سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سڪ جو سمونڊ

صفحو :11

غير ممڪن جو ٿئي درد جو اظهار ڪٿي

حسن بي مهر سهي، عشق دل آزار ڪٿي

 

دير ۾ ڪعبي ۾ بتخاني ۾ ويراني ۾

توکي ڳولهيندا  وتن تنهنجا  طلبگار ڪٿي

 

رشڪِ گلزار سهي، دشمن اِيمان ئي سهي

تنهنجي رفتار مگر وقت جي رفتار ڪٿي

 

دل ۾ اُميد  جي تنوير  به ناهي جنهن جي

تنهن جي راتين ڪي ستارن سان سروڪار ڪٿي

 

هاڻ مجروح روئڻ جو به مزو ويندو رهيو

لڙڪ تڙپن ٿا مگر دامنِ دلدار ڪٿي

 

حيدرآباد. 1960ع

حسن جي ڪهڙي خطا جو مفت ۾ بدنام ٿيو

عشق خود مجبور هو رسوا ٿيو ناڪام ٿيو

 

الله الله تنهنجي چشمِ مست جي جادوگيري

هڪ نظر جنهن ڏي نهارين بندهِ بي دام ٿيو

 

زندگي، تنهنجي ڪرم جو آئينو بڻجي وئي

هر  جفا دل کي گوارا هر ستم انعام ٿيو

 

ڪيئن سڏيان اُن کي ستمگر ڪيئن چوان بيداد گر

جنهن جو هر غم هڪ نئين اُميد جو پيغام ٿيو

 

ڪجهه ملي ويو مرتبو دارو رسن کي دوستو

ڪجهه ملي تسڪين مون کي ڪجهه اوهانجو نام ٿيو

 

ڇا ڪيو مجروح تنهنجي غم ۾ تڙپن کانسواءِ

پوءِ به هُو رسوا ٿيو ۽ پوءِ به هُو بدنام ٿيو

 

ڪراچي. 1972ع

 پيار آهي ته زندگي آهي

حسن آهي ته روشني آهي

 

جن جي ڳالهين ۾ پيار جي خوشبو

پنهنجي اهڙن سان دوستي آهي

 

منهنجي جهوليءَ ۾ توتان گهورڻ لئه

ڪجهه نه آهي  ته زندگي آهي

 

لحظي لحظي لڇان جدائي ۾

رات سورن جي سوکڙي آهي

 

اڄ ته جهونگار آهي جذبن جي

ننڊ مجروح جي ڦٽي آهي

 

ڪراچي. 1983ع

حسن کي زندگي ڏئي ٿا سگهون

تون  جي مرڪي ڏسين مري ٿا سگهون

 

تنهنجي غم حوصلو ڏنو دل کي

هاڻي هر غم کِلي سهي ٿا سگهون

 

ڪو نئون رخ ڏئي وفائن کي

تنهنجا اميدوار ٿي ٿا سگهون

 

تون جي چاهين ته تنهنجو نانءُ وٺي

جهنگ جر ۾ بهار ٿي ٿا سگهون

 

زندهه آهيون ۽ زندهه رهنداسون

تنهنجو غم ڌاري ڪيئن مري ٿا سگهون

 

ڪير روڪيندو دل جي جذبن کي

 هر ستم کي ستم چئي ٿا سگهون

 

ڪراچي. 1966ع

قفس آهي يا سامهون دار آهي

حقيقت ڪيڏي دل آزار آهي

 

ڀلي رُسوا ڪريو، ماريو، مٽايو

اسان کي پيار جو اقرار آهي

 

اوهان هن زار کي سمجهو نه سمجهو

محبت ساهه جو سينگار آهي

 

هجي همت ته سر ٽڪرايو ان سان

حقيقت لوهه جي ديوار آهي

 

ڀلا ڪنهن ڪنهن کان دامن کي  بچايون

      چمن پنهنجو سڄو پـُر خار آهي

 

اڃا ڪجهه حال اورينداسون يارو

اڃا ڪجهه قوتِ گفتار آهي

 

ستم گر ٿو سڏي جنهنکي زمانو

سو اي مجروح پنهنجو يار آهي

 

حيدرآباد.  1960ع

اڄ ته سوريءَ تي چهچٽو ٿيندو

دردمندن جو فيصلو ٿيندو

 

فصلِ گل تنهنجا گل اکين تي پر

نيٺ رخصت هي قافلو ٿيندو

 

پيا دلاسن تي دل کي پرچائيون

ڪير پنهنجو هتي ٿيو ٿيندو

 

مون کان پنهنجن به اڄ ڪيو پاسو

تنهنجو اي مفلسي ڀلو ٿيندو

 

ٿي پڇي مون کان منهنجي تنهائي

ڪير غربت ۾ آسرو ٿيندو

 

جيڪو مجروح کي سڏي غافل

اهڙو ديوانو ڪو ٻيو ٿيندو

 

حيدرآباد. 1960ع

 

هـُو  پيار جي اقرار کان بيزار سدائين

مان عرضِ تمنا جو گنهگار سدائين

 

هو شوخ ستمگار جفا ڪار سدائين

دل آهي مگر اُن جي طلبگار سدائين

 

رسوا ڪجي آخر دلِ خوددار کي ڪيڏو

ڀٽڪان ڇو بڻي پيار جو پينار سدائين

 

ڇو درد جي پيڙا کان ٿي بيزار ٿئي دل

دنيا ۾ ته رهندو اِهو آزار سدائين

 

ديوانا وسائيندا ڪو ويرانو ڏکن جو

 سر سبز هجي حسن جو گلزار سدائين

 

دنيا ۾ سدا درد ته ڪنهن لاءِ به ڪينهن

مجروح ڇو سـُورن جوسزا وار سدائين

 

حيدرآباد. 1962ع

فصلِ گل جا ڪيترا قافلا گذري ويا

دل ۾ يادين جا ڇڏي نشتر پري نڪري ويا

 

ائين اچن اُڌما ٿا تنهنجي پيار جا هن دل اندر

جيئن پکيئڙا شام آيا، صبح جو اُڏري ويا

 

تو ڪرم ڪهڙا ڪيا، دنيا ڪيا ڪهڙا ستم

ڳالهيون رهجي ويون ۽ ڏينهن سڀ گذري ويا

 

جيڪي گذريا تنهنجي زلفن جي معطر ڇانو ۾

قهر آهي مون کان سي لحظا به اڄ وسري ويا

 

حيدرآباد.  1960ع

 ڇڏي ڪيئن سگهون ٿا پرينءَ جي پچر

اسان تي ته آهي اجايو ڏمر

 

اي   صياد    جلاد     بيدادگر

بهاريءَ ۾ ڪنهن کي نه برباد ڪر

 

اسان بي نيازِ زمانه سهي

اوهانکي ته پنهنجي به ناهي خبر

 

ستارا ائين ناز مان ٿا ٽلن

انهيءَ رات جي ڄڻ ته ناهي سحر

 

ڀلا ڪيستائين هي محروميون

اسان تي به سائين ڪرم جي  نظر

 

زمينِ غزل آهي منهنجو وطن

جتي غير ممڪن ٻئي جو گذر

 

حيدرآباد. 1960ع

 

پراڻو رنگ غزلَ

 

سمنڊ جي سـُورن  جي ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ

رات گذاري ماٺ مٺيءَ  ۾، آڌيءَ ڪري رهاڻ

گهائل آهي پاڻ، ويچارو وجود ۾

 

مثنوي مختصر

ڀري ساقيا ڏي ڪو جام ِ صفا

ته وسري وڃن درد جا  حادثا

 

هتي آهي ماڻهوءَ کان ماڻهو خفا

 ڪٿي آهي دنيا ۾ خوفِ خدا

 

ڀري سرڪ سڀ سور ڀلجي وڃان

پري پنهنجي دنيا کان نڪري وڃان

 

سدائين نئون درد جو حادثو

هي دنيا ته سورن جو گهر آهي ڪو

 

وفا دوست يارن مان نڪري وئي

اکين سان حقيقت هي ڏسجي پئي

 

هتي قرب وارن جو ڪونهي قيام

هتي هرڪو مطلب جو آهي غلام

 

غلامن تي ڪهڙو ڪجي ڀروسو

غلامن سان غيرت جو ڇا واسطو

 

سياست رڳو آهي فتنه گري

غريبن کي لوٽڻ جي جادوگري

 

فقط خواب آهي سهاڻو سـُکن جو

هر هڪ شخص آهي نشانو ڏکن جو

 

سمنڊ جي صدا

 

سمنڊ جي سورن جي ڪنهن کي ڪهڙي ڄاڻ

ڏينهن  گذاري ماٺ مٺيءَ ۾ آڌيءَ ڪري رهاڻ

گهائل آهي پاڻ، ويچارو وجود ۾

 

جيئن گهرو آهي پاڻ تيئن گهرا سندس گهاءُ،

ناهي ڪو نياءُ، ڪنهن سان ڪري ڳالهڙي

 

پڇيو مون سمنڊ کان،  اٿيئي ڇا ملال

نه مستي تنهنجي موجن ۾، نه ڇولين ۾ ڪو ڇال

چيائين ته حال پڇ نه مون کان پريت جو

 

ڪڏهن منهنجي ڪنارن تي، ها آديسي آباد

اڄ به آهن ياد، مون کي سي ماروئڙا

 

ڪڏهن منهنجي ڪنارن تي ها قربائتا قدم

ساديون جن جون ڳالهيون اُڌما ها اُتم

جيسين آهي دم، تيسين تنوار تن جي

 

جتي من جي موجن سان هئا لهرين لک لباس

آهي اڄ اُداس سا جـُو جهانگيئڙن جي

چانديءَ جهڙا پير انهن جا، ڇيرن جي ڇمڪار

مينديءَ رتڙن هٿڙن ۾ هئي مکڙين جي مهڪار

دور نه منهنجي دل کان آهن ، توڙي آهن ڌار

ڪري قرب قرار، سور ڏئي ويا سوکڙي

 

وڙهندي ويا ويرن سان آديسي اپار

اڄ به منهنجي من کي ساڳي پريت پچار

مونکي تن جي سار، جي ساٿي منهنجي سک جا

 

جيسين آهي حياتي، تيسين آهي آس

ماروئڙن جي من ۾ سدا رهندي پياس

ڪڏهن ته ايندي راس، صدا هن سمونڊ جي.

 

واپار

سوچيان ٿو واپار ئي ڪريان

هي دور به آهي واپارين جو

پر مون وٽ اهڙي جنس ته ڪانهي

جنهن جي ڪا بازار هجي

پوءِ ڪيئن ٿئي واپار اهو

ماڻهو ته گهرن ٿا رانديڪا

سونا روپا رانديڪا

رنگ رنگيلا رانديڪا

سندر سهڻا رانديڪا

کلندا ڪڏندا رانديڪا

پوءِ ڪيئن ٿئي واپار اهو

سوچيان ٿو ڪي خواب ئي وڪڻان

پنهنجا سهڻا مٺڙا خواب

سندر روشن سرها خواب

ڪوجهين ڪارين راتين وارا

منهنجا خواب خريدي ويندا

پر خوابن جي بازار ڪٿي

منهنجا خواب ته منهنجا آهن

جن ۾ منهنجا اڌما آهن

جن ۾ منهنجي چاهت آهي

هي ساٿي منهنجي غم جا آهن

ڪنهن ٻئي جي ڪهڙي ڪم جا آهن

پوءِ ڪيئن ٿئي واپار اهو

سوچيان ٿو ته لفظ ئي وڪڻان

لفظ جي پاڪ پوتر آهن

انسانن لئه رحمت آهن

نادارن لئه دولت آهن

روشن ٿي ايمان ٿين ٿا

نازل ٿي قرآن ٿين ٿا

لفظ ته بيت ڀٽائيءَ جا

لفظ ته گيت سچائي جا

ڪيئن لفظن جو واپار ڪريان

ڪئين بيت ڀٽائي جا هي وڪڻان

بهتر آ واپار ڇڏي

لفظن جو پرچار ڪريان

لفظن سان ئي پيار ڪريان

لفظ جي پاڪ  پوتر آهن

لفظ جي علم جي عظمت آهن

انسانن لئه رحمت آهن

روشن  ٿي ايمان ٿين ٿا

نازل ٿي قرآن ٿين ٿا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org