ڌرتيءَ تي نئون درد جو وهنوار پيو لڳي
هر ماڻهو منجهه روح جي بيمار پيو لڳي
ناهي اڱڻ اڱڻ تي اُها قرب جي تنوار
بي رنگ ڪيڏو صبح جو سينگار پيو لڳي
ڪراچي. 1988ع
جنهن سان سونهن بهار جون ڳالهيون
سو سڄڻ همنشين آڻيان ڪٿان
پنهنجي ڌرتي به مون تي تنگ آهي
پوءِ غزل لئه زمين آڻيان ڪٿان
ڪراچي. 1988ع
هاڻي ڇا ٿي سوچين اي دل، جيڪي ٿيڻو هوندو ٿيندو
ڪجهه ته گذري ويئي حياتي، باقي وقت به گذري ويندو
لحظو لحظو مون ته گذاريو، ايندڙ رت جي آس رکي
وقت الائي ڇا پيو سوچي، نيهن نياپو ڏيندو نه ڏيندو
پيار جون ٿڌڙيون چانڊوڪيون، هيئن وينديون من
اونداهون ڪري
ڪنهن ٿي ڄاتو ڏسندي ڏسندي تير ڪمان مان نڪري ويندو
چاهت اُن جي چهري جي، اکڙين، جي ڪشش مکڙين جي مهڪ
جنهن دل جي اها دولت هوندي، تنهن دل کي ٻيو ڪو ڇا
ڏيندو
ڪنهن طور سدائين گڏ هوندو، هي پنهنجن مٺڙن پيارن
سان
پيا ٻول سندس ٻڌبا رهبا، مجروح نه هوندو ڇا ٿيندو.
ڪراچي. 14-1-1988ع
جيڪو گلن کي رنگ ۽ خوشبو عطا ڪري
مجروح اُن جي نانءُ سان ٿو ابتدا ڪري
مجبورين جي باهه ۾ يا مـَن جي چاهه ۾
ماڻهوءَ جو ڇا هي ماڻهو ٿو اڪثر خطا ڪري
هر جذبو جوت بڻجي سگهي ٿو جهان ۾
پهرين ڪو پنهنجو روح اُجاري صفا ڪري
ڇڏيان اڃا به ڪو نه ٿو مان اُن جي آرزو
چاهيان ٿو هو اڃا به ڪا مون سان جفا ڪري
دل ٿي چئي ته روز هجن اهڙيون محفلون
هو منهنجي روبرو ويهي منهنجي گِلا ڪري
اُجهيو وڃن ٿا جڏهن سڀ اُميد جا ڏيا
هٿڙا کڻي تڏهن ئي ٿو ماڻهو دعا ڪري
مدت کان جنهن جي آس ۾ آهي اڱڻ اداس
سو يار بي مثال اچي شل خدا ڪري
ان جي گِهٽيءَ ۾ اهڙا به ماڻيم مشاهدا
ڪو گهر لٽائي پيو ته ڪو سر پيو فدا ڪري
ڪراچي. 28-9-1985ع
سامهون تنهنجي صورت گهرجي، ٻيو ڇا گهرجي دل وارن
کي
دل کي پيار جي دولت گهرجي، ٻيو ڇا گهرجي دل وارن
کي
سهڻا رنگ رسيلا گهرجن، روز ملڻ جا حيلا گهرجن
سـُر ۽ سونهن جي سنگت گهرجي ، ٻيو ڇا گهرجي دل
وارن کي
دل سان دل جو چاهه وڌائي، ڏک مان سک جي راهه بڻائي
من ۾ اهڙي محبت گهرجي ، ٻيو ڇا گهرجي دل وارن کي
اڄ به اِهي ڪينهجر جا ڪنارا، سارين ٿا ڪي نيهن
نظارا
نوريءَ واري نئڙت گهرجي ، ٻيو ڇا گهرجي دل وارن کي
ڪراچي. 1989ع
رات کي ڏينهن نه چئبو سائين
ماڪ کي مينهن نه چئبو سائين
مصلحت جي گهري جو مام سدا
سو سچو نيهن نه چئبو سائين
ڪراچي. 1989ع
پوءِ حسن جو ڇا عالم ٿيندو، پوءِ قرب جو ڪهڙو ڪم
رهندو
دنيا جو اسان کي غم ڪهڙو. دنيا کي اسانجو غم رهندو
هي پيار جي جذبن جي دولت ، ملندي ته اسان وٽ ئي
ملندي
مايوس ڏکويل ماڻهن لئه درمان اسانجو دم رهندو
هـُو مـُرڪي پياري يا ڪـُرڪي، هو ساغر پياري يا
سـُرڪي
هي زهر ته پيئندا رهنداسين، جيسين به اسانجو دم
رهندو
مون مـُرڪ گهري تو لڙڪ ڏنا، مون قرب گهريو تو دور
ڪيو
هي زخم کڻي مٽجي به وڃي هي داغ ته بيش و ڪم رهندو
مجروح ڏکن جي دنيا ۾ غمخوار تون ڪهڙا ڳولهين ٿو
هي خواب نه پورو ٿيڻو آهه، هر وقت اجايو غم رهندو
ڪراچي. 1965ع
قدم قدم تي اُميدن جا ديپَ ٻاريون ٿا
انڌيري رات م تو کي پرين پڪاريون ٿا
متان اکين مان به دل جي ڏکن جو راز کلي
نظر اُداس سهي پر کِلي نهاريون ٿا
اُنهيءَ جي آس ۾ جنهن غم ڏئي وساري ڇڏيو
گذارڻي ٿي پئي زندگي گذاريون ٿا
اها ئي آهي اي مجروح پيار جي قسمت
وفا ڪريون ٿا جفائن جا غم وساريون ٿا.
ڪراچي. 1972ع
آءٌ تـُنهنجو ته زمانو تـُنهنجو
هي سڄو شهر ديوانو تنهنجو
مون وٽ هڪ لڙڪ به ناهي باقي
تـُنهنجي هر مـُرڪ خزانو تنهنجو
تون ته معصوم اصل کان آهين
پوءِ به هر شخص نشانو تنهنجو
هونئن ته مجروح کي غم ئي ڪونهي
هِن کي ماري ٿو بهانو تنهنجو
ڪراچي. 1980ع
لڙڪ بڻجي به وهي ڪو نه سگهيا
خواب اکين ۾ لڪي ڪو نه سگهيا
فاصلا قربتن کي کائي ويا
ماڻهو ماڻهن سان هلي ڪو نه سگهيا
غم جو دارُو نه پيار جو مرهم
زخم ڳالهين سان ڇٽي ڪو نه سگهيا
ڏاڍا مصروف ها سڄڻ منهنجا
مون کان احوال پڇي ڪو نه سگهيا
اڄ به اُڀرن پيا موج موج بڻي
تنهنجا ٻوڙيل ته ٻڏي ڪو نه سگهيا
ڪراچي. 1981ع
هاڻي ساقي جي نه ساغر جي پروا آهي
تنهنجي اکين ۾ منهنجي شوق جي دنيا آهي
حسن ئي حسن سڄڻ منهنجو سراپا آهي
درد ئي درد مگر اُن جي تمنا آهي
ڪنهن کان نفرت نه عداوت نه شڪايت ڪائي
پنهنجي دنيا ته فقط پيار جي دنيا آهي
تون ٿو مرڪين ته بهارن جا سنيها ٿا اچن
تون خفا آهين ته ڄڻ زندگي صحرا آهي
منهنجا جذبا به نئين رنگ ۾ روشن ٿيندا
تنهنجي جلون ۾ کڻي نور جي ورکا آهي
هاڻ انداز جفائن جا بدلبا ٿا وڃن
تنهنجي ديواني جي تقدير ۾ ڇا ڇا آهي
تنهنجي شاعر تنهنجو ديوانو تنهنجو شيدائي
تنهنجو مجروح سڄي شهر ۾ رُسوا آهي
ڪراچي. 1965ع
آءٌ ڏاڍو ڪوڙو آهيان
ڏاڍا ڪـُوڙا شعر لکان ٿو
ان کان وڌ ٻيو ڪوڙ به ڪهڙو
توکي پنهنجو دوست چوان ٿو
لفظن کي جذبن سان سجائي
ديوارن کان داد گهران ٿو
آرسيون آڇيان ٿو انڌن کي
ٻوڙن آڏو بيت چوان ٿو
دل ۾ لڪائي دل جي پيڙا
چو واٽيءَ تي ٽهڪ ڏيان ٿو
ويهي ڏکن جي ويرانن ۾
شوخ گلن جا گيت لکان ٿو
ڪنهن کي ڳولهيان ٿو راهن تي
ڪنهنجي الائي آس رکان ٿو
اوندهه جي اوڙاهه ۾ رهندي
چاندوڪيءَ سان چاهه رکان ٿو
مجروح اِها پڻ ڏات ئي چئبي
کلندي کلندي زهر پيان ٿو
ڪراچي 1988ع
هيءَ واٽ ته آهي ويراڳين جي
جنم جنم جي جوڳيئڙن جي
جنهن راهه تي آءٌ ويٺو آهيان
ايندڙ رُت جا خواب کڻي
ڪراچي. 1984ع
هي ڏسندي ڏسندي زماني ۾ ڇا جو ڇا ٿي پيو
ڪڏهن جو يار هو پنهنجو سو اڄ خدا ٿي پيو
اُهو جو ايندو هو مون لئه خوشين جا خواب کڻي
ويو ته ڪيڏانهن ويو ، مون کان ڇو خفا ٿي پيو
پوءِ منهنجي خون جگر جوئي رنگ ڇو نه هجي
گلن جي حسن سان گلشن ته خوشنما ٿي پيو
اڃا به هوندا ڪي مجروح جهڙا جوڳيئڙا
ائين به ڪونهي ته هر ماڻهو بي وفا ٿي پيو
ڪراچي. 1984ع
زندگي پيار جي بهار گهري
بيقراريءَ ۾ ٿي قرار گهري
دل زماني جي لذتن کي ڇڏي
تنهنجو غم تنهنجو انتظار گهري
پيار توسان اُهو ڪري جيڪو
زندگي پنهنجي سوگوار گهري
ڪيڏي مجبور آهي منهنجي دل
ٿي حياتيءَ جو اعتبار گهري
ڪراچي. 1982ع
بيتاب جڏهن تنهنجي تمنا ٿيو پئي
هيءَ زندگيءَ ته سوز سراپا ٿيو پئي
نغما ڇِڙن بهار اچي، مينهڙا وسن
هڪ پل ۾ تنهنجي ايندي ئي ڇا ڇا ٿيو پئي
ڪرڻن جي چاهه درد جي احساه ۾ رچي
هر ذرو پنهنجي جاءِ تي صحرا ٿيو پئي
موجن سان هم سفر ٿئي، طوفان سان ڪـُڏي
قطرو انهيءَ اُميد تي دريا ٿيو پئي
آهين جي بيوفا ته پوءِ عهدِ وفا نه ڪر
اهڙي طرح ته خون تمنا ٿيو پئي
جنهنکي سليقو ناهي تنهنجي غم سهڻ جو ڪو
سو خامَ ڪار عشق ۾ رسوا ٿيو پئي
مجروح جي غزل جي ٻي تعريف ڇا ڪجي
هر لفظ ڄڻ ته درد جو دريا ٿيو پئي
ڪراچي. 1966ع
شايد هي تنهنجي حسن جي جلوه گري هئي
جيڏانهن نظر کڻي ٿي ڏٺم روشني هئي
دنيا ته بي خبر هئي، دنيا سان ڇا گلا
توکي به ڪا خبر نه منهنجي حال جي هئي
تنها اُداس هلندو رهيس تنهنجي شهر ۾
همراهه مون سان منهنجي فقط بي ڪسي هئي
شعرن جي روپ ۾ ڪڏهن ظاهر ٿيو پئي
سا آڳ جيڪا روح جي اندر دکي هئي
مجروح جيڪا گذري وئي ڪنهنجي چاهه ۾
ڪيڏي نه دلفريب اها زندگي هئي
ڪراچي. 1973ع
ڪهڙي منزل ڪنهن کي منزل جي خبر
زندگي بس رهگذر ئي رهگذر
آهي اونداهي قفس ۾ ڇا ٿيو
ڏس ته سوريءَ تي پئي مـُرڪي سحر
ڪير تهنجا سور سينگاريندو هيئن
اي زمانا اهلِ فن تي ناز ڪر
حيدرآباد، 1960ع
دل جي شمع کي جلائي ڇڏبو
رات کي ڏينهن بڻائي ڇڏبو
قرب جي هڪ نئين قريني سان
تنهنجو انداز مـَٽائي ڇڏبو
جي ڏکوئينديون دل جي جزبن کي
اهڙي ڳالهين کي ڀـُلائي ڇڏبو
تون جي ايندين ته راهه ۾ تنهنجي
پنهنجي اکين کي وڇائي ڇڏبو
ڪو ٻڌي يا نه ٻڌي محفل ۾
دل جي تارن کي وڄائي ڇڏبو
ڪراچي. 1970ع
اڏائين روز ٿو تون منهنجي ميڪشي جي خبر
جنابِ شيخ اٿم تنهنجي دوستي جي خبر
ٻڌايان غم جي ڪهاڻي وري وري ڪهڙي
مون نامراد محبت جي زندگي ڪهڙي
ڪِريو بس لـُڙڪ ئي هڪڙو جلي ويو دامن
الاهي آڳ هيءَ پاڻيءَ ۾ آهه لڳي ڪهڙي
اُجهائي وڃ تون ڏيو پڻ هوا سان دامن جي
مون بدنصيب جي تربت تي روشني ڪهڙي
ٿيس مان پاڻ ئي پنهنجي سڪون جو دامن
اڃا چئين ٿو نباهي مون دوستي ڪهڙي
هو ناز جنهنجي وفا تي سو بيوفا نڪتو
عجيب آهي زماني جي دلبري ڪهڙي
شبِ فراق ڇا مجروح غم جي پوري ٿي
نظر اچي ٿي ستارن ۾ برهمي ڪهڙي
ڪراچي. 1951ع |