ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
گهاءُ گيت- زخم نظم
منهنجي لاءِ اها انتهائي فخر جي ڳالهه آهي ته آءٌ امداد حسينيءَ جي جيون
ساٿي آهيان- اسان زندگيءَ جي هر ڏک ۽ سُک کي گڏجي
شيئر ڪيو آهي. مون لاءِ اهو به انتهائي فخر جو
مقام آهي ته، آءٌ امداد حسينيءَ جهڙي ليجنڊ شاعر
(Legend Poet)
جي شاعريءَ جي پهرين ٻڌندڙ به آهيان. سندس مجموعن
’امداد آهي رول‘، ’شهر‘ (شهر آشوب) ۽ ’هوا جي
سامهون‘ جيان ئي نئين مجموعي ’ڪِرڻي جهڙو پَلُ‘ کي
سهيڙڻ جي ذميوار به آءٌ ئي آهيان. آءٌ مجموعي کي
ترتيب ڏيندي ڪوشش ڪندي آهيان ته پهرئين نظم کان
ويندي آخري نظم تائين ڪتاب جي ترتيب پڙهندڙ تي هڪ
ڀرپور
Impact
ڇڏي. شاعريءَ جي مجموعي جي ترتيب به موتين جي
مالها جيئن هوندي آهي. ڪتاب ڪٿان به کولي پڙهجي-
پڇاڙيءَ کان پڙهڻ شروع ڪجي ڪين شروع مان يا ڪٿان
به ڪتاب جي تاثر م ڪو فرق نه اچي- شاعريءَ جي مهڪ
اول تا آخر ساڳي هڪجهڙي هجي- مڌر خوشبو جيان!
مون وٽ لکڻ/چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻئي ڀيري.
بحيثيت شاعر امداد جو فڪري سفر مسلسل جاري آهي- هو ڪنهن ميل- پٿر جيان هڪ
هنڌ بيٺل نه آهي- ان ڪري سندس شاعري جمود جو شڪار
ناهي ٿي- سندس شاعري سدا ڇُلندر/ لُڇندڙ اونهي
سمونڊ جيان آهي. سدا بيقرار ۽ بيڪران، اڻهئي اٿاهه
۽ اننت. هو شاهه لطيف جو فڪري پوئلڳ آهي ۽ سندس
مسيحائي اعجاز کي مڃيندڙ آهي. سندس يقين آهي ته:
”هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون!“
۽ ”هُت“ پهچڻ لاءِ هن جو سفر جاري آهي:
قلم ٿي ويون آڱريون جي ته ڇا ٿيو
مُڇيل آڱرين سان به ليکڪ لکن ٿا
(غزل/ ساگر ۾ دريا پون ٿا- ص 257)
۽ ان لاءِ هو ”زخم“ کي ”نظم“ ڪري ٿو- ۽ ”گهاءُ“ کي ”گيت“ ڪري پنهنجي رچنائن
۾ زندگيءَ جو سمورو زهر اوتي ان کي امرت ڪري،
پنهنجي عوام کي آڇي ٿو:
رات جي زهر به آهي ته پيڻ ۾ ڇاهي!
هيرَ زنجير به آهي ته گُهلڻ ۾ ڇاهي!
زخم جي نظم به آهي ته لکڻ ۾ ڇاهي!
گهاءُ جي گيت به آهي ته رچڻ ۾ ڇاهي!
زندگي جيل به آهي ته ڪٽڻ ۾ ڇاهي!
(نظم/ زخم جي نظم به آهي ته… ص 123)
”ڪِرڻي جهڙو پَلُ“ ۾ سندس ڪيترائي بيحد سنجيده ۽ جيءُ جهنجهوڙيندڙ نظم شامل
آهن، جهڙوڪ: سندس ٽي طويل نظم ”واپسي، قيدي ۽
اپيل.“
”اپيل“ هڪ اعليٰ پيغام رکندڙ نظم آهي. جيڪو سنڌ جي ٻرندڙ اشو يعني: ”قبيلائي
جنگ“ بابت آهي. اهو نظم سن 2000ع ۾ محمد ابراهيم
جويي پاران پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپرائي سنڌ ۾ ورهايو
ويو هو. اڄ به اهو نظم سنڌ ۾ خاص ڪري ”اتر سنڌ“ م
عام محفلن ۾ نه رڳو پڙهجي/ٻڌجي ۽ ورهائجي. انهن
ٽنهي نظمن بابت آءٌ پڇاڙيءَ ۾ تفصيل سان ڪجهه
لکنديس. في الحال سائين امداد جي ڪجهه اهڙن نظمن
جو ذڪر ٿي وڃي جيڪي بظاهر مختصر آهن پر جن جو
پيغام وسيع آهي. سنڌ جا انيڪ باشعور نوجوان انهن
نظمن بابت فڪري ۽ نظرياتي طور گهڻا اتساهت آهن. هو
انهن نظمن کي بار بار پڙهڻ چاهين ٿا ۽ اڪثر انهن
جي پُڇا پڻ ڪن ٿا، ته اهي نظم ڪهڙي مجموعي ۾ آهن؟
سو اهي نظم هاڻ هِن مجموعي ۾ آهن:
وقت تلوار ٿي پوي ته ڀڃوس
(ماٺار، ص: 328)
رات جي دانگيءَ مٿان
چنڊ جو لولو ٿڦيل
(هڪ راڪشس- ص: 118)
۽ مون جڏهن پنهنجي پسنديده نظمن جي فهرست ٺاهي ته اها ايڏي طويل ٿي ويئي جو
هر نظم تي ڪجهه به لکڻ کان سواءِ محض نظم جون ڪجهه
سِٽون شيئر ڪرڻ جي خيال کي به ڇڏڻو پيو. پر تڏهن
به ڪجهه خاص نظم اوهان سان ضرور شيئر ڪنديس.
سندس نظم ”هٿ ڌريل آهي سيني تي“ گُني سامتاڻيءَ جي هارٽ اٽيڪ تي لکيو ويو هو
۽ ان جو عنوان به ”هارٽ اٽيڪ“ ئي هو، ان جون
اوپننگ لائنز آهن:
آڳ- بخاري ۾ روشن هئي جا، نيڻن وانگي سا به اجهامي وئي،
رک بچي هئي هوا لڳي سا به اڄاتن ڏيهن ڏانهن اُڏامي وئي،
جنهن ٽيبل تي ڪتاب رکيل هوندا هئا، سا ٽيبل به وڪامي وئي.
(ص: 229)
ان ريت سندس هڪ نظم ”شال!“ سنڌونديءَ لاءِ هڪ دعائيه نظم آهي، پر هو
سنڌونديءَ سان گڏ ان جي ڪنارن تي ڪوٽڙي شهر ۾
ڪلپنا/موهن ڪلپنا کي پڻ ڏاڍي سِڪ اُڪير سان ياد
ڪري ٿو، ۽ موهن ڪلپنا کي ايڏي وڏي شرڌانجلي شايد
ئي ڪنهن ڏني هجي:
رات اُماوس هئي جهُڙ جهڙالي هئي
بس رڳو شمع جان پاڻ ڳاري سگهيو
جيترو ٿي سگهيو ٻاٽ ٽاري سگهيو
۽ سچا سون جهڙا لکيائين اکر
ڪجهه ڪري جي سگهيو ڪُر اُجاري سگهيو
۽ ڪِريل جي به تحت الثريٰ ۾ هئا
سِجَ وانگي انهن کي اُڀاري سگهيو
(شال- ص: 181)
امداد پنهنجي پيارن کي پنهنجن دوستن کي پنهنجي شاعريءَ جو حصو ايتري ئي
تخليقي سطح تي بڻايو آهي، جيترو هو: ”ٻن اجنبي
اداس اکين، کي
romanticize
ڪري نظمائي ٿو:
هيوج ڪار پٺئين سِيٽ تان اُداس ٻه نيڻ
بنان نهار جي مون ڏي ڏسي رهيا آهن
(اُداس نيڻن جي نانءُ- ص: 126)
پنهنجي هڪ نظم ”يارن جي ياد“ ۾ هو رشيد (ڀٽي) تنوير (عباسي) ۽ اياز (شيخ) کي
دل جي حضور سان ياد ڪري ٿو ۽ لان ۾ گلابن، هٿ ۾
جهليل جامن سان چانڊوڪيءَ جي آبشار ۾ وهنجندي،
دوستن سان گڏ ان رات کي ڪيڏيءَ نه خوبصورتيءَ سان
سٽن ۾ سمائي ٿو ۽ دوستن سان ڪيل هزارها سهس- رنگي
ڳالهين کي هيئن چٽي ٿو:
۽ ڳالهڙين جا هزارها ڀرت سهس رنگي سمئه جي گج تي ڀري ڇڏياسين
۽ سنڌ جي ڳالهه جيئن نڪتي
ته خوف خطرا ڌرم ڪرم سڀ پري ڇڏياسين
اياز محفل منجهان اٿي ويو ته جام اونڌا ڪري ڇڏياسين
(يارن جي ياد! ص 254)
ان ريت هو پنهنجي هڪ بيحد خوبصورت نظم ۾ پنهنجي دور جي هڪ سڀني پارين سهڻي
هستي ”قبله مخدوم طالب الموليٰ“ کي ياد ڪندي،
پنهنجي ڏاتار کي ياد ڪري ٿو جنهن ڏات ڏنس ۽ چئي
ٿو:
تو پرينءَ کي ڏٺو اسان توکي
(ص: 255)
امداد حسينيءَ جي نظمن جا موضوع سهس- رنگي ۽ سهس- روپي آهن، سندس نظمن جي
موضوعن ۾ سموري ڪائنات اچي وڃي ٿي. هو بين
الاقوامي سطح تي ٿيندڙ هاڃن، ۽ ظلمن کان پاڻ پري
نٿو رکي سگهي، هن جو شعور کيس ان گئس چئمبر تائين
وٺي وڃي ٿو، جتي هڪڙي بٽڻ دٻائڻ سان هزارين جانيون
ناس ٿي وڃن ٿيون:
حيات آهي يا گئس چئمبر
بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي
رڳن اندر پئٽرول جو وهڪرو
رڳو لائٽر جلائڻ جي دير آهي
هڏن اندر مِکَ ناهه باروت آهه
تيلي رڳو دُکائڻ جي دير آهي.
امداد پنهنجي هن نظم ۾ سموري انسانذات جي وناش ۽ تباهيءَ تي پنهنجي پيڙا ۽
درد کي بيان ڪرڻ لاءِ سموري دنيا ۾ حيلن بهانن سان
تباهي پکيڙيندڙ/ ساڙيندڙ/ ٻاريندڙ ماريندڙ شين:
پئٽرول، لائٽر، بارود، ٽائيم بم ۽ باهه جي اهڃاڻن
کي استعمال ڪندي، گڏيل قومن جي ناڪاميءَ تي دنيا ۾
امن تباهيءَ تي گڏيل قومن جي ڍونگي روپ کي ائين
چئي ريٽي ٿو ته:
نشان يو.اين.او جو ڳيرو نه آهه
ڳجهه آهه
نظريا
آدرش
سمورا ئي ڍونڊ آهن!
سو بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ پرماريت جا سمورا ڍونگي ٽڪساٽ شاعر- ”ڳجهه“ جي
اهڃاڻ ذريعي پڌرا ڪريو ڇڏي، ۽ اهائي شاعريءَ جي
طاقت آهي. شاعريءَ جي ان طاقت جو اظهار پاڻ پنهنجي
هڪ بيحد اهم نظم ”گيت ماري نه سگهندا“ ۾ ڏکڻ
آفريڪا جي شاعر ”مولائيز“ جي حوالي سان پڻ ڪري ٿو.
”مولائيز“ جنهن کي اتي جي ڏاڍن ڦاهي تي لڙڪائي
ڇڏيو هو. اهو نظم شروع ئي لفظ ”۽“ کان ٿئي ٿو.
يعني ان ”۽“ کان اڳ ۾ جيڪا به ماجرا ٿي چڪي، سي
ڳالهيون چيون نه ويون آهن، ۽ انهن اڻ چيل ڳالهين
بابت پڙهندڙ پاڻ سوچي ته ”۽“ کان پهرين ڇا ڪجهه نه
ٿي چڪو هو!
۽ توهان هن کي ماري ڇڏيو
اهو جنهن جا گيت
هوائن جا لهرا هئا
۽ ساگر کان گهرا هئا
اهو جنهن پرهه جي پکين جيئن لاتيون لنيون ٿي
انهيءَ تي ئي پهرا هئا
ريک سرجڻ جي جنهن جي هٿن ۾ هئي
انهن ئي هٿن ۾ هيون هٿ ڪڙيون
اهو شاعر جنهن آزاديءَ جا گيت ٿي ڳاتا- جنهن غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان پٽي
لاهي اڇلائڻ ٿي چاهيو، ان جي ڳچيءَ ۾ ڦاسيءَ جو
ڦندو وڌو ويو:
اهو جنهن غلاميءَ جو ڳٽ
ڳچيءَ مان پٽي لاهي اڇلڻ ڇڏڻ ٿي گهريو
انهيءَ جي ڳچي ۾ رسو هو
۽ ان شاعر کي ته ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، پر سندس گيتن کي ڪير به ڦاسي تي
چاڙهي نه سگهندو. ڪير به انهن کي ماري نه سگهندو:
۽ توهان هن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو
پر هوائن کي ڦاهي تي چاڙهي نه سگهندا
سندس گيت ماري نه سگهندا.
”ڳيرو“ ۽ ”زيتون جي ٽاري“ امن جي علامت آهن نظم ”گئس چئمبر“ ۾ ”ڳيري“ (امن
جو اهڃاڻ) جي جاءِ تي ڳجهه - جا ڍونڍ تي لهي ٿي ۽
موت جي علامت آهي- کي آڻي پاڻ يو اين او جي ڍونگي
ٻهروپ تي چٿر ڪري ٿو. امداد جي شاعريءَ ۾ اهڃاڻن
جو تز استعمال شاعريءَ کي گهرائي عطا ڪري ٿو- ۽
معنائن جا ست رنگا- ڪرڻا سٽن کي وڌيڪ نرمل ۽ روشن
ڪن ٿا. سندس نظم ”مچ مچايون، هليا“ ۾ استعارن،
اهڃاڻن ۽
figures of speech
جي هڪ پوري ڪهڪشان آهي: سرد اونداهه، هڏن جو به
ڳڱرجڻ، ڪوڙ جي ڌوڙ، اکين تي رکيل هٿ- ڄميل، سوچ ۽
لوچ جو ٺرڻ ۽ ڄاڻ مرڻ ۽ اکر- ٺار ٺريل، ۽ سِٽ ڄمي
برف ٿيل- ان سموري پيڙاتمڪ ڪيفيتن ۾ پاڻ درازا جي
ڌڻيءَ کي پڪاري ٿو ته:
سچ جو مَچُ مچايون هليا!
برهه جي باهه لڳائڻ ۽ سيخن تي ماهه پچائڻ لاءِ هو سچل کي سڏي ٿو جو سارو سچو
آهي. ان نظم ۾ پاڻ ڪوٽ ڪڙيل مارئيءَ کي سنڌ جي
اهڃاڻ طور آڻي ٿو، سنڌ جتي اڄ به عشق روهه رُليل
آهي، جتي دلين ۾ دغائن جو اڃا زهر گهُليل آهي، جتي
نفرتون چوٽ چڙهيل آهن، جتي پيار بنان ڏوهه جهليل
آهي ته اهڙي وقت ۽ اهڙي ماحول ۾ هو وقت جي سرمد،
منصور، ۽ عنايت صوفي کي ”حق اناالحق“ الائڻ لاءِ
چئي ٿو، سرمدي وٽ ورهائڻ لاءِ چئي ٿو. ان نظم جي
وچ ۾ ٻه سٽون سنڌ جي سُورن کي وسعت ڏين ٿيون، بين
الاقواميت جي رڱ ۾ رڱين ٿيون:
وڻ زيتون جو لبنان ۾ پاڙن کان پٽيل
امن انصاف جي نالي ۾ ڇتي جنگ لڳل
(مچ مچايون هليا، ص 330)
اسان جي ڌرتيءَ جي صورتحال به ان کان ڪجهه مختلف ناهي، ان ڪري هو سنڌين کي
”اپيل“ ڪري ٿو. پنهنجي طويل نظم ”اپيل“ ۾ هو سنڌين
جي سمورين ذاتين، پاڙن، نکن ۽ ڪُڙم قبيلن کي نانءُ
کڻي پڪاري ٿو ۽ وينتي ڪري ٿو- هو چئي ٿو ته:
پَر متڙيا، نه ڪي اياڻا ٿيو،
ٿورڙو سوچيو، سياڻا ٿيو.
۽ اسان کان سوال ٿو ڪري ته:
امن ۽ آشتيءَ جي ڌرتيءَ تي
هيءُ مانڌاڻ آ متل ڇا لاءِ؟
”سنڌين کي به شل ڏيين ساڃاهه“ واري دعائيه بند کان پوءِ امداد ڪيڏي نه
دردمنديءَ سان اسان کي چئي ٿو:
ته ڏيي جان اوهين ٻرڻ به سکو!
۽ اهو ته:
عفو ۽ درگذر ڪرڻ به سکو!
اڄ اچو ته اسين سڀ گڏجي انهيءَ نفرت جي باهه تي مٽي وجهون، جيڪا سڀڪجهه ساڙي
ٻاري رک ڪري رهي آهي:
ته انهيءَ کان اڳي جو سنڌ سڄي
انهيءَ آڙاهه ۾ وڃي رک ٿي
سڀ اچو پئٽرول جي بدران
ڀڙڪندڙ باهه تي وجهون مٽي!
شاعريءَ ۾ ٻولي، لهجي، هيئت، پيشڪش، خيال، فڪر، تصور، احساس، ادراڪ، وجدان،
مسلسل محنت ۽ رياضت جي اهميت آهي ۽ اهي ڪُل ۾ جُز
وانگي آهن. امداد جو نظم ”ڀٽائي تنهنجو نانءُ“ ان
جو مثال آهي، جنهن ۾ سسئي پنهنجي پنهونءَ ڏانهن
ائين وڃي ٿي:
سنڌوءَ جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي
۽ اهي ٻه سٽون هر بند کان پوءِ ورجائجن ٿيون، ان نظم جو آخري بند سسئيءَ جي
انهيءَ سفر جي هڪ نئين شروعات آهي:
تيز هوا ۾
ڦاٽل ساٽل ڪنجري جي
جهنڊي کي جهولائيندي
انءَ ٿي ڪاهيان ڪيچ شهر ڏي
هنج اُڏري جنءَ سر ڏي
پوڄاري مندر ڏي
سنڌوءَ جنءَ ساگر ڏي
سورج جنءَ اوڀر ڏي
(ڀٽائي تنهنجو نانءُ- ص: 78)
”قيدي“ به موجوده دؤر جو هڪ اهم نظم آهي. ڪتاب ۾ ان تي نوٽ شامل آهي، پر آءٌ
پڙهندڙن جو ڌيان ان نظم ۾ پيش ڪيل اُن دؤر جي ادبي
صورتحال ڏانهن ڇڪايان ٿي، جيڪا اڄ به نه رڳو موجود
آهي، پر ويتر ابتر ٿي آهي. ان نظم ۾ ڪردار آهن،
رويا آهن، قدر آهن ۽ بيقدري به آهي. ادب جي نالي ۾
بي ادبي به آهي، ۽ هڪ ’مهاشيه‘ آهي:
ٻاهران صاف ۽ اڇو اُجرو
پر اندر ۾ رڌو پيو آهي
ڄڻ ڪفن پوش لاش آهي ڪو
ڍونڍ جي ڌپٰ ٿي اچي جنهن مان
(قيدي- ص: 220)
سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن ڪيترائي
عام ماڻهو، غريب مسڪين ماڻهو، پورهيت ماڻهو شهيد
ڪيا ويا هئا، امداد اهڙن ڪيترن ئي بي نام شهيدن تي
پنهنجي شاعريءَ جا گُل نڇاور ڪيا آهن. ”بلو شهيد“
به انهن مان ئي هڪ هو ۽ ان نظم ۾ امداد هن عام
ماڻهوءَ کي سلام پيش ڪيو آهي:
هي رَتُ جيڪو ڌوڙ ۾
به ٽِڪ ٻڌي بهي رهيو
اهوئي رَتُ صبح آ
اهوئي رَتُ شام آ
(بلو شهيد تي سلام- ص: 85)
امداد لاشڪ ته مسلسل تجربي جي مرحلن مان گذرندو ٿو رهي. ”واپسي“ نظم ان جو
مثال آهي. جنهن جو موضوع ”جنگ“ آهي. جنهن ۾ انسان
جي هٿان انسان مري ٿو، شهر تباهه ٿين ٿا ۽ پاڇي
ڪجهه به نٿو بچي ۽:
اوچتو اوچتو خاموشيءَ جو سينو چيري
هڪ ٿري ناٽ ٿري گوليءَ جو سڏڪو اُڀري!
ڊاڪٽر الياس عشقي ”حملو“ نظم کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي
ڳالهه ڪئي آهي، هي بي قافيا نظم به انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪري دنيا آڏو پيش ڪرڻ گهرجي.
ان ريت امداد جا گيت آهن جيڪي ريڊيو ۽ ٽي وي تي ڳايا ويا ۽ عوام ۾ گهڻا
مقبول ٿيا، سي پڻ هن مجموعي ۾ موجود آهن، امداد جا
مختصر نظم آهن، غزل آهن، ٽيڙو آهن، وايون آهن،
ترائيل آهن، بيت آهن، دوها ۽ بي قافيا دوها آهن،
جيڪي تجربي جي ڪوٺاريءَ ۾ پگهري ڪُندن ٿي چڪا آهن
۽ انهن مان هن جيڪي ڳهه گهڙيا آهن، اهي سنڌي
شاعريءَ جي ڪونج ڳچيءَ جو سينگار آهن. انهن مان
ڪنهن جو مثال ڏيئي ڪنهن جو مثال ڏجي!
هو انتهائن ۾ هِڪ نئين ابتدا ڪرڻ تي آڀاري ٿو، هو انتهائي مايوسين، بي وَسين
جي اونداهين ۾ سورج اُڀرڻ جي ساک ڏي ٿو. ان ڏس ۾
آءٌ امداد جي نظم ”ڌارين ۾ هڪ پنهنجو“ جو آخري بند
ڏيئي پنهنجي ڳالهه ختم نه، پر شروع ڪريان ٿي:
تاڏي تو دنبوق سِڌي ڪئي
جاڏي ڪوئي هنج اُڏاڻو
جڏهن جڏهن به بلاول ڄائو
تڏهن تڏهن تو کوڙيو گهاڻو
پوءِ به سچ ته سورج وانگر
ڪونه اُجهاڻو ڪونه اُجهاڻو! |