وئي

گيت ٿي هرڪا گهٽي

تنهنجي سيني ۾ ٽڙي پيا

آس جا سورج مُکي

اي سنڌ يونيورسٽي!

 

تهه سياري ۾ به هيءَ رت جي لڪيرَ

هَٿُ لائي ڏس ته ڪيڏي گرم آ

رات جي انڌي نگر ۾

جيل تائين

هيءَ نئين تازي لهوءَ جي بُوند بُوند

مشعلن جو ڄڻ جلوس

سنڌ جي شاگرد جو روشن لهو

سنڌڙيءَ جي سينڌ جوسِندُور آ

جندڙيءَ جِي سُونهن جو سينگار آ!

 

وقت تي

چُني ستارن جي اوڍي

رات هلي آئي

پنهنجي پوري وقت تي!

 

لال گلابي پهرڻ پهري

مند ڀلي آئي

پنهنجي پوري وقت تي

 

ڦلڻن ڦلڻن پيرن لئه

سندءِ ڳلي آئي

پنهنجي پوري وقت تي!


 

 

اڄ ۽ ڪلهه

اڄ جو مون

هُن کي هُن جي نالي ساڻ سڏيو

هُن آکيو:

”مِسٽر! مون کي مسز...فلاڻي چو!“

 

۽ مون سوچيو

هڪڙو ڀيرو

هُن آکيو هو:

”معاف ڪجو! مون کي منهنجي نالي ساڻ سڏيو!“

ائين چئي هُن پنهنجن وارن کي جهٽڪيو هو

۽ هن جو پانڌ وڃي ڪنڊن سان اٽڪيو هو

۽ منهنجو من ڀٽڪيو هو!

مان ڪنڊن سان الجهيو اٽڪيو هوس

هُن جو پاند ڇڏائيندي

سا ڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر جي پهرئين بُل تي

رَتَ- ڦڙو چمڪيو هو

جيڪو هُن جي سينڌ ۾

سِندور بڻيو هو!

۽ پوءِ اسان

تيئن ڪيو هو

جيئن وڻيو هو!

 

ڪلهه هوءَ مون سان اِنءَ ملندي هئي

ندي ملي جنءَ ساگر سان

اڄ هوءَ ايئن اچي ٽڪرائي

مٿو لڳي جنءَ پٿر سان!

 

ساهن جي خوشبو

جن اکڙين ۾ صحرا جا آهُو،
تن اکڙين ۾ آنسو ئي آنسُو.

منهنجون اکڙيون سانوڻ جو سنڌو،
ڪير ڪري هن دريا کي قابُو.

بدبُودار هوائن ۾ آهي،
تنهنجي منهنجي ساهن جي خوشبُو.

رات ڀلاري آهي، ڇوڙي ڇڏ،
منهنجي ٻانهن تي پنهنجا گيسُو.

هي تنهنجي جوڀن جو اسم اعظم،
او جادوگر ڏيکار ڪو جادُو.

ماٺ ڪري بي موت مري وڃ،
جيون اٿئي آنسُو ئي آنسُو.

 

 

سُور سوين ساماڻا!

سارو لوڪ سياڻو آهي،
آهيون پاڻ اَياڻا سائين!

راڻا بڻجي ويا اگهامي،
ڪوجها توڻي ڪاڻا سائين!

ناتر تي ئي هِرکي پوندا،
ڪهڙا مومل ماڻا سائين!

ڪچ کي ڪَچُ چوڻ جي سچ ۾،
نڪري ويندا ڌاڻا سائين!

تيل پيو تِر تِر مان نڪري،
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گهاڻا سائين!

ڪَوِي چوي هن ڪَوِتا لکندي،
سُورَ سوين ساماڻا سائين!

 

تارن ڳاتو ڳيت!

چانڊوڪيءَ جي ساز تي، تارن ڳاتو ڳيت،
ٻنهي ڪنارن ٿي ٻڌو، لهريلو سنگيت.

مان ڳوٺاڻو نينگرو، آوارا رولاڪ،
هيڏي ساري شهر ۾، ساٿي، دوست، نه ميت.

هيڪل هيڪل هانو آ، اُن ۾ تنهنجي هِڪَ،
ڇاتيءَ ۾ ڪا ڇيت ٿي، ڇيڙي سُر سنگيت.

تن گُل، من گُل او پرين، دُهرو آهي داءُ،
پؤن سَٽ ڇَڪو هڻ کڻي، ٻنهي جُڳن کي جيت.

مَکيل چکيل آواز ۾، هڪڙو صاحبلوڪ،
چئي  پيو اسٽيج تي: ايءَ نه مارن ريت!

دُونهين ۾ سگريٽ جي، ويڙهيل سيڙهيل آءٌ،
تنهائيءَ جهڙو نه آ، ڪوئي ڪنهن جو ميت.

 

 

نئون نسل

اماس رات ۾

چاسينگر(1) جي پويان

ننڊاکڙين اکڙين وارا

جيڪي

نينگرڙيون ۽ نينگرڙا

نڪري ويا هئا

سي

نينگرڙيون ۽ نينگرڙا

اوندهه جو هر گهيرو ٽوڙي

هرڪا سرحد اُڪري ويا هئا

دوکي جي ديوار اورانگهي

سورج بڻجي اُڀري پيا هئا!

 

وڻڪاري مهم

اخبارن ۾ چالو آهي

وڻڪاريءَ جي مهم

ڪوڙين ٻوٽا پوکيا ويندا

سائو ٿيندو ملڪ

واتا ورَڻ به صاف ۽ سٿرو

ٿيندو، اهڙيءَ ريت

 

پر هيءَ جا منهنجي پاڙي مان

وڍجي ويئي ٻير

ٻُور جهلي پکيڙيندي هئي جا

کٽي مِٺي سُڳنڌ

کٽي مِٺي ٻورايل رُت ۾

ٽِنڊريل ٻيرن ساڻ

تنهنجي ڳاڙهي ڳِٽي جهڙا

ڳاڙها ٻير ڳٽولَ

جُنب لڳڻ تي ٻارن ڪارڻ

ڇاڻيندي هئي ٻيرَ

 

ها ها ساڳي ٻير جنهين ۾

رِبن ٻڌي هئي پاڻ

کن اَکن لئه اکيون پوري

دعا گهري هئي پاڻ

 

ڌرم نه ڪنهن کان دين پڇيائين

ساڳي سڀني لاءِ

نِٽهڻ اُس ۾ پانڌيئڙن لئه

ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانوَ

پنڇي پنهنجن آکيرن ڏي

ورندا هئا هر شام

پرهه پکيئڙن پرڙا کولي

ڇا ته لنوي ٿي لات!

 

هاڻي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي

آهه کُتل هڪ لاهه

هاڻ جڏهن به لنگهان ته پري کان

خالي ڄڻ ڪئنواس

اکڙين منجهه کُپي ويندو آ

ننگو ننگو ڏيک

 

اخبارن ۾ چالو آهي

وڻڪاريءَ جي مهم

پر هيءَ جا منهنجي پاڙي مان

وڍجي ويئي ٻير

ٻُورُ ۽ ڇانوَ به ڪپجي ويئڙا

اُڏري ويئڙي لات!

 

 

ٻولَ ٻَڌو ڙي

هانءُ ٺڪر جو ٿانءٌ نه آهي
ٿاريلن لئه پوءِ به ٿڌو ڙي
توڙي جو ٿِرٿانءُ نه آهي
ٻاٻاڻن جي ٻولَ ٻَڌو ڙي!

 

واپسي

مون اَڀاڳي جي اُها حالتِ زار آهه اي دوست
جنءَ مسافر ڪو ٿڪي واٽ تي ويهي ڪجهه دير
دم پٽي منزلِ مقصد جا ڏسي خواب حسين
راهه ويران جي صعوبت کي وسارڻ ڪارڻ
دلِ مايوس جي جذبن کي جيارڻ ڪارڻ

ها انهيءَ منزلِ مقصد جا حسين خواب اي دوست
جت سندس ماءُ هجي، پيءُ هجي، ڳوٺ هجي
ساڳيا دوست هجن ساڳيو ماحول هجي
جِت سندس ’ناز‘ هجي پيار جا افسانا هجن

ها اُها ماءُ جا هن لاءِ وساڻل اکڙيون
صرف ان آس تي ٻاريندي رهي صبح ۽ شام
ته سندس نورِ نظر جنگ تان موٽي ايندو
۽ اچي هن جي ٻُڍاپي کي جواني ڏيندو

۽ اُهو پيءُ جو هر درد وساري دل تان
آسرو لٺ جو ڇڏي جوش ۾ ڏڪندو ڏڪندو
پنهنجي ڪمزوريءَ کي بلڪل نظرانداز ڪري
هُن جي ڇاتيءَ سان لڳي ڪجهه به نه ڪڇندي، هُن جي
زخميل نرڙ کي چُمندو ۽ پُٺي ٺپريندو

۽ اُهي دوست جي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا
سانورا سانورا مغرور بهادر سرڪش
هُن جو دهلن ۽ ڌمامن سان ڪندا استقبال
هو جمالو چئي ۽ مست ٿي هڻندا جهمريون

۽ اُها ناز جا ننهن چوٽي رڳو ناز ئي ناز
واسِيل وار سندس هجر جي راتين کان دراز
تيج مکڙي تي اُهو، سِڄُ سڀاڻي جو ڪري

شوخ شرميلي اَلهڙ روپ وتي البيلي
چوڙِيون ٻانهن ۾ اکين ۾ ڪجل چپ تي تِرُ
جنهن جو شاداب بدن حسن محبت جو وطن
ڪيف مستيءَ جو طرب، رنگ ۽ خوشبو جو چمن
جنهن جي ٻانهن ۾ اچڻ لاءِ فرشتا ٿا سِڪن
جنهن جي قدمن کي چمڻ لاءِ ٿي ڌرتي ڌڙڪي
ڳيت ڪو ڳاءِ ته قدرت همه تن گوش ٿئي
رقص فرماءِ ته مستيءَ ۾ نظارا جهُومن
ناز مان مُرڪي نهاري ته ستارا مُرڪن

جنهن جي هڪ مُرڪ جي لئه روئي ٿو عالم سارو
ها اُها ناز جا سرتاپا تبسم آهي
هُن جي اوسيڙي ۾ ڇت تي وڃي رُوندي هوندي
ها اُها ناز جا سرتاپا ترنم آهي
مُنهن وِهاڻي ۾ ڏئي سُڏڪا ڀريندي هوندي

هُن جي آمد جو ٻُڌي ڳيچ مڌر ڳائيندي
۽ سندس ڪنواريون تمنائون وري ڪر موڙي
ڪنهن نئين ڪنوار جيان پاڻ کي سينگارينديون

رات ايندي ته اڪيلي ئي اڪيلي بي خوف
هار سينگار ڪري هُن سان ملڻ ايندي جڏهن
سندس اکڙين تي لِڪي يا ته وڃي هٿ رکندو
اوچتو هائوُ ڪندس يا وڃي ڀاڪر وجهندس
ته سندس مُنهن تي اچي ويندو سڄي جسم جو خون
پوءِ دُهلن جو ۽ شرناءِ جو هلڪو آواز
ماٺ چيريندو ڪنن ۾ اچي رس اوتيندو
هر طرف ڳيچ سهاڳن جا ٻڌڻ ۾ ايندا
ڇوريون ناچ ڪنديون پاءِ نڪن ۾ ڦليون
لهر لهرائبا مينديءَ رتا هٿڙا هر سُو
وري هڪ جيڏا ڪندا گهوٽ تان ٽوڪُون ٽهلُون

 

پوءِ جڏهن منزلِ مقصود تي سرمستيءَ ۾
جهومندو ڳائيندو کلندو اچي پهچي ته ڏسي
نه اُهو ڳوٺ نه سا ماءُ نه سو پيءُ نه دوست
نه اُها ناز نه الفت جا اُهي افسانا
مينديءَ جي رنگ جي بدلي ۾ رڳو خون ئي خون
صاف ۽ سُرهي هوا ۾ رڳو باروت جي بُو

 

هر طرف لاش ۽ لاشن تي ڪُتا ڪانگ ڳجهون
پوءِ هر لاش اکيون ڦاڙيندو ڏسندو ڏسندو
رائفل ساهه سان گهليندو ۽ ٿِڙندو ٿِڙندو
سارو سَتُ سوري اُتي پهچي جتي پاڻ ۽ ناز
رات اکين ئي اکين منجهه وِهائيندا هئا
۽ اُتي پهچي ڏسي رت ۾ ٻُڏل ناز جو لاش
پوءِ هو ڪجهه به نه سوچي ۽ ڏسي ڪجهه نه سگهي
اوچتو اوچتو خاموشيءَ جو سينو چيري
هڪ ٿري ناٿ ٿري گوليءَ جو سُڏڪو اڀري!

 

تنهنجو وجود

زندگيءَ جو سفر طويل سهي
تنهنجو هٿ ڪيترو نه نرم آهي
ههڙي يخ بسته شب ۾ تنهنجو وجود
دلگداز آهه گرم گرم آهي

 

۽ ترائيل لکئي....!

مون مٿان رُوندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
اَکِ ۾ رَکَ ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو
۽ ترائيل لکئي ڏينهن لنگهي ويا آهن
مون مٿان رُوندي سوين ڏينهن لنگهي ويا آهن

ڄڻ ته ٻيلي مان بُکيا شينهن لنگهي ويا آهن
وَڻَ جي ٿُڙَ جيان ساهه ۾ آهيان سوڙهو
مون مٿان رُوندي سوين مينهن لنگهي ويا آهن
اَکِ ۾ رَکَ ٿيو آ پيو هرڪو ڳوڙهو!

 

مان ڊٺل ئي سهي!

مان ڊٺل ئي سهي، اُجڙيل سهي، کنڊرئي سهي
ٿورڙي دير جي مون ۾ اچي وسرام ڪرين
مان سڄو اُڃَ سهي، رُڃَ سهي، بَر ئي سهي
مان ڊٺل ئي سهي، اُجڙيل سهي، کنڊرئي سهي

هڪڙي سُنسان گهٽيءَ منجهه ڦريل گهرئي سهي
ڇو نه ڪجهه ٿَڪُ پڇين، ٿورڙو آرام ڪرين
مان ڊٺل ئي سهي، اُجڙيل سهي کنڊرئي سهي
ٿورڙي دير جي مون ۾ اچي وسرام ڪرين

 


 

 

لهجو

چوان ٿو آءٌ اُداس ۽ نراس لهجي ۾:

”اچي وڃي به ڪڏهوڪو چُڪي گلاب جي رُت!“

چوي ٿي هوءَ پراُميد نرم لهجي ۾:

”رچي  وئي  مگر  آهي  نفس  نفس  خوشبو!“

 

 

زندگي ايش- ٽري جيان آهي

زندگي ايشِ ٽري جيان آهي
ٻاهران صاف ۽ اڇي اُجري
۽ منجهاران ڪساريل گندي

دوستي زهر جي سمان آهي
جنهن کي امرت چئي پيون ٿا پيا
ڪوڙ کي سچ مڃي جيون ٿا پيا

روشني بس رڳو گمان آهي
نه ته ڪرڻن سان قهر ڪهڙو ٿيو
تون به ڄاڻين ٿو، مان به ڄاڻان ٿو

شاعري وقت جو زيان آهي
(وِشيه ڄڻ آهه وئشيا ڪائي
قوم، ٻولي، ادب ٺلها نعرا)
لفظ ڄڻ لاش ۽ ڪفن ڪاڳر
۽ رسالن جا پَڙ مٿن چاڙهيل!

 

آئي مُند ملهار

سهسين هار ڪري سينگار،
وَهه وا آئي مُندَ ملهارَ!
هير گلن سان لهي پئي لائون
جيءُ ويو آهي جهُولو بڻجي
جهُليو جهُليو جهُلان ٿي آئون
گُلَ ٽِڙي پيا سُرَ ڇڙي پيا

 

تاڙي لائي آهه تنوارَ!
 

مُکڙين مُرڪي اَکڙيون کوليون
جيءُ جهُڙالو ٿي ويو جاني
ڪو وَلَ مِٺڙيون ٻوليون ٻوليون
بجلي چمڪي پايل ڇمڪي
 

گس گس ٿيئڙا گل گلزارَ!


هئي آکين کي آسَ اهائي
سانوڻ ايندو سانول ايندو
باسي هئي مون باسَ اهائي
مينهن اچي ويا رنگ رچي ويا

 

ڇَنَ ڇَنَ ڇيرين جا ڇَمڪارَ!


سهسين هارَ ڪري سينگارَ،
وهه وا آئي مُندَ ملهارَ!


(1) چاسينگر – کُڙ کُٻيتو،ٽانڊاڻو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org